سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

باب: --

صفحو :15

مٺي مراد

اِهو اُڀ اکئين پئي ڏٺو ته وڏيرو مبارڪ علي باجنس جهڙو ممڙو. ڪڻي ڪاسي جيتري ڪا ڪسر هئي به کڻي ته  ڀروُئن پوري ڪري ڇڏي، جيڪي شهپرن کي به شهه ڏيو بيٺا هئا. اهو راوڻ توڙي جو اڌ وهي ٽپيو ته به پار آهي ئي پراڻا.ڪراڙي شينهن جيان واجهه وجهيو  اونڌاين ڪوٺين ۾ پيو هوندو هو. جا ڦاٿي ناهي سا ڦٿڪي ناهي. ويندڙن جا پيرا ڏسبا ها ته ايندڙن جا ڪونه. اها ته جن ڪن ئي ڪانه هئي ته ڪو ٽاڪ منجهند جو وڏيري شاهه بانو پيتين مان ’خاشا‘ بسترا ڪڍائڻ ڪاڻ نئين ساماڻيل ٻانهي ساڻ ڪري انهيءَ پاسي اچي نڪرندي. کيس ڏسي وڏيري جي حياتي ڇڏائجي وئي.

”ايڏهين ڪوڀ ۾ ڇا پيو ڪرين؟“ عينڪ، ٺونگي سان مٿي ڪري، چاٻين جو ڇڳو ٻانهيءَ جي حوالي ڪندي عجب مان پڇڻ لڳي.

”ٿڌڙي جاءِ آ نه، مون کي اتي سمهڻ ۾ فرحت ٿي اچي.“

”ايئرڪنڊيشن مان اُلا ٿي نڪتا ڇا؟“ هن رهڙ ڏني.

جيڪو مزو قدرتي ٿڌڪار ۾ آ، سو ايئرڪنڊيشنر جي ڀُون ڀونءَ ۾ ڪٿان لڀي.“

هن گوڏ جو پلاند ٺاهي؛ ڏندڙا ڪڍي وراڻيو پر نئين شڪار جي صاف بچي نڪرڻ تي دل ئي دل ۾ جک پئي کاڌا.

شاهه بانو ته  هونءَ به کيس ڪانه ٿي وڻي، جو ڏاڏي پوٽيون ورلي وڻن. مڙيئي الو ڀلو ڪيو پي وقت نڀايائين. هن به گهڻا ڏينهن آسرو پلي لاطمع  بنجي وڃي ٽي-وي ۽ ريڊيو سان لنئون لاتو. جتان ذڪانن جا ذڪر ٻڌيو پئي سبحان الله سبحان الله ڪندي هئي ته ڪڏهن وري ’بُل‘ مارڪه ڪلام ۽ ڪافيون ٻڌيو پئي دل پرڀائيندي هئي. جڏهن مبارڪ علي کي هِن منجهان ڪا مٺي مراد نه ملي ته وجهه ملديئي  بنا دير وڃي ٻي پرڻيو  جنهن سان منڍ منڍ ۾ هُن  قربڙو ته رکيو ۽ ڪيئي ساوڻ سيارا لنگهي ويا پر ڪو ٻوٽو ڪو نه ٻريو ته اُٿندي ويهندي  ميتڙن جيان طعنا تُنڪا ۽ ٽين شادي جون دل هول ڏياريندڙ ڌمڪيون ڏئي ڏيئي کيس هيسائي ڇڏيو. نتيجي ۾ هوءَ به  وڃي ٿي درگاهن بلي- راتيون مقامن ۾ اوجاڳا ڪڍندي  ته ڏينهن زيارتن  ۾ وارن سان ٻهاريون ڏيندي گذرڻ لڳس. ڳچيءَ ۾ ڳارا وجهيو ڇڙو پئي پير سوريندي هئي ته من ڪنهنجي دعا سان ڪا مٺي مراد ملي پئي.ولوءَ ڀوپي کان وٺي مارل مستانيءَ جي آستاني تائين اهڙو ڪو در نه رهيل هو جت تعويذن ڦيڻن پٽيان هن جهوت جهوتان نه ڪئي هجي. حويليءَ ۾ ويحن ته زيرڪو، پر ڪڏهن ويهندي به ته اوڙي پاڙي جا مڙئي مهانڊا مهانڊا غاليچي تي پلٿي هنيون ويٺائي ويٺا هوندا هئا. هڪڙي پلاند ڇنڊي اُٿندي ته مٿان ٻي اچي پاڻ سٽيندي درويشن ديوانن جا نوان نوان ڏس، تعويذ تڙن ۽ خوابن خيالن جا اڻ ميا’نذرانا‘ پرمتڙيءَ جي جهوليءَ ۾ وجهي پنهنجي آڌي کُٽيءَ جي پورت ڪيو پالم بڻيون پيون ڀوليءَ جيان هلانديون هيس. وهم کيس ائين وڪوڙي ويا جيئن مانجهانداڻيءَ کي رسو. ڏهاڪو کن مهانڊا ساڻ ڪري قافلي جي صورت ۾ جتان به لنگهندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن تربت کي ڏسي اُتي ضرور ترسندي هئي ته متان ’ولي‘ نه ڏمرجي. پر جي جيپ اڳتي نڪري وئي ته رڙ ڪري ڊرائيور کي چوندي:

