سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :13

 

از: جئيل چئنڊلر هئرس

هڪڙو شخص ۽ سندس بوٽ

 

 

 ” مٺڙا، مون توکي ٻڌايو هوندو ته جانورن کي به ايترو ئي عقل آهي، جيترو انسانن کي؟“  هڪڙي ڏينهن چاچي ريمس ننڍڙي نينگر کان پڇيو، جڏهن هو ٻئي اڪيلا ويٺا هئا. ننڍڙي ڇوڪري ڪنڌ سان ”هائو“ ڪئي. ”چڱو ٻڌ،“ ٻڍي ڳنڀير ٿي چيس، ”توکي اها ڳالهه سمجهائيندي سچ پچ مون کي خوشي ٿي ٿئي ته عقل جي معنيٰ  اخلاق نه آهي. جانورن کي اها ڄاڻ اصل ڪانهي ته ڪهڙي ڳالهه چڱي آهي ۽ ڪهڙي بري. هو غلط ۽ برابر، گناهه ۽ ثواب جي تفاوت کي ڪونه ڄاڻن. هو رڳو اهو ڏسندا آهن ته هنن کي ڇا گهرجي، ۽ جيڪي گهرجي اهو ڪنهن به نموني حاصل ڪجي. هو ڪڏهن به اها ڳالهه سمجهڻ جي تڪليف نه ڪندا آهن. ته اها چيز ڪنهن جي آهي يا ڪنهن وٽان اچي رهي آهي. هو اهو سمجهي نه سگهندا آهن ته ڇا هنن جو آهي ۽ ڇا ٻين جو.

”ڪالهه تنهنجي ماءُ چئي رهي هئي ته جيڪڏهن مان توکي اهي جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون ٻڌائيندو رهيس، ته تون پنهنجا اسڪول جا سبق صاف وساري ڇڏيندين. پر مون هن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي ته جيڪڏهن تنهنجي عمر جي ٻارن کي جانورن ۽ انسانن جي رهت ۾ تفاوت نظر نه ٿو اچي، ته سٺو ائين ٿيندو ته توکي پڙهائڻ بدران زمين ۾ چرڻ لاءِ موڪلي ڇڏجي. مان توکي اهي ڳالهيون ان لاءِ نه ٻڌائيندو آهيان ته جانور ائين ڇو ٿا ڪن، پر مان ان لاءِ توکي ٻڌائيندو آهيان ته جيئن تون سمجهين ته جانور ڪهڙي رهت رهن ٿا. ڪيترا ماڻهو جانورن جا مثال ٻڌي پاڻ به انهن وانگر ڪندا آهن، پر توکي خبر آهي ته هو هميشه گهاٽي ۾ پوندا آهن. انسان جانورن جيان رهي ڪيئن سگهندو؟“

”هڪڙي دفعي،“ چاچي ريمس ان ننڍڙي وعظ کان پوءِ آکاڻي شروع ڪئي، ”هڪڙو ماڻهو هو، جنهن سيهڙ جي چالاڪين بابت ڪيتريون آکاڻيون ٻڌيون هيون. انهن آکاڻين مان هڪڙي آکاڻي اها به هئي ته ڪيئن هڪڙي دفعي سيهڙ رستي تي ليٽيو پيو هو، ته هڪڙو ماڻهو مـَـڇين جو ٽوڪرو کڻي اچي اتان لنگهيو. سيهڙ اتان اٿي هن جو اڳ وٺي، اچي رستي جي وچ ۾ سمهي پيو، ۽ اهڙيءَ طرح هو ڪندو رهيو، جيستائين ان ماڻهوءَ کي اهو پڪو وهم ويهي ويو ته اهي سڀ سيهڙ مئل آ هن، ۽ هو ٽوڪرو مڇين جي اتي ئي رکي، واپس موٽيو، جتي هن پهريون ”مئل“ سيهڙ ڏٺو هو. ان وچ ۾ سيهڙ کي مڇين کائڻ جو موقعو ملي ويو،  هو کائي ڍءُ ڪري ويندو رهيو. اها ڳالهه آهي ته ائين ئي، پر خير، ان ماڻهوءَ اها ڳالهه ٻڌي هئي، ۽ هن دل ۾ خيال ڪيو، ته ڇو نه اهڙيءَ تجويز مان فائدو وٺجي. هو ڇا ۾ سيهڙ کان گهٽ آهي“

هڪڙي ڏينهن، ان شخص هڪڙو نئون بوٽ خريد ڪيو، اهڙو جو ان جو چمڙو به پئي چلڪيو. هو بوٽ جي چلڪي کي ڏسندو، رستي تان اچي رهيو هو، ته اوچتو گهوڙي گاڏيءَ جي اچڻ جو آواز ٻڌائين. پريان چاڙهيءَ تان هن ڏٺو ته هڪڙو ماڻهو ان گاڏيءَ ۾ چڙهيو پيو اچي.

