سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: رڻ ۽ رڃ جو اتهاس

باب:

صفحو :12

ڪيڏارو

گولين جي وسندڙ مينهن، رڙين ۽ دانهن جي قيامت جهڙي شور ۽ سڙڪن تي هاريل جيئري رت مان، شڙاپ، شڙاپ، اُگهاڙين پيرين ڊوڙندو، سهڪندو، ٽُٽندو، ڳڀا ڳڀا ۽ پُرزا پُرزا ٿيندو ڀڳو هو، اُن انڌي جيان، جنهن جي اکين تي ڪاريءَ رات جي چادر تاڻيل هجي، پر جنهن جا پير هر سڙڪ، هر گهٽيءَ ۽ هر موڙ جا هيراڪ هجن.

کيس سُڌ ئي نٿي پئي ته هو جيئرو به آهي يا نه! هن شهر جي ڪهڙي گهٽيءَ ۾ سندس گهر آهي! ڪهڙا ڪهڙا ساروڻا، شهر جي ڪهڙي ڪهڙي موڙ تي ڇڏيا اٿس؟ هاڻي ته ڄڻ ماضي ۽ مستقبل کي ڪائي وڏي مڇي ڳهي وئي آهي، انيڪ ننڍڙين ننڍڙين مڇين سان گڏ. بس اِهو ئي ڀيانڪ ۽ سفاڪ قاتل جهڙو پل بيهي رهيو آهي ۽ بيٺو رهندو. ۽ شهر جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ کي ڏسي، ٽهڪ ڏئي، تاڙيون وڄائي رهيو آهي، ڪنهن ديواني جيان.

 سِول اسپتال، تلڪ چاڙهي، گاڏي کاتو، حيدر چوڪ ۽ هاڻي شاهه مڪيءَ جي مزار جي ڏاڪڻين جي هيٺين سِري تي ڦان ٿيو پيو آهي. وات پَٽيل ۽ اکيون ٻُوٽيل. سياري جي يخ ٿڌيءَ رات جي شروعاتي گهڙين ۾ به سندس جسم رت گاڏڙ پگهر ۾ شم ٿي ويل. اُٻڙڪو اچيس ٿو. ڄڻ جسم جا سمورا اندريان عضوا تکن ساهن جي وهڪري ۾ پٽيل وات منجهان ٻاهر ايندي ايندي رهجي وڃن ٿا.

ڊگهين ۽ اونداهين ڏاڪڻين جي مٿئين سِري تي در جي مٿان لٽڪندڙ گهنڊ، اندر آڳنڌ جي ٿڌي فرش تي گوڏا کوڙي، اکيون ٻوٽيو، ڪنڌ نِوايو ويٺل معتقد، آڳنڌ جي هن ڀر قبر واري ڪوٺيءَ جي چائنٺ تي، مُونن ۾ مُنهن ڏيو ويٺل مجاور ۽ اندر ڪوٺيءَ ۾ شاهه مڪيءَ جي تربت؛ سڀئي سُڏڪندڙ سانت ۾ ٻُڏاڻل. شهر جي لائٽ آف ڪئي وئي آهي، پر مزار جي طاق تي رکيل ڏيئا اڃا به سُڏڪي سُڏڪي ٻري رهيا آهن ۽ روشني فرش ۽ ديوارن تي رڙهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي، رِڙهي رِڙهي، نِستي ٿي پيئي آهي. ٻاهر حيدرآباد جو  شهر، گهٽيون، چاڙهيون، مَنگهه، پٿرن جون پراڻيون عمارتون، قلعي جون ديوارون ۽ برج، اتهاس جي خوني باب ۾، فوج جي آخري جٿي جيان وڙهندڙ، ۽ اُن ساڳئي پَل، شاهه مڪيءَ جي مزار جي ڏاڪڻين تي، ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، رت ٻُڏاڻل جسم سان پيو آهي. گوليون هن جي ٽنگ کي چيرينديون لنگهي ويون آهن ۽ ڪلاشنڪوف جا برسٽ اڃا تائين سندس ڪنن ۾ پڙاڏو بنجي ٿا گونجن. ڏاڪڻين مان هيٺ، کانئس ڪجهه پرڀرو ويٺل، ڀنگ جي نشي ۾ الوٽ موالين ۽ فقيرن، کن لاءِ اکيون کڻي کيس ڏٺو ۽ ٻيهر پنهنجي اندر ۾ موٽي ويا.

