سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪـربـلا

باب: --

صفحو :3

زم زم

سڄو ڏينهن سڄي رات برسات پوندي رهي هئي. سڀ ڪجهه ڪلهن تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ لڙهندو رهيو هو. مٽيءَ جا ڪچا گهر، کٽون، ڪپڙا، ٿانوَ ۽ ماڻهو، جن جي چهرن تي موت جا ڀاوَ ائين ڦهلجي ويا، ڄڻڪ انيڪ لاش قبرن مان نڪري پاڻيءَ ۾ ترندا هجن.

وشنو ڪلاڪن کان پاڻيءَ ۾ هلي رهيو هو. پرسال جيڪو گهر نٽهڻ اُس ۾ بيهي جوڙيو هئائين، سو ته ڪڏهوڪو پاڻيءَ ۾ وهي ويو هو، پر وشنوءَ جي من ۾ بي گهر ٿيڻ جو احساس، دک بڻجي واسو ڪري ويو هو. ڪڻس ائين راتو رات بي گهر ٿيڻ ڏاڍو هاڃيڪار محسوس ٿيو هو. پاڻيءَ ۾ هلندي هلندي هن جو سَنڌ سَنڌ  ساڻو ٿي پيو هو. آسمان تان وسندڙ پاڻي زمين تي بيٺل پاڻيءَ ۾ گڏبو رهيو. وشنو بيحد دک منجهان پاڻيءَ ۾ وهندڙ کٽ کي ڏٺو (نه ڄاڻ ڪنهن جي هئي) پر اهڙي هڪڙي کٽ هن وٽ به هئي، اهڙا ٿانوَ هن وٽ به هئا، جهڙا هينئر پاڻيءَ ۾ ترندا ٿي ويا. اونداهيءَ ۾ ڪنهن کي به سڌ ڪانه هئي ته ڪنهن کي ڪهڙي پاسي وڃڻو آهي؟ جڏهن هڪڙو لاش نڄاڻ ڪٿان کان ترندو اچي وشنوءَ سان ٽڪرايو هو، تڏهن ڄڻ وشنوءَ جي جيئري جسم ۾ موت جو سرد احساس ڦهلجي ويو هو. الاءِ ڇو ڪڻس اهو احساس ورائي ويو هو ته ٿوري دير ۾ هو به انهن لاشن جيان زنده ماڻهن جي جسمن سان ٽڪرائيندو، پاڻيءَ ۾ ترندو ويندو ۽ جڏهن صبح جو امدادي پارٽيون پهچنديون، تڏهن پاڻيءَ سان ڀريل هن جو نيرو لاش سڃاڻپ ۾ اچي نه سگهندو ۽ هو ڪنهن گمنام لاش جيان ڪنهن قبر ۾ سدائين لاءِ دفنايو ويندو، بنا انهيءَ انڪشاف جي ته هو وشنو آهي ۽ هن جو لاش دفنائڻ بدران جلائڻ گهرجي.

گهٻرائجي هو وري هلڻ لڳو. پاڻ کي اهو احساس ڏيارڻ لاءِ ته اڃا هو زنده آهي. هن جي جسم سان کٽون، ٿانوَ، ڪپڙا، مئل جانور، هن وانگر ڀٽڪندڙ جيئرا جاڳندا ماڻهو ۽ پاڻيءَ ڀريل نيرا لاش ٽڪرائيندا رهيا. هن رڙيون ڪري ميڙي ۾ وڃائجي ويل ٻار وانگر روئڻ چاهيو، پر وات ۾ ڀرجي آيل پاڻي ٿڪي اڳتي وڌي ويو هو.

۽ جڏهن هو ٻيهر ٿڪجي بيٺو هو، تڏهن ڪڻس احساس ٿيو هو پنهنجي جسم کي ڇهندڙ ڪنهن ٻئي جسم جو. هن اونداهيءَ ۾ اکيون ڦاڙي ڏٺو. ڪلهن تي کنيل ٻار – ٿڪل ٽٽل ڪنهن عورت جو جسم هو –لاءِ ڇو هنج ۾ ٻار کنيل عورت ڏسي وشنوءَ کي ماءُ ياد ايندي هئي، جنهن کي وشنو ڏسي نه سگهيو هو ۽ جيڪا وشنوءَ کي ڄڻڻ واريءَ گهڙيءَ ۾ ئي مري وئي هئي ۽ وشنوءَ کي سدائين هنج ۾ ٻار کنيل عورت ڏسي پنهنجي اڻ ڏٺل ماءُ ياد ايندي رهي هئي. هن لمحي به هو اندر ئي اندر سڄو خوشبوءِ سان واسجي ويو هو. هن اونداهيءَ ۾ نظر نه ايندڙ ٻار جو چهرو پنهنجن سرد ۽ پسيل آڱرين سان ڇهي ڏٺو – ڄڻ هن جو پنهنجو چهرو هجي. ٻار، جيڪو سڄي رات پاڻيءَ ۾ پسڻ کان پوءِ اڌ مئو ٿي پيو هو، تنهن پل لاءِ اکيون پٽي وشنوءَ ڏانهن نهاريو ۽ وري اکيون پوري ڇڏيو هئائين.

