سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

 

صفحو:6

روحَ جِي اُڏا م

عالمي وبا ڌرتيءَ جي سڄي گولي تي ڦھلجي وئي ته، منهنجي شهر جا بيشمار ماڻهو به وبا جو شڪار ٿيڻ لڳا. ڪيترائي ماڻهو روز بيمار ٿيڻ لڳا ۽ ڪيترا انسان روز مرڻ لڳا. مرندڙ ماڻهن جا لاش به وارثن کي نٿي ڏنا ويا، جو لاشن منجهان جيئرن ماڻهن جي وبا ۾ مبتلا ٿيڻ جو خطرو هو.

مون وبا ۾ مرڻ نٿي چاهيو، تنھن ڪري مون ڳوٺ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. سوچيم، ڳوٺ کان به گهڻو پرتي هڪ جهوپڙي ٺاهيندس ۽ دنيا منجهان وبا جي مڪمل خاتمي تائين، انهيءَ جهوپڙيءَ ۾ اڪيلائيءَ جي زندگي گذاريندس.

ماسڪ ۽ هينڊ گلوز پاتم. سينيٽائيزر، ڊيٽول، هينڊ واش ۽ ضرورت جون ٻيون شيون هينڊ بيگ ۾ وڌم ۽ ڳوٺ وڃڻ لاءِ گهران نڪري پيس.

لاڪ ڊائون سبب ڳوٺ وڃڻ لاءِ ڪا به سواري نه ملي ته، مان لڳاتار پنڌ ڪري شهر کان ٻاهر نڪري ويس ۽ موٽر وي جي پاسي تي رکيل هڪ بينچ تي وڃي ويهي رهيس. سوچيم، شايد ڪو رحمدل ڪار وارو مون کي لفٽ ڏئي ۽ مان پنهنجي منزل پهچي وڃان.

جنهن مهل به ڪا ڪار توڙي مال بردار گاڏي نظر آئي ٿي ته، مون بينچ تان اٿي لفٽ لاءِ اشارو ٿي ڏنو پر ڪابه گاڏي منهنجي لاءِ نه پئي بيٺي!

سج لهي ويو ۽ اوندهه ٿيڻ واري هئي.

مون هڪ ڪار کي لفٽ لاءِ اشارو ڏنو پر اها به ٻين سڀني گاڏين جيان بنا بيهڻ جي تيزيءَ سان اڳتي هلي وئي. مون بيحد ٿڪل حالت ۾ بينچ تي ويهڻ لاءِ پوئتي مُنهن ورايو ته، بينچ تي هڪ شخص ويٺل نظر آيو.

مون هن ڏانهن ڪاوڙ منجهان ڏسندي چيو، مون اڪيلي کي به سڄي ڏينهن ۾ ڪنهن گاڏيءَ واري لفٽ ناهي ڏني، ويتر تون به هتي اچي ويٺو آهين!“

هن جي چهري تي مُرڪ اچي وئي. چيائين، مان لفٽ ڏيندو آهيان، وٺندو ناهيان!“

حيرت سان وراڻيم، تو وٽ ته پاڻ ڪا سواري ڪانهي!“

هن سنجيدگيءَ سان چيو، مون کي سواريءَ لاءِ ڪنهن به گاڏيءَ جي ضرورت ناهي هوندي.“

مون کي هن جي ذهني حالت تي شڪ محسوس ٿيو.

مان هن جي ڀرسان وڃي بينچ تي ويهڻ بدران پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهيس.

هن بينچ تي هڪ طرف سُري چيو، اچ، منهنجي ڀرسان اچي ويهه.“

چيومانس، مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. جيڪڏهن تون نه هجين ها ته مان انهيءَ بينچ تي ليٽي پوان ها.“

هو مُرڪي اٿي بيهي رهيو. چيائين، ها، تون واقعي ٿڪجي پيو آهين. ليٽي پئه.“

مان ڏاڍو ٿڪل هئس. بينچ تي وڃي ليٽي پيس ۽ ڪنڌ ورائي هن ڏانهن ڏسندي چيم، تون به شايد مون جيان، پاڻ کي وبا کان بچائڻ لاءِ شهر ڇڏي نڪتو آهين!“