1768ع ۾ سندس شاهاڻي ۽ فقيريءَ جي رنگ ۾ رنڱيل دل کي اُن شهر جي زمين موهي وڌو هو. ساڳي سال نڄاڻ ڪيڏي موهه منجهان ۽ ڪيترا خواب ساڻ ڪري، هن شهر جو قلعو اڏايو هئائين سامهون ٽڪر تي پنهنجي ڏيهه واسين لاءِ شهر حيدرآباد. سندس اٻوجهه، موتيءَ جهڙي من وارا ڏيهه واسي سٻاجها، جنهن ڌرتيءَ ۾ انُ پوکين ۽ اُپائين، جنهن مٽيءَ ۾ مٽي بڻجن، انهيءَ تان سِرُ گهورين، نج سون جهڙا، چنڊ چانڊيءَ جهڙا، اهڙا سچا جو منجهان ڪيترا ئي صوفي شاعر، اديب، درويش، عالمَ ۽ اولياءَ ٿيا. دليون سندن اهڙيون ته ڪشاديون، جن ۾ پنهنجا ته پنهنجا، پر ڌاريان به پنهنجن پنهنجن وانگر سمائجي ويا. مانيءَ جي ڳڀي مان جي اڌ پاڻ کاڌائون ته اڌ ٻين کي کارايون. لپ پاڻيءَ مان به، پاڻ اُڃيا رهي به، ڌارين جون اُڃون اُجهايائون. ٻيو ڪجهه نه به هوندو، ته اُتهاس ۾ ڪيئي اهڙا موڙ آيا، جڏهن پنهنجو لهو پياريائون ۽ پنهنجو ماس کارايائون. ارغونن ۽ ترخانن جا ستايل، اُنهن جي گهوڙن جي سُنبن هيٺان لتاڙيل، شهرن جا شهر، ڳوٺن جا ڳوٺ، جيئرن انسانن سميت جلايل، پر هر ڀيري نئين سگهه ۽ اُتساهه منجهان، نئين سري کان ساڳي ڌرتيءَ تي آباد ٿيل. ائين نه هو ته اُهي ڪو هيڻا هئا ۽ ڪڏهن به احتجاج نه ڪيائون . نه، وڙهيا ۽ وڏي دليريءَ سان وڙهيا. سر ڏنائون ۽ گهر گهوريائون. غلاميءَ ۾ جيئڻ سندن مزاج ئي نه هو. پنهنجي ڌرتي ڇڏي ڪڏهن ڌارين ڌرتيءَ ڏانهن ڀڳا ڪونه. پناهه ڏنائون، پر پناهه گير ٿيا ڪونه. خوب وڙهيا. هار ۽ جيت جي فيصلن کان مٿڀرا رهي، پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ سُڃاڻپ کي اتهاس جي صفحن تي جيئرو رکيائون.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏيهه ۽ ڏيهه واسين جو سمورو اُتهاس، اهڙن ئي اُڀن ڪنڊن ۽ ڪاون ڀرئين پيچرن تان ننگن پيرن ۽ رتوڇاڻ ٿيندو لنگهيو هو. آزاديءَ جي خوابن کي راحتن جي رلهين ۾ به ساڻ ڪري سمهندڙ سنڌي، جڏهن ڪلهوڙن جهڙن ٻاجهه ڀرين حاڪمن جي هٿ هيٺ آيا، تڏهن سُک جو ساهه پٽيائون. حيدرآباد جو شهر انهيءَ سُک ۽ ٻاجهه جو شهر ته هو، اُتهاس جي سونهري صفحن تي مير علي شير قانع لکي ڇڏي ويو آهي ته هن قلعي ۽ شهر جي بڻجڻ جو سال 1182هه هن قرآني آيت مان نڪتو هو: ’يا رب، اجعل هذا البلده منا.‘ (اي رب! هن شهر کي امن وارو ڪر.)

اڄ پوريون ٻه صديون ۽ ايڪيهه سال پوءِ اتهاس جي خوني باب، سال 1989ع جي ڊسمبر جي يخ ٿڌيءَ رات جو، اُهو ئي ٻاجهارو حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، شاهه مڪيءَ جي ڏاڪڻين تي رت ٻُڏاڻل پيو آهي. ٻارهين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ڌاري جڏهن سيد محمد مڪي، مڪي شريف جهڙي امن جي شهر مان نڪتو هو، تڏهن هن به نماءُ، لوڀ ۽ لالچ جي ورن وڪڙن ۾ وڪوڙيل دنيا ۾، کيس سنڌ ۾ ئي اُهو ڪعبي وارو چين محسوس ٿيو هو. نيرون ڪوٽ کيس پنهنجي هانءُ ۾ سموئي ورتو هو. نڄاڻ، تڏهن کيس سُڌ به هئي يا نه، ته اُهو ئي نيرون ڪوٽ، حيدرآباد بڻجڻ کان پوءِ، سالن جي ڦيري ۾ ڦرندي ڦرندي، هڪ ڏينهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سميت، سندس پوتر پيرن ۾ رتوڇاڻ پيو هوندو.

