سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو :1

معيارِ سالڪان طريقت

تاليف: مير علي شير قانع ٺٽوي

 

ڇپائيندڙ پاران

 

        ٻارهين صدي هجريءَ جي هڪ وڏي اديب، شاعر ۽ مؤرخ مير علي شير ”قانع“ جي هڪ اهم فارسي تصنيف ”معيار سالڪان طريقت“ جيڪا ”مقدمي“، ”قانع“، ”معيارن“ ۽ ”خاتمي“ تي مشتمل، آهي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ اَهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿي، تنهن کي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪندي هڪ اهم ذميواريءَ کان آجي ٿيڻ جي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي.

        ان جو هڪ عڪسي نسخو مخدوم سليم الله صديقي جن همدرد يونيورسٽي کان ورتو. ان فارسي نسخي جو سنڌي ترجمو ڪرايو ويو. جنهن تي ٿوري ئي وقت ۾ مخدوم صاحب مقدمي ۽ حواشيي سان سينگاري تحقيق ڪندڙن لاءِ بنياد فراهم ڪيو آهي.

        قانع سنڌ ۾ مغلن جي زوال وارن ڏينهن ۽ ڪلهوڙن جي آزادي واري زماني کان وٺي ٽالپرن جي صاحبيءَ جي ايامن ۾ ڪيترن ئي صوفين ۽ بزرگن سان مليو. سندس خاندان جو نقشبندي سلسلي ۾ بيعت هجڻ پڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو صوفين جا گهڻا معتقد ۽ مريد هئا. پنهنجي دور کان علاوه هن پهرئين صدي هجريءَ کان وٺي الڳ الڳ معيارن تحت پنهنجي دور يعني ٻارهين صديءَ تائين جي عالمن ۽ بزرگن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيو آهي.

        سنڌي ادبي بورڊ جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته سنڌ جي عالمن سڳورن ۽ بزرگن جي ڪاوشن کي انهن جي اصل صورت ۾ يا سنڌي ترجمي کي شايع ڪجي. جيئن اها تصنيف ايندڙ نسلن تائين پهچي سگهي.

 

ڄام شورو سنڌ                                         پروفيسر سيد زوار حسين شاهه نقوي

سومر 19 رمضان المبارڪ 1431هه                                  سيڪريٽري

بمطابق 30- آگسٽ 2010ع                              سنڌي ادبي بورڊ

 

 

مقدمو

قديم مذهبي ڪتابن ۾ جزوي طور انساني تذڪرا موجود آهن. پر مقصد مختلف هئڻ سبب انهن کي محض تذڪره جو نالو نه ٿو ڏئي سگهجي. سينه به سينه روايتون، اسرائيليات. جنهن کان هڪ وک اڳتي اسماء الرجال ”تذڪره“ جون ارتقائي منزلون چئي سگهجن ٿيون.

اسلام کان اڳ جي مذهبي ڪتابن کي ڇڏي جيڪڏهن عربن جي تحريرن کي ڏسجي ته هنن جو وڏو ڪارنامو انساب جي علم کي مستقل ۽ الڳ صنف طور دنيا سامهون آڻڻ آهي. عربن ۾ ان فن جا وڏا ڄاڻو ٿي گذريا آهن. جن کي پيڙهين جون پيڙهيون ياد هونديون هيون. انهن شجرن ئي وڏين شخصيتن ۽ مشاهيرن جا اهم واقعا ياد رکڻ لاءِ رستو کوليو. جن کي وقت گذرڻ سان اهميت پٽاندر مدون ڪيو ويو.

انساني تاريخ قومن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ، تاجپوشي، شاهي فرمان ۽ اقتدار جي جنگ سان رنگي پئي آهي. ان جي برعڪس عوام جي تاريخ ۽ عام انسانن جي رهڻي ڪهڻي متعلق مواد ڳوليون ٿا ته اسلام کان اڳ جي دور ۾ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي. پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي سوانح ۽ سيرت، اصحابن جا معاملات، ۽ صوفيا جي اٿڻي ويهڻي کي اسين بادشاهن جي تاريخ نه ٿا چئي سگهون. اسلامي انقلاب کانپوءِ ”اسماء الرجال“ جي فن دنيا کي هزارين انسانن جي سوانح محفوظ ڪرڻ سيکاريو. جنهن اڳتي هلي ملفوظات ۽ تذڪرن کي پڻ بنياد فراهم ڪيو.

 حضرت امير معاويه رضي الله عنہ جي همعصر مصنف بادشاهن جا حالات ڪتاب ”اخبار الملوڪ والماضئين“ ۾ تحرير ڪيا. جنهن بعد ابوعبيده، بمرد، هشام، ڪلبي، قاضي ابوالبختري، ابن هشام وغيره جا  نالا ملن ٿا. انهن ڪتابن کي عام طرح تاريخ جا ماخذ ۽ تاريخ تي لکيل ڪتاب سمجهيو ويو، ان جي باوجود جو منجهس بادشاهن کانسواءِ مشاهيرن جا تذڪره به شامل هئا، ان کان هڪ وک اڳتي وڌي مسلمانن پنهنجي مشاهيرن جا الڳ ڪتاب ترتيب ڏيڻ شروع ڪيا.

صديون پوءِ حاجي خليفه ﷥ ان سلسلي کي ارتقا جي هڪ منزل طئه ڪندي ”ڪشف  الظنون“ تحرير ڪيو. جنهن ۾ هن اسماء الرجال سان گڏ ڪتابن جا نالا ۽ سن پڻ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ دوران مختلف تاريخون تحرير ٿيون جن ۾حوالن طور مشاهيرن جو ذڪر ٿيندو رهيو. پر ابوعبدالرحمٰن محمد بن الحسين نيشاپوري 413 هه جي طبقات الصوفيه،ابونعيم احمد بن عبدالله اصفهاني 430 جي حليته الاوليا، ابوالقاسم عبدالڪريم بن هوازن القشيري نيشاپوري المتوفي 465هه جو رساله قشيريه - تذڪرن جي ابتدائي پر بهتر صورت وٺي سامهون آيا. رساله قشيريه جي شروع ۾ صوفين جا عقيدا بيان ڪيا ويا آهن. جڏهن ته آخر ۾ 83 مشاهيرن جا حالات قلمبند ٿيل آهن.

تذڪرا گهڻو ڪري مشاهيرن، بزرگن، اولياء الله ولي ڪاملن ۽ عالمن سڳورن جي احوال سان مزّين ٿين ٿا. جڏهن ته ملفوظات ڪنهن بزرگ جي روحاني رمزن، بلند ڪرداريءَ جي مثالن، گفتن ڪرامتن، مڪاشفن، نصيحت ڀريل نڪتن تي مشتمل اهي تحريرون ٿين ٿيون، جيڪي ڪو مريد يا معتقد پنهنجي  رهبر متعلق سڌو سنئون يا هِتان  هُتان ٻڌي گڏ ڪري ٿو. ڪي اهڙيون تحريرون به آهن، جيڪي تذڪري سان گڏ ملفوظات جو مقصد به پورو ڪن ٿيون. انهن کي محض تذڪره يا ملفوظات جو نالو نٿو ڏئي سگهجي، ڇو جو اهي ٻئي مقصد سامهون رکي تحرير ٿيل آهن.

ننڍي کنڊ ۾ حضرت ابوالحسن علي بن عثمان بن علي جلابي والهجويري المعروف ”داتا گنج بخش“ المتوفي 470 هه ڪشف المحجوب تحرير ڪيو. هن ۾ صوفين جي عقيدن سان گڏ سندن احوال پڻ تحرير ڪيو ويو.

انهن کان هڪ قدم اڳتي ستين صدي هجريءَ جي تذڪرة الاوليا مؤلف حضرت فريد الدين عطار نيشاپوري وڏي شهرت ورتي. جنهن ۾ 97 صوفين جو ذڪر آهي. جنهن کانپوءِ 881هه جي تاليف نفحات الانس اهم تذڪرو نظر اچي ٿو. جنهن ۾ مولانا جامي 614 بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي.