”اي بيهجان، بيهجان يعقوب! ٿورو پوئتي هل ته سلام ڀري وٺان.“

انهيءَ ٿڙ ڦٿڙ ۾ برقعو به جيپ جي ڦيٿي ۾ اچي ويس مُئي مئي بچي ته به اُٽلندو فخر مان چوڻ لڳي:

”ائي ڏٺو معجزو، اهو سائي پڙ واري پير ڇڪيو اٿم پاڻ ڏي- مهنجي ڇڪ ٿي اٿس، متان پٺ ڏيوس“

ڪڏهن کليو کلايو ته ڪڏهن وڏيري جي ڊپ کان لڪ ڇپ ۾ سارو ڏينهن هلي هلي نه رڳو هن مومنياڻيءَ جي برقعي جو پڪو رنگ اُڏاڻو پر ساٽن جهڙي ترڪڻي لسي کل به فڪر ڳڻتين ۽ ڪاڙهن لُڪن ۾ لوساٽجي ڪوري بافتي جو روپ ورتو ته مبارڪ علي به پنهنجا پرڙا ساهيا. پهرين ئي اُڏام ۾ هُن جي اک وڃي برقعا پوش نرس تي پئي. قضا سان جنهنجو لنگهه ئي شاهي حويليءَ اڳيان ٿيڻ لڳو. هن جي نئين فيشن واري سنڊل جي پائنٽيڊ هيل پدمڻن پيرن سميت هيانءُ ۾ ائين کپي ويس جيئن ڪِلي رُلي ڀت ۾ تنهن ڏينهن کان پوءِ روزانو اسٽيريو ٽيپ کڻائي نم جي ڇانو ۾ شاندار رلي وڇايل ڳاڙهن پاون واري کٽ تي ويهي هاسيڪار وڏيون وڏيون کنگهڪارون ڪري ڇيڙي نبيري وارن سان ويٺو حال احوال ڪندو هو. بس رڳو سئنڊل جي کڙڪي ٻڌڻ جي دير هوندي هئي جو ٽيپ جي پلي واري بٽڻ کي دٻائيندو هو. جنهن ۾ ڳاتل سمورا گيت سندس دل جي ترجماني پيا ڪندا هئا.

’تنهنجي اچڻ جون واٽڙيون

نت نت اُڀي نهاريان ته ڪڏهن وري

منهنجي اڱڻ اچين مونسان مُرڪي ملين

تنهنجي قدمن تان قربان ٿيان

زال ذات کي مرد ماڻهوءَ جي ڪهڙي ادا، خبر ناهي ڪڏهن ڪٿي ۽ ڪيئڻ وڻي وڃي. لاشڪ ته ممڙائي اسٽائيل نرس کي به موهي ڇڏيو. جنهن جو ثبوت آهي نت نوان عطر ۽ سستيون سينٽون هيون جن جو استعمال شايد ته هوءَ پاڻيءَ جيان ڪرڻ لڳي جو سندس لنگهندي ئي انهن جون هٻڪارون وڏيري جي چوگرد پکڙجي پئي ويون. جن کي هن وڏا ساهه کڻي پئي جهٽيو نه ته جيڪر اهڙين سادين سينٽن کي هو ٿُڪ ئي نه هڻي.

نينهن نيٺ هڻي هنڌ ڪيو. جلد ئي ڪنوار بڻجي ڪڙن ڪوٽن ۾ اچي قابو ٿي پر.