اُنهن ڏاڪڻين تي پئي پئي، کيس محسوس ٿئي ٿو ته ذهني ۽ جسماني پيڙا رڙ بڻجي، سندس اندر کي چيريندي، ٻاهر نڪرڻ ٿي چاهي ۽ پڙاڏو بڻجي ڪائنات جي ڦهلاوَ ۾ گونجڻ ٿي چاهي. ٻي پل مٿس انڪشاف ٿئي ٿو ته ويڙهه، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جي انتها تي، پنهنجي ئي رڙ بي معنيٰ ۽ بي آواز محسوس ٿئي ٿي. آواز به نيڻ نهار جيان، ڪو هينئڙي ۾ وڃائجيو وڃي. اکيون، ڪن، ڄڀ هڪ ئي وقت ڪم ڪرڻ کان انڪاري ٿيو پون. هن وقت هن جي ڄڀ کان نه رڳو رڙ ۽ دانهن ڪرڻ جي سگهه، پر لفظ اُچارڻ جو فطري عمل به کسجي چُڪو آهي ۽ ڄڀ ڪنهن ڀاري ڇِپَ هيٺ رکي آهي. ان کان به ڏکاري حقيقت اها آهي ته نه چاهيندي به، هو ڏسڻ لاءِ مجبور آهي، اُهي سمورا منظر، جيڪي نه رڳو ڀيانڪ، غليظ ۽ ذليل آهن، پر کيس تهائين گهڻو بيوس بنائين ٿا ته هو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. ساڳي وقت هو اُهي سمورا وحشي آواز ٻُڌڻ لاءِ به مجبور آهي، جيڪي ڪنهن دهشتگرد جيان، هر لمحي سندس دل واريءَ جاءِ تي هٿيار جي نوڪ رکيو بيٺا آهن ۽ سندس بند مُٺ مان به هوا ۽ پاڻيءَ جيان وهيو وڃن. سڄي سڄي رات هو کٽ تي اکيون پٽيو، لاش جيان پيو هوندو آهي ۽ آواز ڪَنائيندي ڪڏهن سندس دل بيهي رهندي آهي ۽ ڪڏهن دماغ ساڻو ٿي پوندو آهي. ڪڏهن کيس ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ هٿيارن جا مُنهن کوليا ويا آهن ۽ سوين هزارين ماڻهو، گهوڙا گهوڙا ڪندا گهرن مان نڪري، هيڏانهن هوڏانهن لڪڻ لاءِ وٺي ڀڳا آهن. ڪڏهن ائين ڀائيندو آهي، ڄڻ ڪنهن عورت جون ڇاتيون ڪَپيون پيون وڃن ۽ ان جو ٻار ڌرتيءَ تي ڇڙيون هڻي روئي رهيو آهي. ڪڏهن ڄڻ ڪوئي ڪنهن کي ڪُهي رهيو آهي مُڏي ڪاتيءَ سان. سڄي سڄي رات هو انهن آوازن تي لُڇندو ڦٿڪندو نيٺ به سرد پئجي ويندو آهي.

هوريان هوران سندس نيڻ نهار تان ڪوهيڙو گهٽجڻ لڳو آهي. ڪجهه ڪجهه هو سوچي سگهي ٿو. ڪير آهي هو پاڻ! ڪهڙن گسن کان هو ڀڳو هو ۽ ڇو؟ ڪهڙي گهٽيءَ ۾ سندس گهر آهي؟ هن جي اندرجي ڦهلاءُ ۾ ڪيترو ڪجهه پر ڦهلايو بيٺو هو اڏرڻ لاءِ ۽ نڄاڻ ڪڏهن ۽ ڪٿي هن جا پر ڪپيا ويا آهن. نڄاڻ ڪڏهن کان هُو اُڏرڻ بدران پنهنجي جيتامڙي وجود کي سوڙهين گهٽين ۾ گهِلي رهيو آهي. گهٽيون، جيڪي هن ڪُشاديون ٺهرايون هيون، هاڻ ايتريون ته سوڙهيون پئجي ويون آهن، جو کيس پنهنجو ساهه گهُٽبو محسوس ٿيندو آهي. شهر ماتم ڪدي ۾ بدلجي چڪو آهي ۽ هو ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، مٽي مٿي ۾ پائي، لکين ماتمين جي وچ ۾، آهُن منجهان هڪ بڻيو، آهُن جيان ئي مُنهن مٿو پِٽي رهيو آهي ۽ ڇاتي ڪُٽي رهيو آهي. هو ڇا لاءِ ٿو ماتم ڪري!؟.

هوريان هوريان ڪنڌ ورائي ڏاڪڻين جي مٿئين سِري ڏانهن نهاري ٿو. سندس ڳچيءَ ۾ ڄڻ طوق پيل آهي. سُور جي اهڙي سَٽَ اُڀريس ٿي. اُٿي ٿو، پاڻ گهِليندو مٿي وڃي ٿو. گهنڊ وڄائڻ لاءِ، ڪنهن فرياديءَ جيان، هٿ هڻي ٿو، پر گهنڊ بي داد نگريءَ جي راڄ جيان چُپ آهي. هيٺ ويٺل فقير کان ٽهڪ ڇڏائجي ٿو وڃي. وقت جي بي وفائيءَ تي ۽ ماڻهوءَ جي پٿر دليءَ تي، فقيرن سدائين ٽهڪ ڏئي کِليو آهي.

فقير چيو: جيڪو ڪالهه هو، سو اڄ ناهي..... جيڪو اڄ آهي، سو سڀاڻي ناهي ۽ نيٺ به ڪجهه به ناهي..... ڪجهه به ناهي. ماڻهو مٽيءَ جا بوتا آهن. پاڻيءَ منجهه پتاشا آهن. ڇا لاءِ ٿا وڙهن!؟ ڪنهن کي به ڪُهن، پر ڄڻ پنهنجو رت ٿا پيئن، ڇا ڌاريون ڇا پنهنجو! ڌرتي اُن جي ماءُ آهي، جيڪو ڌرتيءَ کي چاهي. هاءِ...... هاءِ..... پنهنجي ئي ڏيهه ۾ ماڻهو پرڏيهي ويچارو. رب سچي سچ چيو آهي.... او بنده!.... ڌرتيءَ تي نهٺائيءَ سان هل. سڀ ساراهه سچي ڌڻيءَ کي جُڳائي. ماڻهو ڪجهه به ناهي ۽ جي آهي ته ڌرتي آهي، ڌرتي آهي.