ان ماڻهوءَ کي گاڏيءَ ۾ ڪافي سامان هو. ڪجهه ڪپڙو هوس، جو هن ٻارن ۽ زال لاءِ خريد ڪيو هو، ۽ ٿورو چينيءَ جو سامان هوس. پوءِ ان شخص جنهن نوان بوٽ ورتا هئا، تنهن ڇا ڪيو، جو بوٽ جو هڪڙو پادر رستي تي اڇلائي ڇڏيائين، ۽ پاڻ ٻوٽن ۾ لڪي ويهي رهيو.

گاڏيءَ وارو جڏهن اتي پهتو، ته هن ڏٺو ته هڪڙو نئون پادر رستي جي وچ ۾ پيو آهي ۽ اس ۾ پيو چمڪي. هن گاڏي بيهاري، ۽ ان پادر ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳو.

پادر کي ڏسندي، هن دل ۾ چيو، ”هڪڙو پادر ڪنهن جي ڪهڙي ڪم ايندو. مان منڊو ٿوروئي آهيان.“

هو گاڏي ڪاهي هليو ويو. اهو شخص جو ٻوٽن ۾ لڪو ويٺو هو، تنهن ڇا ڪيو جو ڊڪندو ڊڪندو اڳتي نڪري ويو، ۽ گاڏيءَ جي پهچڻ کان اڳ ئي ٻيو پادر به رستي جي وچ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيائين. گاڏيءَ وارو جڏهن ان جڳهه وٽ پهتو ته ڇا ڏسي ته ٻيو پادر به پيو آهي! هن گاڏي روڪي، ۽ هيٺ لهي، اهو پادر هٿ ۾ کنيائين ۽ دل ۾ چيائين ته واهه هاڻ ته سڄو بوٽ ٿي پيو! سو گاڏيءَ کي اتي ئي ڇڏي ٻيو پادر کڻڻ لاءِ پوئتي موٽيو.

اهو شخص جو ٻوٽن ۾ لڪو ويٺو هو، تنهن کي موقعو ملي ويو، ۽ گاڏيءَ ۾ جيڪي ڪجهه پيو هو، سو کڻي ٻوٽن ۾ لڪائي ڇڏيائين، ۽ وري ويجهو اچي لڪي ڏسڻ لڳو ته هو گاڏيءَ وارو ڇا ٿو ڪري.

گاڏيءَ واري ٻيو پادر به وڃي لڌو، ۽ خوشيءَ ۾ پوئتي موٽيو. جيئن ئي هو خوشيءَ ۾ گاڏيءَ ۾ چڙهي رهيو هو، ته ڏٺائين ته سندس سمورو سامان ڪو شاهينگ تڳائي ويو هو. پر هن ڪڇيو ڪجهه به نه، صرف بوٽ ڏانهن ڏسي رهيو هو، ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيو هو.

اهو چور شخص، جو ٻوٽن ۾ لڪو ويٺو هو، ۽ ويٺي سڀ ڪجهه ڏٺائين، تنهن جي سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو ته آخر اهي ٽهڪ ڇا لاءِ هئا. هو مٿو کنهي کنهي ٿڪجي پيو، پر ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيو. جڏهن به هن گاڏيءَ واري ڏانهن نظر ٿي ڦيرائي، ته ڏٺائين ٿي ته هو بوٽ ڏانهن به ڏسي رهيو هو ۽ ٽهڪ به ڏيئي رهيو هو. ٻوٽن ۾ لڪل شخص ڏاڍي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته آخر ان بوٽ ۾ ڇا آهي، جو ايتري نقصان ٿيڻ تي به هو لڳاتار ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. پوءِ ان چور شخص ڇا ڪيو، جو ڊڪندو ڊڪندو گاڏيءَ کان اڳ نڪري ويو، ۽ هڪڙي هنڌ اچي رستي ۾ بيهي رهيو. پري کان ئي هن جي نظرگاڏيءَ واري تي پيئي، جو اڃا به بوٽ ڏانهن ڏسي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. جيئن گاڏي هن جي ويجهو آئي، ته گاڏيءَ واري جي نظر به هن تي پيئي. بس هن کي ڏسڻ سان هو وري اچي ٽهڪن ۾ ڇٽڪيو، اڳي کان به زور.

هن چور شخص رڙ ڪري چيس، ”يار ڇڙو پاڻ پيو کلندين، يا اسان سان به ڪجهه ونڊيندين؟ اهڙي ڳالهه مون کي به ته ٻڌاءِ.“

گاڏيءَ وارو تيئن اچي ٽهڪن ۾ پيو، وات مان لفظ ئي نه پئي ڪڍي سگهيو. رڳو ايترو پئي چيائين، ”هيءُ ڏسين ٿو- بوٽ- بوٽ- بوٽ-.“

”ڇو؟ ان بوٽ کي ڇا ٿيو آهي؟ مون کي ته ڪابه کلڻ جهڙي ڳالهه انهن ۾ نظر نه ٿي اچي!“ چور چيس.

