سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: روشني

باب: --

صفحو :10

پر ڪڏهن...  ؟؟ هن سوال ڪندي چيو ته جڏهن سياستدانن جي ڇڪتاڻ، نظرين جي ويڙهه، انساني رت سان رنڱجي ويندي آهي. دنيا ۾ اقوام متحده ٺهڻ کان اڳ ۾ به ته ٻه مهاڀاريون لڙايون لڙيون ويون آهن، نه لکين ماڻهن جو موت سياست جي شڪست آهي. يا فتح...  ؟

مان پڇان ٿو توهان کان ڪاڏي ويئي اُها ڪالهوڪي سياست جنهن ۾ ون يونٽ خلاف ڀرپور تحريڪ هلي هئي سنڌ جي سورمين ۽ سورمن چوٿين مارچ خلاف آواز اٿاريو هو.، آمر سان مارشلا جي دؤر ۾ مهاڏو اٽڪائيندڙ تاريخ ۾ هيمشه امر آهن. اڄ جڏهن سياست اسان کي پويون اثر نه ٿي ڏيکاري سگهي، ته گهٽ ۾ گهٽ، اهيو تسليم ته ڪري ته سماج ۾ سڌارو ۽ وڌارو آڻڻ لاءِ اين جي اوز کان به ڪم وٺي سگهجي ٿو.

مهان ڪهاڻيڪار ۽ سياسي ڪامريڊ ماءُ ۽ شاعر هنن ٻن کي ٻڌندا رهيا. ڪامريڊ ڇوڪري سياست جي سگهه متعلق ڄاڻ ڏيندي رهي ۽ هيءُ ”افضل الشغال خذمت الناس“ واري عمل کي تاريخ جي ورقن مان ڦيرائيندو. لائنس ڪلب، روٽري ڪلب، مڌرٽريسا نرسنگ هو، عبدالستار ايڌي، انصار برني، عمران خان، ”الست“ ٻانهن ٻيلي، سگا سنڌ ڪلچرل ايسوسين، ”سنتپت“ ۽ سماجي دنيا فلاحي تنظيم تائين کڻي آيو. هن زور ڏيئي چيو هڪ پاسي شعور جو سگهارو سلسلو آهي. ته ٻئي پاسي تڪليف ۽ مشڪلات کي دؤر ڪرڻ جو عملي سلسلو آهي. ٻئي سلسلا انساني ارتقا لاءِ لازمي آهن. ٻنهي جي اهميت کان اسان کي انڪار ڪرڻ نه گهرجي. هن پنهنجا اهي آخري جملا ڳالهه ٻولهه کي ختم ڪندي چيا ۽ پوءِ مهان ڪهاڻيڪار جي منهن ۾ نهاريو جيڪو ”جر ڏيئو ٿي جرڪي رهيو هو.“ نوجوان شاعر ڏانهن ڏٺائين ته اهو تجسس ۽ حيرت هو، هن کي شايد يقين نه آيو ته اهيا گفتگو ايترو جلد ختم به ٿي ويندي.

عظيم ماءُ پنهنجي عظيم ڌيءَ تي فخر مان نگاهه وڌي، جنهن ڀرپور انداز سان سياست جي سماج کي ضرور تحت ڳالهايو هو ۽ پوءِ هن ڪامريڊ ماءُ ٽيبل تي رکيل پرچن مان هڪ پرچو هن کي ڏيندي چيو ته توهان هن انقلابي ۽ سياسي پرچي لاءِ ڪجهه لکو.

بلڪل...  ها ضرور لکنداسين، هن وراڻيو، ۽ چيائين هڪ پرچو ٻيو به ڏيو منهنجي هن شاعر دوست لاءِ مان توهان کي قيمت ٻنهي جي ادا ٿو ڪريان. نه توهان جي لاءِ اهي اعزازي ڪاپيون آهن.

