سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪڻ ڪڻ ريت ۾ ڪيئي ڪهاڻيون

باب:

صفحو:10 

هوءَ سندس چپن ڏانهن پنهنجا سنهڙا نازڪ چپ وڌائي ٿي. جهونو هاڻ مُرڪي ٿو. سندس نفيس پر هلڪي رنگ ۾ ملبوس چپن کي ڏسي، سندس ورهين جي تمنا ڪَرَ موڙي اندران جاڳي ٿي. اوچتو هو ويجهو ويندي به سندس چپڙا نٿو چُمي ۽ پنهنجا چپ سندس پيشانيءَ تي رکي ٿو ڇڏي. سندس اکين مان ڳوڙها لڙي هن جي پيشانيءَ کي آلو ڪن ٿا. عورت جون اکيون بند آهن. هن کي اڃا به انتظار آهي. انهيءَ وچ ۾ هو پنهنجي گلي مان ويڙهيل مفلر لاهي ٿو ۽ سندس اکين کي چمندي هن جي اکين کي کولڻ جي ڪري ٿو. هوءَ اکين کي کولي سندس منهن ۾ آس سان نهاري ٿي، پر اُت ڪجهه به ناهي. هوءَ حيران ٿي پوئتي هٽي ٿي ۽ سندس تپرس اڃا به وڌي وڃي ٿو، جڏهن هن جي نظر سندس ڳچيءَ تي پوي ٿي. سندس ڳچيءَ جي چوڌاري ماس ڪوريل آهي. سُڪل زخمن جا ڪارا نشان اُماس ورتل چنڊ جيان چِٽا ٿي بيٺا آهن. هوءَ آهستي هٿ وڌائي اُنهن زخمن کي ڇُهي ٿي، پوءِ اُنهن کي چُمڻ جي ڪري ٿي. هو سندس چهري کي ڇڪي پنهنجي هنج ۾ آڻڻ جي ڪري ٿو. هوءَ خشڪ چپن کي آلو ڪندي پڇيس ٿي:

”ٿروٽ ڪينسر... آپريٽيڊ؟“

هو ڪنڌ سان هاڪار ڪري ٿو ۽ اشاري سان ٻڌائيس ٿو ته انڪري هو ڳالهائي نٿو سگهي. هوءَ آهستي ڪنڌ لاڙي پنهنجو منهن سندس هنج ۾ آڻي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي ٿي. پوءِ آهستي آهستي سندس روئڻ جو آواز جهڪو ٿيندو وڃي ٿو. اچانڪ هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي ٿي ۽ کيس ڇڪي اُٿاري ٿي ۽ ٻانهن کان ڇڪي در ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪري ٿي. هن کان اکر نٿا اُڄهن، پر اِشاري سان کيس چئي رهي آهي ته ڇا به هجي توکي مون سان هلڻو پوندو- هلڻو پوندو. هو ٻه وکون هلي بيهي رهي ٿو ۽ آهستي هٿ ڇڏائي موٽي ٿو. وهاڻي هيٺان پيل خطن جو بنڊل ڪڍي ٿو ۽ پلنگ تي پيل هڪ کليل ڪتاب کڻي ٿو ۽ واپس وري اُن عورت جي هٿن ۾ اُهو خطن جو بنڊل ڏئي ٿو ۽ پوءِ اُهو کليل ڪتاب، جو سندس ئي لکيل آهي، زور سان بند ڪري کيس ڏئي ٿو. هوءَ ڪتاب وٺندي ئي سندس سيني سان لڳي رُئڻ لڳي ٿي. کيس ڀاڪر پائي مٺيون ڏئي ٿي. هوءَ آهستگي سان سُري وڃي کُليل دريءَ جو پاسو وٺي ٿي. ٿڌي هوا سندس آلن ڳلن کي مَسُچٽي وانگر خشڪ ڪرڻ جي ڪري ٿي. سج اُلهي چڪو آهي. اڱڻ ۾ ٻريل ٽمڪندڙ بلب جي روشني سندس وجود کي جرڪائڻ لاءِ وڌي اچي ٿي. هوءَ هن کي پٺي ڏيندي به ڄڻ سندس سامهون هئي. هو چٽو پٽو ٻڌي رهيو هو ۽ هوءَ چئي رهي هئي:

”مان هاڻ اُها ڪمزور ڇوڪري نه رهي آهيان، جنهن هن جهاڳيل ۽ نپوڙيل حياتيءَ ۾ ڪوبه مضبوط فيصلو نه ڪيو. هاڻ مان هڪ مضبوط ارادن ۽ حوصلن واري عورت آهيان. تون مون تي ڀروسو ڪر، مون وٽان توکي تنهنجن مونجهارن جو ڇوٽڪارو ملندو. هڪ نئون جيئدان ملندو. مان سوين ميل جهاڳي ائين نه آئي آهيان. مان توکي وٺڻ آئي آهيان، تون ائين پاڻ کي نه مار، گُلَ!“

هن جو آواز ڳرو ٿي ويو ۽ پوءِ هن پٺي ورائي ڏٺو. جهونڙو اُن ئي ڪرسي تي ويٺو هو. هن ڳچيءَ تي مفلر ورائي ڇڏيو هو. هو سڌو اُن ڀت ڏانهن ڏسي رهيو هو جت سندس تصوير لڳل هئي. اُن عورت کي مٿس پيار به آيو ۽ رحم به. جهڪي روشني ۾ تصوير ڏانهن ڏٺائين. اُت کيس پڪي ارادي وارو بهادر ليکڪ، بهادر اُستاد ۽ مڪمل بهادر انسان نظر آيو. پوءِ هن ڏانهس ڏٺو، هڪ نٻل ڪمزور شخص، هڪ بازي هارايل انسان وانگر ويٺو هو. سندس جملن جو مٿس نه ڪو اثر هو نه جذبو. هو خاموش ويٺو رهيو. هوءَ آهستگيءَ سان وڌي ۽ پرس کنيائين. جُهڪي سندس پيشانيءَ تي پيار ڪيائين ۽ پوءِ ڪمزور ۽ جهڪن قدمن سان دروازو کولي ٻاهر نڪري ويئي. هن دفعي دروازي مان ڪي به ڏنگا ڦڏا وروڪڙ ڪرڻا اندر داخل نه ٿيا. ڪجهه اونداهي اندر ڪمري ۾ هئي، ڪجهه اونداهي اندر گهڙي آئي ۽ پوءِ دروازو بند ٿي ويو!