فقير ٻيهر ٽهڪ ڏئي کِلي ٿو. گاڏي کاتي ۾ هلندڙ ڪلاشنڪوف جا برسٽ چؤڏسا ۾ ٻُرن ٿا. نڄاڻ ڪير ڪُٺو!؟ هو در جي چائنٺ سان رت ٻُڏل پير اُگهي، مزار جي آڳنڌ ۾ گهِڙي ٿو. معتقد کن لاءِ اکيون کڻي کيس ڏسي ٿو. مجاور مُونن مان مُنهن ڪڍي ڏانهس نهاري ٿو. هوا مزار جي ڪوٺيءَ مان ائين سر سر ڪندي لنگهي ٿي، جو طاق تي رکيل ڏيئا اُجهامندي اُجهامندي رهجي ٿا وڃن. مُجاور هن جي اڳيان ميڪانيڪل نوع ۾ پيسن واري پيتي آڻي ٿو، پر سندس کيسا خالي آهن. ڪيئي سال نوڪريءَ لاءِ رُليو ۽ ڀٽڪيو، پر ايم.اي.سنڌي ادب واري ڊگري ڪٿي به نه اگهاڻي. الٽو هر دؤر جي فوجي حڪومت کيس غدار قرار ڏنو. کيس ڀارت جو جاسوس سمجهيو ويو. هاڻي ڪنهن سنڌي پريس ۾ هٿ ۽ ڪپڙا ڪارا ڪري سگهيو آهي. اڄ به اڃا مهيني جي پگهار کيسي ۾ وڌو ئي مس هئائين، جو دهشتگرد هٿيار لهرائيندا پريس ۾ گهِڙي پيا. پهرين پيٽرول هاري پريس کي باهه ڏنائون، پوءِ کيس دسي، ڪيرائي، ڇاتيءَ تي بوٽ رکي بيٺا. کيس پنهنجي ئي ڌرتيءَ کي، پنهنجي ٻوليءَ کي، پنهنجي ئي مٽيءَ کي، پنهنجي ئي ماءُ ڀيڻ کي ننگيون گاريون ڏيڻ لاءِ ٿي مجبور ڪيائون. پنهنجي ئي ڏيهه ۾ ماڻهوءَ لاءِ اهڙو به وقت ايندو آهي ڇا!؟ هن پيڙا وچان ايترو ئي مس سوچيو هو جو مٿس لتن، مُڪن، ٿُڏن ۽ پٿرن جو وسڪارو ٿي ويو. پڇاڙيءَ ۾ جڏهن وٺي ڀڳو هو، تڏهن دور دور تائين گولين سندس پيڇو ڪيو هو. هڪڙي گولي سندس ٽنگ چيريندي لنگهي وئي هئي.

هڪڙي چور نهار مجاور تي وجهي، مزار واري ڪوٺيءَ ۾ گهِڙِي وڃي ٿو. سائو پڙ، ڪيئي ڏينهن کان ڪومايل گلاب جون ڪليون، مٿي روشن دانن تي ڀڻ جهُڻ ڪندڙ پاريلَ، اڪيلو ڏيئو، اگربتين ۽ عطر جي تکي ۽ پراسرار خوشبوءِ، گڏجي هن جي ٿڪل روح جا ٻيڪڙيل دروازا کولڻ شروع ڪري ڏنا ۽ هو ڄڻ پن پن ٿي ڇڻي پوي ٿو. اتهاس جي کنڊر بڻيل ديوار جيان، هلڪڙي ڇُهاوَ تي ئي ڀُر ڀُر ڀُرڻ لڳي ٿو. سندس روح وجود مان سٽ کائي نڪري ٿو ۽ سيد محمد مڪيءَ جي قبر جي سيرانديءَ، زخمي پاريلَ جيان ڀڙڪو کائي نِستو ٿي ڪِري ٿو.

سُڏڪو ڀري ٿو.

آءٌ تنهائيءَ جي عذاب ۾ آهيان.

اڪيلو ٿي پيو آهيان،

هجوم ۾ به،

پنهنجيءَ قوم سان رهندي به،

پنهنجي ٻاٻاڻي ڏيهه جي ڌرتيءَ مٿان رهندي به.

مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ تنهائي اُڏوهيءَ جيان منهنجي هڏ هڏ ۾ سُري ٿي. بي يقيني آڪٽوپس جيان من کي چُهٽي پئي آهي. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جهڙيون عالمي حقيقتون به، مون کي بي يقين سچ ٿيون محسوس ٿين ۽ اُن بي يقينيءَ جي احساس هيٺ، منهنجي پنهنجي گهر جي ڇت ڄڻ منهنجي مٿان کان اُڏامندي ٿي وڃي. منهنجي پيرن هيٺان کان منهنجي پنهنجي ڌرتي ڦاسيءَ جي تختي جيان کسڪائي پئي وڃي ۽ اجهو آءٌ پولار ۾ ٽنگجڻ وارو آهيان.

پناهه....

پناهه....