توهان جي مهرباني پر قيمت ضرور وٺو، ۽ هو کيسي مان پئسه ڪڍي ڏيئي ٿو. مهمان ڪهاڻيڪار پنهنجي پاسي ۾ رکيل پلاسٽڪ جي ٿيليءَ ڏانهن اشارو ڪري چئي ٿو ”هن ۾ ڇا آهي.؟“

ڪامريڊ ڇوڪري ۽ سندس ماءُ چون ٿيون، سائين توهان لاءِ بسڪوٽ ۽ ٻيون ڪجهه شيون آهن.“

”هروڀرو توهان تڪليف ڪئي.؟“ ”نه... ..اهيو ته اسان جو فرض آهي.“ توهان اسان جا ادبي، علمي ۽ سياسي رهبر آهيو، قوم جا مسيحا آهيو توهان جي سار سنڀال لهڻ اسان جو فرض آهي.“

مسيحا ڪهاڻيڪار مشڪي ٿو ۽ هي ڪامريڊ ڇوڪري جي ماءُ کي چئي ٿو ماشاءَ الله توهان جي ڌيءَ تمام سٺو ڳالهايو، ڪامريڊ ڇوڪري  وري هن کي چئي ٿي، توهان اسان جي پرچي لاءِ لکڻي ڪڏهن ڏيندؤ؟،

انشاءَ الله تمام جلد.“

”اسين هي پرچو هينڊ ٽو هينڊ ڏيندا آهيون.“ سندس ماءَ چئي ٿي ۽ هي موٽ ۾ چئي ٿو، انقلابي پرچا گهڻو ڪري هينڊ ٽو هينڊ ڏبا آهن، ۽ توهان جهڙيون ڏاهيون شخصيتون اهي پرچا ڏيئي وڏي سجاڳي آڻي سگهن ٿيون.“

نوجوان شاعر چئي ٿو، توهان ڀلي ڪچهري ڪريو مون کي ڪم آهي، ”مان به هلان ٿو گڏ آيا آهيون، گڏ هلون ٿا.“ ائين چئي هي به اٿي بيهي ٿو، ڪامريڊ ڇوڪري سندس ماءَ ۽ مهان ڪهاڻيڪار به اٿي بيهن ٿا. مهان ڪهاڻيڪار چئي ٿو.

توهان ٻنهي جي ڳالهين مون کي جوش ۾ آڻي ڇڏيو آهي. مون ۾ وري نئون ولولو جوش ۽ جذبو جاڳيو آهي. آءٌ به ڏاڍو چڱو ڀلو ٿي ويو آهيان، ”ڪامريڊ ڇوڪري ۽ سندس ماءُ جي منهن تي تازگي اچي وڃي ٿي، ٻئي مهان ڪهاڻيڪار جي تازه دم ڳالهين کي ٻڌي مرڪن ٿيون، نوجوان شاعر پنهنجو چشمو صاف ڪري اکين جي مڪمل فوڪس سان مهان مسيحا کي ڏسي ٿو، مهان مسيحا وري هن جي هٿ کي مظبوطيءَ سان جهلي ڀڇي ٿو. ڀلا تنهنجيون ڪهاڻيون ڪٿي پهتيون، سائين ڪهاڻين جو ڪتاب مهيني اندر اچي ويندو ۽ انشاءَالله هن سال جي پڄاڻي تائين ڪهاڻين جو انگ سو کن ٿي ويندو.“

”ڏاڍو سٺو، تون ايندو ڪر، تنهنجون همت ڀريون ڳالهيون، منهنجو رت وڌائن ٿيون. مون توکي ڏاڍو ياد پئي ڪيو. ڊاڪٽر اسماعيل شيخ به ڏاڍو ياد ايندو اٿم.

ڪنهن ڏينهن اُن کي وٺي اچ يا ڪا سواري سنگت جي هجي، ته مون کي ان ڏانهن وٺي هل، منهنجو ڪاليجي دوست آهي، جنهن سان اڃان تائين دوستي هلندي اچي. هن وري کيس ٻڌايو ته ڊاڪٽر شيخ به توهان کي ڏاڍو ياد ڪندو آهي. مون کي ٻه ٽي ڀيرا توهان وٽ وٺي اچڻ لاءِ چيو اٿس، پر مان پنهنجي ادبي ۽ سماجي مصروفيتن سبب وقت نه ڪڍي سگيهس، انشاءَ الله جلد وٺي ايندو سانس، ۽ پوءِ هيءَ مهان ڪهاڻيڪار کي چئي ٿو، هاڻ ”جئي سنڌ“ چئي موڪلائينداسون، ”جيئي سنڌ“...  ”جيئي سنڌ“. ۽ هيءُ ۽ نوجوان شاعر موڪلائي هليا ٿا اچن.

