سيڪشن: تصوف

ڪتاب: صوفي لا ڪوفي (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:16 

[  15  ]

محبت زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سچ آهي

علامه صاحب هيءَ صدارتي تقرير 12 فيبروري 1954ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ هال ۾ ڪئي. هن توسيعي تقرير جو مقرر ڊاڪٽر نبي بخش قاضي هو، جيڪو ان وقت فارسي شعبي جو سربراهه هو.

خواتين و حضرات! ڇا آءٌ توهان کان پڇي سگهان ٿو ته منهنجي دوست پروفيسر نبي بخش قاضيءَ جي علمي مقالي بابت توهان جو رد عمل ڪهڙو آهي! جيڪڏهن توهان ايماندارنه راءِ ڏيندا ته انگريزيءَ ۾ چوندا اڳوڻيون ڪهاڻيون (Old tales)! يا جنهن کي عرب ”اساطيرالاولين“ چوندا هئا، ساڳيو پراڻو محبت جو قصو پراڻيون ڳالهيون ۽ ساڳيا اڳوڻا شاعر! اسان اڪثر انهن کي ٻڌو آهي ۽ اسين ڄاڻون ٿا ته اهي ڇا آهن. اسان کي وري انهن محبت وارن ڊگهن قصن ٻڌڻ جي ضرورت ڪونهي. هن ڪشش، ڇڪ، سٻنڌ ۽ مقناطيسي اثر (Magnetism) بابت ڳالهايو ۽ اهو سڀ ڪجهه توهان کي معلوم آهي. انهن جي باري ۾ نئين ڳالهه ڪهڙي آهي؟ توهان چوندا ته اسان انهيءَ پراڻي ڪهاڻيءَ کي به گهڻو ٻڌو آهي.

هاڻي جيئن توهان ڏٺو ته هتي منهنجا ڪجهه نوجوان ڀائر ۽ شاگرد ساٿي، ڪي پندرهن منٽ ته ڪي ويهه منٽ ته ڪي اڌ ڪلاڪ دير سان پهتا آهن. مان خوش آهيان ته هو وري به آيا. پر ان مان ظاهر آهي ته هنن ۾ علم واسطي اها خواهش ايتري مضبوط نه آهي. هنن کي ان جو فڪر ناهي ته هن هال ۾ اسان محبت جي ان آفاقي قانون بابت ڇا چئي رهيا آهيون، جيڪو پوري ڪائنات ايٽم کان وٺي ڏورانهن تارن تائين حڪمراني ڪري ٿو. سوچيو ته جيڪڏهن هنن ۾ خواهش هجي ها ته ڇا ٿئي ها؟ هاڻي آئون توهان کي پنهنجي ذاتي تجربي مان ٻڌايان ٿو ته ڇا ٿئي ها.

انگلينڊ ۾ جڏهن اسان جواني جي دور ۾ يعني اڃان ڇوڪرا هئاسين پهريون دفعو ويا هئاسين ته اسان کي هڪ عجيب لقاءُ ٻين سڀني شين کان وڌيڪ اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ اهو ڇا هو؟ اهو اوپيرا (Opera) ڊرامو هو جنهن جي باري ۾ سوسائٽيءَ ۾ گهڻو چؤٻول هوندو هو ته اها ڏاڍي سٺي آهي. اڪثر ماڻهن کي چوندي ٻڌبو هو ته اها خوبصورت شيءِ لنڊن جي فلاڻي ٿيٽر ۾ پهريون ڀيرو ڏيکاري پئي وڃي يا چوندا هئا ته اهو اوپيرا فلاڻي مشهور ڪمپوزر يا موسيقار جو هو. آئون سمجهان ٿو ته هتي اسان مان ڪيترن کي اوپيرا (Opera) لفظ جي معنيٰ جي به خبر ڪونهي. اهو سازن تي ڊرامو هوندو آهي. لفظن جي بجاءِ ميوزڪ هوندو آهي. ڳالهائڻ جي جاءِ تي ڳائڻ هوندو آهي ۽ جيئن ئي ان جو اعلان ٿيندو آهي ۽ ان لاءِ ڏينهن مقرر ٿيندو آهي ته ڇا ٿيندو آهي؟ جيئن ته هال ۾ محدود سيٽون هونديون آهن. فقط مخصوص تعداد ماپي سگهندو آهي. لنڊن ۾ ان وقت اٺ لک آدمشماري هئي. تنهنڪري اٺ لک هڪ ئي وقت اوپيرا هائوس يا ٿيٽر ۾ داخل ٿي ڪونه سگهندا. فقط محدود تعداد ان مخصوص شام جو داخل ٿي سگهندو خاص ڪري پهرين شام جو! هاڻي ان جو حل ڪهڙو هو؟ ان جو حل اهو هو ته ماڻهو پنهنجا ڪمبل، چانهه جي ڪٽلي کڻي وڃي ٿيٽر جي دروازي جي اڳيان پهرين قطار ۾ بيهندا هئا ته جيئن دري کلڻ سان ئي ٽڪيٽ حاصل ڪري سگهن. انهن مان ڪي چوويهه ڪلاڪ اڳي اچي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ انتظار ڪندا هئا. بلڪه هڪ عام رواجي لارڊ ميئر جڏهن جلوس جي صورت ۾ لنڊن مان گذرندو هو  يا راڻي پنهنجي خاص گاڏيءَ ۾ سوار ٿي لنڊن جي گهٽين مان لنگهندي هئي ته ماڻهو ڏهه ڪلاڪ اڳي وڃي قطار ۾ بيهندا هئا ته راڻيءَ جي پهرين جهلڪ کين نصيب ٿئي. يعني پهرين قطار ۾ ويجهو بيهي ڏسن ٻين وانگر نه جيڪي پري کان قطار ۾ بيهي ڏسن.

هاڻي توهان چوندا ته اها هڪ خاص صورتحال آهي، جنهن ۾ خواهش جي مضبوطي، مقناطيس جهڙي ڪشش آهي جنهن بابت پروفيسر نبي بخش قاضيءَ ٻڌايو. آئون توهان کي ٻيو مثال ڏيندس جنهن جو امام غزالي شاهد آهي. هو فرمائي ٿو ته شروعاتي ڏينهن ۾ اسان مان ڪجهه نماز لاءِ ويندا هئا.

اِذَا نُوْدِيَ لِلصَّلٰوةِ مِنْ يَّوْمِ الْجُمُعَةِ فَاسْعَوْا اِلٰى ذِكْرِ اللّٰهِ وَذَرُوا الْبَيْعَ ۭ (62:9)

معني:ٰ جڏهن جمعي جي ڏينهن ٻانگ جو آواز ٻڌو ته پوءِ الله جي يادگيريءَ خاطر ڊڪ پايو ۽ ڪاروبار ڇڏي ڏيو.

اهو حڪم هميشه اسان جي ڪنن ۾ وڄندو هو. جمعي جي فرض نماز لاءِ خريد و فروخت ڇڏي ڏيو ۽ الله جي گهر جي طرف رجوع ٿيو ۽ سندس ذڪر ۽ فڪر ڪريو. اهڙي طرح امام غزالي رح فرمائي ٿو ته جڏهن اسين ننڍا هئاسون ته ٻڌندا هئاسون ته ماڻهو بجاءِ هڪ بجي جي صبح جو ستين بجي کان فرض جماعت لاءِ پهچڻ شروع ٿي ويندا هئا. اهو فقط ان ڪري جو اهڙي سٺي جاءِ تي ويهجي ته جيئن خطيب جي اڳيان جاءِ ملي. اسين خطيب جي نزديڪ ته جيئن هن کي ٻڌي سگهون. صبح کان وٺي الله جو ذڪر ڪريون ۽ دنيا جي ٻي هر شيءِ کي وساري ڇڏيون. خدا جي گهر ۾ فرحت محسوس ڪرڻ ۽ سندس ئي باري ۾ فڪر ڪرڻ ۾ مشغول رهون. هو فرمائي ٿو ته اهو ئي سبب هو جو ماڻهو صبح جو ويندا هئا ۽ نماز کان پوءِ به مسجد ڪونه ڇڏيندا هئا. خطيب ويهندو هو ۽ ان جي صحبت ۾ ويهي وعظ ٻڌندا هئا، يعني جيڪي ڪجهه خطيب چوندو هو. اهڙي طرح اها ننڍڙي جماعت جمعي جي ڏينهن ويجهو ويهڻ پسند ڪندي هئي.

امام غزالي پاڻ چوي ٿو ته هاڻي ڇا ٿي ويو آهي. ماڻهو اڌ ڪلاڪ خطيب جي خطبي کان پوءِ اچن ٿا ۽ سوچن ٿا ته ٻه رڪعتون نماز جيڪي فرض آهن رڳو اهي ادا ڪريون. هو سمجهن ٿا ته خطبو انهن لاءِ فرض ڪونهي. انهن وساري ڇڏيو آهي ته خطبو به فرض آهي. اسين ٻه رڪعتون فرض پڙهڻ وينداسون ۽ جلدي اچي دوڪان کولينداسين ته متان ڪو شخص ٻن آنن سان گڏ ڪنهن خريداريءَ لاءِ نه بيٺو هجي. اهڙي طرح جيئن اسين ڪو گراهڪ نه وڃايون.

هاڻي توهان ڏٺو ته ڪشش ڪيئن نه پنهنجي مخصوص طريقن سان تبديل ٿي چڪي آهي. هينئر توهان هيڏي ساري ڊگهي تقرير ٻڌي جنهن ۾ چيو ويو ته سڄي ڪائنات پيار جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهي. پر هتي ڀاءُ ڀاءُ سان پيو وڙهي، ڀيڻ ڀيڻ سان پئي وڙهي. هن (قاضي نبي بخش) حافظ جو حوالو ڏنو آهي جيڪڏهن مون کي اجازت ڏيو ته آئون به حافظ جو ساڳيو حوالو ڏيان.

اين چه شوريست که در دور قمر مي بينم،

همه آفاق پر از فتنه و شرمي بينم،

دختران را هم جنگ است و جدل بامادر،

پسران را همه بدخواه پدر مي بينم.

ترجمو: هي ڪهڙو زمانو اچي پهتو آهي، جو هر طرف فتنو فساد ڦهليل آهي ۽ اهڙي جنگ جاري آهي. جنهن ۾ ماءُ ڌيءَ سان وڙهي رهي آهي، پٽ پيءُ سان وڙهي رهيو آهي.

ساڳيو شريف انسان حافظ فرمائي ٿو ته اهو بلڪل درست آهي ته محبت هيءَ آهي ۽ محبت هوءَ آهي پر هو چوي ٿو ته محبت اسان ۾ رهي ئي ڪونهي. هاڻي اها ڪهڙي صورتحال آهي. مسلمانن جو سمورو ادب ۽ سڀئي شاعر ۽ فيلسوف محبت جو پرچار ڪري ويا آهن، پر تڏهن به محبت ڪونهي. هاڻي اهو سڀ عنقا ٿي پيو آهي. يعني خيالي پکي آهي. اهو پکي جيڪو ڪنهن ڏٺو ئي ڪونهي.

”عنقا شکار کس نه شود دام باز چين“

هو چوي ٿو ته توهان جيڪا ڄار هن کي پڪڙڻ لاءِ رکي آهي ان کي کڻي وٺو. اهو توهان کان ڪونه پڪڙبو.