سيرالاوليا، سيد محمد بن مبارڪ علوي المعروف امير خورد (770هه)، کان علاوه مفتاح الطالبين ڪمال الدين محمود بن علي بن عمادالدين غجدواني (م 956هه)، مجالس المؤمنين، قاضي نورالله شوشتري 982هه ۾ تصنيف ڪيو. ان کان سواءِ اخبارالاخيار شيخ عبدالحق دهلوي (999هه) ۽ اخبار الاصفيا عبدالصمد بن افضل محمد بن يوسف انصاري (1016هه)، القدس من شجرات الانس بدخشي (المتوفي 1022هه) تحرير ڪيو. ان کان علاوه گلزار ابرار جيڪو هنڌ سنڌ ۾ يڪسان مقبول رهيو، جو ذڪر پڻ بي مهل نه ٿيندو. هي ڪتاب غوثي حسن مانڊوي 1022هه ڌاري مڪمل ڪيو. سندس فارسي ٻولي صوفياڻين نڪتن سان ڀريل آهي. مصنف پنهنجو مختصر احوال پڻ ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي. هن جو اردو ترجمو اذڪار ابرار جي نالي سان 1326هه ۾ شايع ٿيو. اصل فارسي متن ڇاپي هيٺ ڪونه آيو آهي، فارسي جا قلمي نسخا ايشياٽڪ سوسائٽي ڪلڪتي آفيس حيدرآباد دکن، بانڪي پوره، لينڊسينا برٽش ميوزم جي ڪتب خانن ۾ موجود آهن. البت هن جو سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪري رهيو آهي.

ستين ۽ اٺين صدي هجريءَ ۾ هنڌ سنڌ ۾ خانقاهي نظام جي مقبوليت سبب تذڪره ”ملفوظات“ جي هڪ الڳ صورت ۾ سامهون آيا. بلڪ سندن نالو صوفين سان منسلڪ ٿي ويو. سنڌ جي پهرئين ڄاتل خانقاه شيخ الشيوخ نوح بکري جي ”سهرورديه“ سلسلي جي هئي. هي بزرگ سڌوسنئون شيخ شهاب الدين السهروردي جو خليفو ۽ ڪن روايتن مطابق عزيز هو. انهيءَ دور جي تاريخ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي هڪ تذڪره جا پيرا ملن ٿا. جنهن جو نالو  ”تذڪره سيد محمد مڪي“ آهي. هي اهم قلمي نسخو پروفيسر اياز حسين قادريءَ جي ذاتي ڪتب خاني ۾ ورهين کان موجود هو، تنهن جو ذڪر ذاتي ڊائريءَ جي حوالي سان مقالات قاسمي ۾ پڻ موجود آهي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي ذاتي دلچسپي ڪري مرحوم  اياز قادري اهو نسخو سنڌي ادبي بورڊ کي ڇپائڻ لاءِ ڏنو. افسوس آهي جو هن وقت ان قلمي نسخي جو سنڌي ادبي بورڊ جي لائبريري ۾ ڪو نشان ڪونهي. وفات کان ڪجهه وقت اڳ جڏهن قاسمي صاحب کان ان بابت پڇيو ويو ته غالباً عمر جي تقاضا ۽ ياداشت جي ڪمزوري سبب ان جو صحيح ڏس نه ڏئي سگهيا. قاسمي صاحب جن ان جو پاڻ مطالعو ڪيو هو ۽ ان جو تت مقالات قاسمي ۾ شايع ٿي چڪو آهي. جيڪو هي آهي:

(1) سيد محمد مڪي ولد سيد محمد شجاع جي سنڌ ۾ تشريف آوري ۽ بکر ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ.

(2) سيدنا شيخ شهاب الدين السهروردي جي بغداد ۾ مٽن مائٽن بابت سوال جي جواب جي حقيقت. امير جو مدينہ منوره ڏانهن روانو ٿيڻ ۽ صحيح جواب هٿ ڪرڻ (سيد محمد مڪيءَ جي والد کي جيئن ته شيخ الشيوخ شهاب الدين السهروردي بغداديءَ جي ناٺي هئڻ جو اعزاز حاصل هو. ان ڪري هو غالباً بغداد ۾ پنهنجي ناناڻن متعلق معلومات حاصل ڪندو رهيو.)

(3) سيد احمد ولد سيد محمد شجاع جي گهران رشتو ڪرڻ .

(4) سيد صدر الدين جو سنڌ ۾ سيد علي لڪعلويءَ گهران ٻيو رشتو، حقيقت هن بيان ۾ ته قلعي بکر جو اهو نالو بکر ڇو رکيو ويو؟

حقيقت سيد مڪيءَ جي رحلت ڪرڻ بابت.

(5) سيد صاحب جا ساٿي ۽ ٻيا جن سندن هٿ تي اسلام آندو تن هن قلعي بکر جي اتر ۾ شڪر نالي شهر آباد ڪيو هو ان جو بيان.

(6) علي واهڻ جو اهو نالو ڇو پيو؟

(7) سلطان علاؤ الدين خلجيءَ جو بادشاهه ٿيڻ ۽ انهن ڏينهن ۾ سلطان العارفين سيد صدر الدين محمد حال حيات هئا.

(8) سلطان علاؤ الدين 717هه ۾ فوت ٿيو ۽ انهن ڏينهن ۾ سيد تاج الدين محمد جيئرا هئا.

(9) حقيقت هن باري ۾ ته نصرت خان سندس نياڻي جو نڪاح مخدوم بدر الدين محمد سان ڪري ڏنو.

(10) قلعي بکر جي ٺهرائڻ جي حقيقت سومرن انهيءَ قلعي کي درست ڪيو.

(11) سيد بدرالدين محمد جو ناراض ٿيڻ ۽ ملتان ڏانهن منهن ڪرڻ علي واهڻ مان ڍل وصول ڪرڻ ڪري.

(12) سيد جلال جي بکر ۾ پهچڻ جي حقيقت-

قاسمي  صاحب سنڌ ۾ لکيل هن اهم اوائلي تذڪره جو سن تاليف يا ڪتابت نه لکيو آهي.

زمانه قريب ۾ تذڪره نگاريءَ جي فن اڃان به واضح شڪل اختيار ڪئي جنهن سبب ادب جي هر شعبي سان تعلق رکندڙن جا تذڪره الڳ الڳ عنوان تحت تيار ٿيڻ لڳا. جيئن ’تذڪرة الشعرا‘ تذڪره مشاهير سنڌ وغيره. جيئن ڪجهه صديون اڳ انساني احوالن تي لکيل اهي ڪتاب، مخصوص خصوصيت سبب طبقات، انساب ۽ معجم وغيره جي الڳ الڳ عنوان تحت لکيا ويا.

سنڌ ۾ مشاهيرن جي ذڪر ۾ ڪافي ڪتاب تحرير ڪيا ويا آهن. انهن مان ڪجهه معلوم شده تذڪرن جو تعارف وقائتو ٿيندو:

(1) تذڪره اولياء، قاضي محمود ٺٽوي تاليف 980هه

(2) حديقة الاولياء، عبدالقادر ٺٽوي تاليف 1016هه

(3) تحفة الڪرام، مير علي شير قانع ٺٽوي تاليف 1181هه

(4) تذڪره غياثيه مولانا غياث الدين سنڌي

(5) طومار سلاسل مير علي شير قانع

(6) معيار سالڪان طريقت.

(7) شجره اطهر اهلبيت

(8) گلشن اوليا. خليفو محمود نظاماڻي 1258هه

(9) سراج العاشقين: خليفو محمد ملوڪ

(10) تذڪره المراد: شيخ حسين صفائي ٺٽوي

(11) معارف الانوار: محمد صالح بن ملا زڪريا ٺٽوي

(12) تحفة الطاهرين: شيخ محمد اعظم ٺٽوي تاليف 1190هه

(13) مناقب مخدومين معظمين: ميان محمد امين چنڀڙائي

(14) تڪمله مقالات الشعراء:مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي

(15) تذڪره اولياء سيوستان: (المڪتوب الحبيب ۾ هن جو ذڪر موجود آهي)

(16) حالات بزرگان سيوستان

(17) قلندر نامه: مخدوم عبدالواحد سيوستاني نعمان ثاني (ناياب)

(18) انساب مشائخ سيوستان: مخدوم حسن الله شاه الصديقي پاٽائي.

(19) سڪينة اولياء: دارا شڪوه تاليف 1052هه هن ۾ ميان مير بالا پير سيوستانيءَ ثم لاهوريءَ جو ذڪر آهي.

(20) مڪتوبات واحدي: مرتب ميان فضل الله.

(21) المڪتوب الحبيب: از قلم غازياڻي ڀٽي.

(22) يمن البرڪت: مولچند 1072هه قلندر لعل شهباز متعلق قصا

(23) لطيفته التحقيق 1120هه جو تذڪرو مؤلف سيد رفيق علي حسيني پشنگي

(24) فردوس العارفين مير بلوچ خان 1201هه ۾ تاليف ڪيو.

(25) مرغوب الاحباب: نظر علي خان ٽالپر تاليف 1273هه

(26) الجواهر البدايع: ميان بلال تاليف 1221هه

(27) رساله مخدوم گرهوڙي: مرغوب الاحباب ۾ هن جو حوالو آهي.