”مون کي ڏي – آئون کڻانس ٿو.“ عورت جي ڪجهه چوڻ کان اڳ وشنوءَ پنهنجو ننڍپڻ ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. کن پل لاءِ وڄ جو جيڪو چمڪاٽ ٿيو هو، انهيءَ ۾ هن عورت جو چهرو ڏٺو هو ۽ ٻئي پل ئي جيڪو ڪڻس وسري ويو هو. ايترو ياد هئس ته سندس بيحد ويجهو بيٺل عورت جواڻ هئي، جنهن جو سڄو چهرو پاڻيءَ مان پسيل هو. شايد هن جي ماءُ جو چهرو به اهڙو هجي! شايد هن جو ننڍپڻ به اهڙو ئي هجي! ٻار چُري ڪڻس جاڳائي وڌو سوچن جي اگهور ننڊ مان.

”اچ – اڳتي هلون – اڳيان شايد پاڻي گهٽ آهي – اچ.“ هوءَ چپ چاپ هن سان گڏ ائين هلڻ لڳي، ڄڻ جڳن کان هن سان گڏ هلندي آئي هجي.

ڪجهه دير اڳ وشنوءَ جي من ۾ موت جا جيڪي ڀاوَ هئا، سي اجهامڻ لڳا هئا. ڪجهه دير اڳ ڪڻس نه پي سجهيو ته هو ايڏي پاڻيءَ ۾ ڇو ڪلاڪن کان پيو هلي؟ هاڻ سندس ڀاوَ ئي ٻيا هئا. هاڻي ڪڻس هن عورت کي پاڻيءَ مان ڪڍڻو هو، جنهن جو چهرو شايد سندس ماءُ جهڙو هجي – ڪڻس ڪلهي تي کنيل انهيءَ ٻار کي بچائڻو هو، جيڪو ڀاڪرن ۾ ڀري ڪڻس نه ياد ايندڙ ننڍپڻ هانوَ تي هري آيو هو.

”تون ٿڪجي ته نه پئي آهين؟“ هلندي هن عورت کان ائين پڇيو، ڄڻ هوءَ سندس پنهنجي عورت هجي. عورت ڪابه ورندي ڪانه ڏني. بس چپ چاپ هلندي رهي. هلندي هلندي عورت وشنوءَ جي مضبوط ٻانهن کي پڪڙي ورتو هو. وشنوءَ جو سرد جسم ائين گرم ٿي ويو هو، جيئن ڪنهن مرندڙ جسم کي آڪسيجن ڏئي ڇڏجي. زندگيءَ ۾ ڪنهن به عورت هن کي ڇهي نه ڏٺو هو. هن تي پهريون ڀيرو اهو انڪشاف ٿيو هو ته عورت جو ڇهاءُ ڪيڏو گرم ٿيندو آهي. شايد تڏهن ئي ته ٻار ماءُ کان ڌار نه ٿيندا آهن. مڙد انهيءَ ڇهاءَ لاءِ زندگي سڄي محنت ڪندا آهن. هوءَ وشنوءَ جي مضبوط ٻانهن جهلي هلندي رهي هئي ۽ وشنو موت بدران زندگيءَ جا ڀاوَ مَن ۾ سجائي ائين هلندو رهيو، ڄڻ آڪسيجن جي نلي هن جي نڪ مان جيڪر ڪڍي وئي ته هو مري پوندو ۽ وشنو مرڻ نٿي چاهيو.

پاڻي هاڻ ڪلهن کان لهي چيلهه تائين اچي بيٺو هو، پر برسات جو زور ڪونه گهٽيو هو. کاٻي پاسي پڪو روڊ هو. پڪا روڊ ڪچين آبادين کان پري هوندا آهن. شايد پڪا روڊ، پڪن گهرن وارن لاءِ هوندا آهن. روڊ جي هن پاسي ڪيترا پڪا گهر ٺهي رهيا هئا.