اهو بلڪل درست آهي جيئن پروفيسر چوي ٿو ته ائٽم هميشه ائٽم رهندو ڇاڪاڻ ته ان جي ڪشش ثقل (Gravity) ۾ پروٽان (Proton) ۽ اليڪٽران (Electron) گهمندا رهن ٿا. جيڪڏهن ڇڪ ختم ٿي ويندي ته هر اليڪٽران مرڪز کي ڇڏي ٻاهر نڪري ويندو. جيئن ئي اهو ٻاهر نڪري ويندو ته ائٽم جي خاصيت تبديل ٿي ويندي. اهو بلڪل درست آهي انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. اهو درست آهي ته هڪ قسم جي ڪشش (Gravitation) ئي انهن ايٽمن کي گڏ رکي ٿي. اتفاق سان اهو منظر مون کي متاثر نٿو ڪري. منهنجو سڄي زندگيءَ ۾ جنهن ڳالهه توجهه ڇڪايو آهي ۽ منهنجي دل جي آواز کي اٿاريو آهي اها هڪ ٻئي جي قريب نه اچڻ واري حقيقت آهي.

پروفيسر صاحب ٻڌايو ته جڏهن ائٽم ويجهو اچن ٿا ۽ پاڻ ۾ منظم ٿين ٿا ته هڪ نئين شيءِ وجود ۾ اچي ٿي. نئين شيءِ ظاهر ٿئي ٿي. جيترو ائٽم وڌيڪ قريب اچن ٿا اوترو نئين قسم جي زندگيءَ جو ظهور ٿئي ٿو. انهيءَ کي اسين (Philosophy of Emergence) ظهور وارو فلسفو چئون ٿا. ساڳي شيءِ جيترو وڌيڪ قريب ٿئي ٿي اوترو نئين شيءِ جو ظهور ٿئي ٿو. مثال هڪ (Inorganic) غير نامياتي جسم کان وڌيڪ منظم (Organic) نامياتي جسم آهي. هڪ لحاظ سان ٻنهي ۾ ڪو حقيقي فرق ڪونهي. ارتقائي سفر دوران ساڳيو عام عنصر معدني زندگيءَ ۾ به آهي، جنهن کي اسين روح جماداتي چئون ٿا. اهڙي طرح اڳتي هلي اهو روح انساني جو عام عنصر ٿي پوي ٿو. انسانيت جو روح خود انسانيت آهي ۽ اهڙي طرح جيترو به وڌيڪ منظم ڪا شيءِ هوندي ان ۾ هڪ اعليٰ عام يا مشترڪ عنصر هوندو ۽ آئون چوان ٿو ته اهو آهي، آدميت، انسان ذات ۽ انسانيت.

نباتات ۽ نباتاتي روح جو تصور بلڪل صحيح آهي جيئن دنيا وڌ کان وڌ منظم ٿيندي وڃي ٿي تيئن نئون ظهور ۽ نئين طاقت (Power) پيدا ٿئي ٿي. جتي زندگي نه آهي اتي زندگي اچي ٿي. زندگيءَ ۾ روح اچي ٿو، اڳتي ذهن اچي ٿو ۽ ڇا ڇا نٿو اچي جڏهن اتحاد ۽ تنظيم شروع ٿئي ٿي. پر انهيءَ نظريي مون کي اڌ جيترو به متاثر نه ڪيو آهي جهڙو هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ واري ڪيفيت (Phenomena of dissolution)  ڪيو آهي.

مون زندگيءَ ۾ مرده ۽ ختم ٿي ويل جسم ڏٺا آهن. توهان کي خبر آهي ته اهو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن جسم ختم ٿي وڃي ٿو. باهمي ڪشش جي بجاءِ نفرت ۽ ڌڪار جاءِ والاري ٿي. هر ذرو ٻئي کان الڳ ٿيڻ چاهي ٿو. توهان ڏسندا ته ٿوري وقت ۾ سڄو جسم ختم ٿي وڃي ٿو. هر ذرو هوا ۾ اڏامي ڪنهن ٻئي هنڌ هليو وڃي ٿو ۽ جسم کي ڇڏي وڃي ٿو. اها ڪهڙي حقيقت آهي؟ اها ڪشش ۽ مقناطيس ڪيڏانهن وئي. ڇا ٿي ويو آهي جڏهن اسين چئون ٿا ته هي مرده جسم آهي. مرده جسم ۾ ڌڪار وارو قانون (Law of repulsion) ۽ ڳاري ختم ڪرڻ وارو قانون (Law of dissolution) نمايان نظر اچن ٿا. هاڻي منظم ڪرڻ واري قانون ۽ اتحاد واري قانون جيئن منهنجي پروفيسر ڀاءُ چيو ته محبت جو خاتمو اچي وڃي ٿو. مردي ۾ محبت جي ڪابه نشاني ڪونهي جڏهن هو مري وڃي ٿو. پوءِ ڇا ٿو ٿئي! هر ذرو ٻئي ذري کان الڳ ٿي اڏامي وڃي ٿو. جنهن کي اسين خاتمو (Dissolution) چئون ٿا.

آئون جڏهن ڄائو هئس تڏهن انهيءَ حقيقت جو عام اظهار هو، تنهنڪري ڪتاب مون کي متاثر نه ڪري سگهيا. مون کي ڪتاب غير حقيقي لڳا هئا، جيڪي ڪجهه اکيون ڏسي رهيون هيون. اها بلڪل ابتڙ حقيقت (Phenomena) هئي. پهرين حقيقت منهنجي لاءِ فقط ڏند ڪٿا جي مثل هئي، پر جڏهن مون هڪ شاگرد وانگر مطالعو ڪيو ۽ سڄي ڪائنات ۽ فطرت کي ڏٺو ته مون کي به لڳو ته محبت ۽ سچ ئي سڀ ڪجهه آهي، ليڪن اهو فقط منهنجي دماغ واري تجربيگاهه ۾ هو، پر ماڻهن واريءَ حقيقي دنيا ۾ نه هو!

جيئن مون چيو ته هتي چئين بجي اچڻ لاءِ نڪو گهڻي ڪشش هئي نڪو گهڻي خواهش هئي ۽ ويچارو نبي بخش قاضي جيڪو ٽن حصن کان به وڌيڪ مقالو ٻڌائي چڪو هو ۽ باقي هن کي ٻڌڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيو. اهو ئي آهي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي. ڪابه ڳالهه قدمن کي ايترو تيز ڪري ڪونه سگهي جو گهٽ ۾ گهٽ پنج منٽ اڳي پهچي سگهجي ها نڪي پنج منٽ دير سان!

حقيقت ۾ هرهنڌ هر روز اهڙي صورتحال نظر اچي ٿي. اسين ان کي باقاعدگي يا وقت جي پائبندي جي نالي سان سڏي سگهون ٿا، اها بلڪل حقيقت آهي ته هتي ڪشش ڪونهي. محبت کان سواءِ عدل يا باقاعدگيءَ جو سوچي به نٿو سگهجي. ٻيءَ حالت ۾ اهي سڀئي مصنوعي شيون آهن. توهان سعديءَ جو هي هڪ شعر ٻڌو هوندو.

”علي الصباح مردم به کاروبار روند،

بلا کشان محبت بکوئي يار روند.“

ترجمو: صبح جو سوير هر ماڻهو پنهنجي ڌنڌي لاءِ وڃي ٿو پر غريب عاشق پنهنجي محبوب جي گهٽيءَ ۾ سندس در اڳيان انتظار ڪري ٿو.

هو ٻيو ڪجهه نٿو سوچي پر جڏهن سندس يار هتي موجود آهي ته هو چوي ٿو ته ”دست به کار دل به يار“ هٿ هاج ۾ پر دل يار ڏي هجي. اهو محبوب ڪهڙو آهي، اسين نٿا ڄاڻون ته هن جي يار مان ڇا مراد آهي پر اسان مان ڪيترا فخر مان چوندا ته انهن کي اهڙي قسم جي يار جي ٿوري گهڻي شناخت آهي...

”اهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرينءَ جو.“

پر اهو پرين جو پسڻ فقط هڪ تمنا ۽ ڏند ڪٿا ڪهاڻي آهي. ڇا ڪنهن ان کي ڏٺو آهي. لطيف خود چوي ٿو ته اچو ته انهن وٽ هلون جن اهو (يار) ڏٺو آهي. اچو ته هلون ۽ هڪ رات اتي هلي گذاريون.

مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي،

رهي اچجي، راتڙي، تن جنگن سندي جاءِ،

انهن جي ساڃاءِ، ترهو ٿئي تار ۾.

اهڙي طرح لطيف ٻڌائي ٿو، پر هاڻي اهو سڀ ڪجهه ديون پَرين جي ڪهاڻي وانگر آهي. جيئن مون چيو ته ڇا اسان انهن ڳالهين جو ٻه پايون قدر ڪريون ٿا؟ اسان ڪنهن به شيءِ جو جيڪا اسان کي ڪشش ڪري ٿي ڪيترو قدر ڪريون ٿا ۽ اهو اسان مسلمانن توڻي هندن لاءِ تمام خراب آهي. اسان جو علم ۽ رسمون ان حد تائين دنيا کان عليحدگي اختيار ڪري چڪيون آهن جو اعليٰ وابستگيءَ واري ڳالهه هاڻي ڏند ڪٿا معلوم پئي ٿي ڇاڪاڻ ته ان کي پهچڻ تمام پري ٿي پيو آهي. حد ته اها آهي جو هيٺاهين درجي تي به پهچڻ جو خيال ڪونهي. هن وقت ڀاءُ جي ڀاءُ سان محبت ڪونهي. ننڍي شهر جي ماڻهن جي پاڻ ۾ محبت ڪونهي. قبيلي جي پاڻ ۾ محبت ڪونهي. قوم جي پاڻ ۾ محبت ڪونهي. اهو سڀ محسوس نٿو ڪيو وڃي. پوءِ خدا سان محبت ڪرڻ جي ڳالهه جو ڪهڙو فائدو! اها ڪيئن پيدا ٿيندي. انهيءَ تي تمام گهڻي ڪٽ چڙهي وئي آهي. توهان ۽ اسان اهو محسوس نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ان بابت سوچيو آهي.

ان ڏينهن هڪ شخص انگريزن کي گاريون ڏئي رهيو هو. هن چيو ته اهي ڦٽڪاريل ۽ قوم پرست آهن. مون چيو ته اهي ڦٽڪاريل ۽ قوم پرست آهن پر اسان ڦٽڪاريل قوم پرست به ڪونه آهيون. منهنجي خواهش آهي ته اسين ڦٽڪاريل قوم پرست هجون جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه آهيون. انهيءَ سان ڪجهه نه ٿيندو. پر اسين ڦٽڪاريل خود غرض انسان آهيون. اسان جو پيار اسان جي نفس سان آهي. ڪافي وقت اڳي محترم مرزا حيرت جيڪو بمبئي جي ايلفن اسٽون ڪاليج ۾ فارسيءَ جو استاد هو، اڪثر هي شعر پڙهندو هو.

از خود پرستي اين بت پرستي بهتر است

خود پرستي مرد مارا بت پرستيدن مراه

هو چوندو هو ته بت پرستي، خود پرستيءَ کان وڌيڪ بهتر آهي. هن جي چوڻ موجب انسان جيڪو ٻه مڻ وزن جو آهي مستقل پوڄيو ٿو وڃي اهو ڪراهت جهڙو ڪم آهي. تنهنڪري اهو گهڻو بهتر آهي ته بت جي پوڄا ڪئي وڃي.