شاعري، عورت ۽ ايڊيٽر...!

اچو...  اچو...  اندر اچو...!

هو کليل مٿي اڀريل ۽ چوٽيءَ کان بي نياز خوبصورت وارن کي گهنگهرولا روپ ڏيئو مشڪي هن جو آڌار ڀاءُ ڪري ٿي ۽ هن جي پٺي ورائيندي، ڏسي ٿو. چوٽيءَ کان وارن جي ڪٽائي ٿيڻ سبب هُن جو ماس سان ڀريل ڀورو ڀورو ڪنڌ، جيڪو چولي جي گول گلي جي ڪٽائي سبب وڌيڪ ماس ڏيکاري رهيو هو.

هُن جي پويان ڊرائينگ روم ڏانهن هلندي نظر پئجي ٿي وڃنيس. هن جي ٽائيپ چولي سبب هن جي بيڪ سائيڊ تي هن جو ريشمي چولو هن جي بدن کي رنگن جي بهترين پينٽنگ بنايو بيٺو هو.

گهڙي کانپوءِ اعليٰ قسم جي فرنيچر ديوارن ۾ لڳل آرٽ تصويرن، شيشي جي ڪٻٽ، هڪ ننڍي پر خوبصورت رينڪ ڪتابن سان سجيل، ڪشادي وال ٽو وال ڪارپيٽ واري ڊرائينگ روم جي نرم ۽ ملائم صوفه سيٽ تي هيءُ پاڻ کي ڍرو ڇڏيندي چئي ٿو...! ”توهان جي شاعريءَ کي، مون کي پنهنجي مئگزين ۾ هن ڊرائينگ روم جيان ئي سجائڻو پوندو.“

هوءَ مرڪندي اکين جي ڀرپور تجلي سان. نگاهون پنهنجي ئي ڊرائنگ روم تي وجهندي چئي ٿي. ”عورت جو اصل هار سينگار شاديءَ کانپوءِ سندس گهر جي سجاوٽ ئي آهي.“

ڪيئن...؟ توهان کي وڻيو نه ڊرائينگ روم...؟“

ويري نائيس...  ويل ڊيڪوريٽ...  اينڊ وٿ يؤر ويل پرسنيلٽي...!!!

هن جو پنهنجي تعريف ٻڌي خوشيءَ ۾ ٽهڪ نڪري ويو، ۽ هيءُ هن جي ٽهڪ ۾ هن جو ڀرپور جوڀن ڏسڻ لڳو، جيڪو شايد شاديءَ کانپوءِ پهريون ڀيرو هن ايڏي سڪون سان ٻڌو هو ۽ هن سخاوت سان ڏنو هو.

ڊرائينگ روم جو اندريون دروازو کلي ٿو. ٻنهي جي نظر اوڏانهن وڃي ٿي. هڪ هيسل هرڻيءَ جهڙي سنهڙي سنهڙي تيرنهن چوڏنهن سالن جي ڇوڪري غاليچي تي پير پير ۾ ڏيئي. ٻنهي هٿن ۾ ٽري کي جهليندي اچي ٽيبل تي رکي ٿي. ۽ وري حڪم ٻڌڻ لاءِ مالڪڻ ڏانهن ڏسي ٿي. وڃ جلدي پاڻي کڻي آ...!

”نفاست ۽ خوبصورتي توهان جي ڪاغذ تي لکيل اکرن مان جهلڪندي، توهان جي شاعراڻه زوق جماليات مان گذرندي منهنجي دل ۽ دماغ ۾ اندلٺ جي رنگن جيان پيهي ويئي آهي.“

”اشفاق صاحب! توهان جهڙا قدردان انهيءَ جي اهيمت کي سمجهن...  مان ته بس!...  اکيون پلاسٽر آف پيرس جي کير جهڙي سفيد ڇت ۾ کپائيندي، ڏندن ۾ ڀڪوڙيل جنڊيءَ جي رنگن جهڙي فائونٽين پين کي چپن پري ڪندي چئي ٿي.