هن منهنجين اکين ۾ ڏسندي چيو، موت ته ڪٿي به جَهڙپَ ڏئي ساهه ڪڍي سگهي ٿو!“

ڊگهو ساهه کڻي چيم، وبا سبب دنيا ۾ روز هزارين ماڻهو مري رهيا آهن. جيڪر مان روح جا پَرَ ڪَٽي سندس پرواز کي روڪي سگهان!“

هو ٽهڪ ڏيندو منهنجي مٿان جُهڪي آيو. مُرڪي چيائين، تون يا ڪو به انسان فقط اهڙي خواهش ئي ڪري سگهي ٿو پر اهڙو عمل انسان جي وس کان ٻاھر آهي!“

مان هن جو آواز ٻُڌي ڇرڪي پيس، ڇو ته هن بلڪل منهنجي ئي آواز ۾ ڳالهايو هو!

مان اڃان پاڻ جهڙي آواز تي حيران هئس ته اوچتو هن جو چهرو تبديل ٿي، منهنجي چهري جهڙو ٿي ويو!

اڌ اونداهي ماحول ۾ هن جي پاڻ جهڙي چهري ڏانهن ڏسندي خوف سبب منهنجو جسم ٿڌو ٿيڻ لڳو.

اوچتو هن جي جسم منجهان وڏا پَرَ ڦُٽي نڪتا.

هن پَرَ ڦهلايا ته دونهاٽجي پاڇولي جهڙو ٿي ويو ۽ مون پنهنجو ساهه نڪرندي محسوس ڪيو.

هو اوچتو ڀڙڪو ڏئي تيزيءَ سان مٿي اڏاميو ۽ منهنجي نظرن کان گم ٿيڻ لڳو ته منهنجيون اکيون بند ٿي ويون!

 

ٻيو  وائرس

 

هو روز رات جو ڪجهه ماني بچائي رکندو هو. ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ بک هجڻ جي باوجود، هو ڪجهه بک برداشت ڪري به، لازمي طور تي روز جيتري ماني ضرور بچائيندو هو ۽ سوچيندو هو، جيڪڏھن صبح جو ايندڙ مهمان کي ڪجهه به پيش نه ڪري سگهيس ته، سندس اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙو ئي نه رهندس.‘

صبح جو اها بچايل ماني کڻي هو گهر جو در کوليندو هو ته، مهمان اڳ ۾ ئي در تي سندس انتظار ۾ موجود هوندو هو.

اهو مهمان هڪ ڪتو هو.

هو ڪتي جي اڳيان ماني رکندو هو ته، ڪتو اڳ ۾ سندس پيرن تي ليٿڙيون پائي هن سان پيار جو اظهار ڪندو هو ۽ پوءِ ماني کائڻ شروع ڪندو هو. ماني کائڻ کان پوءِ ڪتو هن جي سامهون بيهي، ڪجهه دير احسانمند نظرن سان هن ڏانهن ڏسندو رهندو هو ۽ پوءِ هليو ويندو هو.

هڪ رات هن وٽ کائڻ لاءِ ماني ڪونه هئي. هو بک تي ئي سمهي پيو.

صبح جو جاڳيو ته هن اٿي گهر جو در نه کوليو، جو در تي ويٺل مهمان کي کارائڻ لاءِ هن وٽ ڪجهه به نه هو.

هو ڪافي دير تائين ليٽيل رهيو. جڏهن گهڻي دير گذري وئي ۽ هن کي پَڪَ ٿي وئي ته، در تي ويٺل مهمان هليو ويو هوندو، تڏهن هن ڪيڏانهن وڃڻ جو سوچي در کوليو. گهڻي دير گذري وڃڻ باوجود به، در تي سندس مهمان ڪتو موجود هو!

هن هيٺ ويهي، مهمان ڪتي جي مٿي تي پيار سان هٿ ڦيريو ته، کاڌو نه ملڻ جي باوجود به ڪتي پيار سان هن جي پيرن تي ليٿڙيون پاتيون. روز جيان ڪجهه دير هن ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هليو ويو.

هو اهو سڄو ڏينهن بک تي رهيو ۽ رات جو وري بک تي ئي سمهي پيو.

صبح جو اٿي هن در کوليو ته، سندس مهمان ڪتو در وٽ ئي ويٺو هو.