(28) صقال الضمائر: خواجه محمد سعيد تاليف 1303هه

(29) رساله بهاءُ الدين دلق پوش: مؤلف مخدوم نوح ﷥ جو مريد هو. جنهن هن رسالي ۾ سوانح ۽ قول گڏ ڪيا آهن.

(30) رساله فتحيه: هي مخدوم نوح جي پوٽي مخدوم فتح محمد تحرير ڪيو.

(31) دليل الذاڪرين: حاجي پنهور تاليف 1106 هه

(32) قوس فخريه هي دليل الذاڪرين جو ضميمو سمجهڻ گهرجي.

(33) ارشاد الطالبين: غلام رسول قريشي هالائي - هن ۾ مخدوم نوح ۽ ٻين بزرگن جو احوال موجود آهي.

(34) سراج العارفين: غلام رسول صديقي هالائي تاليف 1215هه

مخدوم نوح ۽ سنڌ جي ڪجهه ٻين بزرگن جو احوال موجود اٿس.

(35) گنجينه اوليا: آخوند محمد صالح تاليف 1341هه

(36)  صحيح السبطين: گل محمد 1318هه

(37) انساب سادات گيلاني: تيرهين صديءَ جي تاليف.

(38) تذڪره مخاديم کهڙا: مخدوم الهه بخش  بن مخدوم محمد عاقل کهڙو. هن ۾ کهڙن کان علاوه ڪجهه ٻين بزرگن جا احوال پڻ موجود آهن.

(39) بيان العارفين: هي ڪتاب فارسيءَ ۾ محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي بن داروغه ڪيهر 1038هه ۾ تحرير ڪيو، جنهن جو سهڻي سنڌيءَ ۾ محترم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ترجمو ڪيو آهي.

(40) مناقب غوثيه: مشتاق متعلوي

(41) مناقب السادات: قاضي هدايت الله بن ميان محمود بن ميان سعيد متعلوي. تاليف 1315 هه

(42) ڪواڪب السعادات:مشتاق متعلوي

(43) لطائف لطيفي: مير عبدالحسين سانگي  1305هه شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فارسيءَ ۾ سوانح مرتب  ڪئي.

(44) انيس المريدين: ازخواجه حسن جان سرهندي

(45) انساب الانجاب از خواجه حسن جان

(46) مونس المخلصين: خواجه شاه آغا

(47)  انوار قلندري: مؤلف  ندارد – 1283هه کانپوءِ جي تحرير

(48) منبع الانساب: تاليف مير معين الحق جهونسوي هي سيد محمد مڪي ۽ سندس اولاد جي احوال ۾ تحرير ٿيل آهي.

(49) شجره سادات: سيد قمبر علي رضوي جي تاليف آهي. هن اهو 1261هه ڌاري لکيو ۽ منجهس سيد محمد مڪيءَ ۽ سندس اولاد جو احوال ڏنل آهي.

(50) تجليات اسرار معاني: ولي محمد سيوستاني.

(52) الناطق بالحق: هي مخدوم محمد عارف صديقي سيوهاڻي المتوفي 1258هه جي فرمائش تي لکيو ويو.

(53) تذڪره مشاهير سنڌ

ملفوظات:

ملفوظات جنهن جو مادو ”لفظ“ آهي، تذڪره جي هڪ مخصوص ۽ الڳ محسوس ٿيندڙ شڪل آهي. جنهن ۾ ڪنهن بزرگ يا عالم کان توحيد ۽ تصوف  علم ۽ حڪمت، هدايت ۽ نصيحت متعلق ٻڌل ڳالهيون، سلوڪ جي راهه جون سمجهاڻيون ۽ روحانيت جي رستي جون هدايتون تحرير ٿيل هونديون آهن. غير ضروري نه ٿيندو، جيڪڏهن تذڪره مان ٽٽي نڪرندڙ ادب جي ان الڳ صنف تي قلم ذريعي ٿيندڙ ڪاوش کي مختصراً هتي بيان ڪجي. اسلامي دنيا ۾ ملفوظات گهڻو ڪري اهل تصوف سان ئي منسلڪ رهيا آهن. چئني تصوف جي مشهور سلسلن، ادب جي انهيءَ صنف کي وائکو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

چشتي بزرگن جون ملفوظات:

1) انيس الارواح: خواجه عثمان هاروني جي ملفوظات آهي. جيڪا سندس مريد خواجه معين الدين چشتي اجميري (631هه/1234ع) ۾ مرتب ڪئي.  ان کان هڪ صدي پوءِ چشتي بزرگن بابت امير سيد خورد ڪرماني ”سيرالاوليا“ 770هه/1370ع ۾ تحرير ڪيو. جنهن کي ملفوظات کان وڌيڪ تذڪرو چئجي ته بهتر ٿيندو.

2) دليل العارفين: خواجه معين الدين اجميري جي ملفوظات آهي، جيڪا سندس مريد خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي مرتب ڪئي.

3) فوائد السالڪين: خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي جي ملفوظات آهي. جيڪا سندس مريد خواجه فريد الدين گنج شڪر جي قلمبند ڪيل آهي.

4) راحت القلوب: خواجه فريد الدين گنج شڪر جي ملفوظات آهي. جيڪا سندس مريد خواجه نظام الدين دهلوي (724هه/1324ع) ۾ مرتب ڪئي.

5) اسرار الاولياء: هيءَ به خواجه فريد الدين گنج شڪر جي ملفوظات آهي جيڪا سندس هڪ مريد بدرالدين اسحاق مرتب ڪئي.

6) هي خواجه نظام الدين جي ملفوظات آهي، جيڪا سندس مريد امير خسرو جي تحرير ڪيل آهي.

7) راحت المحبين: هيءَ به خواجه نظام الدين جي ملفوظات آهي جيڪا خواجه حسن دهلويءَ جي مرتب ڪيل آهي.

8) فوائدالفوائد: هي به خواجه نظام الدين جي ملفوظات آهي. جيڪا خواجه حسن جي تحرير ڪيل آهي. هن ملفوظات تمام گهڻي شهرت ماڻي.

9) مفتاح العاشقين: خواجه نصير الدين دهلويءَ چراغ دهلويءَ جي ملفوظات آهي. جيڪا محب الله مرتب ڪئي.

10) خير المجالس: هي به خواجه نصير الدين جي ملفوظات آهي. جيڪا سندس مريد حميد شاعر  تحرير ڪئي.

11) مونس الارواح: هي خواجه نصير الدين جي ملفوظات آهي. جنهن جي مرتب شهزادي جهان آرا هئي.

12) جوامع الڪلام: خواجه نصير الدين جي مريد سيد محمد الحسيني المعروف گيسو دراز جي ملفوظات آهي. جيڪا سندس فرزند سيد حسين المعروف به سيد محمد اڪرم حسيني مرتب ڪئي.

نقشبندي بزرگن جون ملفوظات:

(1) ملفوظات مجدد الف ثاني:

امام رباني جي مڪتوبات کان علاوه ملفوظات به آهن. مڪتوبات ۽ ملفوظات ۾ فرق کڻي ائين ڪجي، جو ڪنهن بزرگ جي علمي مقام جو مطالعو ڪرڻو هجي ته سندس مڪتوبات جو مطالعو ڪجي پر جيڪڏهن ڪنهن جي وعظ ونصيحت انداز بيان ۽ اعلاءَ ڪلمة الحق جو اندازو ڪرڻو هجي ته پوءِ سندس ملفوظات پڙهجن.

(2) ملفوظات خواجه محمد باقي بالله: هي خواجه صاحب جي هڪ مريد مرتب ڪيا.

(3) عمدة المقامات: از فضل الله سرهندي 1238هه.

(4) زبدة المقامات: خواجه محمد هاشم.

(5) ملفوظات مرزا مظهر جانجانان: (شهادت 1780ع) هن جون ملفوظات سندس مريد مرتب ڪيون.

(6) ملفوظات شاهه غلام علي: شاهه غلام علي جون ملفوظات پڻ موجود آهن. هي بزرگ مرزا مظهر جانجانان جو مريد هو.

سهرورديه بزرگن جون ملفوظات:

1- بهاء الدين زڪريا ملتاني:شيخ بهاءُ الدين زڪريا جا ڪجهه قول شيخ حامد بن فضل الله المعروف به درويش جمالي جي تذڪره (سير العارفين جيڪو هن 941هه/1535ع ڌاري تحرير ڪيو) ۾ ڏنا. ان کان علاوه خواجه نظام الدين اولياء جي ملفوظات فوائد الفوائد ۽ شيخ عبدالحق محدث دهلوي جي ڪتاب اخبار الاخيار وغيره ۾ پڻ سندس ذڪر موجود آهي.