جهونڙي کُليل دريءَ ڏانهن نهاريو، جتان ٽمڪندڙ بلب جا ڪي وقتي ڪرڻا اندر ايندي ڄڻ ته ڊڳا پئي. هُن دريءَ مٿان سسئيءَ جي وندر وؤڙڻ واري تصوير ڏي ڏٺو. اُن ۾ چِٽيل سوريءَ جي سرڪڻ ڦاهي کي به ڏٺو. چٽي نه ايندڙ تصوير به هن روزمرهه وانگر چٽي ڀانئي ۽ اُن ۾ نقش ٿيل اُن تصوير جي عنوان طور ڏنل بيت جي هڪ سٽ کي ياد ڪيو. چپن ۾ ئي هن چيو پر کيس لڳو، سندس چپن ۾ چيل اُها سٽ سڄي ڪمري ۾ ٻُرڻ لڳي آهي. کيس لڳو ته ڏريل ڀتيون به ڳالهائن پيون. جِهڪيل ڇت مان به اُها سٿ ٽپڪي پئي. هن پراڻي ڪوچ ڏي ڏٺو، اُتان به اُهوئي آواز هو. پراڻا اسپرنگ به اهوئي ڳالهائين پيا. سڄو ڀڳل فرش به کڙڪي پيو ۽ اُهائي سٽ چئي پيو. آبنوسي ڪٻٽ جي هر کُلندڙ ۽ بند ٿيندڙ طاقن مان به اُهوئي سڏ هو. جنڊي لٿل پاون واري کٽ تي پيل ڪتاب هر کُلن پيا، وري بند ٿين پيا، اُتان به اُهي ئي سڏڙا هيا. پنا کڙ کڙ ڪري اُڏامن پيا، ۽ سڄي ڪمري جي ڪردارن سان گڏ جهونگارين پيا، ڄڻ ته کيس سڏين پيا. آواز وڌندا ويا، ۽ پوءِ هُن اُنهن آوازن سان هم آهنگ ٿي چيو. آواز نه نڪتو ۽ سندس چچريل گلي ۾ گم ٿي ويو. پوءِ هن ڪوشش ڪري بند گلي مان هڪ ڏاڍي وڏي دانهن ڪئي. هن جو آواز ڄڻ ته کُلي پيو، ۽ هن پاڻ چٽو ٻڌو ته هاڻ هو اُها سٽ سڀني سان گڏ چئي پيو سگهي: ”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟“ هو چوندو هليو: ”سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون؟“ سندس اکين مان ڳوڙها وهندا هليا ۽ پوءِ آهستي آهستي آواز گم ٿيندا ويا ۽ هو به ماٺ ٿيندو ويو.

ڪمري ۾ هاڻ اُهائي ماٺ هئي، پراڻي ڄاتل ماٺ. هميشه وانگر هو ماٺ جو حصو بڻجي ائين ئي ويٺو رهيو. سندس نظرون سامهون واريءَ ڀت تي هيون، جت فريم مان سندس ماضي، سندس همزاد، کيس پيار مان مُرڪي ڏسي رهيو هو. هو خاموش کيس تڪيندو رهيو. پوءِ سندس چپن تي به ساڳي سندس تصوير جهڙي ئي مُرڪ ڦهلجي ويئي.

 

ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾

 

هيءُ شهر به ڪوئي شهر هُيو؛ هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي…! منهنجي ڳوٺ، مهنجي شهر، ڪي زمانا ڏسي دنگ ڪيو آهي. هاڻ نه اُهي گهٽيون رهيون. نه اُهي ماڳ مڪان رهيا، نه اُهي راڳ رنگ جا روپ رهيا. ڳُتيل گهٽيون، چوڌاري جاين جو جوڙاءُ، لنگهه به بازاريون، نه اُهي باغ بستان، نه اُهي مستيءَ جا پيمانا پياريندڙ پيرن فقيرن جون درگاهون. ماڻهو هاڻ زمان و مڪان کان بي خبر ٿيو وتن هڪ ٻئي جو شيل شڪار ڪندا. انهيءَ سڄي مانڊاڻ کان بي خبر ڪي بزرگ خاموش آستانن ۾ پنهنجي چوڌاري دفن ٿيل ماڻهن جي خبر لهندا رهن ٿا. هو پاڻ ڌرتي اندر هوندي به ڪنهن ڏيئي ٻاريندڙ کان اهو به پڇندا رهندا آهن ته ڪي ٻين قبرن تي به ڏيا ٻاريو ٿا يا نه؟ انهن بازارين ۽ محل نما جوڙايل جاين جي پويان لڪل سنڌ جو عظيم شاعر شاهه نصير به مدفون آهي. سندس مقبرو سڄو سارو ڪري پيو، ڪنهن نه جوڙايو. هو نٽهڻ ۽ ولهه کان بي خبر چئن ديوارن اندر پنهنجن سان گڏ آرامي آهي. اُن چوديواري کان ٻاهر ڪي سوين ستل هئا، پر جيئرن اصل ۾ مئلن جا مدفن ڊاهي، ڪئين ئي گز زمين جا پنهنجي لاءِ جيئرن جا قبرستان جاين جي صورت ۾ جوڙايا آهن.

مان جڏهن انهيءَ ڳوٺ، اُنهيءَ شهر ۾ ويندو آهيان ته وستيون لتاڙي، گهٽيون ۽ ناليون ٽپي اُنهيءَ شاعر جي درگاهه تي ويندو آهيان. هيءَ درگاهه ڪڏهن ته وسيل هئي. ڪيئي راڳي، مڌ ۾ مدمست ٿي سندس ڪلام به ڳائيندا هئا ته لطيف، سچل ۽ ساميءَ کي به جهونگاريندا هئا. اڄ اُجڙيل درگاهه اندر مڪان جون ڪي ڀَڳل ڀتيون، ڪي قبرون ۽ سائين شاهه نصير جي قبر ۽ اُن سان گڏ سندس ڪجھ عزيز قريب ساڻس قرب ونڊڻ لاءِ ستل آهن.

مان جڏهن به اُن درگاهه جي وڏي دروازي وٽ پهچندو هيس ته شاهه نصير جي پونيرن مان گادي نشين پير ويٺل نظر ايندو هو. ڪو زمانو ته ڪير نه ويٺو پر جڏهن پيرن جي پونيرن ۾ ويڙهاند ٿي ته ڪئين کجيون وڍي ليٽايون ويون ۽ اُهي باغ اُجڙجي پَٽ بڻيا، پلاٽ بڻيا ته پيرن لاءِ در تي ويهي نذر نياز وٺڻ ضروري ٿي پيو.

مون کي ياد آهي ته پيرن مان هڪ وارث جڏهن اچي ويٺو ته هڪ ڪارڙي سانوري اڌڙوٽ عمر جي مائي ڀرسان بيهي پکو جهليندي هيس. ڪڏهن زور ڏيندس، ڪڏهن ايندي ويندي ڏي وڌي ويندي. نذر ۽ نياز لاءِ هٿ ٻڌي عرض ڪنديس ۽ موٽائي وٺي ايندسِ ۽ هو اچي سائينءَ کي ٻه ٽي روپيا ڏيندو. سائين ويچارو به هو شريف ماڻهو، تازو نذر نياز لاءِ ٻاهر نڪتو هو. پهريائين ته انڪار ڪندو پر پوءِ وٺي پيو ٿورا مڃيندو. هن کي خبر هئي ته هاڻ سندس اوطاق تي لڙي وڃي نذر نياز ڏيڻ وارا ماڻهو ئي مري کپي ويا. سڳي ڌاڳي ۾ اهو ايمان نه رهيو هو. حويليءَ ۾ بيبين سڳورين ۾ ڪي مايون ٻارن ٻچن لاءِ دعا، ڦيڻي، ڌاڳي لاءِ لڙي ويون ته لک ٿيو. ملڪيتون به ويون پر هيءُ در ته نه وڃي. ويچارو شاهه نصير هاڻ ساڻن لاءِ وڌيڪ ڇا ڪري؟ڦٽل ڀڳل، مقبري لٿل درگاهه هنن پوين پساهن ۾ پيل پيرن لاءِ وڏي وَٿُ هئي. اسان جو وڃڻ ٿئي عيد براد تي ۽ اُها مائي به پير صاحب کي صبح ساڻ سينگاري سنواري درگاهه ٻاهران وڏي در جي ٿورو اورتان بازار جي گهٽيءَ وٽ آڻي ويهاريندي هئي. بازار مان ڪو لنگهي ۽ نظر پئيس ته ڪجھ نذر ڏئي پر ڪي درگاهه تي وڃي پنهنجن جي قبرن تي چار قل پڙهڻ اچن ته سائين وٽان لنگهن ۽ ڪي ته ڏيو به وڃن. پر ڪي شهر جا چڱا مڙس اُنهن کان گهرڻ به گناهه. پير صاحب ۽ مائي ڏسندا رهجي ويندا هئا. مائي ويچاري انهيءَ لاءِ کيس ڇڏي اندر درگاهه ٻهارڻ لڳندي هئي. پراين قبرن کي صاف رکندي هئي. ڪي سال ٿيا جو پهريائين مون کيس درگاهه جو اڱڻ ٻهاريندي ڏٺو. منهن مٿي کان ڍڪيل، هٿ ۾ وڏو ٻهارو، گاهه گند پئي ڪَٺو ڪندي ڄڻ ڪا ٽائون ڪاميٽيءَ جي ڀنگياڻي پئي صفائي ڪري. عيد ڏينهن قُل ۽ دعا پڙهي جڏهن سڀ عزيز قريب نڪرندا هياسين ته هيءَ پاسو وٺي بيهندي هئي. مان ۽ ڀاءُ شمس کيس خرچي ڏيندا هئاسين.