ڪتي هن کي خالي هٿين ڏسڻ جي باوجود سندس پيرن تي پيارا سان ليٿڙيون پاتيون، ڪجهه دير خاموش نظرن سان هن ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ هليو ويو.

هن پاڙيسري شخص کان ٻڌو ته، ڪجهه فاصلي تي موجود ميدان تي امدادي سامان ورهايو پيو وڃي. هن امداد ۽ خيرات طور ملندڙ سامان وٺڻ لاءِ سوچيو به نه هو پر پيٽ ۾ پوندڙ بک جي چڪن سبب، نه چاهيندي به هو ميدان ڏانهن هليو ويو.

ميدان تي هڪ طرف هڪ دولتمند ماڻهو، هڪ مسڪين انسان کي پنج ڪلو اٽي جو پيڪيٽ ڏيندي مُرڪي فوٽو ڪڍرائي رهيو هو.

ٻئي طرف ٽي عوامي نمائندا، مسڪين ٻار کي هڪ سستو صابڻ ڏيندي، پنهنجا ڏند ڏيکاري فوٽو ڪڍرائي رهيا هئا.

ڪجهه فاصلي تي پنج ماڻهو، هڪ لاچار سهڻِي نوجوان عورت کي سيڌي جي هڪ ننڍڙي ٿيلهي ڏئي رهيا هئا. پنجن ئي ماڻهن جي مُنهن تي مُرڪَ ۽ سندن هٿَ ٿيلهيءَ ۾ هئا. لاچار سهڻِي عورت جو شرم سبب ڪنڌ جُهڪيل هو ۽ هن پنهنجي پوتيءَ جي پلئه کي ڏندن ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو. ٿيلهي ڏيندڙن جي سامهون موجود نوجوانَ فوٽو ڪڍيو ته، ٿيلهيءَ ۾ هٿَ وجهي بيٺلن مان هڪ شخص رڙ ڪري چيو، اهو فوٽو جلدي فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ انساٽاگرام تي پوسٽ ڪجانءِ ۽ پوءِ ڪنهن ٻئي کي هيڏانهن ڇڏجانءِ.“

ڪورونا جي وبا دوران، شهرت جي وائرس ۾ مبتلا انهن سڀني ماڻهن کان هن سخت ڪراھت محسوس ڪئي.

هو پنهنجي بک ۽ عزتِ نفس سان گڏ، خالي هٿين واپس موٽي ويو.

هو پنهنجي گهر جي در تي پهتو ته، ڪتو سندس انتظار ڪري رهيو هو. ڪتي جي وات ۾ هڪ پلاسٽڪ بيگ جو هينڊل هو ۽ بيگ ۾ سندس مُنهن اڳيان لڙڪي رهيو هو.

هن هيٺ ويهي ڪتي جي وات ۾ جهليل پلاسٽڪ بيگ وٺي کولي ڏٺي. ڪنهن گند جي ڍير تان کنيل انهيءَ ٿيلهيءَ ۾، بچائي ڦِٽي ڪيل ڪجهه کاڌو موجود هو.

هن پيار سان ڪتي جي مٿي تي هٿ ڦيريو ته، پيار سان گڏ هن پنهنجي دل ۾ ڪتي لاءِ عزت به محسوس ڪئي ۽ ڪتي پاران ڏنل کاڌي جي ٿيلهي کڻي هو گهر ۾ اندر هليو ويو!

 

ڪووڊ وارڊ جو بند دروازو

 

اسپتال جي ڪووڊ وارڊ ٻاهران ڪوريڊور ۾، ماسڪ پاتل اڌڙوٽ عمر جي عورت رڙيون ڪري رهي هئي، ڊاڪٽر... ڊاڪٽر... خدا جي واسطي منهنجي پُٽ کي ڏسو... !“

عورت جي رڙ شيشي جي ٻئي طرف ڪووڊ وارڊ ۾ موجود ڊاڪٽر تائين نه پهچي سگهي.