2- ملفوظات شيخ صدر الدين: شيخ بهاءُ الدين زڪريا جو فرزند شيخ صدر الدين عارف جي ملفوظات”ڪنزالفوائد“ سندس مريد خواجه ضياء الدين تحرير ڪيا.

3- ملفوظات شيخ رڪن الدين: مجمع الاخبار ۾ سندس ملفوظات ڏنل آهن.

4- ملفوظات مخدوم جهانيان جهان گشت: سندس ملفوظات ”جامع العلوم“ جي نالي سان مرتب ڪيل آهن.

متفرقه بزرگن جون ملفوظات:

1- ملفوظات مولانا روم: مولانا جلال الدين رومي جي ملفوظات ”فيه مافيه“ جي نالي سان سندس فرزند سلطان بهاءُ الدين تحرير ڪيا.

2- ملفوظات شيخ شرف الدين يحييٰ منيري: هي بزرگ فردوسيه سلسلي جي خواجه نجيب الدين فردوسي دهلوي جو مريد هو. سندس ملفوظات لکيون ويون.

3- رفيق العارفين: شيخ حسام الدين مانڪپوري جون ملفوظات آهن.

4- تبريز: هي ملفوظات يارهين صدي هجري جي بزرگ سيد عبدالعزيز دباغ جي آهي. جيڪا سندس مريد احمد بن مبارڪ جي مرتب ڪيل آهي.

5- ملفوظات سيد اشرف سماني: هي ملفوظات سيد اشرف سماني جي مريد مرتب ڪيا.

6- ملفوظات شاهه عبدالعزيز: هي شاهه ولي الله جي فرزند شاهه عبدالعزيز  جي ملفوظات آهي.

7- ملفوظات احمد رضا خان: بريلوي مڪتبه فڪر جي وڏي عالم احمد رضا خان جي ملفوظات پڻ موجود آهي.

8 - ملفوظات مولانا عبيدالله سنڌي: هي ملفوظات اردو ٻوليءَ ۾ محمد سرور مرتب ڪيا.

9- مئڪده مصطفائي: هي حيدرآباد شهر ۾ ڳچ عرصو رهندڙ پير ايراني سيد صبغت الله شاهه جا ملفوظات آهن.

سنڌي بزرگن جون ملفوظات:

1- ڪشف الحقائق: يارهين صديءَ ۾ شيخ اسماعيل فرحي سنڌي حضرت مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي ثم برهانپوريءَ جا ملفوظات مرتب ڪيا.

ملفوظات نوح: مخدوم نوح جا ڪجهه ملفوظات سندس مريد بهاءُ الدين گودڙيئي جي لکيل ”رساله بهاءُ الدين گودڙيو“ ۾ آيل آهن. جنهن تان حاجي پنهور پنهنجي ڪتاب دليل الذاڪرين (1106هه) ۾ نقل ڪيا ان کان سواءِ مخدوم صاحب جا قول سندس پوٽي مخدوم فتح محمد جي ڪتاب”رساله فتحيه“ ۾ به ملن ٿا.

3- ملفوظات خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو:

خواجه صاحب جا ملفوظات مير بلوچ خان ولد مڪرم خان ٽالپر جي ڪتاب ”فردوس العارفين“  ۾ موجود آهن.

4- فتح الفضل: هن ۾ شيخ عبدالرحيم گرهوڙي پنهنجي مرشد جا قول عربيءَ ۾ تحرير ڪيا آهن. جنهن جو ترجمو ۽ شرح خواجه محمد زمان جي فرزند خواجه گل محمد ”ورد المحمديہ“ جي نالي سان فارسيءَ ۾ لکي آهي.

5-  مقولات تصوف: خواجه صاحب جي هن ملفوظات جو مرتب خواجه محمد ابراهيم آهي.

6- ملفوظات مخدوم محمد اسماعيل پريالوءِ: مؤلف جو نالو ندارد - البت  106 صفحن جي هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب جا حالات موجود آهن.

7- ملفوظات خواجه عبدالحق درازي:هن ملفوظات جي مرتب فقير محمد صالح لاڙڪاڻوي جي خاندان مان پروفيسر اياز قادري جي چواڻي ته اهي ملفوظات هاڻي ناياب آهن.

8-مجمع الفيوضات هي پير محمد راشد روضي ڌڻي: وفات 1233هه جي ملفوظات آهي. جيڪا سندس خليفي محمود فقير ڪڙيه واري مرتب ڪئي.

9 - المحبوبية المحمودية:هيءَ به پير روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات آهي. جيڪا محمود فقير ڪڙيه واري جي گڏ ڪيل آهي.

10 - ملفوظات: هيءَ به پير روضي ڌڻيءَ جي ملفوظات آهي. جيڪا سندس مريد خليفي محمد حسين مهيسر جي مرتب ڪيل آهي.

11 - سراج العاشقين: هي فقير ڪڙيه واري جي ملفوظات آهي جيڪا سندس خليفي محمد ملوڪ چانڊيي 1244هه ۾ مرتب ڪئي.

12- ڪنز المعرفت: هي به خليفي محمد فقير ڪڙيه واري جي ملفوظات آهي جيڪا خليفي گل محمد گل هالائي جي مرتب ڪيل آهي.

13- خزانة المعروفت: هي پير محمد صبغت الله شاهه وفات 1246 هه جي ملفوظات آهي. جيڪا سندس فرزند پير علي گوهر شاهه اصغر مرتب ڪئي.

14- نڪته تصوف: هي سچل سرمست جي ملفوظات آهي هن جو اردو ترجمو قاضي علي اڪبر درازي ڇپرايو آهي.

15-  ملفوظات حافظ محمد ڀرچونڊي: ڀرچونڊي ضلع سکر جي بزرگ حافظ محمد جي ملفوظات به ملي ٿي. جيڪو پير روضي ڌڻيءَ جو مريد هو.

16 - تحفه المحبين: پير رشيد الدين جهنڊي واري جي ملفوظات آهي. جيڪا قاضي فتح محمد نظاماڻي مرتب ڪئي.

17 - تنوير القلوب في الخيرات المطلوب: پير رشد الله شاهه جهنڊي واري جي ملفوظات آهي جيڪا سندس فرزند پير ضياء الدين شاهه مرتب ڪئي.

 

موجوده ڪتاب معيار سالڪان طريقت پڻ سنڌ جي تاريخ ۾ اهم تذڪره جي حيثيت رکي ٿو. ان ڪري مصنف ۽ سندس ڪاوش متعلق تعارف بي مهل نه ٿيندو.

 

سلسله نسب:

نسبي پس منظر ڪنهن به شخص جي تعمير ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڪابه شخصيت تڏهن پختا نتيجا کڻي ظاهر ٿيندي آهي، جڏهن ان جي پيڙهه به پيڙهه آبياري ٿيندي رهي. مير علي شير قانع جيڪو علمي ورثو ڇڏيو ان ۾ پڻ جيڪو رنگ نمايان آهي سو کيس ورثي ۾ مليل علم ۽ ادب جي خدمت نظر اچي ٿو. سندس خانداني ڄاڻ متعلق ”حبيب السير“، ”مجالس المؤمنين“، ۽ ”هفت القليم“ کانسواءِ خود مصنف جون تحريرون گهڻو مواد فراهم ڪن ٿيون. سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ قانع جي خاندان مان جن نالو ڪڍيو تن مان امير اصيل الدين عبدالله المتوفي 803هه، سيد الحڪماء امير صدرالدين محمد شيرازي، خاتم الحڪماء امير غياث الدين ۽ امير جمال الدين ۽ عطاء الله بن سيد فضل الله المحدث آهن. عطاِّ الله پنهنجي چاچي امير اصيل الدين جو شاگرد رشيد هو. سندس سيرت طيبه تي لکيل ڪتاب روضة الاحباب وڏي شهرت حاصل ڪئي. علي شير قانع جو خاندان شڪر الهٰي جي نالي سان معروف آهي. هن  پنهنجي جد امجد قاضي شڪرالله جو سلسلو امير عطاء الله سان هن طرح ڳنڍيو آهي:

امير عطاء الله جمال الدين (وفات 930هه يا ان جي ويجهو)

 

امير نسيم الدين ميرڪ شاهه

 

سيد عرب شاهه

 

سيد نعمت الله

 

سيد وجہ الدين

 

قاضي سيد شڪرالله (هي بزرگ 927هه ڌاري ٺٽي ۾ آيو)

هڪ تاريخي غلطي:

قانع جي شجره جي اپٽار ڪندي، هڪ اهم سوال جنم وٺي ٿو ته 930هه يا ان جي لڳ ڀڳ مير عطاء الله جمال الدين جي وفات ڏيکاري وئي آهي. جڏهن ته سندس پنجين پشت مان قاضي شڪرالله 927هه ڌاري ٺٽي ۾ اچي ٿو!؟

شجرن کي ترتيب ڏيڻ ۽ نسبي ڄاڻ کي زماني جي ترتيب سان مرتب ڪرڻ انتهائي نازڪ ڪم رهيو آهي. اڪثر شجرن ۾ فرو گذاشت جا هيٺيان ڪارڻ ڏسڻ ۾ آيا آهن:

(1) ڪنهن هڪ شخص جا ٻه نالا هجڻ، پوءِ ڪنهن هڪ تحرير ڪندڙ شجره ۾ هڪڙو نالو ڏنو هجي ۽ ٻئي ٻيو نالو.