”سامهون جيڪي اڌ ٺهيل گهر آهن نه، اُتي برسات کان بچاءُ ٿي سگهندو.“  هن ٻيهر عورت سان ڳالهايو ۽ موٽ ۾ عورت جو هٿ هن جي ٻانهن ۾ وڌيڪ مضبوط پئجي ويو. وشنوءَ جي دل چيو هو ته هوءَ ساڻس ڳالهائي. انيڪ ڳالهيون ڳالهائڻ لاءِ هونديون آهن. ڳالهائڻ سان اڪيلائپ ۽ دک جا ڀاوَ گهٽجي ويندا آهن ۽ زندگيءَ ڏانهن وڌندڙ وکون تيز ٿي وينديون آهن، پر شايد عورتون گهٽ ڳالهائينديون هجن يا هوءَ ئي گهٽ ڳالهائيندي هجي.

”هي – سمهي رهيو آهي شايد.“ هن ڪلهن تي پيل اڌ مئل ٻار بابت ڳالهائڻ چاهيو. عورت کن پل لاءِ ڪنڌ کڻي ٻار ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ وري هلڻ لڳي. گوڏن تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ اکيون کپائي، ڄڻ اهو ٻار هن جو نه هجي.

روڊ تي پاڻي گوڏن تائين هو. زندگيءَ جا آثآر پڪين آبادين ۾ پهچي چٽا ٿي ويندا آهن. هت پاڻيءَ ۾ ترندڙ سامان، جانورن جا لاش، جيئرا ماڻهو ۽ پاڻيءَ مان ڀريل نيرا پئجي ويل لاش ڪونه هئا. ڊگهو ۽ سنئون سڌو رستو هو، جيڪو سڌو خوبصورت بنگلن ڏانهن ٿي ويو، جتي پاڻي اڌ انچ به نه بيهي سگهندو آهي. وشنوءَ من ئي من ۾ پڪن گهرن ۾ رهندڙن کي گار ڏني ۽ بيحد دک منجهان عورت کي ٻڌايو هئائين ته هن پرسال نٽهڻ اُس ۾ بيهي جيڪو گهر اڏيو هو، سو ڪلهه برسات ۾ ڊهي پيو ۽ هو چپ چاپ بي وسيءَ منجهان انهيءَ کي مٽي بڻجي پاڻيءَ ۾ وهندو ڏسندو رهيو.

”تنهنجو گهر به ڊهي پيو ڇا؟“ هن عورت کان پڇيو. عورت پاڻيءَ مان پسيل چهرو کڻي وشنوءَ ڏانهن نهاريو. ”منهنجو! منهنجو ڪوبه گهر ڪونهي.“

”مطلب!“ وشنوءَ اچرج منجهان سوچيو ته اهڙا به ماڻهو دنيا ۾ آهن، جن جو ڪوبه گهر نه هجي. عورت، جنهن پهريون ڀيرو ڳالهايو هو ۽ وشنوءَ چاهيو هو ته هوءَ ڳالهائيندي رهي.

”پوءِ تون ڪٿي رهندي آهين؟“

”آئون! آئون هڪڙي دڪان جي اڳيان لڳل تختي هيٺ رهندي هيس. اهو دڪان به ڪلهه پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو. هاڻ منهنجو ڪوبه گهر ڪونهي.“ هوءَ به شايد دڪان جي انهيءَ تختي جي لڙهي وڃڻ تي دکي ٿي پئي هئي. پناهگاهه ڪهڙي به هجي، پر جي اجڙي وڃي ته کن پل لاءِ ئي سهي، پر زندگي ڪيڏي المناڪ محسوس ٿيندي آهي. ڪم از ڪم وشنوءَ ته ائين ئي محسوس ڪيو هو. ازل کان بي گهر هئڻ ايڏو دکي ڪندڙ ناهي، جيڏو اوچتو بي گهر ٿي وڃڻ.

عورت جو ڳالهائڻ بند ٿي ويو هو. هوءَ هاڻ وشنوءَ جي سهاري کان سواءِ هلي رهي هئي. ڪجهه دير اڳ سڀ ڪجهه وشنوءَ لاءِ ڪيڏو نه موهيندڙ هو. عورت مڙد جو سهارو وٺي هلي ته مڙد پاڻ کي ڪيڏو خوش ٿو محسوس ڪري، اهو انڪشاف به وشنوءَ تي پهريون ڀيرو ٿيو هو. اڌ ٺهيل گهر برسات جي اونداهي رات ۾ کنڊرن وانگر ٿي نظر آيا. وشنوءَ کي خبر هئي ته ڇت پڪي هجي ته ماڻهو پاڻ کي هر قيامت کان آجو محسوس ڪندو آهي ۽ انهن گهرن جي مٿان ڇتيون اڻ پوريون سهي، پر مضبوط ته هيون.

۽ انهيءَ مضبوط ڇت هيٺ پهچي هو امالڪ نستو ٿي پيو هو. عورت ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڪيترا ڀل سهڪندي رهي.