عورت ڪيترائي ڀيرا رڙيون ڪري ڊاڪٽر کي سڏ ڪندي رهي پر ڪنهن به هن ڏانهن ڌيان نه ڏنو. عورت وارڊ ۾ اندر داخل ٿيڻ چاهيو ته، وارڊ جي دروازي تي موجود گارڊ، عورت کي روڪي سختيءَ سان چيو، توکي گهڻا ڀيرا چيو اٿم ته، وارڊ ۾ داخل ٿيڻ منع آهي!“

عورت هٿ جوڙي روئندي چيو، منهنجو... منهنجو پٽ مري ويندو.“

گارڊ سرد لهجي ۾ وراڻيو، هن اسپتال ۾ ڪوبه بيڊ خالي ناهي. پنهنجي پٽ کي ڪنهن ٻي اسپتال ڏانهن کڻائي وڃ.“

عورت جو آواز ڏڪڻ لڳو، ڪنهن ٻي اسپتال ۾ به بيڊ خالي ناهي!“

گارڊ هڪ نظر اسٽريچر تي پيل نوجوان ڏانهن ڏسي وراڻيو، وري به ڪنهن ٻئي اسپتال ۾ ڪوشش ڪر. وقت نه وڃاءِ، تنهنجي پٽ جي حالت ٺيڪ نٿي لڳي.“

گارڊ جي ڳالهه ٻڌي عورت جو ساهه سُڪي ويو. هن واپس اسٽريچر وٽ وڃي پنهنجي پُٽ ڏانهن ڏٺو، جيڪو ساهه کڻڻ ۾ سخت تڪليف محسوس ڪري رهيو هو.

عورت شيشي جي ٻئي طرف موجود ڊاڪٽر ڏانهن ڏٺو.

وارڊ ۾ موجود ڊاڪٽر مريضن کي ڏسڻ ۾ مصروف هو.

عورت وارڊ جي شيشي کي ڌَڪَ هڻندي دهشت منجهان رڙ ڪئي، منهنجو پٽ مري پيو... مري پيو منهنجو ٻچڙو....“

ڪوريڊور ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهن منجهان ڪنهن به عورت ڏانهن ڌيان نه ڏنو.

ڪووڊ وارڊ جي گارڊ عورت ۽ اسٽريچر تي پيل سندس پٽ جي حالت ڏانهن ڏسي ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو.

عورت شيشي جي ٻئي پاسي ڪووڊ وارڊ ۾ مصروف ڊاڪٽر ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري، پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺائين ته کيس لڳو، سندس پٽ ساهه نه پيو کڻي.

عورت بيوسيءَ منجهان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. ڪووڊ وارڊ جي بند دروازي ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ پنهنجي چهري تان ماسڪ لاهي ڦٽو ڪيائين. هوءَ هڪدم پنهنجي پٽ جي چهري مٿان جُهڪي وئي ۽ پنهنجا چَپَ پنهنجي پٽ جي چپن مٿان رکي کيس ساهه کڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي.

ڪووڊ وارڊ منجهان ٻاهر نڪرندڙ هڪ نرس، عورت جي چهري کي ٻنهي هٿن سان جهلي مٿي ڪري چيو، ائين ڪرڻ سان تنهنجو نوجوان پٽ ته شايد بچي وڃي پر تون مري ويندينءَ... ڇا پئي ڪري تون!“

عورت هڪدم وراڻيو، مان پنهنجو ساهه پنهنجي پٽ جي جسم ۾ داخل ڪرڻ ٿي چاهيان. ڀل مري وڃان مان!“ اهو چئي عورت نرس جي هٿن منجهان پاڻ ڇڏايو ۽ پنهنجا چَپَ پنهنجي پٽ جي چَپن مٿان رکي ڇڏيائين.

 

نظر نه ايندڙ هاٿي

 

گامون ڏاڍو فڪرمند هو.

پڇيومانس، ڇا ڳالهه آهي گامون؟

چيائين، اٿيءَ هندستان ڏسي ورتو آهي!“

چيم، هندستان جي جهنگ جهر ۾ ته بيشمار هاٿي موجود آهن پر ڪڏهن ڪڏهن شهرن ۾ رستن تي به هاٿي هلندي نظر ايندا آهن.“

گامونءَ ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو، مان انهن هاٿين جي ڳالهه نٿو ڪيان.“

حيرت سان پڇيم، ته پوءِ تون ڪهڙي هاٿيءَ جي ڳالهه پيو ڪرين؟“

چيائين، مان انهيءَ هاٿيءَ جي ڳالهه پيو ڪيان، جيڪو هندستان ۾ لکين ماڻهن کي روز چيڀاٽي رهيو آهي ۽ چيڀاٽجي ويل لکين ماڻهن منجهان روز هزارين ماڻهو مري رهيا آهن!“

مان گامونءَ جي ڳالهه ٻُڌي سوچ ۾ پئجي ويس.