(2) نالي سان گڏ لقبن جو استعمال پڻ اهڙي غلطي يا غلط فهميءَ کي جنم ڏئي ٿو، ڪنهن هڪ اهل قلم رکو لقب لکي ڇڏيو ۽ ڪنهن نالو.

(3) جد جو نالو پوٽن، پڙپوٽن ۾ ورجائڻ سبب پڻ مغالطو جنم وٺي ٿو، صديون گذرڻ کان پوءِ هڪ ئي نالو هئڻ سبب وچ واريون پيڙهيون غلط فهمي سبب ڪڍيون وڃن ٿيون يا وِسري وڃن ٿيون ۽ ٻنهي مختلف زماني جي شخصيتن کي هڪ ئي سمجهيو وڃي ٿو.

(4) ڪجهه نسخن ۾ سن جو اندازي سان لکجي وڃڻ پڻ اهم ڪارڻ ثابت ٿيو آهي.

(5) ڪن شجرن ۾ اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته ٻن يا ٽن ڀائرن کي هڪٻئي جو پٽ ۽ پوٽو ڏيکاري هڪ ئي پيڙهيءَ کي ٽي پيڙهيون ڪيو ويو آهي.

مير علي شير قانع خود ويجهو زمانو هئڻ باوجود پنهنجي شجري جي انهن اهم غلطين کي درست ڪرڻ طرف متوجه نه ٿيو. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته انهيءَ زماني ۾ تحريرن جو بنياد انهيءَ قسم جي تحقيق کان گهڻي ڀاڱي رهيو آهي. ٻڌ سڌ، روايتون ۽ گذريل ڪتابن جي نقالي معلومات حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو سمجهيو ويو ٿي. ڪنهن هڪ ڪمزوريءَ کي بنياد بڻائي اسين انهن تحريرن کي رد ڪرڻ يا پاڻ کي وڌيڪ معتبر سمجهڻ بجاءِ ان مان گهڻو ڪجهه پرائي به سگهون ٿا.

قاضي سيد شڪرالله کان پوءِ علي شير قانع تائين سلسله نسب هن طرح ڄاڻايو ويو آهي:

مير علي شير قانع بن سيد عزت الله بن سيد محمد ڪاظم بن سيد محمد مقيم بن ظهيرالدين ثاني بن شڪرالله ثاني بن ظهيرالدين اول بن قاضي سيد شڪرالله.

سيد غوث الله کي ڇهه فرزند هئا: (1) سيد فخرالدين، (2) سيد يار محمد، (3) سيد امين محمد، (4) سيد محمد صلاح، (5) سيد ضياِّ الدين ”ضياء“، (6) مير علي شير قانع.

مير علي شير جي ولادت جو سال، ”خلق انسانا من السلالہ“ جي فقره مان نڪري ٿو، جيڪو 1140هه آهي. هن ابتدائي تعليم ٺٽي ۾ ئي حاصل ڪئي. ميزان الصرف کان شرح ملا تائين ميان نعمت الله ولد ميان عبدالجليل وٽ پڙهيو. مير محمد صادق بن ميان عبدالجليل کان پڻ ڪجهه پڙهيو. ان کان علاوه آخوند محمد شفيع ٺٽوي کان قصائد عرفي ۽ عروض سيفي جي تعليم ورتائين. جڏهن ته فارسي اخوند ابوالحسن کان سکيو ۽ شاعري جي تعليم مير حيدرالدين ابوتراب ڪامل کان حاصل ڪيائين، ٿوري ئي وقت ۾ هن عالم، فاضل، اديب، شاعر، نثرنگار، محقق، مؤرخ ۽ تذڪره نگار جي حيثيت ۾ شهرت ماڻي.

قانع جو سلسله طريقت:

قانع سلسله نقشبنديه اختيار ڪيو سندس شجره طريقت هن طرح آهي:

”مير علي شير قانع مريد شيخ عبدالاحد مريد حاجي غلام معصوم مريد شيخ محمد اسماعيل مريد قيوم زمان حضرت صبغت الله مريد خواجه محمد معصوم بن مجدد الف ثاني ﷥.

قانع  جو والد مير عزت الله به نقشبندي سلسلي ۾ مخدوم آدم جي ڏهٽي ميان محمد جو مريد هو. جيڪو ٺٽي جي مشهور بزرگ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي جو مريد هو.

هن ڪتاب جي آخر ۾ قانع پنهنجي مرشد جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪري ٿو:

”حضرت شيخ عبدالاحد ميان غلام شاهه جي زماني ۾ ٺٽي آيو، هڪ وڏو انگ سندس ارادت ۾ شامل ٿيو. محررالحروف (قانع) به ان جماعت جو ڪمترين (فرد) آهي ۽ آنحضرت جي توسيل جو اميدوار آهي.“

هن پنهنجو توڙي والد جو سلسله طريقت، طومار سلاسل ۾ به ڏنو آهي. ان کان سواءِ سندس خاندان جا ٻيا به ڪيترائي فرد سلسله نقشبنديه ۾ بيعت ٿيل هئا.

قانع هڪ طرف اهلبيت  و اطهار جي محبت جو دم ڀري ٿو ته ٻئي طرف خلفاءِ راشدين ۽ اصحابن سڳورن جا مناقب پڻ چوندو نظر اچي ٿو، ”زبدة المناقب“ ان جو واضح ثبوت آهي. هي شعر سندس قلبي لاڙي جي عڪاسي ڪن ٿا:

چو رافضي نکنم سرد دل به بغض کسي
زچهار يار درين دهر گرم محفل ماست

نبود عجب بما نشدار صاف رافضي
که دل زگرد کينئه اصحاب شسته ايم

 

انهيءَ کان علاوه وقت جي حڪمرانن عباسي ڪلهوڙن جي تاريخ پڻ سندس وسيع المشربي جو مثال آهي.

اولاد: قانع کي ٽي فرزند ٿيا: (1) مير امير علي، (2) غلام علي، (3) غلام ولي الله

وفات حسرت آيات: قانع پنهنجي آخري ڪاوش ”معيار سالڪان طريقت“ جي شروع ۾ پنهنجي عمر 63 سال لکي آهي. پاڻ ان جي اڳئين سال 1203هه بمطابق 89-1788ع ۾ وفات ڪئي.

قلمي ورثو:

مير علي شير سڄي ڄمار قلمي پورهيو ڪيو، سندس جن تحريرن جا نالا محفوظ رهجي ويا آهن، سي هي آهن:

نمبر شمار

ڪتاب جو نالو

سال

ڪيفيت

1.

ديوان علي شير

1152هه

ٻارهن سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ مرتب ڪيائين پوءِ ڪنهن نامعلوم سبب ڪري درياهه ۾ اُڇلائي ڇڏيائين. ڪتاب جي نالي مان معلوم ٿئي ٿو ته تخلص ”علي شير“ يعني پنهنجي نالي ئي رکيو هئائين.

2.

مثنوي شمه از قدر حق

1165هه

مثنويءَ جي نالي مان سال تصنيف نڪري ٿو. هي ناياب آهي.

3.

مثنوي قضا و قدر

1167هه

”گل از بهار قضا“ مان سال تصنيف نڪري ٿو، ناياب آهي.

4.

نو آئين خيالات

1169هه

نالي مان سال تصنيف نڪري ٿو، نسخو ناياب آهي.

5.

مثنوي قصئه ڪامروپ

1169هه

ناياب

6.

ديوان ”قال غم“

1171هه

=

7.

ساقي نامه

1174هه

=

8.

واقعات حضرت شاهه

1174هه

=

9.

چهار منزلہ

1174هه

=

10.

تزويج نامه حسن و عشق

1174هه

=

11.

اشعار متفرقه در صنايع و تاريخ

1174هه

=

12.