مضبوط ڀت کي ٽيڪ ڏئي ساهه کڻندي ماڻهو ڪيڏو پرسڪون ٿي پوندو آهي. مٽيءَ جي ڪچي ڀت وارا ڀاوَ ته نه هوندا آهن ته نڄاڻ ڪنهن مهل ڊهي پوي. پاڻي هنن جي جسم مان بوند بوند ڪري ٽمندو رهيو. هن ٻار کي ڪلهي تان لاهي سڪي پٽ تي ليٽائي ڇڏيو. ٻار جي نڙيءَ مان نڪرندڙ خر خر جو آواز انهيءَ پڪي ڇت هيٺ ڦهليل اونداهي ۾ وشنوءَ کي بيحد ڀوائتو لڳو هو، ڄڻ نڙيءَ ۾ موت اچي اٽڪيو هجي يا ڪو بيمار ڪتو سهڪي رهيو هجي.

”هن کي شايد ٿڌ لڳي وئي آهي.“ وشنوءَ اونداهي ۾ پاڇولي وانگر نظر ايندڙ عورت ڏانهن نهاريو، جيڪا اڃا تائين ڀت کي ٽيڪ ڏئي سهڪي رهي هئي. وشنوءَ جي آواز تي هن ڇرڪي وشنوءَ ڏانهن نهاريو ۽ رڙهي اچي ٻار وٽ ويهي رهي. ٻار جي بدن تي چهٽيل پسيل ڪپڙا لاهي هوءَ نپوڙڻ لڳي.

”ڏي، آئون سڪايان ٿو.“ وشنوءَ عورت جي هٿن مان ڪپڙا وٺي لوهه جي شيخ تي ٽنگي ڇڏيا ۽ جڏهن مڙيو، تڏهن هوءَ ٻار جو اگهاڙو بدن ڀاڪر ۾ ڀري گرمائي رهي هئي. وشنوءَ کي ٻيهر پنهنجي اڻ ڏٺل ماءُ هانوَ تي هُري آئي. هن من ئي من ۾ سوچيو، نڄاڻ ماءُ جي ڀاڪرن ۾ ڪيتري گرمي هوندي آهي! ٻار جي نڙيءَ مان نڪرندڙ خر خر جي آواز وشنوءَ جي اندر ۾ ڦهلجندڙ زندگيءَ جي لاٽ به ڄڻ اجهائي ڇڏي هئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ انهيءَ مضبوط ڇت هيٺ ايڏي گرمي ۽ گهٽ جي هوندي به پارو پئجي رهيو هجي ۽ هو اندر ئي اندر برف جي سر بڻجي رهيو هو. هوءَ بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي ٻار کي سيني سان لائي ويٺي هئي. ڄڻ هن جا سڀئي ڀاوَ مري ويا هجن يا مٽيءَ جي ڪچن گهرن سمان پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا هجن. هو عورت جي سامهون واريءَ ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. ٻار جي نڙيءَ مان نڪرندڙ خر خر جو آواز ويو ٿي وڌندو.

”هن کي بک لڳي هوندي.“ وشنو ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائڻ واري احساس کي دٻائي نه سگهيو. وشنوءَ کي پاڻ به بک لڳي هئي. برسات جي انهيءَ قيامت جهڙي رات ۾ بک جو صرف احساس ئي ممڪن هو.

بک جو احساس هو شايد – يا – الاءِ ماءُ جي جسم جي گرميءَ جو احساس – ٻار گهٽيل گهٽيل آواز ۾ روئڻ لڳو. وشنو دکي ٿي پيو، اهو سوچي ته هو به ننڍپڻ ۾ ائين روئندو هوندو بک جي احساس کان، اڪيلائپ جي احساس کان. هوءَ ڪي پل چپ چاپ ٻار کي روئندو ڏسندي رهي. وڄ جي چمڪاٽ ۾ وشنوءَ ڏٺو، هوءَ پاڻيءَ مان پسيل چولو مٿي کڻي ٻار کي کير ڏئي رهي هئي. اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ جي خواهش جڳن کان وشنوءَ جي من ۾ واسو ڪيو ويٺي هئي. خر خر جو آواز بند ٿي ويو هو ۽ هاڻ انهيءَ مضٻوط ڇت هيٺ چس چس جو آواز ڦهلجي ويو هو. وشنوءَ کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن جي ڇاتين مان نڪرندڙ کير بوند بوند ڪري هن جي وات ۾ ڀرجي رهيو هجي. هن جو ننڍپڻ هن جي نڙيءَ ۾ مڙي آيو هو.