گامونءَ وڌيڪ فڪرمنديءَ سان چيو، ماڻهن کي ماريندڙ ڪنهن مست هاٿيءَ کي ته گوليءَ سان ماري سگھجي ٿو پر جيڪو هاٿي نظر نه ٿو اچي، انهيءَ جي اڳيان انسان ڏاڍو بيوس ۽ لاچار ٿي پيو آهي!“

گامونءَ سان گڏ مان به ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويس.

گامونءَ دُور خلائن ۾ نھاريندي خوف سان چيو، نظر نه ايندڙ هاٿيءَ کي سرحدون نه روڪي سگهنديون ۽ اهو ڪنهن به وقت اسان جي ديس ۾ داخل ٿي سگهي ٿو... !“

 

سوين قاتل

 

ڪورونا ۾ مبتلا پنهنجي بيحد ويجهي فنڪار دوست جي موت جي فيس بڪ خبر پڙهيم ته، دل بيحد ڏکاري ٿي پئي ۽ اکين منجهان لڙڪ لڙي پيا. فيس بڪ هوم تي هر ٽئين چوٿين پوسٽ منهنجي دوست جي باري ۾ هئي. ڪيترن ماڻهن نامياري فنڪار سان گڏ نڪتل پنھنجيون تصويرون شيئر ڪري افسوس جو اظهار ڪيو هو ته، سندس ڪجهه چاهيندڙن هن لاءِ مغفرت جي دعا جا لفظ لکيا هئا.

مون بيحد ڏکاري دل ۽ آلين اکين سان اهي سڀ تحريرون ۽ تصويرون ڏٺيون ۽ پوءِ موبائيل فون بند ڪري رکي ڇڏيم.

هو منهنجو بيحد عزيز دوست هو. سندس اوچتي وڇوڙي جي خبر منهنجو جيءُ جهوري ڇڏيو ۽ مان ڪيتري دير تائين غم جي ڪيفيت ۾ مبتلا رهيس. ڪافي دير کان پوءِ مون پاڻ سنڀاليو ۽ سندس جنازي نماز بابت ڄاڻڻ خاطر موبائيل فون کنيم پر پنهنجي دوست جي ڪنهن به ٻئي گهرڀاتيءَ جو فون نمبر مون وٽ نه هو. مجبوريءَ جي حالت ۾ مون دوست جي نمبر تي ئي ڪال ڪئي.

منهنجي دوست جي پٽ ڪال اٽينڊ ڪئي.

انتهائي ڏک سان پڇيم، پٽ... توهان جي بابا جي جنازي نماز....“

منهنجو جملو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي دوست جي پٽ وراڻيو، اها ڳالهه توهان بابا کان ئي پڇي وٺو انڪل.“

ڇا... !“ انتهائي حيرت سبب اهو هڪڙو ئي لفظ منهنجي وات منجهان نڪتو.

ٻئي لمحي مون ٽهڪ سان گڏ پنهنجي دوست جو آواز ٻڌو، فڪر نه ڪر يار، مان جيئرو آھيان ۽ ڪورونا نيگيٽو به ٿي ويو آهيان پر فيس بڪ تي ماڻهن مون کي ماري ڇڏيو آهي!“

حيرت سان پڇيم، ڪنهن ڦهلائي آهي اهڙي افواهه؟

دوست وراڻيو، افواهه ته ڪنهن هڪ ماڻهوءَ ڦهلائي هوندي پر فيس بڪ تي بنا تصديق جي انهيءَ افواهه کي اڳتي وڌائيندڙ منهنجا سوين قاتل ظاهر ٿي پيا آهن!“

 

سماجي دشمن

 

مان هڪ وڏي سپر اسٽور ۾ موجود هئس. مون کي ماسڪ ۽ هينڊ گلوز پاتل هئا. مختلف ريڪس منجهان ضرورت جون شيون کڻي ٽراليءَ ۾ رکندو پئي ويس ته، اوچتو ڪنهن منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وڌو. ڇرڪي انهيءَ نوجوان ڏانهن ڏٺم ته ڊڄي ويس، جو انهيءَ نوجوان کي ماسڪ پاتل نه هو!