مڪلي نامو، ”بوستان بهار“

1184هه

نالي مان سال نڪري ٿو. هي ”مڪلي نامه“ جي نالي سان مشهور آهي، بورڊ شايع ڪيو آهي.

13.

مقالات الشعراء

1174هه

ڇپيل

14.

تاريخ عباسيه

1175هه

نامڪمل ۽ ناياب

15.

تحفة الڪرام

1181هه

ڇپيل

16.

اعلان غم

1192هه

ناياب

17.

زبدة المناقب

1192هه

ناياب

18.

مختار نامه

1194هه

اڻ ڇپيل (موجود)

19.

نصاب البلغاء

1198هه

ڪتب خانه ڳڙهي ياسين ۾ موجود

20.

مثنوي ختم السلوڪ

1199هه

نالي مان تصنيف جو سال نڪري ٿو تصوف جو هي ڪتاب موجود آهي.

21.

طومار سلاسل گزيده

1202هه

موجود آهي.

22.

شجره اطهر اهلبيت

1202هه

ناياب

23.

زينت الاخلاق

-

=

24.

غوثيه

-

=

25.

قصاب نامه

-

=

26.

ميزان الافڪار

-

=

27.

تهذيب طباع

-

=

28.

سرفراز نامہ

-

=

29.

حديقة البلغاء

-

=

30.

مثنوي ڪان جواهر

-

=

31.

ميزان فارسي

-

=

32.

رساله معمامع شرح

-

=

33.

لب تاريخ ڪلهوڙه

-

 

34.

بياض محڪ الشعراء

-

ڪجهه جزا  سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهن

35.

ديوان اشعار

-

ناياب

36.

انشائي قانع

-

ناقص نسخو سنڌي ادبي بورڊ ۾ موجود آهي.

37.

قصائد و منقبت

-

   -

38.

محبت نامه مثنوي

 

   -

 

نوٽ: مٿي ڄاڻايل اڪثر ناياب ڪتابن جي نالن جي ڄاڻ مير مائل جي تيار ڪيل فهرست جيڪا هنِ تحفة الڪرام جي سرورق تي ڏني، ان مان معلوم ٿئي ٿي.

 

(39) معيار سالڪان طريقت:

پير حسام الدين راشدي مرحوم، تحفة الڪرام جي شروع ۾ مير علي شير قانع جي سوانح ۾ معيار سالڪان طريقت جي قلمي نسخي متعلق لکي ٿو:

”خوش قسمتيءَ سبب، هن قيمتي ڪتاب جو هڪ خوشخط نسخو برٽش ميوزم   (ADD.21, 589) ۾ موجود آهي. جيڪو 1246هه ۾ مرحوم مير مراد علي خان پنهنجي لاءِ لکرايو هو. انهيءَ تان ’مئڪرو فلم‘ نقل راقم الحروف تيار ڪرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو آهي.“

محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق معيار سالڪان طريقت جي قلمي نسخي جو عڪس بيت الحڪمت ڪراچي کي تحفة طور ڏنو. يقيناً اها ڪاپي انهيءَ نسخي جي ئي هئي جنهن جو ذڪر پير حسام الدين راشدي مرحوم ڪيو آهي، ڇو جو  ان جو تعارف لکندي ڊاڪٽر سيد خضر نوشاهي رقم طراز آهي ته: هي نسخو برٽش ميوزم لنڊن ۾ شماره (ADD. 21، 589) ۾ محفوظ آهي.

هي نسخو قانع جي وفات 1203هه کان 45 سال پوءِ 1248هه ۾ مير مراد علي ٽالپر جي حڪم تي نقل ڪيو ويو. ڪتاب جي نالي ”معيار سالڪان طريقت“ مان تصنيف جو سال 1202هه نڪري ٿو. ڊاڪٽر خضر نوشاهي صاحب انهيءَ نسخي کي فارسيءَ ۾ ئي مرتب ڪيو. سندس ڪاوش جي مڃتا طور کيس ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني وئي. ڊاڪٽر صاحب ان کان علاوه به ڪيترائي علمي ادبي ڪم احسن طريقي سان سرانجام ڏئي چڪو آهي.

همدرد يونيورسٽي جي شعبه قلمي نوادرات جي انچارج مولانا عبدالحميد قلندراني جي ذريعي ڊائريڪٽر ريسرچ حڪيم نعيم الدين زبيري سان ملاقات ٿي. کيس جڏهن بنده جي ڇپايل ڪتابن جي خبر پئي، جيڪي همدرد يونيورسٽي جي ڪتبخاني لاءِ ڏنا ويا هئا ته پاڻ ڪمال محبت جو اظهار ڪيائون. بنده کي نه رڳو ڪجهه ڪتاب تحفي طور ڏيڻ لاءِ منظور ڪيائون بلڪ ”معيار سالڪان طريقت“ جي ذڪر ڪيل نسخي جو عڪس پڻ عنايت ڪيائون. جنهن کي ڏسندي بي اختيار لفظ وات مان نڪتا ته ”هن جو ته سنڌي ترجمو اچڻ کپي.“ جنهن تي زبيري صاحب همٿايو. پر بنده ان ڪم لاءِ کانئس تحريري اجازت نامو گهريو، چوڻ جي دير هئي چند گهڙين ۾ آفيس پيڊ تي صحيح سان اهو به عنايت ڪيو ويو.

انهيءَ جو ذڪر جڏهن علم دوست ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب سان ڪيم ته پاڻ ”معيار سالڪان طريقت“ جو هڪ نامڪمل نسخو بنده کي عنايت ڪيائون. ترجمي وقت انهن ٻن نسخن کان سواءِ ڊاڪٽر خضر نوشاهي جي ايڊٽ ڪيل فارسي ڇاپي نسخي کي استفاده حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ سامهون رکيو ويو. جنهن لاءِ اسين سندس ٿورائتا آهيون

قانع ڪتاب کي چئن حصن ۾ ورهايو آهي:

(1) مقدمو: جنهن ۾ حمد ۽ نعت اهلبيت ۽ اصحابن سڳورن جي تعريف کان سواءِ ڪتاب لکڻ جي ڪارڻ تي روشني وڌي اٿس.

(2) فاتح: هن باب تحت قانع فقر ۽ تصوف جي مختلف ۽ اڙانگن اصطلاحن جي شرح ڪئي آهي.

(3) معيار: سڄو ڪتاب ٻارهن معيارن (بابن) ۾ اهڙي طرح ورهايو اٿس، جو هرهڪ باب تقريباً  هڪ صديءَ تي محيط آهي.

(4) خاتمه: جن بزرگن جي زماني جو تعين نه ڪيو اٿس. انهن جو ذڪر هن باب ۾ آهي.

 ٻارهن معيارن ۽ خاتمه ۾ ڪل 1760 بزرگن ۽ مشائخ جو ذڪر ڪيو اٿس.

قانع جي هن آخري ڪتاب جي اهميت ان حقيقت مان به واضح ٿئي ٿي جو منجهس مصنف جي ڪيترن ئي اهڙن همعصر بزرگن جو ذڪر ملي ٿو جن جا نالا ٻين ڪتابن ۾ ڪونه ٿا ملن. جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ انهن جو ذڪر خير نه ڪيو وڃي ها ته شايد اڄ جو پڙهندڙ انهن کان ناواقف هجي ها.

خاتمه ۾ ڪجهه نالا اهڙا به ملن ٿا، جن جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن معيار ۾ به موجود آهي. شايد مصنف پهريائين انهن کي شڪ جي بنياد تي زماني جو تعين ڪندي معيار ۾ داخل ڪيو هجي. ابوالاسود مڪي (معيار ٻيو)، ابوالحسن بن شعره (معيار ٽيون)، ابوعبدالله دينوري (معيار چوٿون)، مولانا برهان الدين بلخي (معيار پنجون).

ڪجهه اهڙن مشائخ جو نالو به ملي ٿو. جن جو ذڪر هڪ کان وڌيڪ معيارن ۾ اچي ويو آهي.