ڪيترائي دفعا اسان هتي وحدت ۽ ڪثرت جي باري ۾ ڳالهايو آهي. اسان نهايت آسان طريقي سان ٻڌايو ته سڄي ڪائنات هڪ آهي. فقط ٻه هفتا اڳي ڊاڪٽر هاليپوٽي ٻڌايو ته سڄي ڪائنات هڪ انسان ڪبير جي مثل آهي. سموري انسانذات هڪ شخص اڪبر آهن. سڄي انسان ذات هڪ فرد جيان انسان ڪبير آهي. هن اهو ٻڌايو جيڪو اسان اڃان وساريو نه آهي. انهيءَ جي معنيٰ آهي ته سڄي ڪائنات منظم ايڪي ۽ ڪشش ۾ جڪڙيل آهي اها اهڙي بناوٽ سان جوڙيل آهي جو ان جي پابند آهي. هاڻي هڪ طرف اهو فطري مظهر آهي، ٻئي طرف ڀاءُ جي ڀاءُ سان ۽ ڀيڻ جي ڀيڻ سان ڌيءَ ۽ ماءُ جي لڙائي جاري آهي.

هاڻي ٻنهي قدرتي مظهرن جي ڀيٽ ڪريو. هڪ قدرتي مظهر جنهن ۾ هڪ رت جو ڦڙو ڏهن مهينن ۾ منظم ٻار جي صورت اختيار ڪري ٿو جيڪو توهان ۽ آئون آهيان. اهو ڪيترو نه حيرت انگيز آهي جو نون مهينن ۽ ڏهن ڏينهن ۾ انساني مواد جو هڪ ڦڙو منظم ٿي هڪ شڪل اختيار ڪري زندهه ٻار بنجي ٿو. ڇا اهو معجزو ڪونهي! ٻئي طرف ڏسو ته هڪ مئل ٻار جو جسم ٿوري وقت کان پوءِ ڌپ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. اها ڌپ ڇا آهي؟ ننڍڙا ننڍڙا سڙيل ائٽم هوا ۾ ڦهلجي وڃن ٿا ۽ توهان جي نڪ تائين پهچن ٿا. توهان چئو ٿا ته ڌپ اچي پئي. اهي فقط ائٽم آهن جيڪي هوا جي وسيلي توهان جي نڪ تائين پهچن ٿا ٻيو ڪجهه به ڪونهي، پوءِ انهيءَ شيءِ مان جند ڇڏائڻي پوي ٿي ۽ ان کي دفن ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن توهان ان کي دفن نه ڪندا ته هر جزو الڳ ٿيندو ويندو تانجو باقي ڪجهه به نه رهندو بلڪه هڏا پڻ ڪونه رهندا.

ڳالهه ڇا آهي ته هن سڄي صورتحال ۾ ملائڻ يا جوڙڻ وارو عنصر ڪونهي. اهو عنصر ڪونهي جنهن ان کي گڏ ڪيو. هينئر ان ۾ اهو عنصر آهي جيڪو ان کي بگاڙي ۽ کاري ختم ڪري ٿو. توهان خدا جي هن ڌرتيءَ تي ان حالت ۾ رهي نٿا سگهو. توهان ضرور الڳ ٿيندا. ساڳئي نموني جڏهن سوسائٽي خاتمي جي ويجهو پهچي ٿي ته ان ۾ بانس ٿي وڃي ٿي. اهڙي طرح ماڻهو جڏهن مري وڃي ٿو ته ان ۾ ختم ٿي وڃڻ جي قدرتي صلاحيت موجود آهي. اها حالت آهي، جڏهن هر جزو ٻئي جزي سان جنگ ڪري ٿو. سماجي سطح تي هر ماڻهوءَ جو هٿ ٻئي ماڻهوءَ جي گلي ۾ هوندو آهي. اهڙي حقيقت کي اسين سوسائٽيءَ جي گهرو لڙائي چئون ٿا. الله تعاليٰ توهان جي مذهبي ڪتاب ۾ فرمائي ٿو ته جڏهن آئون ڏسان ٿو ته هاڻي نجات ضروري آهي. انسان فنا ٿي رهيو آهي ته پوءِ اها خاتمي واري صورتحال سامهون اچي ٿي، جڏهن هر شيءِ ٻي شيءِ سان وڙهي ختم ٿيڻ ۾ مصروف آهي. تنهنڪري هن دنيا ۾ منهنجي قسمت ۾ آهي ته آئون ڄائو ئي ان لاءِ آهيان ته هن دنيا ۾ رات ڏينهن اهو قدرتي لقاءُ ڏسان. ان صورتحال کي ان محبت واري صورتحال سان ڀيٽيو، جنهن بابت توهان فيلسوفن ۽ شاعرن کان ٻڌو آهي ۽ ان بابت گهڻو ڪجهه توهان جي لوڪ ادب ۾ ملي ٿو.

منهنجي دل اهو ڏسي هر وقت ڳڻتيءَ ۾ ڳري ٿي ته جيڪڏهن اهو مرده جسم آهي ته پوءِ ان کي احترام سان دفن ڪيو وڃي. پر جيڪڏهن اهو مرده جسم نه آهي ۽ ان ۾ ڪجهه روح باقي آهي ته پوءِ ان کي وري سجاڳ ڪري زنده رکيو وڃي، پر اڌ مُئل روح ۽ اڌ ڳريل جسم ڪنهن ڪم جو نه آهي. قرآن شريف فرمائي ٿو:

وَمَنْ نُّعَمِّرْهُ نُنَكِّسْهُ فِي الْخَلْقِ ۭ اَفَلَا يَعْقِلُوْنَ(68:36)

ترجمو: جنهن کي اسان وڏي عمر کي پهچايون ٿا ته پوءِ اسان هن کي خلق ۾ ڪمزور ۽ جهڪيل ڪري ڇڏيون ٿا. پوءِ هو ڇونه ٿا سمجهن؟

مطلب هڪ شيءِ جنهن جي وڌيڪ افزائش بند ٿي چڪي آهي ته اها ڇو زنده رهي. ڇا توهان کي عقل ڪونهي. هڪ شيءِ جيڪا وڌيڪ زنده ۽ تخليق نٿي ڪري سگهي بهتر آهي ته ان کي دفن ڪري ڇڏجي. ان جو ڌرتيءَ جي مٿان رهڻ ڇو ضروري آهي. اها زندگيءَ جي سڀني قانونن جي انحرافي ڪري ٿي. ڇا موت زندگيءَ سان گڏ ڌرتيءَ تي رهي سگهي ٿو. انهيءَ لاءِ گڏ رهڻ جي ڪابه جاءِ ڪونهي. اهوئي آئون توهان کي ذهن نشين ڪرائڻ چاهيان ٿو، بنسبت ان جي جيڪو منهنجي پياري ڀاءُ پروفيسر نبي بخش قاضيءَ چيو. هن ڪشش واري قدرتي قانون، مقناطيسي حقيقت، منظم ٿيڻ واري صورتحال ۽ ايڪي واري ڪامل صورتحال بابت ٻڌايو. پر آئون وري غير منظم، نااتفاقي ۽ موت جي باري ۾ پيو ڳالهايان.

ان ڳالهه کي نه وساريو ته توهان ارڙهن مهينا اڳ ڪجهه وڌيڪ سنجيده هئا جڏهن هن هال ۾ اسان موت جي باري ۾ ڳالهايو هو. اسان هڪ ننڍڙي سوسائٽي ٺاهي هئي ته موت جو مطالعو ڪري نڪي حياتيءَ جو ڇاڪاڻ ته اهو ٻي ڪنهن به شيءِ کان وڌيڪ يقيني آهي. توهان چاهيو ٿي ته اهڙو ڪو رستو ڳولهي ڪڍجي جيئن ان مان نڪري زنده رهي سگهجي. موت هر روز هڪ رات کان ٻي رات تائين ۽ هر گهڙيءَ کان ٻي گهڙيءَ تائين پڪاري پيو ۽ اسين چاهيون ٿا ته ڪنهن نموني سان موت کان محفوظ رهون. انهيءَ مقصد لاءِ اسان اها سوسائٽي ٺاهي هئي ته زنده رهڻ جا طور طريقا حاصل ڪريون نڪي موت جا، پر موت جو ۽ ان جي قدرتي حقيقت جو مطالعو ڪريون!

اڄ هتي اسان کي پروفيسر صاحب موقعو ڏنو آهي ته ساڳي مضمون تي ڳالهايون جيڪو اسان ارڙهن مهينا اڳي شروع ڪيو هو. اڄڪلهه هر هنڌ موت اسان کي سامهون ڏسڻ ۾ پيو اچي. هر شيءِ ٻئي شيءِ سان بغاوت ڪريو بيٺي آهي. هر جزو ٻئي جزي جي خلاف جنگ ڪري الڳ ٿي رهيو آهي. اهو فرحت جي بجاءِ بدبو پيدا ڪري رهيو آهي ۽ اسين نڪ جي ذريعي محسوس ڪري رهيا آهيون. اهو بهتر آهي ته ان مان نجات حاصل ڪجي ۽ ان کي دفن ڪري ڇڏجي بجاءِ ان جي جو اهو ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي سڙيل ۽ ڌپ ڪري پيو هجي. انهيءَ صورتحال سڄي ڄمار مون کي تڪليف ۾ وڌو آهي ۽ ان جو اڄ تائين ڪو حل ڪونه مليو آهي. ان کان پري ڀڄي وڃڻ سان مسئلو حل ڪونه ٿيندو. اکين پورڻ سان مسئلو حل ڪونه ٿيندو. اٺ پکيءَ وانگي پنهنجي ڳچيءَ واريءَ ۾ لڪائڻ سان به مسئلو حل ڪونه ٿيندو. اهو مسلسل پوئتي ڌڪي رهيو آهي. اها آخري نشاني آهي ته سڀئي شيون خراب ٿي چڪيون آهن. اسان کي اهو ڪشش ڪري ٿو جيڪو دفع ڪرڻ گهرجي. ليڪن اسان اهو دفع ڪريون ٿا جنهن لاءِ ڪشش هئڻ گهرجي. ذوق سالم اهو آهي ته جيڪو اسان کي گهربل آهي ان لاءِ اسان کي خواهش ڪرڻ گهرجي ۽ جنهن کي دفع ڪرڻو آهي ان کي ٽارڻ گهرجي.

بهرحال اهو ئي واحد رستو آهي ۽ اهو ئي خدا جو قانون آهي. انهيءَ خدا جي قانون کي ڪائنات جو قانون سڏجي ٿو. اهو مرده شيءِ کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. اهو جيترو جلدي ڳري ختم ٿي وڃي اوترو ئي بهتر آهي. انهيءَ کي دفن ڪرڻو پوندو. انهيءَ کي ڪنهن نموني سان ختم ڪرڻو پوندو. خس کم جهان پاڪ_ جيترو اهو جلد ختم ٿيندو اوترو باغائي لاءِ باغ بهتر ٿيندو. جيترو جلد گاهه ۽ غير ضروري ٻوٽا گڏ ڪري ساڙي ڇڏبا اوترو ئي باغ سٺو نظر ايندو. اهو قانون فطرت آهي جنهن کان توهان نٽائي نٿا سگهو.