مان تڪڙ ۾ هن کان ٻانهن ڇڏائي فاصلي تي هليو ويس.

ٿورو ڪاوڙ منجهان پڇيم، ڪير آهين؟

ٽهڪ ڏئي چيائين، توهان جي چهري تي ماسڪ هجڻ جي باوجود مون توهان کي سڃاڻي ورتو آهي ۽ توهان مون کي بنا ماسڪ جي به نه ٿا سڃاڻو!“

مون وري پنهنجو سوال ورجايو، ڪير آهين؟

مُرڪي چيائين، مان توهان جو فيس بڪ فرينڊ آهيان.“

چيم، تون منهنجو فيس بڪ فرينڊ نه پر فيس بڪ اينمي، بلڪه حقيقي دشمن آهين!“

حيرت سان پڇيائين، ڇو سائين، مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ !“

وراڻيم، توکي ماسڪ پاتل ناهي ۽ نه ئي تون سماجي فاصلي جو خيال ٿو رکين!“

هن سپر اسٽور ۾ موجود ڪجهه ٻين ماڻهن ڏانهن اشارو ڪري چيو، انهن ڪيترن ماڻهن کي به ماسڪ پاتل ناهن. ڇا اهي سڀئي به توهان جا دشمن آهن؟

وراڻيم، ها، ماسڪ نه پائيندڙ ۽ سماجي وٿي برقرار نه رکندڙ ماڻهو نه فقط ٻين شهرين پر پنهنجي گهر ڀاتين جا به خيرخواهه ناهن!“

هن لاپرواهيءَ سان ٽهڪ ڏنو.

مون هن کان سندس نالو پڇيو ته چيائين، منهنجو نالو سڄڻ آهي.“

مان هن سان وڌيڪ ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ، سامان واري ٽرالي ڪيش ڪائونٽر ڏانهن ڌڪي ويس.

... ۽ هاڻي مان پنهنجي فيس بڪ فرينڊس ۾ سڄڻ نالي واري سماجي دشمن کي ڳولي رهيو آهيان، جيئن کيس انفرينڊ ڪري سگهان!

 

ماسڪ مٿان نظر ايندڙ اکيون

 

سپر اسٽور کان ٻاهر نڪري، خريد ڪيل سامان جون شاپنگ بيگس ڪار ۾ رکيم ۽ گاڏيءَ ۾ ويهڻ کان اڳ، ڊيش بورڊ مٿان پيل سينيٽائيزر کڻي هٿ صاف ڪيم. چهري تي پاتل ماسڪ لاهي، اسٽور تان ورتل نئون ماسڪ پائڻ وارو هئس ته، هوءَ اوچتو اچي منهنجي سامهون بيٺي!

هن جي چهري تي به ماسڪ هو، جنهن منجهان فقط هن جون اکيون نظر اچي رهيون هيون.

مون ڏانهن ڏسندي پڇيائين، مون کي سڃاڻو ٿا؟

سندس اکين جي تاثر منجهان محسوس ٿيو ته، هن اهو سوال شرارت سان مُرڪندي پڇيو هو.

ڊگهو ساهه کڻي، سندس اکين ۾ نهاريندي وراڻيم، مان انهن اکين کي ڪيئن ٿو وساري سگهان، جن ۾ نهاريندي مون کي پنهنجي لاءِ محبت جو سمنڊ نظر ايندو آهي!“

ڪجهه دير پنهنجين سمنڊ جهڙين گھرين اکين سان منهنجي ماسڪ پاتل چهري ڏانهن ڏسندي رهي ۽ پوءِ اداسيءَ سان چيائين، ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن، پاڻ مليا ناهيون... !“

ٿڌو ساهه کڻي وراڻيم، وبا جي ڏينهنِ ۾ اسان جو نه ملڻ ئي بهتر آهي!“

هن ڪو به جواب نه ڏنو. سندس سمنڊ جهڙين اکين منجهان ٻه موتي نڪتا ۽ هن جي چهري تي پاتل ماسڪ ۾ جذب ٿي ويا.