”منهنجي خيالن ۾ اڏام هميشه فطرتي سونهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ قيد ڪيو آهي.“

۽ هو ڳيت ڏيئي ڄڻ ته چوندو هجي ”قيد ته ڪيترو وقت کان مان به تو وٽ آهيان.“

پر اهيو چوڻ بنا ڳيت مٿان ڳيت ئي ڏيئي سگهيو. ۽ لفظ نڙيءَ ۾ ئي ڪنهن پٺاڻ هوٽل واري جي ماش جي دال ۽ سڪي ڪڙڪ نان جيان اٽڪي پيا هئس.

نرڙ تي اچي ويس ڄڻ ته پگهر...! پنهنجي ڪوٽ کي ٺاهيندي، کيسي مان ٽشو پيپر ڪڍي نرڙ اگهي ائين.

”توهان کي مان پنهنجي ڪلر تصوير به ڏيان ٿي، هوءَ اڳئين بليڪ ايئند وائيٽ تصوير نه هلائجو. اُها اڳي به عورتن جي رسالي ۾ ڇپجي چڪي آهي.

ايئن چئي هوءَ اٿي ڪتابن جي ڀرسان پيل هڪ لفافو کڻي اچي هن جي سامهون کولي ٿي. ۽ پنهنجي سامهون رکيل هن جون چند رنگين تصويرون ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿئي ٿو. ۽ تبصرو ڪندي چئي ٿو ته توهان ته هتي فن جي ديوي ٿيون لڳو. فلمن واري سري ديوي جهڙا پوز آهن توهان جا چئو ته شوبزنس وارن صفحن تي توهان جون هي تصويرون هلائي ڇڏيان.

”پر انهن صفحن جو انچارج ته ڪو ٻيو آهي“

”توهان جي ڪري ائين ڪنداسون ڪو مسئلو ڪونهي“ ايڊيٽر ته مان آهيان نه...!؟ ايتري ۾ اها ساڳي نوڪرياڻي انسٽافون کڻي اچي مالڪڻ کي ڏيندي چئي ٿي ڪراچيءَ مان فون آيو آهي.

هي فون تي هلو هلو ڪري ٿي.

”اوهه ته توهان سر! نيٺ اسان کي ياد ڪري ئي ورتؤ نه.

”توهان هڪڙو منٽ هولڊ ڪيو“

ائين چئي هو اشفاق کي چئي ٿي، مان فون تي ڳالهائي اجهو آيس. ۽ پوءِ هوءَ ڊرائنگ روم نڪري ٻئي ڪمري ۾ هلي ٿي وڃي. هي تصويرون ڏسندو ٿو رهي. پنڌرنهن منٽن کان پوءِ هو چپن تي فاتحانه مرڪ کڻي ڊرائنگ روم ۾ داخل ٿئي ٿي. ٽيبل تي رکيل سڀئي تصويرون کڻي واپس لفافي ۾ وجهي ٿي، ۽ وارن کي هڪ زوردار جهٽڪو ڏيئي چئي ٿي.

اشفاق...! فل حال جيڪا شاعري هئي سا ته T.V پروڊيوسر فون تي بڪ ڪرائي ڇڏي آهي ۽ مان ڊرامي ۾ اداڪاري لاءِ به بڪ ٿي ويئي آهيان، توهان وري ڪنهن ٻي دفعي اچجو، تيسين مان ڪجهه نوان غزل لکي وٺنديس.

”معاف ڪجو......  !“

”نه نه ڪا ڳالهه ڪانهي.“

۽ پوءِ هوءَ نوڪرياڻي کي سڏ ڪري چئي ٿي، سدوري! اشفاق صاحب کي در تي ڇڏي اچ، هي خدا حافظ چئي اتان نڪري ٻاهريون در ٽپي، سدوري کي ڏسي ٿو هوءَ حياءَ کان اکيون جهڪائي ٿي ڇڏي. ۽ هيءَ ڳرا ڳرا قدم کڻندو پنهنجي مئگزين واري آفيس ڏانهن موٽي ٿو اچي.