 مهربان! مون تي احسان ڪريو. توهان پاڻ مطالعو ڪريو ته توهان جي چاهت ڇا آهي. توهان جون خواهشون ۽ ڪشش جو مرڪز ڇا آهي. ڏسو ته توهان ڪهڙي شيءِ ڏانهن ٻين شين جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪشش محسوس ڪريو ٿا. توهان ڪهڙي شيءِ ڏانهن ٻين شين جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڇڪجي وڃو ٿا. توهان کي ڪهڙي شيءِ ڇڪي ٿي ۽ پوءِ ڳولهيو ته اها آخري شيءِ ڪهڙي آهي. اهو توهان جو ذوق هر شيءِ جو فيصلو ڪري ٿو. مون کي ٻيو ڪو شخص اچي نه ٻڌائي ته آئون ڇا آهيان. منهنجو ذوق ٻڌائيندو ته آئون ڇا آهيان ۽ مون کي ڇا گهرجي؟

توهان مهاڻي عورت جي کاريءَ وارو قصو ٻڌو ته هوندو. هن کي ان سان محبت هئي. ان کاريءَ جي بوءِ هن جي سڃاڻپ هئي. جڏهن هوءَ بيمار ٿئي ٿي ته اها مڇيءَ جي بوءِ هن کي تازو ڪري ٿي، پر موتئي جي گل جي خوشبوءِ هن کي ڪنهن به حال ۾ نئين سر سجاڳ نٿي ڪري سگهي. اها مڇيءَ جي کاري هن جي حواسن کي سجاڳ ڪري سگهي ٿي جڏهن بي هوش ٿي وڃي ٿي. ڇو ته اهوئي هن جو ذوق آهي.

اهڙي طرح اسان جو ذوق اسان جي باري ۾ ڳالهائي ٿو ته اسان کي ڪهڙي شيءِ ڪشش ڪري ٿي. مسٽر نبي بخش چيو ته ڪنهن نه ڪنهن شيءِ لاءِ ڪشش هوندي آهي. ڪن کي زال جي، ڪن کي مال جي ته ڪن کي رشوت جي، ڪن کي ٺڳيءَ جي، بهرحال هرهڪ کي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ لاءِ ڪشش هوندي آهي. ٻي حالت ۾ هو زنده نٿو رهي سگهي. فقط اهو معلوم ڪرڻ آهي ته مون کي ڪهڙي شيءِ ڪشش ڪري ٿي. جيترو مون اهو جلدي معلوم ڪري ورتو اهو منهنجي لاءِ بهتر آهي. تڏهن آئون اندازو لڳائي سگهندس ته آئون ڪٿي بيٺو آهيان. جيڪڏهن منهنجي ذهن ۾ آهي ته ذوق ۾ سڌارو آڻيان ته پوءِ اهو آخري ذوق نه آهي.

آئون آخري دفعو ڪوشش ڪندس ۽ ان ۾ مون کي شرم محسوس ڪرڻ نه گهرجي ته الله تعاليٰ جي هن ڪائنات ۾ منهنجو هي ذوق هئڻ گهرجي. پئسا گڏ ڪري پوءِ قبر ۾ وڃڻ مان مون کي ڇا حاصل ٿيندو. ڇا منهنجي زندگي اهڙي شيءِ گڏ ڪرڻ ۾ گذري وڃي جيڪا غير فائدي مند هجي يا اهڙو ڪم جيڪو مون کي نقصان پهچائي ۽ ٻين کي نقصان پهچائي ان کان آئون پاڻ کي پري نٿو ڪري سگهان. ڇا ڇوٽڪارو حاصل نٿو ڪري سگهان. مون کي اهڙي شيءِ سان محبت ڪرڻ گهرجي جيڪا محبت جي لائق آهي ۽ جيڪا مون کي ڪشش ڪري، پر اها شاندار ۽ خوبصورت شيءِ مون کي ڪشش نٿي ڪري. ڇا آئون پنهنجي ان ذوق جي اصلاح نٿو ڪري سگهان. اهوئي اسان جو معيار ۽ ڪاوش هجڻ کپي ۽ اسان جو سڄو تمدن اسان جي ذوق تي مشتمل هجي. اهو ئي معيار آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته اسان جو انساني تمدن ڪهڙي نقطي تي پهتل آهي. ذوق ئي تمدني مرتبي جو تعين ڪري ٿو ته آيا هي جانور آهي يا جانور کان به بدتر آهي. آئون سمجهان ٿو ته اها نئين ڳالهه ڪونهي. ”احسن تقويم“ بلڪل صحيح فرمايل آهي، پر ”احسن تقويم“ پڻ ”اسفل السافلين“ ٿيو پوي يعني جانور کان به ڪريل. ڇو ته انسان لاءِ اهو ممڪن آهي ته پنهنجو پاڻ کي جانور کان به هيٺ ڪيرائي سگهي ٿو. اهو ائين ڪونهي ته فقط انسان يا جانور رهي، پر اهو ذوق جو ڪمال آهي، تنهن ڪري ذوق جي اصلاح ڪريو. ڏسو ته توهان کي ڇا ٿو ڪشش ڪري ۽ اهوئي معيار آهي. پنهنجو پاڻ سان سچا ٿيو. پاڻ کي عظيم نه پر هڪ عام فرد ٻن ٽنگن تي هلندڙ جانور جي قريب سمجهو. پوءِ پاڻ کان پڇو ته حقيقت ۾ مون کي ڪهڙي شيءِ ڪشش ڪري ٿي. توهان کي بهتر ذوق هئڻ گهرجي! توهان کي اهڙين شين سان چاهت وڌائڻ گهرجي، جيڪڏهن اها ڇڪ توهان فطري طور محسوس نٿا ڪريو ته پنهنجي پاڻ کي انهن جي طرف ڇڪيو. اهي آهن خوبصورتي ۽ سچائي، اعليٰ ۽ صحيح، عمدي ۽ عظيم شيءِ جي تلاش.

آئون توهان کي قرآن شريف جي شاهدي ٻڌايان ٿو ته دوزخ ۾ رهيا پيا آهيون يا جنت ۾ رهون پيا. قرآن شريف فرمائي ٿو ته:اِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحِيْطَةٌۢ بِالْكٰفِرِيْنَ دوزخ ڪافرن جي چوڌاري آهي جنهن ۾ هو رهن پيا. گويا اها اچڻي ڪونهي. اها اسان کي گهيريو بيٺي آهي. اهو قرآن جو فرمان آهي. بهشت ۽ دوزخ ۾ رهون پيا. توهان پڇندا ته دوزخ ڪٿي آهي. مهربان! توهان ان ۾ رهو پيا. توهان محسوس نٿا ڪريو. اهڙي طرح بهشت توهان جي چوڌاري آهي جنت ۽ دوزخ ۾ رهو پيا پوءِ پڇو پيا ته جنت ۽ دوزخ ڪٿي آهي؟ مڇي پڇي ٿي ته پاڻي ڪٿي آهي جيتوڻيڪ ان ۾ رهي پئي. اها آهي اسان جي حالت. ايتري حد تائين بي شعور آهيو، جو اهو نٿا ڄاڻو ته ڪٿي آهيو. ڪهڙي زندگي گذاريون پيا ۽ بنا ڪنهن حل ڳولهڻ جي وقت ڪيئن پيو گذري.

جانور کي وڌ ۾ وڌ هڪ مقرر زندگي آهي. اسان کي آزادي ۽ اختيار ڏنو ويو آهي. اها بدقسمتي آهي، جو اسان انهيءَ آزاديءَ جو هر طرح غلط استعمال ڪيو آهي. ان کان بهتر هو ته آزادي نه هجي ها. اها حالت مون کي هميشه مير جو هي شعر ياد ڏياري ٿي جيڪو ڪيترائي دفعا مون پنهنجي دوستن کي ٻڌايو آهي:

خدا کرے کہ نصیب اپنی ہو نہ آزادی،

کدھر کی ہو جی جوبے بال و پر رہائی ہو۔

هو چوي ٿو ته خدا ڪري ائين نه ٿئي جو اسان کي آزادي عطا ٿئي خاص طور اها ڪهڙي ڪم جي جڏهن پر ۽ کنڀ نه هوندا. هڪ پکيءَ کي پڃري مان ڪڍي ڇڏجي ۽ چوڌاري ٻليون هجن ان جو ڪهڙو حشر ٿيندو. اهو وڌيڪ بهتر هو ته اسان کي آزادي نه ملي ها. اسان پڃري ۾ سلامت هجون ها. باقي کنڀن کان سواءِ پڃري مان ٻاهر ڪڍي ڦٽي ڪيو ويو آهي ۽ چوڌاري ٻليون آهن پوءِ منهنجي قسمت ڪهڙي چئبي.

اها آهي اسان جي آزادي. اسان آزادي حاصل ڪئي آهي پر اها وبال جان آهي. جيڪڏهن اسين صحيح استعمال ڪنداسين ته اهو بهشت آهي. غلط استعمال ڪنداسين ته اها دوزخ کان به بدتر آهي. آئون سمجهان ٿو ته مون توهان کي ڪافي وقت تڪليف ڏني آهي. الله تعاليٰ جي توهان تي رحمت هجي.

 

[  16  ]

 

مسلمانن جا سائنسي ڪارناما

 

]علامه صاحب هيءَ تقرير 19 فيبروري 1954 تي قاضي احمد ميان اخترجوناڳڙهيءَ جي لکلي تقرير کان پوءِ ڪئي[

 

خواتين و حضرات! آءٌ سمجھان ٿو ته توهان هينئر تمام علمي ۽ معلوماتي تقرير ٻڌي، هن کان اڳ توهان اڳي اهڙي تقرير نه ٻڌي هوندي. آءٌ نه ٿو سمجهان ته توهان مون سان ان راءِ تي اختلاف ڪندا. جيڪڏهن ائين ڪير ڪندو ته پوءِ زيادتي ۽ ناانصافي آهي. توهان ڪڏهن به چاليهه منٽن ۾ مسلمانن جي دريافتن جي ايڏي وڏي فهرست ڪونه ٻڌي هوندي. جيڪا توهان هينئر ٻڌي. هاڻي ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهن مان ڪيترين شين جي اڃان وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آهي. ڪافي صدين کان وٺي ڄاڻي ٻجهي ڪوڙي تاريخ ٻڌائي وئي آهي جنهن جو ازالو ڪرڻو آهي. هتي اميد آهي ته ويٺلن مان ڪي حضرات ان ڪم کي هٿ ۾ کڻندا ۽ دنيا کي ٻڌائيندا ته يورپ ڪيڏو نه احسان فراموش آهي، جنهن جيڪي ڪجهه عرب مسلمانن کان حاصل ڪيو آهي ان جي نفي ڪري ٿو. بهرحال اهو ٻئي قسم جو سوال آهي.