هڪ لڱا چئي ڏنائين، ”سائينءَ کي به ته عيد جي خرچي ڪرايو“. اسان هٻڪي بيهي رهياسين. هيڏو پير، ملڪيتن جو مالڪ، اسان کان پنج ڏهه روپيه خرچي ڪيئن وٺندو. پر هڪ دفعي همٿ ڪري وياسين. پير صاحب پهريائين آنا ڪاني ڪئي، پوءِ کليو ۽ هٿ وٺي ٿورا مڃيائين. چهري تي خوشي اچي ويس. ان ويلي سندس حالت جي اسان کي خبر نه هئي. پوءِ جڏهن ڳوٺ ويندا هئاسين ته درگاهه وٽان لنگهندي کيس ڏسندا هئاسين ته ڪجهه ضرور ڏيندا ويندا هئاسين. هيءُ پير ويچارو ڪنڌ هيٺ ڪري وٺندو هو پر لڳندو هو ته هو منگتوُ پيرن جي ڪُڙم قبيلي جو ناهي. هڪ دفعي اسان وارو چاچو حاجي اليڪشن ۾ بيٺو ته ووٽن لاءِ ويران ۽ پَٽ ٿيل باغ لتاڙي سندن اوطاق تي وياسين.

هڪ ڀڳل اوتاري جيان اوطاق هئي. هيءَ مائي منهن ۾ ملي، وٺي ڇني ۾ وئي. پير صاحب آڏو لاهه پي ٻريا. هو بت جو ڳرو مڙس کٽ تان اُٿي نه پيو سگهي. اسان وڌي ملياسينس. ڏاڍو خوشي پئي ٿيو. چاچي کي کلي چيائين، ”حاجي صاحبَ هاڻ هت ڇا رکيو اهي. ڀُتو ڀاڻ آهي. لڙي ڪير به نٿو اچي. پنهنجا ڀائر ڀائيٽيا چئي ۾ ڪينهن. راڄ ڀاڳ ويو پورو ٿي. هن اوطاق ۽ هن ڀُريل حويلي جو حال ڏسو ٿا. هاڻ جي ڪو لڙي آيو، ڪنهن چيو ورتو ته ووٽ کوڙ“.

ساهي کڻي مائي ڏانهن نهاري چيائين، ”نور! ڏسين نٿي؟ منهنجا سڄڻ آيا آهن، ڪو چانهه چڪو ته چاڙهي وٺ“.

اسان اڃا آناڪاني ڪيون ئي ته مائي يڪدم وراڻيو، ”سائين مون چانهه چلهه تي چاڙهي ڇڏي آهي. ائين سڄڻن کي وڃڻ ٿورو ئي ڏبو. وڏي ڳالهه ته سائين مِٺل آيو آهي، اسان جا وڏا ڀاڳ!“

مون مرڪي چاچي ۽ ڀاءُ شمس ڏي نهاري چيو، ”ها بابا! تنهنجي هٿن جي چاهه ضرور پيئبي. پر جلد ڪر“.

”اجهو ٿي آڻيان“ چئي مائي ڇني کان نڪري اڱڻ ۾ چڙهيل چلهه تي وڃي ويٺي.

چاچي ۽ پير صاحب پاڻ ۾ پئي ڳالهايو. اوچتو ماستر علي نواز جيڪو اسان سان وَرڪ تي گڏ نڪتل هو سو سُري منهنجي پاسي ۾ آيو، ”مٺل سائين، ڇا ٿا ڪريو، هيءَ اصل ڀنگياڻي اٿو. اسان کي به هن جي هٿان چانهه پيئڻي پوندي؟“

مون ڇني مان ٻاهر نهاريو. مائي نور چلهه تي ويٺي هئي. باهه جي روشني سندس سانوري چهري کي چمڪائي ڇڏيو هو. سندس چهري تي عجيب چمڪ هئي. منهنجي لاءِ ته ڄڻ هڪ گهريتڙي عورت چلهه تي ويهي چانهه ڪاڙهي رهي هئي. ائين پير صاحب جو آواز آيو، ”نور! چانهه جو ڇا ٿيو، منهنجي لا ءِبه ڪوپ کنيو اچجان، پر مٺي چانهه جو“. سائينءَ کي شايد شگر هئي، اسان سان گڏ مٺاڻ جو چسڪو ٿي ورتائين. سائين ڏاڍي پاٻوهه ۽ پيار مان سڏ ڪيس. مون ڪنڌ ورائي استاد علي نواز کي آهستي مرڪي چيو، ”پير ۽ سيد به هن جي هٿ جي چانهه پين ٿا، اسان اُمتين کي ڪهڙو اعتراض“. مائي نور جهٽ ۾ چانهه کڻي آئي. منهنجي ويجهو آئي ته منجهانئس ڪاٺين جي دونهي جو هڳاءُ پئي آيو. سندس چهرو دُکي ڳاڙهو باهه ٿيو پيو هو. مون کي ته ڪا ٻي ڌپ نه پئي آئي. ڪاٺين تي ڪاڙهيل چانهه جو مزو ئي پنهنجو ٿئي ٿو. چانهه سڀني پيتي. مون نذرانو رکيومانس ته شرمائجي ويو، ”مٺل سائين! اهو ڇا ٿا ڪريو؟ هر دفعي پيا بار چاڙهيو“. مون شرميلو پير پهريون دفعو ڏٺو. ٻاهر نڪتاسين پئي ته مائي به نڪري آئي. مون کلي کيس ڪجھ خرچي ڏني، ”اڄ نه سائين! اڄ توهان منهنجا مهمان آهيو، مهمانن کان مهمان نوازي جو ملهه وٺبو آهي ڇا؟“ مان سندس ڳالهه ٻڌي حيران ٿيس. ڀنگياڻيون ائين ٿينديون آهن؟ پوءِ ته سڀ سٺيون ئي هونديون.