آءٌ پاڳلن جيان ڪڏهن پنهنجي گهر جي ڇت جهلڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ۽ ڪڏهن زوريءَ پنهنجا پير ڌرتيءَ تي کُپائڻ جا جتن ٿو ڪريان. انهيءَ بي يقينيءَ جي ڪيفيت ۾ نڄاڻ آءٌ پاڻ ئي پنهنجي شهر ۾ اوپرو بڻيو ٿو وڃان يا نڄاڻ مون لاءِ سڀ ڪجهه ڄاتل سُڃاتل هوندي به، اڄاتل ۽ اسونهون بڻبو ٿو وڃي!؟ هاڻي ته مون کي پنهنجو ئي گهر اجنبي ٿو محسوس ٿئي، يا آءٌ پاڻ ڪنهن اجنبيءَ/چور جيان پنهنجي ئي گهر ۾ گهِڙندو آهيان. مون کي لڳندو آهي، منهنجي ئي گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾، منهنجو دشمن منهنجي اوسيئڙي ۾ آهي. گهٽيون مون کي ڏسي سوڙهيون پئجيو ٿيون وڃن ۽ رستا مون کي گهر پهچائڻ بدران مخالف ڏسا ڏي مُڙي وڃن ٿا ۽ ديوارون مون کي شهر خالي ڪرڻ لاءِ ٿيون چون. ڪيڏانهن وڃان!؟ ۽ ڪيڏانهن به هليو وڃڻ واري فرار ۾ ۽ ذهني طرح سان، پوءِ جسماني طرح سان به مارجي وڃڻ ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي!؟ ڇا تون منهنجو ذهني ڪرب ۽ ايذاءُ محسوس ڪري سگهين ٿو!؟ آءٌ روئڻ ٿو چاهيان، اها ڏاڍي هاڃيڪار صورت آهي. جڏهن ڀريل شهر ۾ ڪنهن به شخص کي روئڻ ۽ کِلڻ لاءِ ڪوبه ساٿي نه لڀي ۽ ماڻهوءَ لاءِ نيٺ به پنهنجو ڏک ۽ خوشي اهڙا ئي بي معنيٰ ۽ فضول بڻجي پون؛ جيئن گهٽين ۾ گند جو ڍير.

آءٌ اڪيلو نه هئس. پهرين منهنجي پوري قوم کي تنهائيءَ جي غار ڏانهن ڌِڪي اڪيلو ڪيو ويو. پوءِ اُها گڏيل تنهائي چُهڪي چُهڪي زهر پيئندي، ڪڏهن ۽ ڪيئن اسانجي/منهنجي الڳ ۽ شخصي تنهائيءَ ۾ بدلجي وئي. اها ڄاڻ ئي نه پئجي سگهي. بلڪ ائين، جيئن هجوم جي وچ ۾، مُونن ۾ مُنهن ڏيو ويٺل شخص جڏهن ڇرڪي ڪنڌ کڻي ته هن جي چوڌاري هجوم بدران سُڃي ۽ ڀڙڀانگ تنهائي واڪا ڪندي هجي. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا حادثا ماڻهوءَ کي ڪيئن ۽ ڪٿي بيوس، اڪيلو، ٿڪل ۽ پوءِ نيٺ پاڻ کان ۽ ٻين کان به وڃائي ويل بڻائين ٿا. آءٌ انهيءَ تجربي جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهيان.

پنهنجي ڏيهه جي جاگرافي بدلجڻ جو خوف؛ اهو خوف ته آءٌ اقليت ۾ بدلجي، محڪوم نه ٿي وڃان ۽ بازارن ۾ ڪنهن غلام جيان وڪيو نه وڃان. منهنجي اتهاس کي ڪنهن سازش هيٺ تِڇ ذليل نه ثابت ڪيو وڃي ۽ آءٌ پاڻ اُن حوالي سان ذليل ڪندڙ نظرن سان گهوريو وڃان، هڪ عام سنڌي شخص جي حيثيت ۾.

انهيءَ پيڙا هيٺ، اڄ آءٌ پاڳلن جيان انهيءَ جڳ پراڻي قلعي جي ديوارن تي اُنهن هٿن جو ڇهاءُ ڳولهيندو آهيان، جن جي سگهاري رت ۽ ست مان اُهو قلعو جُڙي راس ٿيو هو. اُن جي ڀڳل بُرجن تي وفادار سپاهين کي ڳوليان ٿو، جيڪي شهر واسين جي جان، مال ۽ عزت جي به حفاظت ڪندا هئا. انهيءَ قلعي کي تاريخ منهنجو تخت گاهه لکي ٿي، پر اڄ مون کي لڳندو آهي ڄڻ آءٌ انهيءَ قلعي جي چوڌاري رڙيون واڪا ڪندو، ڪنهن ديواني جيان، سڄي سڄي رات هوائن سان ٽڪرائيندو، اجهاڻل لالٽين هٿن ۾ کنيو، پنهنجو شاندار ماضي ۽ مهان اُتهاس ڳوليان ٿو. صبح ٿيڻ تي ڄاڻين ٿو ته قلعي جي جهُريل ۽ کنڊر بڻجندڙ ديوارن جي پاڙن ۾ مون کي ڇا ٿيندو آهي!؟ ڪٻاڙين جا دُڪان، پان ٻيڙيءَ جون مانڊڻيون، دڪانن تي ٽنگيل 1947ع کان پوءِ هيل تائين جي انهن فوجي آمرن ۽ جنرلن جون فريم ڪيل ورديءَ واريون تصويرون، جن پنهنجيءَ پنهنجي حڪومت جي دور ۾، سنڌ سڄيءَ کي سنگينن جي نوڪ تي رکيو ۽ ڪنهن به سنڌيءَ کي ساهه کڻڻ نه ڏنو. اها به عجيب نفسيات آهي ته هر اُهو ماڻهو، جنهن سنڌ سان نفرت ڪئي، ان انهن فوجي آمرن لاءِ رستا صاف ڪيا. ان کان سواءِ قلعي جي ديوارن جي لڳ، انگريزن جي لاٿل ڪپڙن جا ڀريل گاڏا ۽ انهن تي خريدارن جي پيهُه ۽ (خدا جي قدرت آهي! نه ته اسان انهيءَ کان اباڻي لوئيءَ جا عاشق رهياسون. پوءِ ڪيڏي به ڦاٽل ساٽل ۽ ميري سيري سهي، اُن جي چتين کي به اسان چاهيو، پر ڌارين جي ڏنل ڪيمخواب کي پهرڻ گوارا نه ڪيوسين.) گندگيءَ جا ڍير، بوءِ، موالين ۽ جُئارين جون ٽوليون. 1947ع ۾ هندوستان جي ورهاڱي کان پوءِ، سنڌ جي واڻين جي لڏپلاڻ جي موٽ ۾، ڀارت کان مڪڙن جيان اُٿلي پيل ڌارين جي هٿن ۾ لُٽيل مال وانگر ورهايل قلعي جي زمين، ڪليم ۾ ورتل واڻين جي شاندار گهرن جا قبضا، زوريءَ کڙيون ڪيل قبرن جهڙيون جُهڳيون ۽ انهن اندر مُردن احساسن هيٺ دٻيل اوپرا ماڻهو. اوپرا ايڏا جو مون کي، منهنجي ٻوليءَ کي، منهنجي اتهاس ۽ ڪلچر کي سمجهڻ ۽ مڃڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيائون. نفرت ايڏي، جو قلعي جي ديوارن تي ٿُڪ اُڇليندي ذرو هانءُ نٿو هِڄين ۽ منهنجا هٿ هر ڀيري اُنهن ٿُڪن سان آلا ٿيو پون.

