سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: سچل جو سنيهو

باب: 1

صفحو : 2

 ڇپائيندڙ پاران

 

هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست رحه جي اسم گراميءَ کان سنڌ جو ٻچو ٻچو واقف آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح کان پوءِ جنهن شاعر جي عظمت جاڳڻ ڳاتا وڃن ٿا، اهو شاعر سچل سرمست آهي. ڪوبه شاعر هڪ ئي وقت مادري ٻوليءَ کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ به شاعراڻو عبور رکندو هجي، تمام گهٽ نظر اچي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ واحد شاعر آهي، جنهن جو مختلف ٻولين ۾ لکيل ڪلام پنهنجي اسلوبِ بيان ۽ فني پختگيءَ ۾ ڪماليت جو درجو رکي ٿو. سنڌ ۾ سچل سرمست جهڙي ڪـُهنه صفت شاعر جي واتان اناالحق جي نعري سميت تصوف جا سمورا راز ملن ٿا.

ڪتاب: سچل جو سنيهو ۾ سچل سرمست پنهنجي ڪلام ذريعي جيڪو پيغام ڏنو آهي، اهو سراپا حق آهي، هن ڪتاب ۾ سچل سرمست جي ڪلام کان علاوه سندس سوانح حيات ۽ خاندان بابت چڱو خاصو تذڪرو ملي ٿو، جيڪو سچل سرمست ۽ سندس خاندان بابت تفصيلي روشني وجهي ٿو.

هن ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي آهي، جنهن نهايت محنت ۽ عرق ريزيءَ سان هن ڪتاب جو تحقيقي مواد تيار ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو، جو 1984ع ۾ بورڊ جي پريس مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءُ ٻيو ڇاپو آهي، جيڪو بنده جي ڪوششن سان ڇپجي اوهان پڙهندڙ دوستن جي هٿن تائين رسيو آهي.

اميد ٿي ڪجي، ته هيءُ ڇاپو پهرين ڇاپي وانگر مقبول ٿيندو.

 

 

اعجاز احمد منگي

 سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

ڄام شورو، سنڌ

 

 

 

 

ٻه اکر

حضرت سچل سرمسترحه سنڌي زبان جو عظيم شاعر آهي. ان کان سواءِ هن فارسي، سرائڪي ۽ اردو وغيره ٻولين ۾ به بلند پايه شعر چيو آهي. سندس شعر ۾ ڪيف ۽ مستي آهي، رندي ۽ بيباڪي آهي، ۽ انسان جي عظمت جو اعتراف آهي. هو خودشناسي، خدا شناسي، خود فراموشي ۽ انسان دوستيءَ جو پيغام ڏئي ٿو.

مضمون کان سواءِ زبان، اسلوب بيان ۽ فني خصوصيتن جي خيال کان به حضرت سچل سرمست جو ڪلام تمام مٿانهون آهي. سندس ڪلام ۾ سنڌي زبان نهايت سپڪ ۽ سلوڻي استعمال ڪيل آهي ۽ سريلي محاوري جو عمدو نمونو پيش ڪري ٿي. ڪيترائي خالص سنڌي لفظ نهايت موزون ۽ مناسب نموني ڪتب آندل آهن، جنهنڪري اتر جي مخصوص لفظن، محاورن ۽ لهجي لاءِ سند جي حيثيت رکي ٿو.

فني سٽاءَ جي لحاظ کان به سچل سائينءَ جو ڪلام نهايت اهم آهي. سندس بيتن ۽ ڪافين ۾ فني پختگي، وسعت، گهرائي ۽ تنوع آهي. ڪافين ۾ گهاڙيتن جا ڪيترائي قسم ملن ٿا، ۽ بيتن جون به ڪيتريون ئي انوکيون ۽ نراليون سٽائون نظر اچن ٿيون.

هن ڪتاب ۾ سوانح سان گڏ حضرت سچل سرمسترحه جي ڪلام جو فني ۽ فڪري جائزو پيش ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ زبان، اسلوب بيان ۽ ادبي خوبين تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. خاص طرح سان سچل سائينءَ جي سنيهي کي سـُلجهائي پيش ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري تصوف جي اسرار و رموز جي اپٽار به مناسب هنڌن تي ڪئي وئي آهي. مشهور صوفي بزرگن جي افڪار ۽ حضرت سچل سرمسترحه جي ڪلام جو تقابلي مطالعو به پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. آخر ۾ ڪجهه چونڊ ڪلام به ڏنو ويو آهي، ته جيئن سچل سائينءَ جي پيغام کي سمجهڻ ۾ سهولت ٿئي. اميد ته هيءَ نماڻي ڪوشش ۽ پيار جو پورهيو سرمسترحه جي فڪر ۽ فهم کي سمجهڻ ۽ پرجهڻ ۾ مدد ڏيندو.

آخر ۾، آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري، محترم غلام رباني ۽ پريس مئنيجر محترم الله بچايو يوسف زئي جو ٿورو مڃڻ فرض ٿو سمجهان، جن ذاتي دلچسپي وٺي، هن ڪتاب کي سهڻي نموني ۽ ٿوري وقت ۾ ڇپي، شايع ڪيو.

 

 ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

حيدرآباد، سنڌ

26 - 2- 1984ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com