پيار سان وراڻيم، وري وقت ورندو ۽ اسان هڪ ٻئي جو هٿ جهلي وري هلنداسين.“

منهنجي ڳالهه سان هن جي اکين ۾ آئيندي جي اميد جاڳي پئي. ٽشو پيپر سان پنھنجيون پنبڻيون اگهندي، مُرڪي چيائين، لاڪ ڊائون کان پوءِ پهريون ڀيرو توهان کي روبرو ڏٺو اٿم. سوچيان پئي ته... مان خواب پئي ڏسان يا واقعي توهان منهنجي سامهون موجود آهيو!“

مُرڪي وراڻيم، تون منهنجي زندگيءَ جو خواب آهين ۽ مان تنهنجي زندگيءَ جي حقيقت آهيان... !“

هوءَ ڪجهه دير مون کي چِتائي ڏسندي رهي. ماسڪ ۾ مُرڪندي رهي ۽ پوءِ ڪو خيال سندس ذهن ۾ آيو ته چيائين، پاڻ کي چهنڊڙي هڻي ڏسان، جيئن پَڪَ ٿئي ته توهان حقيقت ۾ منهنجي سامهون آهيو!“

مُرڪي وراڻيم، چهنڊڙي پاڻ کي نه مون کي پاءِ، ته جيئن مون کي به خبر پوي ته منهنجي زندگيءَ جو خواب، حقيقت ۾ منهنجي سامهون موجود آهي!“

هن هڪدم منهنجي ٻانهن تي چهنڊڙي پائي خوشيءَ منجهان چيو، توهان ته حقيقت ۾ مون سان گڏ آهيو، مان خواب نه پئي ڏسان!“

مان هن کي سندس ڪار تائين ڇڏڻ ويس.

هوءَ پنهنجي ڪار جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺي ته چيم، محبت ۾ ماڻهو ڪنهن تي مرندا آهن پر مان توتي جيئندو آهيان!“

ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن ڏسندي اداسيءَ سان چيائين، وبا جي هنن ڏينهن ۾ توھان اهو نه وسارجو ته، اسان گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جو قسم کنيو هو... !“

ڪجهه سوچي مُرڪي چيم، اڌ قَسم تون ٽوڙي ڇڏ، اڌ قَسم مان ٿو ٽوڙيان، ڇو ته مان توسان گڏ جيئڻ ٿو چاهيان... !“

هن ڪار جو دروازو بند ڪيو ۽ شيشي جي پويان پنهنجي چهري تان ماسڪ لاهي مُرڪي مون ڏانهن ڏٺائين.

هن کي مُرڪندي ڏسي مون کي يقين ٿي ويو ته، هڪ ڏينهن دنيا ۾ ڪنهن جي به چهري تي ماسڪ نه هوندو ۽ اسان ٻَئي، هڪ ٻِئي جو هٿ جهلي، خوشيون ملهائيندڙ ماڻهن جي هجومن وچ مان، گيت ڳائيندا ايئن ڊوڙندا وينداسين، ڄڻ هوائن ۾ اُڏامندا هُجون....!

 

نافرمان جهمورو

ٻچا جهمورا.“

جي استاد.“

هيڏانهن اچ.“

اچي ويس.“

منهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟

ڏنڊو آهي.“

ٻچا جهمورا.“

جي استاد.“

ڦيرو ڏي.“

ڦِري ويس.“

ڪٿي آهين؟

سنڌ ۾.“

سنڌ ۾ ڇا آهي؟

لاڪ ڊائون آهي استاد.“

ڪنهن ڪيو؟

سيد سرڪار ڪيو.“

ٻچا جهمورا.“

جي استاد.“

هيڏانهن اچ.“

اچي ويس.“

ڦيرو ڏي.“

ڦِري ويس.“

ڪٿي آهين؟“

بلوچستان ۾.“

بلوچستان ۾ ڇا آهي؟

لاڪ ڊائون آهي استاد.“

ڪنهن ڪيو؟

اهو ڪمالَ جو ڪمالُ آهي.“

ٻچا جهمورا.“

جي استاد.“

هيڏانهن اچ.“

اچي ويس.“

ڦيرو ڏي.“

ڦِري ويس.“

ڪٿي آهين؟“

خيبر پختونخواه ۾.“

خيبر پختونخواه ۾ ڇا آهي؟“

لاڪ ڊائون آهي استاد.“

ڇا... ڪنهن جي حڪم سان ٿيو!؟

ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان گهرن ڏانهن هليا ويا هئا.“