اليڪشن واري ڏينهن مائي نور ڌوتل وڳو پائي وارن ۾ تيل وجهي ڇڪي چوٽي ڪري آئي هئي ۽ مردن واري پولنگ تي بيٺي هئي. ماستر علي نواز ڀڙڪو ڏئي آيو، ”مٺل سائين، هيءَ مائي ته چاچي سائينءَ جي وَرڪ پئي ڪري. ڀلا ڀنگياڻي جي چوڻ تي به ڪنهن ووٽ ڏنا آهن؟ ڪٿي ووٽ نه کَرن، خيال ڪيو“.

”جهڳي نه هڻ ماستر! ڀنگي به انسان هوندا آهن، تون ته هن جي هٿن سان ڪاڙهيل چانهه به پي آيو آهين“. مون ڄڻ ته کيس ڦوڙ هنيو، هو اوڪارا ڏيندو ’ٿو ٿو‘ ڪندو ڀڄي ويو. مائي نور واندي ٿي ته ڦري آئي، ”سائين! گاڏي ڏيندئو ته سائينءَ کي وٺي اچان“. سائين آيو ته منڊل مچي ويا. مائي نور پوش پوش ڪندي اصل هوڪا ڏيندي پير صاحب کي اندر وٺي ويئي. پير صاحب به ڪو سالن کان پوءِ ڪنهن اليڪشن تي آيو هو. ماڻهو به ڦري ويس. هيءُ شرميلو پير سڀني سان ائين مليو ڄڻ سڀ ماڻهو پير هجن ۽ پاڻ اُمتي. ”بابا… بابلا… منهنجا سائين! منهنجي دل، منهنجا پرين“، ڪندو پيو ملين. سائين جو منهن ٻهڪي پيو. بقول ماستر علي نواز جي سائين جيئرو ٿي آيو آهي. اليڪشن ته چاچي کٽي پر مائي نور هُلائي ڇڏيو ته اها سائين پير صاحب جي ڪرامت هئي. سندس سڀاڳا پير هئا جن کيس اليڪشن کٽائي هئي. مون ۽ چاچي به ان جي تصديق ڪئي. خبر اها پئي ته ڪجھ ماڻهو دعا سڳي ڦيڻي لاءِ وري وٽس وڃڻ لڳا هئا. وقت کي ته پر لڳل آهن، مان وٽن ٿورن مڃڻ لاءِ به وڃي نه سگهيس. ڪجھ وقت کان پوءِ ٻڌم ته سائين ڏاڍو بيمار هو. مون کيس ڪجھ نه ڪجھ مدد موڪلي، پوءِ ڪجھ عرصو ڳوٺ وڃڻ نه ٿيو. نيٺ هڪ عيد تي ڳوٺ ويس، درگاهه جي دروازي وٽ ڪير به ڪونه هو. سائين پير صاحب به ڪونه هو. مائي نور کي به قبرستان ۾ ٻهاري ڏيندي نه ڏٺم، مٽن مائٽن دوستن جي قبرن تي قل پڙهي، ڪي مايون ڪُنڊَ پاسي کان ويٺيون هيون. مان جيئين ئي دعا گهري واندو ٿيس ته هڪ جهونگار ٻڌم.

”ليلا لُڇُ مَ ايترو، اُٿي اڱڻ سورِ!

ابو ڏاڏو گهورِ، پاڻ سوڌو پرين تان“.

مون ڪنڌ لاڙي ڏٺو: هڪ هڏائون پڃرو، اکين تي عينڪ، اُها هڪ مائي هئي جنهن هٿڙا جهلي پئي دعا گهري.

”تان ڪا وائي وار دلاسي جي داسڙا!

تون منهنجو ولهو آئون تو ۾ طمعدار،

ڍڪي ڍول! گذار لڄ منهنجي لوڪ ۾“.

مان جيئن واپس پئي وَريس ته سندس پاسي کان لنگهيس، ”سائين مٺل آهين!“ مون کيس غور سان ڏٺو. مائي نور هئي،ڏاڍي ڏتڙيل حال ۾ هئي. مان کيس سڃاڻي نه سگهيو هوس“. مائي نور آهين ڇا؟ هيءُ ڪهڙا حال ٿيا اٿئي؟“ مان بنهه ويهي رهيس.

”سائين! ڪهڙا حال ٿو پڇين؟ سائين بس هاڻي موڪلائڻ تي آهي. ڏاڍيون ڏکيون بيماريون ڪاٽيون اٿئين. پورهيا ڪري پن سن ڪري سندس علاج ڪرايم پو وريو ڪي به ڪين. تون به ته ڪي ورهيه نه لڙين. ڏاڍا بڇڙا حال ٿيا آهن، سڀ مٽ مائٽ منهن موڙي ويا. شهر جي ته خبر اٿئي ڪو پُرسان حال ڪونهي. ماڻهن ڀاڻَ ته وِڪيا پر هاڻ قبرستان تي به آهن قبضا. سائينءَ جي ته خبر اٿوَ، حضور شرم ماڻهو گهرڻ به گناهه سمجهي. ڪهڙي پاسي وڃون. سندس حويلي وارا به سورن ۾ آهن. آيو آهين ته ڪا اهڙي امداد ڪر جو ڪي ڏينهن ته لنگهڻ کان بچون!“

مان ماٺ ۾ اچي ويو هيس! هيءُ اُجڙيل ديار، چوڌاري، مڙهه ئي مڙهه، شاهه نصير بي وس، سندس خاندان رُليل ۽ ڏتڙيل! هيءَ فقيرياڻي پئي اُنهن لاءِ خير گهري. مون کيسي ۾ هٿ وجهي جيڪي به هو ڪڍي کيس ڏنو.

”مائي نور! سائينءَ کان طبيعت پڇجانءِ. مون کان جيڪي پڄندو اُهو موڪليندومانس. چئجانس ته دل نه لاهي، مان پڇڻ به ايندومانس“. مائي نور جي منهن تي چمڪ اچي ويئي، جيڪا گهڙي اڳ اُجڙي پيئي هئي. جهڪي کڻي منهنجي پيرن تي هٿ رکيائين. مون کيس هيٺان کڻي مٿي بيهاريو، ”ائين نه ڪر مائي نور، تو ۾ وڏي مڻيا آهي. وڏي نورَ واري آهين. ڀلا تو جو سويل شاهه سائينءَ کي پئي ڳاتو سو به سُر ليلا چنيسر مان. تون ڳائيندي به آهين؟“