ڪالهه مون کي ”دي السٽر يٽيڊ نيوز“ (The Illustrated News) جو پرچو پڙهندي هڪ خاص ڳالهه نظر آئي. ايڊيٽر صاحب پنهنجي مراسلي ۾ تمام مزيدار الفاظ لکيا هئا، هن لکيو ته ڪافي وقت کانوٺي اهو سمجهيو ويو آهي ته ڪوڙ کي بار بار ثابت قدمي سان ورجائڻ سان اهو سچ جي صورت اختيار ڪري وٺي ٿو، توهان فقط ڪوڙ کي ثابت قدميءَ سان ورجائيندا رهو ته اهو سچ ۾ تبديل ٿيو وڃي. پر هو وڌيڪ لکي ٿو ته اسان کي لارڊ ائڪٽن (Lord Acton) جا لفظ پڻ ياد رکڻ گهرجن. لارڊائڪٽن بيشڪ اهل علم آهي پر ان هڪ سٽ جي حوالي سان هر هنڌ سندس حوالو ڏنو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هن ڪجهه اميد ڏيکاري آهي ۽ اها اُميد ڪهڙي آهي. هن چيو ته ”آءٌ سمجهان ٿو ته آخر ۾ سچ سوڀارو ٿيندو پر ان لاءِ هڪ شرط آهي، جيڪڏهن ڪنهن شخص کي سچ لڪائڻ م دلچسپي آهي ۽ سچ سان ڪو ذوق نه آهي ته ان صورت ۾ سچ قائم نه ٿيندو، لارڊ ائڪٽن پڻ نااميد ٿي چوي ٿو ته ڪوڙ کي مسلسل جاري رکيو اچبو ته اهو سچ ٿي پوندو. ڪو شخص ان بابت پڇا ئي ڪونه ٿو ڪري ته اهو سچ آهي يا ڪوڙ آهي. هو چوي ٿو ته ٻه دفعا ٻڌڻ کانپوءِ ۽ ڪنهن اخبار ۾ پڙهڻ کانپوءِ ان لکت کي سچ سمجهي قبول ڪيو وڃي ٿو. اها لکت جيڪڏهن ٽي دفعا ورجائي وڃي ٿي ته اڪثريت ان کي بلڪل سچ سمجهي ٿي. پر منهنجو خيال آهي ته لارڊ ائڪٽن جي قول کي ڪجهه وزن آهي ته جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ ڄاڻي ٻجهي دلچسپي آهي ته پوءِ سچ قائم ڪونه ٿيندو. پر جيڪڏهن هر ماڻهو سوچي ته هاڻي مون کي ڪوڙ سان دلچسپي ڪونهي ته سچ قائم ٿيندو. هن سلسلي ۾ ٿي سگهي ٿو ته توهان مان ڪن تاريخ غور سان نه پڙهي هجي ۽ حقيقتون معلوم نه ڪيون هجن، اها ئي عجيب ڳالهه آهي.

آءٌ هتي فقط هڪ ننڍڙو نقطو ڪيمسٽري جي باري ۾ ٻڌائيندس، جيڪو اسان جي ڀاءٌ پنهنجي تقرير ۾ ٻڌايو. آءٌ هن هال مان معلوم ڪرڻ چاهيندس ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪيترا ڪيمسٽريءَ جا ڄاڻو ويٺل هجن جيڪي ڪاليجن ۾ پڙهائيندا هوندا، آءٌ اهو معلوم ڪرڻ چاهيندس ته توهان الله تعاليٰ جي فضل سان ۽ اتفاق سان لفظ ”بينزائن“ (Benzene) ٻڌو هوندو، جيڪو جديد دور ۾ هڪ هٿرادو ٺاهيل مرڪب طور استعمال ٿي رهيو آهي. اهو لفظ ”بينزائن لوبان جاواني“ جي بگڙيل صورت آهي. هتي ڪنهن کي اندازو آهي ته لوبان مان ”بين“ ۽ جاوي مان ”زائن“ ٺهي پيو، بينزين اصل ۾ لوبان جاوي آهي، جيڪو هر ڪيمسٽ ڄاڻي ٿو، بينزين لوبان جاوي جو ٻيو نالو آهي. پر جڏهن بينزين جو لفظ اچي ٿو ته اسين منجهي پئون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته اها عربن جي ايجاد نه آهي. اهو جديد ترڪيبي فارمولو آهي.

هڪ دفعو منهنجي هڪ انگريز دوست سان گفتگو ٿي. اسان عربي زبان بابت ڳالهائي رهيا هئاسون ۽ اسان جو موضوع اهي لفظ هئا، جيڪي انگريزي زبان ۾ ضم ٿي ويا هئا. مون کيس چيو ته مهربان! هڪ ڳالهه يقيني آهي ته توهان صبح جي ناشتي کان وٺي رات جو سمهڻ جي وقت تائين، جيڪي الفاظ استعمال ڪريو ٿا، اهي سڀ عربي زبان جا آهن. توهان جيڪڏهن عربي الفاظ پنهنجي ٻوليءَ مان ڪڍي ڇڏيو ته ناشتي کان رات جي بستري تائين نه پهچي سگهندا. منهنجي دوست چيو ته توهان اهو ڇا پيا چئو؟ مون چيو ته آءٌ اهو چوان پيو جيڪا حقيقت آهي. هن چيو ته ڪيئن؟ مون چيو ته هن ميز تي جيڪو ڪپڙو رکيل آهي جنهن کي توهان ڪلاٿ چئو ٿا اهو ڪاٽن مان ٺهيو آهي جنهن کي عربيءَ ۾ قطن چئجي ٿو. پر توهان وٽ ڪاٽن لاءِ ٻيو ڪو لفظ ڪونهي. توهان وٽ شگر (کنڊ) لاءِ ڪو ٻيو لفظ ڪونهي، توهان وٽ مارمليڊ جيڪو ناشتي ۾ استعمال ڪريو ٿا ان لاءِ انگريزي لفظ ڪونهي ڇو ته آرينج (Orange) اصل ۾ نارنج آهي جنهن کي توهان ڦيرائي آرينج ڪري ڇڏيو آهي اهڙي طرح توهان جي زندگيِءَ جي هر شيءَ سان عربيءَ جو واسطو رهي ٿو. جيئن منهنجي قابل محترم چيو ته ڪپڙو يا ڪاغذ، جيڪو صبح جو ٽوسٽ جي هيٺان رکجي ٿو تانجو رات جو ڪمري ۾ سمهڻ لاءِ ڪئنڊل (قنديل) استعمال ڪجي ٿي، اهي سڀ عربي لفظ آهن، پر آءٌ چوان ٿو ته اهي ڳالهيون اهڙي اهميت جون حامل نه آهن. اسان گذريل دور ۾ مسلمانن جي ڪيل ايجادن جو ذڪر ڪري ڪافي وقت ضايع ڪيو آهي، اها يورپ ۾ ترقي ڪيئن آئي! اها سولي ڳالهه سمجهڻ کپي ته ڪاغذ کانسواءِ ڪا حقيقت قلمبند نٿي ڪري سگهجي. گهڙيال جي ايجاد کانسواءِ ڪنهن کي به وقت جي خبر ڪونه هئي. ڌرتيءَ کي ڪائنات ۾ مرڪزي حقيقت جي اهم شيءِ تصور ڪيو ويو هو ۽ اهو ته سج ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦري رهيو آهي ۽ نه ڌرتي سج جي چوڌاري! ڪنهن کي به خبر ڪونه هئي ته سائنسي طور سال ۾ گهڻا ڏينهن آهن. اهڙي طرح هر هنڌ جهالت ۽ انڌيرو هو. انهن ڏينهن ۾ پوءِ ڪيئن نئين علم جي روشني آئي ۽ هر شيءِ ظاهر ٿي پئي، مائيڪرو سڪوپ يعني خوردبين ۽ ٽيلسڪوپ يعني دوربين وغيره ايجاد ٿيا. اسين انهن جي تاريخ بابت ڪونه ٿا ڳالهايون. اسان فقط ايترو چونداسون ته يورپ وارن کي شيشي ٺاهڻ جي خبر ڪونه هئي. اها انهن کي خبر ڪونه هئي ته عينڪ ڪيئن تيار ڪجي. پر جڏهن اسپين ۾ مسلمانن شيشي ٺاهڻ جي فئڪٽري قائم ڪئي ۽ جڏهن يهودين مان اسپنوزا (Spinoza) سميت مسلمانن (Moors) کي اتان ڏيهه نيڪالي ڏني وئي، پوءِ هو هالينڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ اچي آباد ٿيا، جتي هنن شيشو ٺاهڻ شروع ڪيو. اسپنوزا جيڪو يهودين جو فيلسوف هو، ان جي باري ۾ قصو آهي ته هو پنهنجي گذر سفر لاءِ آخري ڏينهن ۾ عينڪون ٺاهيندو هو.

مون وٽ ڪافي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ آهي ۽ ڪافي چٽو ڪرڻو  آهي، پر جيئن مون چيو ته اهي سڀ معمولي حاصلات آهن. اسان کي مسلمانن جي انهن ايجادن کي نمايان ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڪافي اڳتي ترقي ڪري ويون آهن. توهان انهن کي ريڊار چئو يا ڪئبل چئو، اهو ڪئبل جو لفظ مون کي وري عربي جو لفظ حبل ياد ڏياري ٿو، جنهن کي توهان سنڌي ۾ رسي چئو ٿا. اهڙي طرح ائڊمرل لفظ به امير البحر جو بگاڙ آهي. پر هتي اهو بحث ڪونهي ته مسلمانن ڪهڙي ايجاد ڪئي ۽ ڪهڙي نه ڪئي، سوال آهي ته اڄ جو مسلمان ايجاد ڇو نٿو ڪري سگهي. ڇو يورپين جن ايجادون ڪيون آهن انهن کي خبر ڪونهي ته انهن ايجادن جو استعمال ڪيئن ڪجي، اهو فقط هڪ حقيقت جي وسارڻ ڪري آهي جيڪا ٻنهي وساري ڇڏي آهي. هيءَ سائنسي طريقو ڇو رواج ۾ آيو. عربن ڇو سائنسي طريقو شروع ڪيو ۽ان جو مقصد ڇا هو؟ انهن کي ان حقيقت ڏانهن ڪنهن راغب ڪيو؟ انهن جي سائنسي مشاهدي ڪرڻ جو مقصد ڇا هو ۽ ان جي حقيقي معنيٰ ۽ مقصد ڪهڙو هو. اهو مسلمانن مڪمل طرح وساري ڇڏيو آهي. يورپ اوڻويهين صدي تائين ڪونه وساريو هو، پر پوءِ طاقت جي نشي ۾ اچي وساري ڇڏيائون. اصل حقيقت اها هئي جيڪا ڪومپٽي آگسٽ (Compete August) اوڻيهين صديءَ جي شروعات ۾ چئي هئي. اها آهي مثبت سوچ (Positivism). هو سائنس جي ارتقا بابت ٻڌائي ٿو ته توهان ڪيئن علم طبعي کان شروعات ڪري سوشالاجي ڏانهن وڃو ٿا.

ڪومپٽي آگسٽ جيڪو فرينچ هو، چوي ٿو ته هاڻي معقول عقيدي وارا ڏينهن ختم ٿي ويا آهن. نئون دور اچي ويو آهي جنهن ۾ علم، عقل ۽ مشاهدي سان ڏسي وائسي حاصل ڪيو وڃي. تنهنڪري هاڻي پنهنجو وقت مذهبي جهڳڙن ۾ ضايع نه ڪريو. عربن وانگي باقاعدگي سان سائنسي علم حاصل ڪريو. هو ايجادون ڪندا ويا پر اڳتي هلي مقصد وڃائي ويٺا. ڇا اها ناڪامي مسلمانن ۽ يورپين ٻنهي جي هئي؟ اها مسلمانن جي پهرين هئي. توهان کي خبر آهي ته جڏهن انگريز هتي آيا ته اسان انهن جون بريون عادتون سکيون، پر اسان انهن جون سٺيون ڳالهيون ڪونه سکيون، اهڙيءَ طرح يورپين مسلمانن جون خراب عادتون سکيون.