هو اونداهيءَ ۾ رڙهندو اچي هن جي ويجهو ويٺو. اڪيلائپ جي گهيرٽ مان نڪرڻ لاءِ هو بيحد اداسيءَ منجهان عورت جي هنج ۾ پيل ٻار جي نرم نرم ۽ آلن وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو. ڄڻ اهي وار به سندس هجن، يا هو ٻار سندس ٻار هجي.

”هي خر خر ڇو ٿو ڪري؟“ هن پريشان ٿي پڇيو.

”ٿڌ لڳي اٿس.“ اونداهيءَ ۾ عورت جو جهيڻو آواز اُڀريو.

”کير نٿو پيئي ڇا؟“ ائين چوندي هو ائين شرمائجي ويو، ڄڻ ڪا خراب ڳالهه ڪندو هجي.

ڪي کن هوءَ چپ رهي. ”کير – هجي – ته پيئي.“ هن جي لهجي ۾ شڪست ۽ شرمندگيءَ جو احساس هو. هو چپ چاپ اونداهيءَ ۾ هن کي محسوس ڪندو رهيو.

”هي – هي منهنجو ٻار ڪونهي. پاڻيءَ ۾ ٻڏو پي – مون کڻي ورتو – هن جي شڪل بلڪل انهيءَ ٻار جهڙي آهي، جيڪو مون ڄڻيو هو- پر – پر اهو مري ويو.“

انهيءَ مضبوط ڇت هيٺ گهٽ ۽ گرمي اڳي کان به وڌي وئي هئي. ٻاهر وڄ جا ٺڪاءَ ۽ برسات جو آواز وڌي ويو هو. اها عورت، جنهن ٻار کي ڪجهه دير اڳ چولو مٿي کڻي کير ڏئي رهي هئي، اهو ٻار هن جو نه هو. اهو ٻار شايد وشنوءَ وانگر هو، جنهن جي ڪابه ماءُ ڪانه هئي. جي هئي ته شايد انهيءَ پل ڪلهن تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ ڀٽڪندي هوندي يا لاش بڻجي پاڻيءَ ۾ وهندي هوندي. وشنو نستو ٿي اتي ئي پٽ تي ليٽي پيو. هوءَ ٻار هنج ۾ کنيو ائين ويٺي هئي جو وشنوءَ جي من کي ويساهه ئي نه پي آيو ته ڪو اهو ٻار هن جو نه هو. وشنوءَ من ئي من ۾ چاهيو هو (بيحد شدت سان) ته هو به انهيءَ عورت جي هنج ۾ هن ٻار وانگر ليٽي پئي. بک، زهر بڻجي وشنوءَ جي من ۾ واسو ڪرڻ لڳي.

انهيءَ مضبوط ڇت هيٺ انهن ٽنهي جو هڪٻئي سان ڪوبه سڱ نه هو. قيامت جهڙي اها رات انهن ٽنهي جي وچ ۾ ٻڌل مضبوط تند هئي – جيڪا رات وشنوءَ لاءِ عذاب بڻجي وئي هئي، انهيءَ لاءِ هاڻي وشنوءَ چاهيو ٿي ته ڪڏهن به نه کٽي. هو آسمان تي چمڪندڙ وڄ ۾ اکيون کپائي ڳالهائڻ لڳو.

”جڏهن آئون ڄائو هئس نه، تڏهن منهنجي ماءُ مون کي ڄڻڻ مهل ئي مري وئي هئي.“ اونداهيءَ ۾ عورت همدرديءَ مان وشنوءَ ڏانهن نهاريو، پر وشنوءَ کي سڌ ئي نه پئي – بس هو بنا ڪنهن ڪارڻ جي ڳالهائيندو رهيو. ”مون کي الاءِ ڇو – هر عورت ڏسي پنهنجي ماءِ ياد ايندي آهي – منهنجي دل ٿي چوي ته اهو ٻار، جيڪو تنهنجي هنج ۾ آهي، آئون هجان ها.“ عورت اونداهيءَ ۾ غور سان هن ڏانهن نهاريو. هن کي محسوس ٿيو ڄڻ وشنوءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هجي – ڪجهه پل هنن ٻنهي ڪجهه به نه ڳالهايو.

الاءِ ڇو ٻئي پل عورت کي پنهنجو مري ويل مڙس هانوَ تي هُري آيو هو. اهو به برسات جي ڪنهن اهڙيءَ رات ۾، نانگ جي ڏنگڻ سان مري ويو هو.

ٻار جي نڙيءَ مان نڪرندڙ آواز هوريان هوريان گهٽبو ٿي ويو.

”هن جو آواز – گهٽجي ڇو ويو آهي؟“ وشنوءَ پريشان ٿي پڇيو.