”..... وري اچي ٽهڪن ۾ ڇٽڪيو... اڳي کان به زور.“

گاڏيءَ وارو کلندي کلندي، ساڻو ٿي ويو. جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن چيائينس، ”هيءُ بوٽ-  هيءُ بوٽ-“

” تون چريو ته نه آهين؟“ چور شخص هن جي منهن ۾ گهوريندي چيو.

”چريو ته جيڪر تون به ٿي پوين، جيڪڏهن هي پادر رستي ۾ پيل ڏسين، ۽ اهي کڻين. هي پادر......“

”پر ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ جيڪڏهن بوٽ لڌو اٿيئي، ته گهر کڻي وڃ!“ چور چيس.

”گهر ته کڻي ٿو وڃان، پر گهر وارا به سڀ کلندا، جڏهن انهن کي مون سڀ ڪجهه ٻڌايو، جيڪي ڪجهه منهنجي دل ۾ آهي. گهر وارا ته گهر رهيا، پر جي توکي اتي ٻڌايان، ته تون به جيڪر کل روڪي نه سگهين.“

”مون کي به اهڙو بوٽ هو، پر مون ته ان ۾ ڪا اهڙي کلڻ جهڙي ڳالهه ڪانه ڏٺي.“

”تون ته جيڪر مون کان به زياده کلين ها، جيڪڏهن تون هي بوٽ رستي تان لهين ها، ۽ ڏسين ها ته هڪڙي پادر ۾ هڪ سؤ جو نوٽ پيو آهي، ۽ ٻئي پادر ۾ ٻيو سؤ جو نوٽ.“

”چور کان رڙ نڪري ويئي، ۽ گاڏيءَ واري ڏانهن وڌي آيو، ۽ هن کي چيائين، ”مون کي ڏي ته مان ڏسان- اهو بوٽ منهنجو آهي. شهر کان موٽندي واٽ تي ڪري پيو هوم. شاباس، پئسا به ڏينم.“

”ڇا سچ پچ هي بوٽ تنهنجو آهي؟” گاڏيءَ واري جون عجب ۾ اکيون ئي ڦاٽي ويون.

”هائو- هائو، منهنجو آهي. چوين ته ثابتي ڏيانءِ؟“

هن شخص اتاولو ٿيندي چيس.

گاڏيءَ واري چيس، ”چڱو، جي تنهنجو آهي، ته ثابتي ڏيکار. اَچ، گاڏيءَ ۾ اچي ويهه، ۽ ثابت ڪر ته اهو بوٽ تنهنجو آهي.“

چور شخص سواءِ سوچڻ سمجهڻ جي يڪدم هن جي گاڏيءَ ۾ ٽپ ڏيئي چڙهي ويٺو. اڃا هو ويٺو مس، ته گاڏيءَ وارو اهڙو ته ڌڪو ڏنس، جو گاڏيءَ ۾ اتي ئي هو ڪري پيو. پوءِ گهوڙي وارو رسو کڻي، گاڏيءَ واري هن کي قابو ٻڌو، ۽ هن کي ڳوٺ وٺي آيو، جتي هن کي لڪڻن سان سٽي سچي ڪرايائونس. گاڏيءَ واري کي پنهنجو سمورو سامان واپس مليو، ۽ ان شخص کي هڪ ڏاڍي مار ڏيئي ڇڏي ڏنائون.

چاچي ريمس، ننڍي نينگر جي منهن تي عجب جا نشان ڏسي، هن کي سمجهائڻ شروع ڪيو. هن چيو، ”گاڏيءَ واري دراصل پادرن مان ڪجهه به ڪونه لڌو هو، پر هن سوچيو ته چور کي ڳولڻ جو اهوئي طريقو ڪارآمد ٿيندو، ۽ تنهنڪري جنهن چور کيس ٺڳڻ ٿي چاهيو، تنهن کي پاڻ هن انهيءَ طريقي سان ٺڳي ورتو. پٽ، هاڻي ته تون چڱيءَ طرح سان سمجهي ويو هوندين ته جهڙي نموني جانور چالاڪي ڪن ٿا، تيئن انسان ساڳي چالاڪي ساڳئي نموني ڪري نه سگهندا آهن. جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪوبه ماڻهو هرو ڀرو ساڳيون چالاڪيون ڪندو، ته خطا کائيندو. هن آکاڻيءَ مان، جا توکي هاڻ ٻڌايم، تو ڏٺو ته ڪيئن نه هن شخص پنهنجو بوٽ به وڃايو، ۽ ايڏي مار به کاڌائين!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com