توهان کي تعجب ٿيندو ته مسلمانن زوال واري زماني ۾ سائنسي مقصد ۽ طريقو ڇڏي ڏنو ۽ علم فلڪيات جي بجاءِ علم نجوم ۾ دلچسپي ورتي. انهن علم نجوم ان ڪري سکيو ته جيئن معلوم ڪري سگهن ته ڪهڙو وقت جنگ لاءِ صحيح آهي. هنن ان کي وڌيڪ اهميت ڏني، بجاءِ ان جي ته ڌرتي ڇا آهي ۽ مريخ ۽ مشتري ڇا آهن؟ هنن اهو سوچيو ته انهيءَ معلومات مان ڇا حاصل ٿيندو. اسان جو مقصد هجي ته معلوم ڪريون ته جيڪڏهن هن گهڙيءَ ۾ ڪو ڪم ڪجي ته نتيجو سٺو نڪرندو يا خراب نڪرندو، تنهن ڪري انهن فلڪيات کي ڇڏي علم جفر ۽ نجوم طرف توجه ڏنو. علم ڪيميا سان انهن ڇا ڪيو؟ آءٌچوان ٿو ته علم ڪيميا سان الڪوهل، الڪلائين ۽ بينزائن ۽ اهڙيون ٻيون دريافتون ٿيون ۽ انهيءَ سان بيمار لاءِ دوائون ۽ اهڙيون نيون ڪيميائي شيون معلوم ٿيون . اهو سڀ ٺيڪ هو، پر ان سان توهان يڪدم شاهوڪار نه پيا ٿي سگهو، پر جيڪڏهن توهان يڪدم شاهوڪار ٿيڻ چاهيو ٿا ته عام ڌاتو کي سون ۾ تبديل ڪرڻ جو نسخو حاصل ڪريو. تنهن ڪري ڪيميائي مشاهدن جي بجاءِ انهن الڪيميا تي زور رکيو ته جيئن ان جي ذريعي ٽامي ۽ پتل کي سون ۾ تبديل ڪري سگهجي. توهان کي جيڪڏهن ائين سون ملي وڃي ته پوءِ باقي ڇا گهرجي؟

توهان کي خبر آهي اسان وٽ صوفي آهن. مرشد هميشه انهن کي اها هدايت ڏيندو آهي ته بابا هاڻي توهان کي مون لطائف تي آڻي ڇڏيو آهي. توهان کي ذڪر ۽ فڪر سيکاري ڇڏيو آهي. هاڻي توهان نيون حقيقتون ڏسندا ۽ ڪشف ٿيندو ۽ توهان ۾ نئين قوت واڌ کائيندي. پر ان جو استعمال نه ڪجو. جيڪڏهن توهان ان قوت جو استعمال ڪيو ته اهو جوهر ختم ٿي ويندو. هر مرشد صوفيءَ کي اها هدايت ڪري ٿو پر صوفي ڇا ٿا ڪن. جيئن ئي ٿورو اها قوت ملي ٿي ته اهي ڪرامتون ڏيکارڻ شروع ڪن ٿا. اهي مختلف قسمن جو علاج ڪن ٿا، اهي ظاهر ڪن ٿا ته آءٌ توهان کي ننڊ ۾ سمهاري سگهان ٿو. آءُ هپناٽائيز ڪري سگهان ٿو. اهڙي طرح اهي ان قوت جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ نتيجو اهو ٿو نڪري، جو ان سڄي ڪمال واري قوت تي پردو اچيو وڃي ۽ انڌيرو ٿيو وڃي ۽ صوفي متو ختم ٿيو وڃي. اهو آهي مسلمانن جو حال. جن لاءِ علم ڪيميا ۽ علم نجوم سائنس ۽ جادو ٿي پيا. نيوٽن (Newton) جهڙي شخص به جادو ۽ نجوم سکيو، ڇاڪاڻ ته اهي تڏهن سائنسي علم هئا. تنهنڪري يورپ ۾ وڏيون لئبارٽريون به سون جي تلاش ۾ هيون. انهن ٻيو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو. اهڙي طرح لالچ ۾ اچي بگڙيل بداخلاق انسانيت اصلي مقصد وساري ڇڏيو، جنهنڪري انڌيرو ٿي ويو.

مسلمانن جنهن اصلي مقصد سان مشاهدو شروع ڪيو، اهو ڪٿان آيو، اها يورپين کي خبر هئي. مون انهن جي هڪ وڏي ليکڪ جي تصنيف ڏٺي آهي هو چوي ٿو ته اسان ڪڏهن به سائنس جي دعويٰ نٿا ڪري سگهون. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اهي دريافتون مسلمانن ڪيون ۽ اسان کي انهن ڏانهن متوجه ڪرايو. جيڪڏهن اسين ڪا سائنس پنهنجي چئي سگهون ٿا ته اها باٽني (نباتات) آهي ڇو ته ان جي باري ۾ انجيل ۾ اشارو ملي ٿو. جنهن ۾ حضرت عيسيٰ " جو فرمان آهي ته انهن سوسن جي گلن کي زمين تي ڏسو، اهي حضرت سليمان (Soloman) کان وڌيڪ شاندار نموني سان پکڙيا پيا آهن. هو چوي ٿو ته ان سبب جي ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته علم نباتات اسان جي سائنس آهي پر ٻي ڪنهن سائنس لاءِ اسان وٽ ڪو جواز ڪونهي.

پر هتي هڪڙو وڏو فرق آهي. هتي (قرآن ۾) فطرت جي مشاهدي ڪرڻ لاءِ مشورو ڏنل ڪونهي، پر مذهبي حڪم آهي ته مشاهدو ڪريو. ان حڪم ئي عربن کي مشاهدي ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. اها فقط نصيحت ڪونه هئي. ڇو ته قرآن شريف ۾ تمام ننڍڙن جيتن جي نالن سان مڪمل سورتون نازل ٿيون، ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي ۽ ڪوريئڙي فطرتي مشاهدي جي جاءِ ورتي. اهو ٻڌايو ويو ته ماڪوڙي حضرت سليمان " تان کلي هئي، ڇو ته هن کي وڌيڪ معلومات هئي. اهو قرآن جي سورتن جو اڻ سڌو نه پر سڌو حڪم آهي ته حقيقتن جو مشاهدو ڪريو، جيڪي توهان کي الله تعاليٰ جي طرف وٺي وينديون. ان ڪري مسلمانن حقيقتن جو مشاهدو ڪيو ۽ سائنسي طريقا استعمال ڪيا، نه فقط ايترو پر هنن تاريخ ۽ آرڪيالاجي کي به مذهبي سائنس قرار ڏنو.

هاڻي اها حقيقت مسلمانن کان بلڪل گم ٿي وئي آهي ۽ يورپ جنهن جي پڻ طويل تاريخ آهي، ان کان به گهڻو پري ٿي چڪو آهي. منهنجي هڪ دوست محمد بن قاسم تي مضمون موڪليو آهي، جيڪو حيدرآباد دکن جي اسلامي ڪلچر رسالي ۾ ڇپيو آهي. مون اهو مضمون ڏٺو پئي. منهنجي ٻئي ڀاءُ جنهن تازو هينئر تقرير ڪئي آهي هن پڻ تاريخ تي ڪافي لکيو آهي. مون يورپين جي لکيل تاريخ به پڙهي آهي. مون فطرت جي تاريخ به پڙهي آهي. مسلمان ڇو نٿا ترقي ڪن. ان جو ڪهڙو سبب آهي.

هڪ عرب مصنف لکي ٿو ته جهڳڙو ان ڪري شروع ٿيو، جو حضرت امير معاويه اسلام دير سان قبول ڪيو. تنهنڪري ان کي سمجهي نه سگهيو، ان ۾ تعجب ڪونهي ته ابو سفيان جي خاندان گهڻو ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو.

محمد بن قاسم سترهن سالن جو ڇوڪرو ايران جي طويل رستي کان ٿيندو اچي، سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ ملتان، سرحد بلڪه افغانستان جي سرحدن تائين وڃي ٿو. پر ان جو صلو هن کي ڇا ٿو ملي! ٽن سالن کانپوءِ خليفو تبديل ٿئي ٿو ته ذاتي انتقام ۽ دشمني جي باهه ڀڙڪي پوي ٿي ۽ محمد بن قاسم کي گهرائي اذيتون ڏئي ماريو وڃي ٿو. اها به سائنسي ايجادن سان گڏ مسلمانن جي تاريخ آهي.

اسپين ۾ ڇا ٿيو! طارق جي باري ۾ توهان پڙهيو آهي ته جڏهن آفريڪا ۾ جبل الطارق يعني جبرالٽر وٽان سمنڊ پار ڪري ٻيڙيون ساڙي ڇڏي ٿو ۽ جيئن ئي خليفو موسيٰ اچي ٿو ته طارق کي گهرائي جيل ۾ بند ڪري ٿو ۽ جڏهن وري بغداد جو خليفو موسيٰ جي باري ۾ ٻڌي ٿو ته کيس گهرائي بي عزتو ڪري جيل ۾ وجهي ٿو. سسليءَ ۾ به ساڳيو حشر ٿئي ٿو جيڪو مسلمانن جي تاريخ ۾ تمام شاندار دور هو.

مسڪين امير حسن صديقي ڪجهه وقت اڳ هڪ مضمون ”هسٽاريڪل پاڪستان ريويو“ ۾ لکيو هو، جيڪو پڙهڻ جي لائق آهي. انهيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مسلمانن کان عباسي خلافت ڪيئن وئي، تان جو ڪن هٿان ان جو خاتمو ٿيو. اهڙي طرح تاريخ جا اهي ورق ڪنڌ مٿي کڻي پڙهڻ جا ڪونه آهن. اها لاپرواهي نه هئي، پر حسد، تنگ نظري ۽ انڌائپ هئي، جنهن ۾ قرآن کي وساريندي، زندگي جي مقصد کي وساريندي، مسلمان سائنس، فلسفي ۽ تاريخ جي پارکن مان گھٽجي اچي ٻڙي تي پهتا، اهي سياسي طرح پڻ پراڻي ڪهاڻي آهي. اهي انهن جا پنهنجا افعال هئا، جن انهن کي ٽئين درجي جو شهري بنائي ڇڏيو. انهن کان اسپين، سسلي ۽ بغداد ۽ دينا جو اڌ نه وڃي ها جيڪڏهن هنن کي اهو احساس هجي ها ته اهي ڇا هئا. مون وٽ وقت ڪونهي جو توهان کي ٻڌايان ته آرڪيالاجي ڇا آهي ۽ ڪيئن وجود ۾ آئي. تاريخ سائنس جي حيثيت ۾ ڪيئن وجود ۾ آئي، پر ٿوري وقت لاءِ منهنجي ڳالهه تي يقين ڪريو ۽ زندهه رهيس ته توهان کي صاف صاف ٻڌائيندس ته انهيءَ سموري حقيقت جو ذميوار هڪ ڪتاب آهي، جنهن کي توهان قرآن ڪريم چئو ٿا، جيڪو سڌو سنئون ذميوار آهي مسلمانن جي سائنسي ترقي ۽ واڌاري جو، پر جيڪي غلطيون ڪيون اٿن، اهو انهن جو پنهنجو عمل آهي ڇاڪاڻ ته انهن بعد ۾ قرآن تي توجه نه ڏنو ۽ الله تعاليٰ کي وساري ڇڏيو.