عشق جو آواز

هن کي گهران خبر پئي ته ڪنهن مهناز جو فون هو، يڪدم چيائين رانگ نمبر هوندو. اهڙي نالي جي ڪا به ڇوڪري اسان جي فيڪٽري ۾ ڪانهي. آهن ئي ٽوٽل چار ڇوڪريون، جن جا نالا هن دل جي چئن خانن ۾ ورهايل آهن. اهو دل ۾ ئي چيائين، هن جي ڀيڻ جيڪا پنهنجن ٻارن سان گڏ آيل هئي. انهيءَ ٻڌايو ته مون کي ته فون تي چيائين ته آءٌ فون ڪندي رهندي آهيان، ڳالهائڻ به ڏاڍو پيار هئس. ”جي ڳالهائڻ پيارو هئس، ته پوءِ سورنهن آنا سمجهه ته اهيو منهنجو فون ڪونه هو، هن کان غلط نمبر لڳي ويو هوندو.“؟

پر نديم ته تون آهين.

پر اسان جي هن سي بلاڪ ۾ نديم ليڪچرار ۽ نديم بيزار يعني پنهنجي بت مان بيزار، ۽ بيروزگاريءَ جي ڪري به آهي. پر گهر گهاٽ اٿس. ٻنهي نديمن جي گهر فون به لڳل آهي، هن جي ڀيڻ چپ ٿي ويئي ۽ هي ڪمري ۾ ليٽي سوچڻ لڳو. مان آهيان نديم بيقرار جنهن جا چارئي خانا دل جا ڀريا پيا آهن.

يعني فيڪٽري جي چئني ڇوڪرين جا فون تي آواز ٻڌي مون پنهنجي قرب جا ڪيترائي ٽيپ ڀري ڇڏيا آهن.

پر هيءَ ڇوڪري مهناز ته ڏاڍي شريف ۽ نماڻي  پي لڳي، ڀاڄائي جا چيل لفظ ياد آيس، ۽ هن به چيو هئن ليڪچرار نديم کان ٽيوشن وٺڻي هوندس، انهيءَ ڏانهن فون ڪيو هوندائين، توهان ڀليون آهيو. هو چپ ٿي ويون ۽ هن جي به جان ڇٽي. رات جو گهمي ڦري گهر پهتو ته پيءُ ٻڌايس ته الاءِ ڪهڙي ڇوڪري فو ڪيو هو، وري سڀاڻي ڪندي، ”ڪهڙو ڪم اٿس“؟ پيءُ سوال پڇيس، ته هن چيو بابا! بيزورگاري آهي، ٿي سگهي ٿو، ته فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ فون ڪئي هجائين، ٻئي ڏينهن هي اڃان فيڪٽري مان مس گهر پهتو ته هن جي ننڍي ڀاءُ ٻڌايس ڪنهن ڇوڪري جو فون آيو هئي،؟

”هنن چئن مان ڇا...؟“

”نه هيءَ ڪا نئين هئي.“

نديم ۾ ڪم آهي، آءٌ ان کي فون ڪندي رهندي آهيان.“

ائين فونن کي ٽيون ڏينهن اچي ٿيو، منجهند جي آرام لاءِ ليٽي ئي رهيو هوس ته فون جي گهنٽي وڳي. سڀني گهر ڀاتين هن ڏانهن ڏٺو ڄڻ پڪ هجين ته هن ڇوڪريءَ جي ئي فون آهي.

هن فون کنئين.

هيلو ڪيو، هتان سهڻو سيبتو سلام ٿيو ۽ هن به وعيلڪم سلام چيو.

”مون کي نديم سان ڳالهائڻو آهي.“

آواز ايڏو ته مٺو مصري جهڙو لڳس جو فقير جي پڙجا پتاشا ۽ مصري ياد اچي ويس، نبات جهڙي نڪ سان تازو ساهه کڻي، وات پاڻي ڪري، اهيو پڇڻ بنا ته“ ڪهڙو نديم...؟“

يڪدم چيائين ”مان نديم پيو ڳالهايان“ ٽن ڏينهن کان توهان جي فون جو ذڪر پيو ٻڌان توهان ئي فون ڪئي هئي نه،؟

هن وري به ڏاڍي ڌيرج ۽ ميٺاج سان وراڻيو ”ها نديم! مون کي توهان سان ڳالهائڻ جي ڏاڍي تمنا هئي.“