پوءِ ڇو لاڪ ڊائون ٿيو، ڪنهن ڪيو لاڪ ڊائون جو اعلان!؟

ننڍي خان پنهنجو فيصلو پاڻ ڪيو ۽ اعلان ڪري ڇڏيو.“

ٻچا جهمورا.“

جي استاد.“

هيڏانهن اچ.“

اچي ويس.“

ڦيرو ڏي.“

ڦِري ويس.“

ڪٿي آهين؟“

پنجاب ۾.“

پنجاب ۾ ڇا آهي؟

لاڪ ڊائون آهي استاد.“

جهمورا.....!“

جي استاد.“

تو غلط جواب ڏئي، تماشائين جي سامهون منهنجو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي!!!!“

تماشائي ڪونهن استاد.“

ڇا....!“

ها استاد، تماشائي پنهنجن گهرن ڏانهن هليا ويا آهن!“

ڇو هليا ويا!؟“

ڇو ته پنجاب ۾ به لاڪ ڊائون آهي!“

ڇا... پنجاب ۾ لاڪ ڊائون ڪنهن ڪيو!؟

مون ڪيو استاد.“

ٻچا جهمورا....!“

جي استاد.“

هيڏانهن اچ.“

اچي ويس.“

ڦيرو ڏي.“

هاڻي نه ڦرندس

ٻچا جهمورا....!“

جي استاد.“

منهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟

تنهنجي هٿ ۾ ڏنڊو آهي. جيڪو وڻئي سو ڪري ڏيکار استاد...!“

ٻچا... ٻچا جهمورا.“

جي استاد.“

هاڻي مان ڇا ڪيان...!“

ڪجهه به نه. هاڻي تون گهر هليو وڃ استاد.“

 

 

بيٽ، بيلٽ پيپر ۽ جهمورو

 

ٻچا جهمورا.“

جي استاد.“

هيڏانهن اچ.“

اچي ويس.“

ڦيري ڏي.“

ڏئي ڇڏيم.“

جيڪو پڇان، سچ ٻُڌائيندين؟

ها استاد، سئو سيڪڙو سچ ڳالهائيندس!“

ڪٿي آهين؟

پنهنجي وطن ۾.“

وطن ۾ ڇاهي؟

ڪاوڙ آهي!“

ڪنهن جي ڪاوڙ؟

سڀني جي...!“

ڪاوڙ جي پويان ڇا آهي؟

خاموشي آهي....“

ڇاجي خاموشي۔۔۔!؟“

اها خاموشي، جنهن جي پٺيان طوفان هوندو آهي!“

توکي ڪجهه ٻُڌڻ ۾ اچي پيو؟

ها استاد....!“

ڇا ٿو ٻُڌين؟

تبديلي... تبديلي... تبديلي....!“

ڇاجي تبديلي۔۔۔؟

نعري واري تبديلي نه... وڌيڪ پاڻ سمجهي وڃ استاد...!“

ٿورو کولي ٻُڌاءِ، ڪهڙي تبديلي!؟

عزيز هم وطنو واري...!“

ٻَچا جهمورا....!“

جي استاد.“

منهنجي ويجهو ته آءُ....!“

نه استاد.“

ٻَچا جهمورا....!“

جي استاد.“

منهنجي هٿ ۾ ڇا آهي!؟

ڪجهه به ناهي....!“

ٻَچا جهمورا....!“

جي استاد.“

هاڻي مان ڇا ڪيان...!؟

جيڪو ڪرڻو هيئي، سو ڪري چڪو آن.....“

ڇا ڪيو مون...!؟“

راند ۾ رولو نه وجهين ها... غلطي ڪري وئين، هيرو مان زيرو ٿي وئين....!“

ٻَچا جهمورا....!“

جي استاد.“

سو وري ڪيئن!؟

بيٽ کي ميدان تان کڻي، بيلٽ پيپر تي نه رکين ها....!“

ٻَچا جهمورا....!“

جي استاد.“

ٿورو ويجهو ته آءُ....!“

نه استاد، پري کان ڳالھاءِ....!“

ويجهو ڪينَ اچين ٿو ڇو؟

خطرو آهي ڪورونا جو... تو احتياط ناهي ڪيو....!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com