حضرت سليمان " فقط ٿوري گهڙيءَ لاءِ دنيا جي محبت ۾ گرفتار ٿيو، پر پوءِ يڪدم موٽ کائي چيائين ته مون دنيا جي چمڪ ۾ اهو سڀڪجهه وساري ڇڏيو، جيڪو مون کي وسارڻ نه گهربو هو، پر مسلمانن کي اها سوچ ڪونه آئي ته ان طرف انهن کي ڪنهن راغب ڪيو ۽ سندن مقصد ڇا هو؟

دريافتون ننڍڙي ڳالهه آهن. اهي شمار ڪرڻ جهڙيون ڪونه آهن، اها محض ايجاد ڪونهي، جيڪا مسلمانن دنيا ۾ آندي. اصل ۾ اها نئين انقلابي روشني هئي، جيڪا دنيا ۾ آئي، جنهن زندگيءَ جا نوان قدر ۽ نوان طور طريقا آندا ته ڪيئن زندگي بسر ڪجي. هنن اها شيءَ آندي، باقي ٻيو سڀ اڻ سڌو اثر هو. اصل مقصد هو ته زندگي ڪيئن گذارجي. اهو سڀ ڪجهه ان ننڍڙي ڪتاب ۾ موجود آهي، جنهن ۾ اٽڪل ڇهه هزار آيتون آهن، انهن ڇهه هزار آيتن، لکين ٻيون آيتون پيدا ڪيون. مسلمانن جي مطالعي لاءِ ”اِنَّ فِيْ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَاخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّھَارِ لَاٰيٰتٍ لِّاُولِي الْاَلْبَابِ“ (190:3) آيو يعني ته بيشڪ زمين ۽ آسمان جي تخليق ۾ سمجهه وارن لاءِ نشانيون آهن. ڇا توهان انهن جو مطالعو نٿا ڪريو. اهو ان جو حڪم آهي. هو انهن آيتن جي پڙهڻ جو ثمر هو، جنهن ڪري اڻ سڌي طرح اهي معمولي دريافتون ٿيون، جيڪي تمام ننڍڙيون حقيقتون آهن، اهي باهه جا گولا اُڇلائيندڙ منيقون جيڪي عربن ٺاهيون، تمام ننڍڙيون شيون آهن، پر نئين روشني، نئين لکڻي، نئون ڪاغذ ۽ مس ۽ پڙهڻ جنهن بابت قرآن رهنمائي ڏني، اهو سڀ عربن کان شروع ٿيو. اهو علم رياضي جو مطالعو هو، جنهن تي سڄي ڪائنات جي بناوت منحصر آهي. جيستائين توهان علم رياضي نه سکندا، تيستائين ان کي سمجهي نه سگهندا. تنهنڪري مسلمان عالمن لاءِ علم رياضي سکڻ بلڪل ضروري ٿي پيو. ڪو به عالم ايستائين قدر وارو نه ليکيو ويندو هو، جيستاءِ علم رياضي نه سکندو هو. رياضي کانسواءِ هو پڙهيل لکيل نه سمجهيو ويندو هو. نتيجو اهو نڪتو جو مسلمانن اهو معلوم ڪري روتو ته ڌرتي ڇا آهي. قرآن شريف اڳيئي فرمائي ڇڏيو هو ته ڌرتي هڪ گروهه آهي. قرآن شريف ان لاءِ اهڙا اشارا ڏئي ڇڏيا آهن ته مطالعو ڪيئن ڪجي ۽ ڪهڙو طريقو استعمال ڪجي. مسلمان انهن طريقن ۽ اشارن جي ذريعي اڳتي وڌيا. ڇا انهن نباتات کان وٺي انسان تائين مطالعو نه ڪيو؟ ”خلقکم من تراب ثم من نطفة ثم سواڪ رجلا. خلقکم اطوارا“ نه فقط ايترو پر ”لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَنْ طَبَقٍ“ (19:84)

قرآن هزارين اشارا ڏي ٿو ته انسان مٽيءَ مان ڪيئن پيدا ٿيو يعني ”انبتکم من الارض نباتا“. مون توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي، جيئن نباتات پيدا ڪيم. اهڙي طرح ارتقا جو تفصيلي جواز مهيا ڪيو ويو آهي. هاڻي مسلمان چون ٿا ته اهو غير اسلامي آهي. اهو غير اسلامي ان ڪري آهي جو هن وقت مسلمان ڪٿي آهن. بيشڪ اها اسلامي تاريخ غير اسلامي ٿي پئي آهي.

خدا جي واسطي ان کي غير اسلامي نه چئو اسلامي تاريخ اڃان لکي ويندي. اها مسلمانن جي تاريخ ڪونهي. اها بلڪل مختلف آهي اها تاريخ جنهن ۾ قرآني فڪر آهي. مسلمانن جي تاريخ جيئن مون چيو ته اها ڏک ڀري ڪهاڻي آهي. مسلمانن پنهنجي زندگيءَ کي گذريل دور ۾ موٽائي ان کي ڪهڙو نه ڏکوئيندڙ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو هو ته ائين نه ڪريو، آخري الفاظ جيڪي پاڻ فرمايائون ته توهان پنهنجا خوني جهڳڙا وساري ڇڏيو. پر ڇا انهن کي هنن وساري ڇڏيو؟ اسان جو پروفيسر ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته حجاج سان خليفي جو وير وٺڻ اهو خوني انتقام نه آهي ته ٻيو ڇا آهي، اهو حضور ﷺ جن کان هڪ اڌ صديءَ پوءِ جو واقعو آهي، گويا وري ايام جاهليت جو دور آيو ۽ ان حد تائين وڌي ويوجو کين ته ختم ڪيائين پر سندن سائنس کي به ختم ڪيائين.

يورپ وارا ڪوڙ لکي سگهن ٿا، ڇو ته هتي ڪو به اهڙو مسلمان ڪونهي جيڪو انهن کي ان ڪوڙ جو جواب ڏي. جيڪڏهن مسلم دنيا ۾ رڳو ڏهه عالم هجن ها ته يورپ وارا اهڙا بي وقوف ڪونه آهن، جو اهڙيون ڳالهيون لکن ها، اهي شرمسار ٿين ها. پر انهن کي خبر هئي ته مسلمانن ۾ ڏهه عالم به ڪونهن، جيڪي هنن جي ان ڪوڙ جي نشاندهي ڪن. اهي سچ ڇو لکن. اهي چون ٿا ته اهو اسان جو فرض ڪونهي ته مسلمانن کي ٻڌايون ته توهان اسان کي ڇا ڇا نه سيکاريو آهي. اهي ڀلي انڌيري ۾ هجن. اهو سندن فرض آهي.

هن قوم پرستيءَ جي شڪار واري دور ۾ ٻئي جو مخالف ان کي ڇو ٻڌائيندو ته توهان ئي هيءُ سڀ ڪجهه ڪيو آهي. هو ٻئي کي ڇو مضبوط ڏسڻ پسند ڪندو. هو اهو سوچيندو ته ٻيو ڀلي اوندهه ۾ رهي.اها منهنجي جوابداري ڪونهي ته هر ڳالهه کي روشن ڪريان، تنهنڪري اسان مسلمانن تي الزام ڪونه ٿا هڻون. ابن خلدون تاريخ لکي جيڪا مسلمانن لاءِ مذهبي سائنس وانگر آهي. پر پوءِ اها به ديون پرين جي آکاڻي بنجي وئي ۽ هينئر ان کي پنج صديون ٿي چڪيون آهن. پهرين هر حقيقت کي ان جي سچائي جي پسمنظر ۾ ڏسبو هو، عقل سان مشاهدو ڪبو هو ۽ پوءِ ان جو صحيح رڪارڊ رکبو هو، ٻيءَ حالت ۾ تاريخ ڪونه لکي ويندي هئي، جيئن اسلام کان اڳ جي دور ۾ ماڻهو قصا ۽ ڏند ڪٿا ڪهاڻيون لکندا هئا. صرف مسلمانن هر شيءَ کي سائنسي طريقي مطابق شروع ڪيو. صحيح ۽ مڪمل مشاهدي سان جڏهن حقيقتن جي مڪمل تصديق ٿي ويندي هئي ۽ اها ٽن مختلف طريقت سان تصديق ڪئي ويندي هئي. قرآن شريف ۾ اهڙ واشارو ڏنل آهي ته هر شيءِ جي ٽي دفعا تحقيق ڪريو. ”فَارْجِعِ الْبَصَرَ ۙ هَلْ تَرٰى مِنْ فُطُوْرٍ ثُمَّ ارْجِعِ الْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ“ (ملڪ: 4) يعني ان کي پهرين هڪ ڀيرو ۽ پوءِ ٻه دفعا ڏسو، ان کانپوءِ صحيح حقيقت رڪار ڪريو. اهو سڀ ڪجهه مڪمل طرح وساريو ويو. اقتدار جي پويان لالچ ۽ ذاتي انتقام ۽ خود غرضي جي پويان ڊوڙ شروع ٿي وئي آهي. جيتوڻيڪ الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان قوم هر برائي کي منهن ڏئي سگهي پئي.

مسلم قوم ۾ ڪيتريون سٺيون خوبيون هيون، جيڪي هن يورپ ۽ ايشيا کي مفت ۾ ڏئي ڇڏيون، جن جو اڃان تائين ذڪر ڪيو وڃي ٿو ۽ ذڪر جهڙيون آهن، انهن ڌارين سان ڪڏهن به وعده خلافي نه ڪئي، مثلاً اهو وقت هو جڏهن جو مسلمان پڪاريندا هئا ته ”لا غالب الااللّٰه “ الله تعاليٰ کانسواءِ ڪو به انسان تي غالب نٿو ٿي سگهي. اهو مڪمل اونداهو دور ڪونه هو، ڇو ته ٻي حالت ۾ اهي هزار سالن تائين بقا نه ڪري سگهن ها. تڏهن ڪافي روشني هئي. پر اڪثر اقتدار جي انڌيري ۾ به رهندا هئا. البت ڪڏهن عبدالرحمان ظاهر ٿيندو هو يا ڪڏهن عمر بن عبدالعزيز ظاهر ٿيندو هو جيڪو اهو سڀ ختم ڪندو هو، جيڪو کانئن اڳ ڪن بي وقوفن ڪيو هو، پر اڪثريت انهن مان اقتدار جي پويان هئي جيئن اڄڪلهه ڏسون پيا.