”سائين! منهنجي ماءُ هن درگاهه تي رتي ديري کان اچي ڳائيندي هئي. جهوني ٿي ته هتي ئي ٻهاريدار بڻي. مون کي به رتي ديري مان آڻي هت ويهاريائين، تڏهن درگاهه وسيل هئي: ڇا ته ميلا هئا، ڇا ته مڻيادار ماڻهو هئا. رنگ لڳا پيا هوندا هئا. ڪٿان ڪٿان جا ڳائڻا اچي سائينءَ جو سلام ڀريندا هئا. مون به اتان پرايو ۽ ڳائڻ لڳيس. ماءُ سان گڏ سائين شاهه نصير جا هيءُ اڱڻ ٻهارڻ لڳيس. اسين هن درگاهه جا ٻهاريدار آهيون. مٺل سائين! جڳ ڀلي ڀنگي چوي، ڪهڙي خبر ته ڪير ڪهڙو ۽ ڪيترو گند ٻهاري ٿو. سائينءَ کڻي جو سيني لاتو ته سمجهان ٿي ته مان اندران ڪاري ٻاهران به ڪاري سڄي اڇي اجري ٿي پئي آهيان. ڀلي پيا مون تي گند اڇلائين بابل! ڪنهن پنهنجا گند يا عيب ثواب ڏٺا آهن؟ مان ته پنهنجي چنيسر جي ليلا آهيان. جڳ جهان ڇا به چوي، هو ته منهنجو ڍَڪُ آهي ۽ شال هميشه رهي. دعا ڪجو، ڌڻي ڪنهن به ڏهاڳ کان پناهه ۾ رکي“. ڳالهيون ٻڌي حيران ٿي ويس. مان آهستي آهستي اٿيس. وک وک ۾ ڏيئي مقبري مان نڪتس ٿي ته چيائين، ”مٺل سائين! منهنجي سائينءَ لاءِ دعا ڪجانءِ، منهنجو هُن کان سواءِ ڪوبه ڪونهي“. اکين مان نيرَ وهي آيس. لڙڪن جو ڪاٿو نه هو. منهنجي اکين ۾ به پاڻي ڀرجي آيو، پوءِ ڏاڍي وڍيندڙ سر ۾ شاهه ڳاتائين!

”مَ ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين،

ڪونهي ڪميڻيءَ جو، بگر تو ڀلو،

تنهنجو نانءُ ڀلو وٺيو ويٺي آهيان“.

منهنجي آڏو ليلا وانگر پئي ليلايائين. هيءَ عجيب ليلا هئي! نه وٽس مَڻين وارو موهه هو نه هن چنيسر کي وِڪيو هو. مون کي ائين لڳو ته هيءَ هن زماني جي اُها ليلا آهي، جنهن پنهنجا سڀ مڻيا پنهنجي چنيسر تان گهوري ڦٽا ڪيا آهن ۽ جڳن جا جڳ لتاڙي پنهنجو پرين پاتو آهي. اڄ ان کي وري وڃائڻ نٿي چاهي.

مان درگاهه جي وڏي دروازي کان نڪتس پئي ته گلڻ باغائي سهڪندو آيو. ساڻس گڏ پير صاحب جو نينگر به هو. مان اڳتي وڌيس ته مون کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندي چيائين، ”سائين! بيهو ته سهي، ڳالهه ته ٻڌو“.

”خير ته آهي؟“

”خير ڪٿي؟ سائين پير صاحب گذاري ويو! هاڻ مائي نور کي ٻڌائڻو آهي. ڪيئن ٻڌايونس؟ توهان ڪا مدد ڪيو، هوءَ اڳي ئي بيحال آهي“.

مون نينگر ڏانهن ڏٺو. ”ها سائين، اوهان امان نور کي ٻڌايو ۽ وٺي هلوس“. مان ڇرڪي ويس. هيءَ پير جو سيد نينگر هڪ جَڳُ مشهور ڀنگيانيءَ کي امان پيو سڏي. مائي نور، واهه تنهنجي وفا! هو سڏڪن ۾ هو. اکيون روئڻ ڪري ڳاڙهيون ٿيون پيون هيس. مون پوئتي نهاريو، مائي نور مقبري جي دروازي وٽ جهولي جهليو پٺيري بيٺي هئي. مون کي ائين لڳو ته ليلان هڪ دفعو وري ڏهاڳڻ بڻجي وئي آهي. سندس چنيسر کيس جيئري بنهه ڏهاڳ ڏيئي ماري هليو ويو آهي. مون ۾ همٿ نه هئي، مون نينگر جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ چپ چاپ اڳتي وڌي ويس. پٺتي وَرَ ڪري نهاريم ته هو ٻئي اڃا اتي بيٺا هئا. مائي نور به اُتي ئي بيٺي هئي. مائي نور ته دعا گهري هئي ته ڌڻي کيس ڏهاڳ کان پناهه ۾ رکي پر ڏهاڳ کيس ڏنڀيو بيٺو هو. هوءَ ائين پنڊپهڻ ٿيو بيٺي هئي، جيئن جُڳن کان جَڳَ جهان ڄڻ ڏنڀي ڇڏيو هئس. مون بي اختيار ڀڻڪيو: ”ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾“.

 

ڪهڙي مومل، ڪهڙو راڻو

 

ڪمري ۾ اوچتو روشني ٿي ته هُن ڪنڌ مٿي ڪيو. سامهون ماڻس بيٺي هئي. هن جي اکين ۾ ڪي سوال هيا. ماڻس وڌي وٽس آئي ۽ کيس ڀاڪر پائي جيئن مِٺي ڏنائينس ته ڏٺائين ته هوءَ سڄي پگهري پيئي هئي. يڪدم وڃي دريون کوليائين، پوءِ پکي کي هلايائين.

”شانان! هن گُهٽ ٻوسٽ ۾ پاڻ کي مارينديئن ڇا؟ اُٿي، هٿ منهن ڌوءِ ۽ ڪپڙا مَٽاءِ. سانجهي ٿي ويئي.“

ماڻس گهڻن ڏينهن کان پوءِ کيس سندس اصلوڪي نالي سان سڏيو هو. شانان ڇرڪي ويئي. پوءِ دري مان ٻاهر نهاريائين. ٻاهر اونده ڦهلبي پئي ويئي.

”امان! مان اڄ شانان ٿي لڳان؟“

”تون منهنجي ته شانان آهين،“ ماڻس پيار سان وراڻيس.

هن ڏٺو ته ٻاهر اوندهه وڌندي پئي ويئي، پر هن کي انهيءَ اوندهه کان وڌيڪ اندر جي اوندهه جي ڳڻتي هئي. ماڻس ٿرماس مان پاڻي ڪڍي کيس پياريو. هن جيئن ٻه ڍُڪ ڀريا ته اندر ٺري پيس. هوءَ سڄو گلاس يڪساهي پي ويئي.

”سڄو ڏينهن هُن جي انتظار ۾ ائين ئي گذاري ڇڏيئه!“

”هون!“

”هو هِن هفتي به نه آيو نه!... هي چوٿون ڇنڇر آ نه! انتظار ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو اٿئي. نه ننڊ نه آرام، پنهنجون سهڻيون اکيون ته ڏس!“

”هون!“

”پوءِ به ڳالهه نٿي سمجهين؟“

”ڇاسمجهان،“ شانان جواب ڏنو.

”هاڻ هُو نه ايندو.“ ماڻس آهستي چيو.

”ڇو نه ايندو، امان! هن کي اچڻو ئي پوندو. ڪيئن نه ايندو؟“ هن وڏي ڀروسي سان چيو.

”هو نه ايندو، جو هن شادي ڪري ڇڏي آ.“ ماڻس هڪ ڌماڪو ڪيو، هوءَ سڄي ڏڪي ويئي.

”توکي ڪنهن ٻڌايو؟“ هن ڀڻڪيو.

”پاڻ واري هاڻوڪي مئنيجر گل محمد مون سان ڳالهه ڪئي. هن کي مون چيو هو ته پڇا ڪري.