”هي – هي – مري ويندو. شايد – منهنجو ٻار به ائين ئي مئو هو. هن جي نڙيءَ مان به سڄي رات اهڙا آواز ايندا رهيا هئا - ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ هو مري ويو.“ وشنوءَ کي ائين لڳو، ڄڻ هزارين سڏڪا هن عورت پنهنجي نڙيءَ ۾ گهٽي ڇڏيا هجن. وشنو اهو سوچي بيحد دکي ٿي پيو هو ته صبح ٿيڻ کان اڳ ٻار مري ويندو. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هو زمانن کان گڏ رهندا آيا هجن ۽ هاڻ ڪنهن هڪ جي مري وڃڻ جو احساس ڪيڏو دکدائڪ هو. هو چپ چاپ اونداهيءَ ۾ پاڇولي وانگر نظر ايندڙ ٻار جي وجود کي محسوس ڪندو رهيو.

”جي – هي – مري ويو – ته ڇا ٿيندو!“ وشنوءَ بيحد اداس ٿي چيو.

”ڪجهه نه – ڪجهه به ته نه – جڏهن منهنجو ٻار مئو هو نه – تڏهن به ڪجهه نه ٿيو هو – ڪجهه به نه ٿيو هو.“

وشنوءَ کي ائين لڳو، ڄڻ موت نانگ وانگر سندس جسم تي سري رهيو آهي – برف جهڙو سرد موت.

پوءَ اوچتو ٻار جو آواز بند ٿي ويو ۽ وشنوءَ جو سمورو ساهه نڙيءَ ۾ اچي اٽڪيو هو. عورت ٻار کي چورڻ چاهيو، پر هو مري چڪو هو شايد. اونداهيءَ ۾ عورت جو سڏڪندڙ آواز اڀريو.

”مري ويو – شايد!“

”مري ويو!“ وشنوءَ جي نڙيءَ مان گهٽيل گهٽيل آواز نڪتو ۽ اُجهامي ويو. عورت ٻار جي منهن تي مٿو ڌري ائين سڏڪڻ لڳي، ڄڻ اهو ٻار سندس ئي بدن جي تخليق هجي. وشنوءَ هٿ وڌائي عورت جي هنج ۾ پيل مئل ٻار کي ڇهي ڏٺو – برف وانگر سرد پتڪڙو جسم وشنوءَ جي اندر – تهائين اندر (پاتال تائين) لهندو ٿي ويو. هو ٻار جي نرم نرم وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو. هن ٻار جون بند اکيون، پتڪڙا چپ، پتڪڙو نڪ ڇهي ڏٺو – وشنوءَ کي محسوس ٿيو ڄڻ گرم گرم پاڻي سندس اکين مان وهندو سندس چهري تي ڦهلجي ويو آهي. هو ٻار جو پتڪڙو ۽ نرم هٿ پنهنجي مضبوط هٿ ۾ جهلي دٻائڻ لڳو.

انهيءَ پل وڄ جو چمڪاٽ ٿيو – هنن ٻنهي پل اپل لاءِ هڪ ٻئي جي اکين ۾ ڀرجي آيل پاڻي ڏسي ورتو هو.

”تون – روئين پئي!“

”تون – تون به ته روئين پيو.“

”ها- مون کي پنهنجو ننڍپڻ پيو ياد اچي. جڏهن مون کي پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجو ننڍپڻ ياد ايندو آهي – تڏهن آئون روئي ڏيندو آهيان.“

”مون کي برسات جي رات ۾ پنهنجو مڙس ۽ پنهنجو ٻار ياد ايندو آهي.“

”توکي – پنهنجي ٻار سان گهڻو پيار هو ڇا؟“ وشنوءَ هڪ ڀيرو وري مئل ٻار کي ڇهي ڏٺو.

”هر ماءُ کي پنهنجو ٻار وڻندو آهي.“ هن جو آواز وشنوءَ کي پريان کان ايندو محسوس ٿيو هو.

وشنوءَ جو من دکي ٿي پيو. ”جيڪڏهن منهنجي ماءُ جيئري هجي ها ته شايد آئون به هن کي پيارو هجان ها – ها نه!“

”هون – ن“ عورت ڄڻ پاتال مان ڳالهايو.

۽ پوءِ ڪيترا پل هنن ڪجهه به نه ڳالهايو. هوءَ ٿڪجي اتي ئي ليٽي پئي. ڳالهائڻ لاءِ ڄڻ ڪجهه به نه رهيو هجي. وشنو به ليٽي پيو. هو ٻئي چپ چاپ انهيءَ مضبوط ڇت کي ڏسندا رهيا، جيڪا هنن جي پناهگاهه هئي.