جيئن:

نالو                             معيار          معيار

1.      ابراهيم آجري ڪبير           2              4

2.      ابراهيم آجري صغير           2              4

3.      ابوبڪر بن ابي سعدان      3              4

4.      ابوجعفر خراز                   3              4

5.      ابوجعفر معاذ مصري          3              4

6.      ابوالحسن بشري              3              5

7.      ابوالسليمان خواص مغربي     4              5

8.      ابوالعباس نهاوندي            3              4

9.      ابوعبدالله مانڪ                3              4

10.    ابومحمد خفاف                3              4

11.     امير خرء وابڪنوي             6              8

12.    عبدالله القصار                 3              4

13.    علي ارغنداني                  6              7

14.    هشام بن عبدان              3              4

15.    ابواسحاق بن ظريف           6              7

ڪجهه هنڌن تي عنوان هڪ شخص جو ۽ احوال ٻئي بزرگ جو پڻ ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه اصل فارسي متن ۾ ٻيون ڪيتريون غلطيون پڻ ڏسڻ ۾ آيون آهن. جنهن جو وڏو ڪارڻ مصنف نه بلڪ ڪاتب آهي. ڪٿي ته ڪاتب جي فارسي ٻوليءَ جي مهارت ۾ پڻ شڪ پيدا ٿئي ٿو. سندس عجلت ۾ ڇڏايل ڪم پڻ پنهنجا اهڃاڻ ڇڏيا آهن. انهن سڀني غلطين کي ”معيار سالڪان“ طريقن ماخذن نفحات الانس ۽ طبقات وغيره کان علاوه خضر نوشاهيءَ جي ايڊٽ ڪيل فارسي نسخي کي سامهون رکي اصل متن ۾ موجود غلطين جي الڳ الڳ معيارن تحت نشاندهي ڪجي ٿي.

 

نمبر شمار

 

فارسي متن جي غلطي

 

درستي

معيار پهريون

1.

شيخ نجاشي

احمد بن علي نجاشي ( مجلس المؤمنين)

2.

استيصاب ۾ اسلم ابو رافع جي ذڪر ۾ سندس پٽ عبيدالله بن ابي رافع کي حضرت علي﷦ جو ڪاتب ڏيکاريو ويو آهي. ۽ ابو رافع جي وفات حضرت عثمان﷦ جي شهادت کان به اڳ ڏيکاري وئي آهي. 

 

3.

اسد بن الحضير

اسيد بن الحضير

4.

جعدة (غير واضع لکيل)

جعدة

5.

اويس قرني﷦ جي وفات جو سن ڊٺل

37هه (شريف التواريخ)

6.

بيتاک

بيتاب

7.

في التقدم

ابي مقدام

8.

غير واضع لکيل

المخزومي ( حياة الصالحين)

9.

جڳهه خالي ڇڏيل آهي

شاڪران

10.

غاغوي

غوغاي

11.

ڪرمات

ڪرامات

12.

محمد ثين

محدثين

معيار ٻيو

1.

صعقصه

صعصعه

2.

حنان ۽ حلوسفي

حيان ۽ يوسفي

3.

ازين

زين

4.

نقش دڪيه

نفس ذڪيه

5.

مورود

خواجه مودود

6.

احمد سبتي

ام حسان

7.

زهد و خرف و فرغ

ورع و خوف و فزع

8.

ذون

ذوالنون

9.

حسبي

حسبناالله

10.

شيخ ابو اسحاق جي عنوان تحت

 

 

وفات جو سن 166هه

261هه

11.

ابو علي شفيق جي عنوان تحت 184هه ليڪن به اعداد ۽ اکرين اربع و سبعين ومايته لکيل آهي

174هه

12.

تربد

ثريد

13.

سيدين

شدن

14.

بابر

بايزيد

15.

زانکي، نهي ۽ چند

زنگي، کني ۽ جنيد

16.

سبکه

شبکه

17.

بريد بن معوية جو ذڪر هن معيار جي آخر ۾ وڌيڪ وضاحت سان ٻيهر آندو ويو آهي

 

18.

ازراره

زراره

19.

دهلي

دهني

20.

عمر بن يقطين

علي بن يقطين

21.

هجزي

الجريري  (مجالس المؤمنين)

22.

افنا

امنا

23.

القوالون

القوامون

معيار ٽيون

1.

بام

بامام

2.

عسڪر

عسڪري

3.

ابو سلمان

ابو سليمان

4.

علوان

عنوان

5.

سرايداء

سريداً (طبقات)

6.

جلاد

جلا

7.

اينست

نيست

8.

ابو محمد

ابو محرز

9.

يقطع

تقطع

10.

ما

بما

11.

المطعين

المطيعين

12.

جرما

غرباء

13.

يحييٰ بن معاذ رازي عنوان تحت سن وفات ڪو نه لکيو اٿس، جيڪو نفحات تان ورتو ويو آهي.

 

14.

خليل

حنبل

15.

عمد

عمداء

16.

نگذرد

نگذارد

17.

مازني

مزني

18.

اول الذڪر بايزيد بسطاميءَ جا حالات ثاني الذکر با يزيد متعلق آهن ۽ ثاني الذکر جا اول الذڪر ۾ تحرير ڪيا ويا آهن. 

 

19.

سروسان

سروشان

20.

ابو عبدالله محمد ابن ادريس شافعي جي عنوان تحت سال وفات ڏنل ڪونهي جيڪو وقايع السنين والاعوام تان ورتو ويو آهي

 

21.

فتح الله شخرف

حمدون قصار

22.

بغداد نمي ثورد

بغداد قوت نمي خورد

23.

ميدند

مي ديد ند

24.

خرز

خراز

25.

حرا

مرا حسد مي

26.

متن ۾ ابوحمزه محمد بن ابراهيم خراساني ڪتابت ٿيل آهي- نفحات وغيره ۾ هن جو نالو محمد بن ابراهيم لکيل ڪونه آهي. هن ذڪر کان پوءِ ابو حمزه بغداديءَ جو ذڪر اچي ٿو- دراصل هي نالو ان بزرگ جو آهي.

 

27.

ان استعين

لا تستعين

28.

استحاق

استحقاق

29.

آر

آور

30.

همين

مهين

31.

الويه

داويه

32.

باينکه داوي عکزي

دروي ننگري

33.

محبت

محب

34.

محمد هبرون

زهرون

35.

و سيده

سيده

36.

بنشست

ننشست

37.

مروق

مسروق

38.

زکوه

رکوه

39.

کوره

کوزه

40.

بستند

شستند

41.

صانح

صايغ

42.

ودر دوستان

در دوستان

43.

حسام

حسان

44.

صوبه

حمويه

45.

بابوڪيه

باڪويه

46.

سطاريه

شطاريه

47.

سنجري

سجزي

48.

استاد

استادان

49.

کند

کنند

50.

ساداتان

استادان

51.

شجرف

شخرف

52.

ناشنائستي

ناشايستي

53.

زايدي

زاريدي

54.

عمود

عمودي

55.

سرسقطي

سري سقطي

56.

عمود

عمو

57.

کاره

فاذه

58.

مانک

با نيڪ

59.

رازلي

رازي

60.

مراسله

راسله

61.

باداري

باوردي

62.

باليني

ماليني

63.

اکرهته

کراهيت

64.

انور

نور

65.

رزين

زرين

66.

شاکر

شاگرد

67.

پهلوي وي

پهلوي

68.

مشاد

ممشاد

69.

بميرزباني

بميزباني

70.

مورود

مودود

71.

جانواده

خانواده

72.

راد

زاد

73.

باشي

شاشي

74.

303هه

330هه

75.

تبدلل

تتبدل

76.

الجهني الکفوفي

الجهي الڪوفي

77.

صد

جد

78.

قفال

فضال

79.

عبد

عبده

80.

حمدوه

حمدوية

81.

عباس

متوڪل عباسي

82.

الرحمٰن المقضي

عبدالرحمٰن يقطيني

83.

کامتي

امتي

84.

شمالي

ثمالي

85.

النحلي

البجلي

86.

بريري

هرتبرعي

87.

المرزاد

الزراد

88.

ملزم

ملتزم

89.

لوسحي

پوشنجي

90.

باور

باورد

معيار چوٿون

1.

تسرين

بشرياسين

2.

الوالغيب

ابو المغيث

3.

چندي

چند تن

4.

نصيري

نصير آبادي

5.

ختانه

حنانه

6.

النطاق

الطاق

7.

اقول

قول

8.

الاطروس

اطروش

9.

بارستاني

مارستاني

10.

حسين

حسن

11.

صورفي برفخات

صوفي نخواست

12.

ابو الحسين دارج جي وفات جو سن 315هه لکيل آهي، جڏهن ته نفحات ۾ 320هه آهي.

 

13.

باز

ما

14.

متن ۾ عنوان واضع نه آهي

بنان بن محمد الحمال

15.

ابو بڪر عبدالله جي وفات 340هه

330هه (نفحات ۽ طبقات)

16.

استکفشار

اسکفشاذ

17.

ا

را

18.

ال

آن

19.

تحليل

تخليل

20.

قت

وقت

21.

بکر

بکير

22.

سفيان

شيبان

23.

شيخ ابوبڪر طمستاني ۾ سنه 340هه جي جڳهه خالي آهي

 

24.