۽ هُو لڳو پيو هو. هو هيٺ اڃان به ويٺو آ، پڇڻ چاهين ته پڇينس کڻي. مان مٿي چڙهيس پئي ته مون کي سڏ ڪري جاچ جوچ کان پوءِ پڪي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. کيس ڏاڍو ڏک هيو. هن ڪيترن ڏينهن کان پئي منهنجا ڪن کڻايا، مان توکي ڇا ٻڌايان...؟“

هوءَ وڌيڪ پگهر جي ويئي ۽ پوءِ کڙائي سان اُٿي بيهي رهي. ٿرماس مان گلاس ۾ پاڻي اوتي هڪ سَٽ ۾ سڄو گلاس پي ويئي. هن دفعي پاڻي سندس اندر نه ٺاريو. اندر جي باهه ڄڻ وڌيڪ ڀڙڪي پيئي. هوءَ رڙهي ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون وڃي بيٺي. هن پاڻ کي ڏٺو. هوءَ پنجٽيهه ٽپيل عورت لڳي پئي، پر سندس ڀريل مضبوط جسم ۽ چهري جا تِکا نقش ٻڌائي رهيا هئا ته هوءَ جهڙي تهڙي جسم ۽ منهن مهانڊي واري عورت نه هئي. هن ويلي به سونهن سندس منهن مان پئي بکي. هوءَ هينئر به پنهنجي عمر کان گهٽ پئي لڳي. قدرت هن کي پنهنجو رنگ روپ ڏنو هو. هوءَ آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندي رهي. هن ماءُ جو عڪس آئيني ۾ ڏٺو. هن آهستي اچي سندس وار کولي هٿ سان وکيريا. سندس وار لهرو کائي سندس چوڌاري ڦهلجي ويا. ماڻس وارن کي سنيڌ کان وٺي هيٺ تائين ڏٺو. کيس ٻانهن کان وٺي ڪرسيءَ تي ويهاريائين. پوءِ کوپري جي تيل جي شيشي کڻي آئي. مٿي ۾ تيل وجهي مالش ڪرڻ لڳي.

”تو ڪهڙا حال کڻي ڪيا آهن؟ هاڻي اُٿي تيار ٿي. اقبال اچي يا نه اچي، وڃي ڌوڙ پائي. تو سڄي حياتي مڙسنهين جي مرڻ کان پوءِ ڪنهن ڏي اک کڻي نه نهاريو. اقبال کي ڏسي هرکي پئين جو ننڍو نيٽو ۽ سهڻو نوجوان هو. توکي اهڙو وڻيو جو تو نه ڏٺو اڳ يا پوءِ. اسان توکي ڇا سمجهايون؟ پاڻ وهيڻي آهين، توکي ڪير جهلي. ڏس اڄ هيءُ حال آهن. گل محمد مون کي سندس قصا پيو ٻڌائيندو هو، پر مون ڌيان نه ڏنو. گل محمد اسان جو هڏ ڏوکي آهي ۽ هتي جو ئي ماڻهو آهي. هاڻي ترقي ملي اٿس، هتي ئي مئنيجر ٿيو آهي. جي توکي مڙس ڪرڻو هو ته گل محمد جي زال کي ڪي سال مئي ٿيا. پري ته ڪونه هو. ڪئين ٻيا به هئا جن پئي چورايو، پر اقبال ڏٽن ۽ آسرن تي ٻه سال ڪڍي ويو ۽ توسان شادي به نه ڪيائين. هاڻي حيدرآباد ۾ ويٺو نئين زال سان موجون ڪري. تو ڪڏهن پنهنجين ٻن نياڻين جي به سنڀار نه ڪئي. جڏهن کان اقبال آيو ته تو پٺ ڏئي نه نهاريو. اسڪول کان گهر ايندي هئينءَ، پوءِ سڌو هن ماڙي تي. هيءَ ماڙي، هيٺين بينڪ، دوڪان، زمين، جائداد، مڙسهين جي توکي ملي، پر ڪنهن جي مهابي؟ انهن ٻن نياڻين جي ڪري نه ته مرهيات علي محمد جا واسطيدار مٽ مائٽ گهٽ هئا؟ انهن ڪيسن ڪڙن کان گهٽايو؟ پر هنن نياڻين جي ڪري ڪورٽن ۾ تنهنجي سرسي ٿي. اڄ يارُ مِٺو، اولاد ڪؤڙو، ڏاهي ٿي مومل!“ ماڻس هن دفعي سندس پيار جو نالو کنيو. ماڻس هٿ ڍرو ڪيو پرڳالهائيندي مومل سندس هٿ کي هٽايو ۽ ڏانهس نهاريندي پڇيائين.

”نرمل ۽ ڪومل ڪٿي آهن؟“

”ڪٿي وري ڪٿي آهن، کين ساڻ وٺيو آئي هيس. سڄو ڏينهن پئي پُڇيايون. ننڍيون ته ڪين آهن سڀ سمجهين ٿيون. توکي اوندهه ۾ فڪرن ۾ ٻڏل ڏسي اڱڻ ۾ هليو ويون آهن.“ سدوريون اهڙيون آهن جو ٻڙڪ به ٻاهر نه ٿيون ڪڍن ڪيئن نه چپ ويٺيون آهن. هوءَ ٽپ ڏئي اُٿي بيٺي ۽ ورانڊو ٽپي اڱڻ ۾ آئي. سندس ٻيئي نينگريون کٽ تان اُٿي ڊوڙي اچي کيس چنبڙيون. هو هيٺ جهڪي ۽ پوءِ ويهي رهي، ۽ کين ڇاتيءَ سان لائي مٺيون ڏيڻ لڳي. ”ممان! تون وهنتين به ناهين. وار به چِپ ڄِپ پيا ڪن. اَمان وڏيءَ تيل وڌو اٿئي نه. ڏس منهنجا وار.“

هن سندس پشم جهڙن وارن تي هٿ گهمايو ۽ آخر تائين سندس هٿ هليو ويو. هن کي محسوس ٿيو ته هيءَ ننڍڙي ڪومل ڪيڏي نه وڏي ٿي ويئي آهي. هن وڏيءَ نرمل ڏانهن نهاريو، کيس هوءَ ڊگهي قد سان ٻارنهن سالن جي نينگري سفيدي جي وڻ جيان وڌندڙ لڳي. هن کين اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ويهاريو.

”ممان! توهان وڃو، پهريائين تيار ٿي اَچو، پوءِ ڳالهيون ڪنداسين.“ هوءَ مشڪي پيئي.