پر هتي آءٌ هڪ ڳالهه ضرور چوندس ته جنهن شيءِ کي سائنسدانن، تاريخ دانن، سياستدانن، ۽ حڪمرانن مڪمل وساري ڇڏيو، اهو هو قرآن شريف، جنهن کي هر وقت وساريو ويو آهي، اهو جيڪي ڪجهه قرآن ۾ آهي سو معمولي ڪونهي. قرآن ۾ فرمايل طريقا ۽ ڏنل اشارا هڪ انڌي انسان لاءِ ڪافي چٽا ۽ صاف آهن، توهان اڄ به جيڪڏهن انهن تي عمل ڪريو ته اهي شيون ايجاد ڪري سگهو ٿا، جنهن جي ڪنهن کي به خبر ڪونهي. پر ان ڪتاب کي بلڪل وساري ڪنهن ڪنڊ ۾ رکيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسين پڇي رهيا آهيون ته ڇا اسان کي سائنس سکڻ گهرجي؟ سائنس دنيا ۾ مونجهارو پيدا ڪيو آهي، سائنس مذهب جي خلاف آهي. اهي سوال ڏسو! آءٌ جڏهن اهي الفاظ ٻڌان ٿو ته چوان ٿو ته اي منهنجا الله! ڇا آءٌ سياڻن جي دنيا ۾ آهيان يا اياڻن جي دنيا ۾ رهان ٿو. ڀلي اهي آمريڪا، يورپ يا ايشيا ۾ رهندڙ ڇونه هجن، پر چرين ماڻهن جو هڪ انبوهه چئي رهيو آهي ته اسلام ۽ سائنس متضاد آهن. سائنسي ڄاڻ رکندڙ شخص کي معاشري مان ڪڍي ڇڏجي وغيره. اهو ڇا ٿو ڳالهايو وڃي؟ حضور ﷺ جن سائنس ۽ عقل جي تائيد فرمائي هئي. قرآن سائنس ۽ عقل تي وڌ ۾ وڌ زور ڏنو آهي، جيئن قرآن فرمايو آهي ته ائين ڪريو جيئن اسين ڪريون پيا. اوچتو فلڪيات مان نجوم ڏانهن هليا وڃو ٿا. ائين ڪرڻ سان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. توهان کي علم ڪيميا ڏانهن وڃڻو پوندو ۽ الڪيمي يعني سون ٺاهڻ وارو علم ترڪ ڪرڻو پوندو، قرآن ۾ حڪم آهي حتي ياتيڪ اليقين يعني جيستاءِ توهان کي يقين ٿئي. توهان ڏينهن جي روشني ڏٺي آهي، ان سان ئي يقين اچي ٿو. يعني واعبد سان اڳتي وڌو، ته جيئن توهان ۾ پڪو يقين پيدا ٿي وڃي، جنهن کي توهان وساري ڇڏيو آهي. وڌيڪ چيو ويو ته ”واللّٰه مع الصابرين“ ۽ الله تعاليٰ صبر ڪرڻ ورن سان گڏ آهي. تنهنڪري پنهنجي ذهن کي استقامت ڏيو. اصل ۾ قرآن جيڪو معيار ۽ گڻ ذهن نشين ڪرايو، اهو وساريو ويو آهي. بدقسمتي سان علم سکڻ قرآن جي اطاعت لاءِ نه پر معمولي احمقانه مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ رائج ٿي ويو. جيئن اڄ به اقتدار يا پئسا حاصل ڪرڻ لاءِ انسان انسان کي ماري ٿو ۽ اهو خفقان جاري آهي جيڪو شروع ٿيو هو. اها پراڻي تاريخ آهي جيڪا ڇهن ستن صدين کان وڌيڪ جاري آهي. جادو اڃان مختلف طريقن سان جاري آهي. هر ڪو سوچي ٿو ته آءٌ جادوگر ٿيان ۽ ماهر نجوم ٿيڻ چاهيان ٿو. توهان بيشڪ جيڪي چاهيو ٿي سگهو ٿا پر اها سائنس ڪونهي، اهو قرآن ڪونهي، اها روشني ڪونهي بلڪه اونداهي آهي.

هڪ دفعو قرآن ڏانهن وري تفصيل سان ڏسو، توهان کي خبر پوندي ته ڪيئن مطالعو ڪجي! ڇا مطالعو ڪجي ۽ ان جا فائدا ڪهڙا آهن؟ توهان کي ان جو مطالعو ايجادن ۽ معمولي شين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪرڻو ڪونهي، پر ڪا وڏي حقيقت ان مطالعي سان حاصل ڪري سگهجي ٿي. توهان کي انسان نه پر انسان کان وڌيڪ ٿيڻو آهي توهان کي اهو ڏسڻو آهي جيڪو ڏسڻ گهرجي ۽ جيڪو توهان ڏسي نٿا سگهو. اهو سڀ ان مطالعي جي ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو. پر اهو سڀ وساريو ويو آهي. اصل مقصد هوا ۾ اڏامي ويو آهي. الڪتاب کي مٿي احترام سان سانڍي رکيو ويو آهي ۽ مسلمان اتي ئي آهن جتي هئا.

هاڻي اها وڌيڪ ڪم جي ڳالهه ڪونهي جو آءٌ مسلمانن جي وڌيڪ دريافتن جو بيان ڪريان ته انهن ڇا ڪيو. جديد دور جي انسان ڪا نئين شيءِ پيدا ڪونه ڪئي آهي. فقط اهو ڪجهه جيڪو اڳي هو، ان کي جاري رکيو آهي چاهي انتظامي امور، سياست، سائنس يا فلسفو هجي. اهو سڀ هڪ قسم جو تسلسل آهي، ڪا به نئين شي ايجاد ڪونه ڪئي وئي آهي. پر اهو سڀ ڪجهه ڪهڙي ڪم جو. اهو هڪ مسلمان جي ڪهڙي ڪم جو آهي جو دعويٰ ڪري ته ”پدرم سلطان بود“ منهنجو پيءُ بادشاهه هو. ان سان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. منهنجو پيءُ جيڪي هو، اهو هاڻي ڪونهي. مونکي پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو. آءُ جيستائين انهن قدرن کي زنده رکان، زندگيءَ جي معيار کي زنده رکان، صراط مستقيم تي هلان، ان کانسواءِ آءٌ ڪيئن پاڻ کي سٺو سڏائي سگهان ٿو. فقط پدرم سلطان بود سان مسئلو حل ڪونه ٿيندو. عربن جيڪي حاصل ڪيو. ان مان مون کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، هڪ ڳالهه گهٽ ۾ گهٽ مڃڻ گهرجي ته جيڪي ڪجهه انهن ٿورو گهڻو حاصل ڪيو اهو ان جو سئوڻون حصو به نه آهي جيڪڏهن هو الڪتاب کي اڳيان رکن ها پر اهو انهن وساري ڇڏيو.

آءُ هتي عالم ڏسي رهيو آهيان جيڪي قرآن جو مطالعو شروع ڪندا ۽ اسان کي ٻڌائيندا ته اها ارتقا قرآن ۾ بيان ڪيل آهي نه ڪه عربي ڪتابن ۾ قرآن ڪهڙا اقدار بيان ڪيا آهن؟ اهو تاريخ جي مطالعي لاءِ ڪيئن رهنمائي ڪري ٿو؟ اهو علم رياضي سکڻ لاءِ ڪيئن سڌي طرح اشارو ڏي ٿو. اهو علم سکڻ لاءِ ڪيئن رهبري ڪري ٿو؟ آءٌ اهڙو عالم توهان مان ڏسڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن ڪو ڪوشش ڪري ته ائين ڪري سگهي.

قرآن بلڪل کليل ۽ پڌرو ڪتاب آهي. ان ۾ ڪا به مخفي ۽ ڳجهي ڳالهه ڪونهي، ان لاءِ ڪا به نئين شرح ۽ نوان اشارا گهربل ڪونهن، اهو چٽو ۽ صاف ڪتاب آهي. پر ڪوبه ان کي پڙهي ۽ انهي باري ۾ سوچي نٿو. جيستائين دنيا وارا ان ڪتاب جي پوئواري نه ڪندا ته صحيح راه تي نه ايندا. هڪ عظيم انسان گوئٽي جيڪو جرمن هو، ان يورپ وارن ۽ اسان جي مسلمان مفسرن کي هڪ سٽ ۾ مشورو ڏنو آهي، اها قرآن جي هڪ سٽ گوئٽي پرائي هئي ۽ چيائين اهو محمد ﷺ جن جيڪو رستو ڏيکاريو آهي، اهو ”واعبد ربک حتي ياتيک اليقين“ ۾ آيل آهي اهو يقين اسان جي مفسر جي سمجهه ۾ معين موت آهي، پر اهو ائين نه آهي. اهو ايمان ڪامل آهي، جيئن گوئٽي سمجهيو هو، ان تي قائم رهو ۽ بيشڪ الله تعالي صبر ڪندڙن سان گڏ آهي. هن اها نصيحت يورپ وارن کي ڪئي، ان ڪري هن لاءِ ميٿيو آرنولڊ چوي ٿو ته هيءَ يورپ جو عظيم ڏاهو آهي. هو يورپ وارن کي مرض جي هنڌ جي نشاندهي ڪري چوي ٿو ته مرض هتي آهي. الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو اهو هڪ جرمن ڄائو اونداهيءَ مان ڪڍي سندن رهبري ڪري ٿو. گوئٽي جا اهي لفظ ساڳي طرح انگلينڊ ۾ ڪارلائل ورجايا. “اهو عرب شخص جنهن کي توهان محمد ﷺ چئو ٿا، جيڪڏهن اسلام جي اها معنيٰ ٻڌائي ٿو ته پوءِ اسان اڳيئي اسلام مطابق زندگي گذاريون پيا. ڇا اسين ٻئي ڪنهن نموني جي سگهون ٿا؟ هن اهو يورپ وارن کي چيو هو، پر هڪ دفعو وري يورپ بي اعتقادي جو شڪار آهي، پر جيئن مون چيو ته اقتدار انڌو ڪري ٿو تنهن ڪري نئين حڪيم ۽ ڏاهي انسان جي ضرورت آهي.

هتي موجوده حضرات مان پنج سيڪڙو به مطمئن ڪونه آهن ته هي ملا پراڻي ڪتاب بابت اجائي ڊيگهه پيو ڪري. ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪجهه سچ هجي. مون کي نتيجي جي خبر آهي. ڇا اهو پراڻو ۽ وقت کان خارج ڪتاب آهي؟ ليڪن هڪ ڳالهه ۾ اهو وقت مطابق آهي جو فرمائي ٿو ته وقت اچي پيو جو ماڻهو چوندا ته اي الله! هي ڪتاب وقت کان خارج آهي. ”يارب ان قومي اتخذوا هذا القرآن مهجورا“ اها ڳالهه وقت سان مطابقت رکي ٿي. ماڻهو ڀلي چون ته اهو وقت گذريل سان گڏ ڪتاب آهي. پر اهو هرگز خارج از وقت ڪتاب ڪونهي. هتي آءُ ان ذات جو قسم کڻان ٿو، جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي ته هن ۾ اهي حقيقتون موجود آهن، جيڪي مشرق توڙي مغرب ۾ ٻئي ڪنهن ڪتاب نه آهن. آءٌ انسان ذات لاءِ دعويٰ ٿو ڪريان ته ان ڪتاب کان سواءِ ٻيو ڪتاب ڏيکاريو. پر ان کي ڏسڻ لاءِ اکيون گهرجن. جيڪي ڪجهه توهان تيرهين صدي ۾ ڏسي رهيا آهيو. اهو ان جي برڪت آهي. پر ان ۾ ڏهه هزار حقيقتون وڌيڪ سمايل آهن جيڪي اڃان ڪنهن شخص نه ڏٺيون آهن. اهي حقيقتون اهي ڏسي سگهندا جن کي اهي اکيون هونديون. ان کي ڏسي وري ڏسڻو آهي ”واعبد ربڪ حتيٰ ياتيڪ اليقين“ بتدريج وقت ايندو پر اهو يڪدم نه ايندو.

هاڻي آءٌ توهان جو وڌيڪ وقت ضايع ڪرڻ نٿو گهران. منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو! آءٌ پوڙهو ۽ خارج الوقت آهيان. آءٌ بلڪل بيڪار ماڻهو آهيان، ڇو ته آءٌ نه ڪميونزم نه سوشلزم، نه سياست ۽ نه ملڪي مسئلن بابت ڳالهيان ٿو، مون کي خبر نه آهي ته توهان پنهنجو وقت ڇو ضايع ڪريو ٿا! هتي ٻيو ڪجهه نه، رڳو ’ملا ازم‘ تي ڳالهايو وڃي ٿو جيڪو مدي خارج ۽ فضول آهي! الله تعاليٰ جي توهان تي رحمت هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org