هڪ اونداهين رات، بلڪ انهيءَ ريت هيٺ قلعي ۾ بلووَ ٿيو، جنهن ۾ ٻاهريان ڪاهه ڪري آيل، ڌرتيءَ جي اصل وارثن جي پيرن هيٺان کان ڌرتي کسڪائڻ جي شروعات ڪندا آهن. جيڪا ڌرتي پناهه ڏي، انهيءَ کي ڌڪاريندڙن جي پيرن هيٺ سدائين پولار رهندو آهي. اُهو ئي پولار سندن هٿيار بڻيو آهي. جنهن ڌرتيءَ ۽ اُن جي ٻولي ۽ اُن جي تاريخ ۽ اُن جي رهواسين کي پنهنجو نه سمجهيو وڃي، اُن ڌرتيءَ تي رت وهائڻ ۽ اُن جي اصلوڪن رهواسين جو ڪوس ايترو ئي آسان آهي، جيترو جانور ذبح ڪرڻ.

آءٌ جانور جيان ذبح ٿي رهيو آهيان.

مسلسل ذبح ٿيڻ جي اُن عمل ۾، منهنجا احساس ڪڏهن شڪست جي دٻاءُ هيٺ دٻجي ويندا آهن. ڪڏهن باغي غلام جيان اصل ڇِتا ٿي پوندا آهن. جنهن رات بلووَ ٿيو، اُن رات هو ننگا خنجر کڻي مون کي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳوليندا رهيا. آءٌ ساهه ٻنهي مُٺين ۾ ڀيڙي، قلعي جي ديوارن سان لڳو بيٺو هئس. جنهن پل هنن مون کي پڪڙيو هو، اُن پل آسمان تان باک ٿي ڦُٽي. قومن جي زوال جي ڪهاڻين ۾ عوام دوست حاڪمن جا آخري منظر اهڙا ئي هوندا آهن. هنن وٽ ته سرڪاري ڪاغذ هئا ڪليم ۾ زمين ملڻ جا. پر منهنجي مٿي تي نه تاج هو، نه پيرن ۾ جُتي. هنن مون کي اُگهاڙن پيرن قلعي مان ڌِڪي ڪڍيو. قلعي کان ٻاهر حيدرآباد جو شهر به ماڻهن جي دلين ۽ بدليل وقت جيان سوڙهو پئجي چڪو هو. مون کي لڳو، منهنجي هٿ ۾ ڪشڪول آهي ۽ اڄ آءٌ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو حيدرآباد جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پناهه ۽ امن جي بيک گهُري رهيو آهيان، جنهن حيدرآباد جي پيرن هيٺ مون تخت رکيو ۽ مٿي تي تاج.

جڏهن پنهنجا پنهنجن تي سوڀ ماڻيندا آهن، تڏهن جسمن ۽ احساسن جي ايڏي رتوڇاڻ ڪانهي ٿيندي. جڏهن ميرن اسان ڪلهوڙن تي سوڀ ماڻي هئي، تڏهن به شايد ايڏو نه رُنو هئس، جيترو 21 فيبروري 1843ع تي، مياڻيءَ جي جنگ ۾ ميرن جي دکدائڪ شڪست کان پوءِ، جڏهن انگريز جنرل فاتح بڻجي حيدرآباد شهر ۾ گهِڙيو هو ۽ ان ساڳي قلعي تي يونين جئڪ لهرايو هئائين. جنهن رات انگريزي ڇانوڻيءَ جي ڪيمپ ۾ مير نصير خان سندس تلوار جي مُٺ تي مٿو ڌري رُنو هوندو، اُن ساڳي رات آءٌ قلعي جي دروازي جي چائنٺ تي مٿو ڌري، سُڏڪا ڀري، رُنو هئس. اتهاس جي انهن دکدائڪ حادثن مون کي سيکاريو ته:

’ڪوشش ڪر، تنهنجو فاتح به تنهنجي ڏيهه منجهان هجي. تنهنجو باغي به تنهنجي ٻولي ڳالهائيندڙ هجي. توکي چماٽ هڻڻ وارو هٿ ساڳي مٽيءَ جو هجي، جنهن مٽيءَ مان تنهنجو هٿ سِرجيو آهي. اوهان ٻنهي ۾ ساڳي ڌرتيءَ سان موهه جي هڪجهڙائپ هجي. اها تاريخ جي فطري ارتقا آهي، پر اختلاف جو اهو اختيار جيڪڏهن ڌارين ڦري ورتو ته اُنهن جي هٿان اُنهيءَ زوال جو سلسلو شروع ٿي ويندو، جنهن ۾ سر وڍي اُنهن جا پهاڙ کڙا ڪبا آهن.‘

شاهه مڪيءَ جي مزار واري ڪوٺيءَ جي روشن دان تي ويٺل پاريل، اکيون مِچڪائي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي ڏٺو. ڄڻ ڪو اڻ چٽو ساروڻو هانوَ تي هُريو هجيس. گلاب جون ڪُومايل ڪَليون قبر تان تِرڪي رت ڦُڙن جيان ميان صاحب جي گهاٽي ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ اٽڪي پون ٿيون. هن جا به سُڏڪا، بي آواز سيد محمد مڪيءَ جي قبر جي چوڌاري طواف ڪن ٿا.

اڪيلو ٿي پيو آهي،

پنهنجيءَ قوم سان رهندي به،

پنهنجي ٻاٻاڻي ڏيهه جي ڌرتيءَ مٿان جيئندي به.

هي شهر شايد سندس ڪونهي! دشمنن جو آهي؟ هو شايد پيراشوٽ ذريعي هيٺ لاٿو ويو آهي. ڪير به سندس ٻولي نٿو سمجهي. ڪنهن به سڙڪ تي سندس ٻوليءَ ۾ ڪو سائن بورڊ ڪونهي ۽ هو ڪنهن اجنبيءَ جيان سڙڪن تي ڀٽڪي رهيو آهي. ڳالهين جا مَچ ٿا ٻرن سندس هانوَ ۾. ڪنهن سان ڳالهائي؟ ڪنهن جي ڪُلهي تي مٿو ڌري روئي؟ ڪيڏي افراتفري آهي! ماڻهو پنهنجا پنهنجا گهر ڇڏي ڀڄي رهيا آهن، ڪنهن پناهه گاهه جي تلاش ۾. جن گهرن ۾ هنن جنم ورتو، اُهي ئي گهر هنن لاءِ بي امان ۽ ڄڻ دشمن جي اک بڻجي پيا آهن. هو ماڻهن کي روڪڻ چاهي ٿو، پر هو کيس لتاڙيندا لنگهي ٿا وڃن.

هو به گاڏي کاتي جي ڪنهن سوڙهي گهٽيءَ ۾ مسواڙ تي ڪنهن واڻئي جي گهر جي چوٿين ۽ سوڙهي حصي ۾ رهندو آهي، جنهن جي مالڪ هاڻي يو.پيءَ جو ڪو  مهاجر آهي. اڪثر سندس پاڻي بند رکندو آهي، ڪنهن اڄاتل ڏوهه جي سزا هيٺ. پهريون هو پڪي قلعي ۾ رهندو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٻوليءَ وارن فسادن ۾ کيس اُتان ڀڄايو ويو. اهو به واڻئي جو گهر هو. ان جو به مالڪ آگري جو ڪو مهاجر هو. پاڻيءَ بدران کيس بجلي نه ڏيندو هو. ٻوليءَ وارن فسادن ۾ پهرين کيس مارڻ جي ڌمڪي ڏنائون، پوءِ گهر جلائڻ جي ۽ آخرڪار سندس ماءُ ڀيڻ کي ننگو ڪري گهٽيءَ ۾ نچائڻ جي ڌمڪيءَ تي، هن ڄڻ پنهنجي اندر ۾ ننگو ٿي، اُهو گهر ڇڏيو هو. اُتي پاڙي وارا کيس غدار.... غدار ڪوٺيندا هئا. هاڻي کيس ٻيهر ڌمڪيون ملنديون آهن، گهر ڇڏڻ لاءِ نه، شهر ڇڏڻ لاءِ. رات جوجڏهن ماڻهو سمهي رهندا آهن ۽ چٻرا جاڳندا آهن، تڏهن هو هٿيار لهرائيندا سندس در جي اڳيان اچي رڙيون ڪندا آهن.