ڪمري ۾ ويئي ته وري ويچار وڪوڙي ويس. هنن ڏينهن تي اقبال هتي هوندو آهي، هو ۽ پاڻ نڪو فڪر نڪو غم. هوءَ پلنگ تي اُن پاسي آهلي پيئي، جنهن پاسي اقبال ليٽندو هو. هو هيترا ڏينهن نه آيو ته به اُميد تي پئي هلي، پر اڄ سندس شاديءَ جو ٻڌائين ته جهڄي پيئي. هن ڏاڍيان روئڻ پي چاهيو پر نينگرين جو خيال ڪري هن وهاڻو کڻي منهن تي ڏنو هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. اوچتو سندس نظر هڪ رومال تي پيئي جيڪو وهاڻي سان گڏ چهٽيو پيو هو. وهاڻو هٽائي رومال کڻي ان کي چمڻ لڳي هيءَ اقبال جو رومال هو جيڪو هن وهاڻي هيٺيان رکي ڇڏيو هو. هن رومال کڻي منهن تي رکيو ته کيس هڪ عجيب هڳاءُ آيو. هن جو روئڻ ته بيهي ويو، پوءِ هوءَ رومال کي چمندي رهي. کيس لڳو ته رومال به کيس چمڻ لڳو آهي، ائين جيئن اقبال هر گهڙي هر پل پيار ڪندو هو ۽ هوءَ کيس پنهنجين ٻانهن ۾ لڪائڻ جي ڪندي هئي. هو سڄو سارو ويڙهجي سيڙهجي اُن ڀاڪر ۾ سمائجي ويندو هو. مومل جي مڙس کي مئي ورهيه ٿيا. هن مڙس جي مرڻ کان پوءِ ڪنهن ڏي به نه نهاريو. پهريائين هو اندر شهر ۾ رهندا هئا. مڙس وڏو واپاري، زميندار ۽ پيسي وارو هو. هن مومل کي جيئري ته سک ڏنو پر مئي به محل ماڙيون ڇڏيون. مومل آهستي آهستي هن هڪ ماڙيءَ واري گهر ۾ رهڻ شروع ڪيو. مڙس به کيس شانان بدران مومل سڏيندو هو ۽ هن ماڙي کي مومل جي ماڙي. هيٺيان دوڪان ۽ ٻي عمارت بئنڪ کي ڪرائي تي ڏنل هئي هوءَ ٻن نياڻين ۽ ماءُ کي وٺي هتي اچي رهندي هئي. هڪ ته هيءُ هنڌ شهر کان ٻاهر مين روڊ تي هو، ٻيو اسڪول کيس ويجهو هو جت هوءَ نوڪري به ڪندي هئي. شادي کان پوءِ به مڙسس کيس نوڪري نه ڇڏائي. ماستري اڳ سندس گذر سفر هو هاڻ وندر ورونهه. هاڻ ته اسڪول به هاءِ اسڪول ٿي ويو هو. هوءَ منجهند جو ساهيڙين سان ۽ شام جو پنهنجي مڙس سان گهڻو تڻو هن ماڙيءَ ۾ اچي رهندي هئي. خوشي ۾ وقت پئي گذريو، جو اوچتو سندس مڙس کي دل جو دورو پيو ۽ هو گذاري ويو. مڙس کانئس عمر ۾ چڱو وڏو ته هو پر نه ڪڏهن عمر لکايائين ۽ نه وري بيماريءَ جي لکا ڏنائين. مڙس جي مرڻ کان پوءِ هوءَ حيران پريشان ۽ ويڳاڻي ٿي پيئي. ڪڏهن پراڻي گهر ۾ رهي ته ڪڏهن هتي. هن کي هميشه ڪپڙي لٽي سينگار جو شوق هوندو هو. پنهنجي حسن تي ناز هوس، سو هوءَ هلندي ئي شان مان سان هئي. مڙس مري ويو ته اهو شوق ته هليو ويس پر سندس سونهن سوڀيا کي ڏسي ڪئين ڪڍ پيس، پر هن لوڻو ئي نه هنيو. کيس خبر نه رهي ته اقبال جيڪو بينڪ ۾ نئون مئنيجر ٿي آيو هو، هن جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي ويو. واٽ ويندي، بينڪ ۾ ايندي ويندي ٻولاچاري وڌندي ويئي ۽ هو نه رڳو سندس من کي وڻيو پر اندر ۾ پيهٿي ويو. جڏهن هئو مئو ٽرندي هئي ۽ هُو ماڙيءَ جي پوئين ڏاڪڻ ٽپي مٿي ايندو هو ته هوءَ ٽڙي پوندي هئي. عمر جو ننڍو، سدا ملوڪ، ڪپڙي لٽي ۾ ٺهيل ٺڪيل، پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪرو، سندس من پرپائي ويو. هن به کيس ايڏو پيار ڏنو جو هُو ڪي هفتا پنهنجي ڳوٺ به نه ويندو هو. بينڪ جي پويان ٻه ڪمرا ٺهيل هئا، جتان مٿي ماڙيءَ ڏي ڏاڪڻ ويندي هئي. هونئن ته ورهين جا ورهيه ڏاڪڻ بند رهي پر اقبال جي نينهن سڀ دروازا کولي ڇڏيا. در کلندو هو ته اقبال ٽپا ڏيندو چڙهي ايندو ته سهڪي پوندو هو. مومل کلي پڇندي هيس:

”اڃان ته ننڍو نيٽو آهين، هاڻي ئي سهڪين ٿو.“

”مومل! هيءَ مومل جي ماڙي چڙهڻي آهي، جتي جهڙي تهڙي جي جاءِ ناهي. هن ڏاڪڻ تي چڙهڻ به ڏکيو ته لهڻ به ڏکيو!“ پوءِ هو اڱڻ ۾ بتيون وسائي ويهندا هئا، تارن جي جهرمر، ٿڌڙي هوا جا جهوٽا کين جهومائي ڇڏيندا هئا.

اقبال جي مٺين ڳالهين سان سندس اکين تي کيپ چڙهي ويندا هئا. رات به ڳالهين ڪندي ڪندي وهامي ويندي هئي ۽ هيءُ ٻيئي بنا ڪنهن منزل يا مستقبل جي يا ڪنهن سوچ ويچار جي هلندا ويندا هئا. رات ٺرندي هئي ته ٻيئي ڪمري ڀيڙا ٿيندا هئا، جت هوءَ ٽيپ کولي پهريائين پٺاڻي خان جي ڪيسٽ وجهندي هئي. ”ميڏا عشق وي تون، ميڏا پيار وي تون....“ پوءِ ويٺي کيس تڪيندي هئي. سندس اکيون آهستي آهستي ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون. پوءِ اُٿي اقبال کي ايڏو ته پيار ڪندي هئي جو خود اقبال ڊڄي ويندو هو. هوءَ رڳو ايترو چوندي ويندي هئي: ”منهنجا راڻا، منهنجا راڻا، ڀيرو نه ڀڃجانءِ. راڻا، مون کي نه ڇڏجانءِ.“ اقبال صرف اهو چئي سگهندو هو: ”مومل، منهنجي مومل، ڀلا ائين ٿي سگهي ٿو؟“

هن سندس عشق جو جنون ڏسي نيٺ کيس چيو: ”مومل! آخر ڪيستائين هيئن ملندا رهنداسين؟ ماڻهن ۾ به چؤپچو آهي، ڇو نه شادي ڪيون.“

مومل پهرين ته لنوائي ڇڏيو، پر اقبال جڏهن ماڻهن ۾ چوٻول ڏٺو ته گهڻو زور ڀريائين. مومل سندس منهن کي نهاريندي چيو:

”ڏس اقبال! منهنجا راڻا، شادي ڪو مسئلو ناهي. شادي ڪڏهن به ڪري سگهون ٿا، پر ڏس تنهنجي منهنجي عمر ۾ ڏهن ٻارنهن سالن کان وڌ جو فرق آهي. مان جلدئي پوڙهي ٿي وينديس، پوءِ تون هونءَ ئي مون کي ڇڏي ڏيندين، ۽ اهڙي انت کان بهتر آهي ته هاڻ ئي انت اچي وڃي. من! جي نڀائڻي اٿئي ته هينئن ئي نڀاءِ. ڀلي راڄ ڇا به چون، مان ايستائين بيهندس جيسين تون پاڻ ڀاڙي ٿي نٿو ڀڄين. وفا ڏسڻي اٿئي ته نڀائي ڏس. مون کي به ڏسڻو آهي ته هن اڻ ميي پيار جي موٽ ڇا ٿو ڏين.“

”مان نڀائيندس منهنجي مومل! تون آزمائي ته ڏس.“

”اڄ آزمائش پوري ٿي ويئي. بنهه ڌوڙ ڪري ڇڏيائين. هو ائين ڀاڙي ٿي ڀڳو هو، جو اطلاع به نه ڏنائين. ڪرڻي هيس ته ٻه لفظ وات ٽڪاڻي جا ته ڪري ها. عشق ائين جو انگ وڃائبو آهي؟ موٽ ائين ڏبي آهي؟“ هن سوچيو ئي پئي ته ماڻس اندر آئي.