در اصل مان توهان وانگر ئي هڪ سوشل ورڪر آهيان ۽ اين جي اوز لاءِ ڪم ڪندي آهيان. اخبارن ۾ توهان جي سماجي ڪمن جون رپورٽون پڙهي، فري ميڊيڪل ڪئمپس جا فوٽا ڏسي، توهان جا سماجي حوالي سان بيان پڙهي ڏاڍو خوش ٿيندي آهيان. توهان جو فون نمبر هڪ ادبي رسالي ۾ توهان جي مختصر تعارف سان گڏ هو ۽ توهان جون ڪهاڻيون به! تڏهن ئي توهان سان فون تي ڳالهائڻ جو موقعو مليو،. هوءَ ته رواني سان ڳالهائيندي رهي ۽ مختصرن هي جواب ڏيندو ريس. پر پاڻ هن کان ڪوبه سوال پڇي نه سگهيو، انهيءَ جو سبب اهيو هو ته هن جي چپ ۾ چاهت جو ڪو اهو چنگ چري رهيو هو، جو هن صرف ۽ صرف هن کي ٻڌڻ پئي چاهيو. ڪوئيل جي ڪوڪ جهڙو مڌر ۽ مٺو. ايڏو آواز ۾ ميٺاج ته موسيقيءَ جي ساز ۾ هوندو آهي. سرمنڊل ۾ هوندو آهي. ها هن جو آواز به هنجي ڪنن ۾ سر اوتي هن جي دل ۽ دماغ کي ائين تازگي ۽ توانائي بخشڻ لڳو، ڄڻ ڪنهن جهرڻي ۾ وڄندڙ ڪي قدرتي آلاپ سڄي وايو منڊل ۾ من موهيندڙ موسيقيءَ جا ورلاپ هوا جي زورتي، ساون گهاٽن پنن جي آواز سان ملي، پکين جي مٺڙي مٺڙي لات کي ان ۾ سمائي، اندر جي سارن ستل اڌمن کي جاڳائي وجهندا آهن. هن اندر جي پوري سچائي سان، من جي معصوميت ۽ محبت سان، آس، اُميد سان، هن سان فون تي ڳالهايو هو.، ۽ الفتن جا الاءِ ڪيترا قرب ڀريا، اکر هن جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل مان لنگهندا عقل جا بند ڀڃندا، هن کان ائين ڳالهرائي رهيا هئا. ڄڻ هوءِ ڪنهن مقدس مندر جي اها داسي هئي. جنهن ڀڳوان جي ڪرپنا ۾ پنهنجي جسماني وجود سان گڏ احساسن، جذبن امنگن ۽ ارمانن کي به قربان ڪيو هجي.

هو هن جي فون دوران رڳو وال ڪلاڪ تي، اکيون کپايو، تصور ۾ هن کي معصوميت حُسن جي روپ ۾ ڏسندو رهيو. ۽ هن جا ڪن کليل فضا ۾ ڪاري ويس ۾ ڍڪيل آسمان هيٺ ڪڪرن جي هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ ۾ ڪنهن رباب جهڙو سريلو آواز ٻڌندا رهيا، هن کي، ڇا، ڇا چوڻو هو، هن کي اهيا سوچ ڪٿان اچي؟؟؟

هوش جي عالم ۾ هن وجندڙ گهنٽي تي رسيور کڻي، هلو...  ڪندي...  سلام جو جواب ڏيندي، هن جي آواز جي موٽ ۾ چيو هو ته ”مان نديم پيو ڳالهايان“ ۽ بس... ..ان کانپوءِ مدهوشي جي عالم ۾ هن آخري لفظ چٽا ٻڌا هئا ته،

”مان اوهان کي فون ڪندي رهنديس، چڱو پوءِ هاڻي موڪلاڻي ٿا ڪريون.“ ۽ هن خدا حافظ چئي فون رکي ڇڏيو هو، وال ڪلاڪ تي ڏهن منٽن جو وقت گذري چڪو هو. ۽  هيءُ سوچي رهيو هو ته هي آواز ڪنهن به ڇوڪريءَ جو ٿي نٿو سگهي؟؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com