ميان غلام شاهه ڪلهوڙا!..... اسين توکي وارننگ ٿا ڏيون، حيدرآباد جو شهر خالي ڪر، نه ته سڀاڻي تنهنجو لاش ننگو ڪري، شهر جي گهٽين ۾ گهِليو ويندو.... هو کٽ تي پيو هوندو آهي، ساهه روڪيو. ڪيڏانهن وڃي؟ ڪيڏانهن؟ ۽ - آخر ڇو وڃي؟ ڇو؟ صبح جو ڪنهن چور جيان گهر مان نڪرندو آهي، چور جيان ئي گهڙندو آهي. پريس پهچڻ تائين دل سندس پيرن ۾ پئي وِچڙندي آهي. نڄاڻ ڪٿان کان گولي ٿي اچي. شايد هو ڪلاشنڪوف جي رينج ۾ هجي. ڪير ٿو سندس پيڇو ڪري. ڪنهن جي قدمن جو آواز آهي. ڪيترا ڄاتل سُڃاتل چهرا مارجي چُڪا آهن. ڪيترا گهر ڇڏي ڳوٺن ڏانهن هليا ويا آهن ۽ ڪيترا گهرن ۾ ساهه روڪيو پيا آهن. صديءَ جي پڄاڻيءَ تي پهچڻ کان پهرين دنيا سڄيءَ ۾ افراتفري آهي. يورپ ۾ ايندڙ تبديليون، ڪنهن نئين نظام لاءِ هنگاما آرايون، ڏکڻ آفريقا جون تحريڪون، لاطيني آمريڪا جي وٺ پڪڙ، اوڀر جي ننڍڙن ۽ پوئتي پيل ملڪن ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ خلاف هيڻن جي مسلسل ۽ ٿڪائيندڙ ويڙهه ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ. اُن سموري منظر ۾، دنيا جي پريس، ٽي وي ۽ ريڊيو ۽ خود سندس ملڪ ۾ به، ڪٿي به اهو ذڪر ناهي ته هو پنهنجي ئي وطن ۾ جلاوطن ٿي رهيو آهي. يو.اين.او ۾، اُهو سُڏڪو پهتل ئي ناهي ته دنيا ۾ زمين جو هڪڙو ننڍڙو ٽڪرو اهڙو به آهي، جنهن جي ٻولي، ڪلچر، تاريخ ۽ ماڻهن جون پاڙون پنج هزار سال گهريون آهن پر اُن تي، اُن جو پنهنجو ماڻهو اوپرو بڻجي رهيو آهي، مارجي رهيو آهي، پنهنجي ئي گهر مان، شهر مان ڪڍيو پيو وڃي. ڪنهن به پريس فوٽو گرافر کي خيال ئي نٿو اچي ته سيد محمد مڪيءَ جي قبر جي سيرانديءَ، مٿو ڌري روئيندڙ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو فوٽو ڪڍي، نيوز ويڪ يا ٽائيم ۾ ڇپرائڻ لاءِ.

ٻاهر ڪرفيو لڳي چڪو آهي. هڪڙيون ڳجهون ماڻهن جو رت چٽي ۽ ماس پٽي، بڀ ڀري موٽي ويون آهن ۽ ٻيون ڳجهون پيرن ۾ ڀاري بوٽ وجهيو، لوهي ٽوپ پايو، سنگينون اُڀيون ڪيو، بڀ ڀريل ڳجهين جي بچاءُ لاءِ، مورچا ٺاهيو، پهرا ڏئي رهيون آهن.

ميان صاحب اُٿي ٿو، قبر تي پيل پَڙ سان لُڙڪ اگهي ٿو. اُهو خيال ته – سندس اٺن سالن جو پُٽ دريءَ ۾ لٽڪيو، سندس راهه تڪي رهيو هوندو. هاءِ – ڪوئي مٿس گوليءَ جو نشانو نه تاڻي. هاءِ، ائين نه ٿئي ته جڏهن هو گهر پهچي ته لهوءَ ۾ لت پت لاش دريءَ جي سيخن ۾ ٽنگيل هجي، امن جي مارجي ويل پکيءَ جيان. منجهس نئين سگهه (خوف ۾ دٻيل) ڀرجي ٿي. کيس زنده رهڻ گهُرجي. اُن احساس هيٺ سيد محمد مڪيءَ کي الوداع چئي، هو مزار مان نڪري، ٻاهر سڙڪ تي اچي ٿو.

ڪرفيو.

هو گهر ڪيئن پهچي سگهندو؟

سندس پُٽ گوليءَ جو کاڄ نه بڻجي وڃي؟

ها، پر گهر کان پهرين هو نه ماريو وڃي!

سڙڪون، گهٽيون موت جي ڄڀ جيان سهڪندڙ ۽ سنسان. پوليس، فوج ۽ رينجرس جا ٽرڪ راڪاس جيان آزاديءَ سان گهمندڙ. وک وک تي وڇايل لوهي تارون. ڪيڏانهن وڃي؟ ڪٿان وڃي؟ کن لاءِ دل بي ايمان ٿئيس ٿي ته شهر ڇڏي وڃي سدائين لاءِ. ٻئي پل پنهنجي ئي اها سوچ کيس بنهه ذليل محسوس ٿئي ٿي. ان کان پوءِ موت بي معنيٰ محسوس ٿئي ٿو. ان کان پوءِ اهو خيال ته اُن عذاب جي غار ۾ هو تنها قيد ناهي. جيتوڻيڪ غار جي اونداهي ۾ ڪجهه به پَسجي نٿو. پر هو محسوس ڪري ٿو ته ڪجهه ٻيا، نه سوين، نه هزارين، نه لکين آهن جيڪي  عذاب ۾ سندس ساٿي آهن. شايد هن جيان پنهنجي پنهنجي اندر ۾ تنها آهن. شايد هن جيان اُن بي يقينيءَ ۾ جڪڙيل آهن ته غار ۾ هو تنها آهن، ڪو ٻيو ناهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com