متن جي جڳهه خالي آهي

اربعين

25.

مياني

تيناتي

26.

حنفي

صنفي

27.

منقوله

متصوفه

28.

ساريه

سياريه

29.

تراي

ترا

30.

ابو عمر

عمرو

31.

بفرزانت

فرزندانت

32.

بارجان

جازجان

33.

بروجندي

تروغبدي

34.

بلام

بلاد

35.

مشاد

ممشاد

36.

الاسبات

الاثبات

37.

ڪرامانشاهي

ڪرمانشاهي

38.

الررسي

الراسبي

39.

الفقرا

الفقير

40.

مرعش

مرعشي

41.

موسي

طرطوسي

42.

نقطويه

نفطويه

43.

رسيق

رشيق

44.

اعطاي

عطاء

45.

البري

آجري

46.

معاربي

مغازلي

47.

اداي

رداي

48.

ارمنوي

ارموي

49.

مغاربي

مغازلي

50.

سروان

سيرواني

51.

شاکر

شاگرد

52.

ڪتابي

ڪتاني

53.

تجر

تبجر

54.

خيراني

خيران

55.

عليہ

عنه

56.

بيکشدي

بيکندي

57.

متن ۾ عاصي لکيل آهي، جڏهن ته نفحات ۾ ابوالحسين (حڪيمي) لکيل آهي.

 

58.

خورد

خرد

59.

کرد

کردند

60.

خراقان

خرقاني

61.

پرسيدم

پرسيدند

62.

متن ۾ شيخ احمد ابو بڪر

شيخ احمد جوالگر (نفحات)

63.

وليها

وليمها

64.

خرقاني

جرجاني

65.

ابوالحسين

ابوالخير

66.

خوردي

خردي

67.

عقايدي

عتايدي

68.

الاشڪاف

الاسڪاف

69.

او

دو

70.

نا

باز

71.

حلال

خلال

72.

عقلاني

عسقلاني

معيار پنجون

1.

بغرو  سومنات

بغزوه سومنات

2.

”بالخلق زاد عليک“ جا لفظ متن ۾ ڪونهن

   ---

3.

ابوازعه

ابوزرعه

4.

فرفاني

خرقاني

5.

وفات جو سن 444هه

425هه

6.

سروردي

سرودي

7.

خرکاني

خرقاني

8.

مجاران

مجاز

9.

مرشاد

فرشاد

10.

ساحري

ساخري

11.

جوالکر

جوالگر

12.

ابن باکويه

باکو

13.

دواکداز

دودگذر

14.

مختصر

محتضر

15.

هوازان

هوازن

16.

السلام

شيخ السلام

17.

نيساپور

نيشاپور

18.

وزو

ازو

19.

خدا

فِدا

20.

تمکين

تمکن

21.

حجره

محبره

22.

قرآن

فرا آن

23.

فباتي

قباني

24.

باردون

اردن

25.

استر آباد

استر آبادي

26.

خورد

خرد

27.

باته

پاک

28.

دباش

دباس

29.

کيل

گيلي

30.

لعرالالبني

نصرالماليني

31.

بوذرجاني

بوزجاني

32.

داشت

درشت

33.

شنبويه

شبويه

34.

بنت

بنيت

35.

بود

نبود

36.

کسل

گسل

37.

مريدي

مريد

38.

قزبيني

قزويني

39.

نيامده

مسن

40.

خوردي

خردي

41.

اشتاد

ايستاد

42.

سوران

سواران

43.

قدس

قدوس

44.

السلام

الاسلام

45.

مرزويه

مرويه

معيار ڇهون

1.

کارمدي

فارمدي

2.

کردند

بيان کرد

3.

شهناني

سمناني

4.

بسوي

يسوي

5.

اق قرعان

آق قورغان

6.

اجرات

اجرت

7.

ابوالحسن خرکاني

ابو الحسن خرقاني

8.

ترتيب

تربيت

9.

ناقعي

نامقي

10.

لفظ معشوق الاهي جا هم عدد 562 ٿين ٿا نه ڪي 561 ۽ قانع ڏهن پٽن جو ذڪر ڪيو آهي پر نالا 9 جا ڏنا اٿس.

 

11.

جيش

حبش

12.

الافساسي

الاقساسي

13.

عمرنات

عمرانات

14.

ورا

وي را

15.

فريست

فرست

16.

حالت

حاجت

17.

حير فتي

صير فيني

18.

قيله

قبلته

19.

خدخود

خود

20.

يانسته

بالسنته

21.

معريد

مفرد

22.

شبل

شبلي

23.

نمي

مي

24.

مضوض

فصوص

25.

فوايع

فواتح

26.

ڪتاب

اڪتساب

27.

تمام

اتمام

28.

برتو

پر تو

29.

دويم

سوم

30.

ازکي

زکي

31.

کرمتينه

ڪرمينه

32.

خصر

خاطر

33.

الحاج

الحاح

34.

ارادتش

ارادت

35.

خورد

خرد

36.

کادکرکي

کالکرکي

37.

رسيد

رسيديد

38.

خرج

خرجت

39.

جهان

بهان

40.

برفتها

برياضت

41.

بحکم

بحاکم

42.

گذشتم

برگذشتيم

43.

قرباتي

قرباقي

44.

قيصريه

قصريه

45.

ابوالعلي

ابوالعلاء

46.

الخالقي

المالقي

47.

والاکرم

والاکرام

48.

مقيما بها

بها مقيما

49.

مناد بها

منار تها

50.

فجاد فحوجده

فجاؤ فوجدوه

51.

مح

منبج

52.

راسته

راُتيه

53.

بعد و فوتش

بعد فوتش

54.

بطانجي

بطائحي

55.

هکا

هکار

56.

لبان

لبنان

57.

فيلوري

قلوري

58.

مستجاب الدعوت

مستجاب الدعوات

59.

جماد

حماد

60.

مکامات

مقامات

61.

اللينسان

لسان

62.

هرو

هردو

63.

قده

قدوة

64.

مدتا فاخزت

مدة فاخذت

65.

ارسلان

رسلان

66.

نصيب

نصب

67.

ابو مداين

ابو مدين

68.

اقال

قال

68.

البرکات

ابوالبرکات

69.

سبش

سببش

70.

دند

بردند

71.

پرسم

پرسيم

معيار ستون

1.

الفسوي

النسوي

2.

قدہ

قدوة

3.

تعر

ثغر

4.

خنيفه

خليفه

5.

مجددالدين

مجدالدين

6.

پانرد

پانزده

7.

بغديرا

بغدادي را

8.

الجوارزمي

الخوارزمي

9.

وي

ولي

10.

نخورندي

نخوردندي

11.

خارزمي

خوارزمي

12.

حضر

حضرت

13.

خورد

خرد

14.

زانونش

زانواش

15.

کنهاي

گنجاي

16.

ابلاد

ابدال

17.

مني

نمي

18.

داد

دارد

19.

هروز

هرروز

20.

بهاءالدين ولد ذڪريا

بهاءُالدين ولد

21.

ترتيب

تربيت

22.

فرمايند

فرمائيد

23.

ملحوظات

ملفوظات

24.

التارکي

التارکين

25.

ويرا

زيرا

26.

اسبيله

اشبيليه

27.

بخوان

نخجوان

28.

ياغستاني

باغستان

29.

ازجان

اندرجان

30.

بختياري کاکن

بختيارکاکي

31.

خير

چيز

32.

قبو

قبول

33.

پاري

باري

34.

دارم

داريم

35.

ولها

لهٰذا

36.

يسوم

موسوم

37.

بازما

بارها

38.

ڪجهه جملا متن ۾ اڌ ۾ ڇڏيا ويا آهن، جيڪي نفحات ۾ هن طرح ڏنل آهن:

(1) ”تابه خضرعليه السلام رسيد و وي را از زلال انعام و افضال خود سيراب گردانيد“

(2) ” چراغي افروخته و باخود زمزمه مي کند چون گوش کشيد همين بيت شنيد“

 

39.

جنک و فيانه

چنگ و چغانه

40.

زمان قاعد

زان قاعده

41.

فرح

فرج

42.

قطحيات

شطحيات

43.

درجاتنامه

اجازت نامه

44.

حاشي

ڪاشي

45.

نظيري

نطنزي

46.

بيرو

بيرون

47.

بيني

بينم

48.

د

دز

49.

کوتا

کوتاه

50.

نشده

شده

51.

و

وي

52.

متعده

متعدده

53.

کرنار

گرناري

54.

طنا

باطنا

55.

ودان

روان

56.

رفيقم رايکدينار گفت

رفيقم راگفت

57.

امرة

امراة