”برسات بند ٿيڻ کان پوءِ – تون ڪيڏانهن ويندينءَ؟“

”الاءِ!“ هوءَ بند چپن ۾ ڀڻڪي. اڻڄاڻائيءَ ۾ هن جو نرم هٿ وشنوءَ جي مضبوط هٿن ۾ اچي ويو هو. وشنوءَ جي نڪ ۾ ڄڻ ٻيهر آڪسيجن جي نلي اچي وئي هئي. هو هن جي هٿ جو ڇهاءُ محسوس ڪندو رهيو. – هن عورت جون آڱريون پنهنجين مضبوط آڱرين ۾ جڪڙي ڇڏيون ۽ ٻئي پل ئي هو اڪيلائپ جي گهيرٽ مان نڪري آيو هو. وشنو عورت ڏانهن پاسو ورائي اونداهيءَ ۾ هن کي ڏسندو رهيو.

”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ عورت ائين ئي ڳالهائڻ خاطر چيو.

”وشنو.“

”هندو آهين ڇا؟“ کن لاءِ وشنو من ئي من ۾ سراپجي ويو. ٿي سگهي ٿو هو هن جو ڌرم ٻڌي، نفرت مان هن کي پري ڌڪي ڇڏي. وشنوءَ ڪي پل ڪابه ورندي ڪانه ڏني. عورت ٻيهر کانئس پڇيو: ”هندو – آهين؟“

”ها.“ ائين چوندي وشنو ڪنهن اهڙي ٻار وانگر هيسجي ويو، جنهن کان اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪو ڏوهه ٿي ويو هجي. ڪي پل سانت ئي رهي. عورت هن جي هٿ مان پنهنجو هٿ ڪونه ڇڏايو هو ۽ نه ئي نفرت مان هن کي ڌڪي پري ڪيو هئائين.

”تون؟“ نيٺ وشنوءَ سگهه ساري هئي.

وشنوءَ کي ڪل ئي ڪانه هئي ته ڪو دين ڌرم کان ڪجهه پرڀرو، ڪجهه ٻيا به ناتا ٿيندا آهن، جيڪي قيامت جهڙين راتين ۾ پاڻ ئي پاڻ ڳنڍجي ويندا آهن. هنن ٻنهي مان ڪنهن به هڪ ٻي کي ڌڪي پري ڪونه ڪيو هو. وشنوءَ محسوس ڪيو هو ته هوءَ هن جي ويجهو اچي وئي آهي. برسات جي گوڙ ۾ به هن عورت جا ساهه، پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ چٽا محسوس ڪيا هئا. وشنوءَ پنهنجن منجهيل ۽ آلن وارن ۾ هن جون آڱريون محسوس ڪيون هيون. هن عورت جو چهرو پنهنجين آڱرين سان ڇهي ڏٺو، چپ، نڪ، اکيون، کاڏي، ڳچي. هو ڀڻڪيو:

”شايد منهنجي ماءُ به توجهڙي هوندي!“

”الاءِ.“ هوءَ بند چپن ۾ ڀڻڪي.

”سوير – جڏهن تون ٻار کي هنج ۾ کنيو ويٺي هئينءَ نه – تڏهن منهنجي دل چيو پئي ته آئون به هن ٻار وانگر روئان – منهنجي نڙيءَ مان به خر خر جو آواز ايندو رهي.“

”ڇو؟“ عورت وشنوءَ جو چهرو پنهنجين آڱرين سان ڇهي ڏٺو. وشنوءَ جي نڪ جي هيٺ مُڇن جا وار ڦهليل هئا. هن جي هانوَ تي سندس مڙس جو چهرو هري آيو. انهيءَ جي نڪ جي هيٺ به مُڇن جا وار هوندا هئا. هو جڏهن اونداهين راتين ۾ نمي هن جو چهرو چمندو هو، تڏهن مڇن جا اهي وار هن کي پنهنجي چهري تي سُرندا محسوس ٿيندا هئا. هن بيحد شدت سان چاهيو هو ته هينئر – هن لمحي، وشنو نمي هن جو چهرو چمي. هن جون اکيون پورجڻ لڳيون. وشنو پنهنجي چهري تي هن جون آڱريون محسوس ڪندو رهيو.

وشنو بلڪل اهو پتڪڙو ٻار بنجي ويو هو، جيڪو کانئس ڪجهه پرڀرو مئو پيو هو.