”اڃا ويٺي آهين؟ تيار به نه ٿئين؟ چڱو مٿو ڍڪ ۽ ٻاهر اچ، گل محمد پاڻ آيو آهي. اقبال جي سربستي ڳالهه ٻڌائي ٿو، ته ٻڌ ته سهين. اُٿي اَمان اُٿي، ڏاهي ٿي، هيءَ چادر ويڙهه، اچ ٻاهر.“

پهريائين ته هن سوچيو ته هاڻي ڪهڙا احوال ڪهڙا ليکا. هيترا ڏينهن تڙپي هئي، هن جو حال ساڻو هو، پر ماءُ جي زور ڀرڻ تي ٻاهر نڪتي. ڇوڪريون گل محمد سان کل مشڪري ۾ لڳيون پيون هيون. گل محمد بينڪ جو پراڻو ملازم هو. مڙس جي زماني کان وٽن ايندو ويندو هو. پوءِ ڪرايي وٺڻ ڪرڻ ۽ بينڪ ۾ اڪائونٽ سنڀالڻ ۾ به سندن مدد ڪندو هو. هوءَ وڌي آئي ته گل محمد اُٿي بيٺو. هوءَ کانئس ڪو حجاب ڪانه ڪندي هئي، هن کيس سلام ڪيو، هن جواب ڏنو. پوءِ هوءَ ڇوڪرين جي پاسي کان واڏڻ تي ويهي رهي. گل محمد پنهنجي جاءِ آڇيس: ”ڀلا هتي ويهو.“ ماڻس ٻي کٽ تي ٽپ ڏيئي ويهي رهي هئي. ”مان هت ٺيڪ آهيان. ڀلا احوال ڏيو.“ هن نياڻين کي پيار ڪندي چيو: گل محمد نياڻين ڏي ڏٺو. هن ماءُ ڏي ڏٺو. ماڻس ٽپ ڏئي بيهي رهي. ”مان نينگرين کي گهر ڇڏي ٿي موٽان. هنن کي لڳي آ بُک، ماسي جنان ماني تيار ڪيو ويٺي هوندي، مان تولاءِ به ماني کڻي وران  ٿي.“ مومل ڪوبه جواب نه ڏنو، رڳو ڪنڌ ڌوڻيو.

هو ويون ته هوءَ سامهون کٽ تي چڙهي ويٺي.

”ها، پوءِ ڪهڙي خبر آهي، گل محمد!“

”ڪهڙيون خبرون؟ توهان جو مون تي اعتبار ئي نه آهي. ٻه ٽي دفعا ڳالهائڻ جي ڪيم، پر توهان رُخ ئي نه ڏنو. توهان جي اميءَ کي ڪيترا ئي دفعا ٻڌائڻ جي ڪيم هن ڪجهه به نه ڪڇيو.“

”ڀلا ڳالهه کڻي ڪر.“

”ڳالهه ڇا، اقبال هيڏانهن اوهان سان چڪر هلائي رهيو هو، هوڏانهن حيدرآباد ۾ مائٽن سندس چڪر پئي هلايو. هيءُ به راضي هيو. مان سندن ڳالهيون ٻڌندو هيس. بدلي به پاڻ ڪرايائين. ڪيترا دفعا مون کي فون ڪئي اٿائين. زور اهو ته سندس شادي جي ڀُڻڪ اوهان تائين نه پهچي. هو چوندو هو ته هو پاڻ ئي اوهان کي پرچائي وٺندو. توهان هن کان سواءِ رهي نه سگهندو. اڄ به فون ڪئي هئائين، شايد اڄ يا سڀان اچي ۽ پرچائي وٺي. مون کيس سمجهايو به هيو. اوهان ته کيس سڀ ڪجهه ڏنو. پيسا ڏوڪڙ به سندس حوالي. گاڏي وٺي ڏني، پر ان سان گڏ قرب جون گاڏيون ڀري ڏنيون. ايڏو پيار... ايڏو پيار........اسان پاري ماڻهو کي ڪير ڏئي ته نئون ۽ نوبنو ٿي پوي ۽ ان جا پير ڌوئي پيئي.“ مومل اک کڻي مٿي نهاريس، سندس اک ڪرڙي هئي. هو هٻڪي بيهي رهيو، پوءِ هوءَ بي اختيار کلي پيئي.

”عمر گهڻي هوندوَ.“

”اهائي پنجيتاليهه ورهيه“، مومل کي خبر هئي ته هو عمر لڪائي رهيو هو.

”پوءِ به نوبنا ته لڳا پيا آهيو، اوهان کي ڪهڙي پيار محبت جي ضرورت.“

”اها ڳالهه ناهي سانئڻ، مون امان سان ڳالهه به ڪئي هئي. اسين ڪنهن کي به ڪٿي ٿا آئڙجون يا وڻون؟“ گل محمد رومال ۾ ويڙهي ڳالهه ڪئي. مومل جي منهن تي گهنج پئجي ويا. هيءُ پنجاهه ٽپيل. ڪارو بيڊولو شخص ڪيتري عرصي کان سندس خواب پيو ڏسي. کيس خبر هئي ته سندس مڙس جي مرڻ کان پوءِ هيءُ به اميدوار هو. زال مُيس ته هن سندس ماءُ کي وَٽَ وڪڙ ڏنا، پر سندس نه هلي. پوءِ جو اقبال جي عشق جو سُڻيائين ته هو ماٺ ٿي ويو. ماڻهو سياڻو هو. اقبال جو زيردست ته هو پر پوءِ رازدار بڻجي ويو.

اڄ هيءُ سندس سامهون هلڪو کُليو هو. مومل کي بڇان اچڻ لڳي ۽ خار پڻ. جيسين کيس تڙو کڙو جواب ڏئي، ڏاڪڻ هيٺان ڪار جي بيهڻ جو آواز ٻڌائين.

”گل محمد! توکي اقبال اڄ اچڻ لاءِ چيو هو؟“

هن کانئس تڪڙ ۾ پڇيو.

”هن چيو هو اڄ يا سُڀان.“

هن ڊوڙ پائي ڏاڪڻ جو مٿيون در بند ڪري ڇڏيو. هوءَ پرڀرو ٿي بيهي رهي. ڏاڪڻ تي تڪڙي ٺپ ٺپ ٿي. دروازو وڄڻ لڳو. ڪيتري دير دروازو وَڳو، پوءِ اقبال جو آواز گونجيو.

”مومل دروازو کول، مان آهيان، مان...“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org