”آئون – سڪل مانين جا ڳڀا کائي وڏو ٿيو آهيان. مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ آئون سالن جو بکيو آهيان. تو – سوير جڏهن هن ٻار کي کير ڏنو هو نه – تڏهن مون کي ائين لڳو ڄڻ – جن ٻارن جي ماءُ نه هوندي آهي، اهي ڄمڻ کان مرڻ تائين بکيا ئي رهندا آهن.“

عورت هن جي بيحد ويجهو اچي وئي هئي – وشنوءَ اونداهيءَ ۾ هن کي پنهنجي مٿان نمندو محسوس ڪيو ۽ ٻي پل وشنوءَ پنهنجو وات کير مان ڀربو محسوس ڪيو هو. وشنوءَ پاڻ کي بيحد پتڪڙو محسوس ڪيو هو – ڄڻ ڪي پل اڳ جنم ورتو هجيس. هن جي اڪيلائپ جا گهيرٽ ٽٽي پيا هئا. هن کي ائين لڳو، ڄڻ هيءَ جواڻ عورت هن جي ماءُ هجي. ڄڻ هو هوريان هوريان کير جي درياهه ۾ ٻڏي رهيو هجي.

۽ جڏهن هوءَ وشنوءَ کان ڌار ٿي هئي، تڏهن ٻاهر صبح جو سوجهرو هوريان هوريان ڦهلجي رهيو هو. برسات بند ٿي چڪي هئي پر آسمان تي اڃان اڇن – ڪارن ڪڪرن جو هجوم هو.

هن صبح جي پکڙجندڙ روشنيءَ ۾ ڏٺو – عورت هن کي ڏٺل لڳي هئي. وشنوءَ هن کي شهر جي چؤواٽن تي، گهٽين ۾، بند دروازن اڳيان الله جي نانءَ تي بيک گهرندي ڏٺو هو. هن جا ڪپڙا ڪٿان ڦاٽل ۽ ڪٿان چتيون لڳل هئا. عورت پل اپل لاءِ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ هن ڏانهن نهاريو ۽ وري اکيون پوري ڇڏيون.

پٽ تي پيل ٻار جو لاش نيرو پئجي ويو هو.

وشنو اٿيو ۽ سيخ تي ٽنگيل سڪل ڪپڙا ٻار جي مٿان وجهي ڇڏيا هئائين. هن دل ۾ سوچيو نڄاڻ هن ٻار کي دفن ڪبو يا جلائڻو پوندو؟ ڌرم جو نشان انسان جي چهري تي ڇو نٿو لڀي!

”برسات بيهي رهي آهي – مون کي وڃڻ گهرجي.“

عورت اُٿي بيهي رهي. وشنوءَ کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ قيامت جهڙي رات کٽڻ سان گڏ سڀئي ناتا ٽٽي پيا هجن. هاڻ هو هڪ هندو مڙد آهي ۽ هوءَ هڪ مسلمان عورت ۽ هي مئل ٻار هنن مان ڪنهن جو به ناهي. وشنوءَ چاهيو هو ته هي ڏينهن هن لمحي ئي اجهامي وڃي ۽ ٻيهر چوڌاري برسات جي ڀوائتي رات ڦهلجي وڃي – پر چاهڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟

وشنوءَ هن عورت کي روڪڻ چاهيو، پر هن وٽ ڪوبه ته ڪارڻ نه هو هن کي روڪڻ جو. هن چاهيو ته هو، هن عورت کي چئي ته تون ويندينءَ ته آئون سدائين وانگر اڪيلو رهجي ويندس ۽ مون کي پنهنجي ماءُ اڳي کان به وڌيڪ ياد ايندي، پر هو چپ چاپ بيٺو رهيو. زندگيءَ ۾ عورت جو هئڻ ڪيڏو ضروري آهي، اهو انڪشاف وشنوءَ تي ته انهيءَ گذري ويل رات ۾ ٿيو هو، پر هن کي روڪڻ لاءِ وشنوءَ وٽ ڪوبه ڪارڻ نه هو.

”تون – وڃين ٿي؟“ هن بيحد اداس ٿي پڇيو.

”ها.“ عورت وڃڻ لاءِ وک وڌائي ۽ وشنوءَ جا پير ڄڻ پٽ ۾ کپي ويا.

”۽ هي ٻار؟“ وشنوءَ پٽ تي پيل نيري لاش ڏانهن نهاريو – عورت کي به ڄڻ وسري ويل ڳالهه ياد اچي وئي هئي. هوءَ ٻار ڏانهن مڙي ۽ ٻي لمحي اهو نيرو پئجي ويل لاش هن جي ڀاڪرن جي دائري ۾ هو.

ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ عورت هڪ ڀيرو مڙي وشنوءَ ڏانهن نهاريو هو. وشنوءَ جي نڪ هيٺان ڦهليل مُڇن جا وار هن جي اکين ۾ ٿوهر جي ڪنڊن سمان چڀڻ لڳا.

هو ڪيترا پل هن کي گوڏن تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ ويندي ڏسندو رهيو.


 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com