’جاڏي وڃي واگهو تاڏي پاڻي تانگهو‘

جيان لڳو ٿي ته اها شادي به وڏيري کي ڀانءِ نه پئي. جو انهيءَ سان سندس گوڏن جو پراڻو سور تهائين سهڻ کان ٻاهر ٿي ويو. لاچار کيس سرڪاري اسپتال جي در اڳيان ويٺل چورن واريءَ سان رابطو قائم ڪرڻ پيو جنهن چئن ڄورن وارو سنياريل ٽڀو سمجهاڻيون ڏيئي سندس حوالي ڪيو. رات ٿيندي ته هُو مئو ٽاري پلنگ هيٺان هٿ ڊگيري ٽڀو سيريندو ۽ هرهڪ گوڏي کي مکڻ ذرو مکي ٻه ٻه ڄورن چهٽائي ڇڏيندو هو. تڏهن وڃي ڪنهن حال ۾ ڏسبو هو. نئين جوءِ تي سندس گهڻو راز هيو هو سارو ڏينهن هنج ۾ ليٽيو پيو مٿي کي سيرون ڏياريندو هيس. اڃان هن پيار جي ڇانو ۾ ڪي گهڙيون ئي ڪونه گهاريون ته جوڻس جو ارواح هن تان کڄي ويو. ڪجهه ٽڀي واري لقاءُ ڪري، ڪجهه مهل ڪمهل ٽوٿ پڪ سان پاڏي جيڏو وات ڦاڙي ڏاٺن کوٽڻ جي عادت جي ڪري ته ڪجهه وري مٺي مراد ماڻڻ ۾ دير پوڻ ڪري هو کيس نڙيءَ ۾ ڦاٿل ان مک جيان لڳو جيڪا نه ڪڍي سگهجي نه ڳهي سگهجي.

هوءَ ڏاڍي حيران پريشان رهڻ لڳي. گهڻو تڻو ته ڪو ڪتابڙو کڻي روح وندرائيندي هئي نه ته مٿي کي پٽي ٻڌيو پئي ڪنڊون پاسا ڳوليندي هئي، ڀائين ته وڏيرو پري هجي ته چڱو.

هو اڃان شهپر وٽي ويجهو ئي مس آيس ته ٻوٿ بڇڙو ڪري چوڻ لڳي:

” وڏيرا ايڏهين ايڏهين! آءٌ چاڪ ڪونه آهيان .“

”ڇو مٺا، هاڻ مان توکي ڪونه ٿو وڻان ڇا؟“ هُن بيٺي ئي پڇيو.

” ڇو ڪونه ٿو وڻين“ هوءَ کٽ تي ڄنگهون سيون ڪندي چوڻ لڳي. ” گهڻئي ٿو وڻين پر ڇا ڪيان جو مٿي سور ڪري ڪا ڳالهه ئي نٿي وڻي“

”ڀر ۾ ويهڻ تي به مارشل لا لڳل آ ڇا؟“

” ويهه ڀلي اکين تي پر کٽ کي ڌڌڪو نه ڏجانءِ.“

اهو ٻڌڻ سان هن جي سموري حشمت نڪري وئي سگريٽ دکائيندي چوڻ لڳو:

”مٺا هينئر ئي اهڙيون وڇوٽيون ڪينه ته اڳتي الائي ڇا ٿيندو؟“

”الا، اِها ڳالهه ناهي.“

”نيٺ به، ڪائي ته ڳالهه هوندي؟“

”خالي هيانءَ، چانهه جي هڪ ڪوپ سان يڪيون ساريون ٽي گوريون ڳيٺيون اٿم- کاڌو ته وڻي ئي ڪو نه. ڌڏڪي سان تهائين دل ٿي ڪچي ٿئي- هوءَ ڪرسي پئي اٿئي؛ اورتي ريڙهي اچي ويهه.“

ائين چوندي کيس اُٻڙڪو آيو

”بس بس، مان سمجهي ويس آهي ڪو ڪچو پڪو اللہ مان اميد ڪا لاهبي ڇا. ديريون سويريون ته ٿينديون ئي آهن.“

ائين چئي ڊگهي خميس جيڪا مٿي کڄي وئي هيس، هيٺ ڪري ڪمري مان ڦونڊجي ٻاهر نڪتو ته هن پاسو ورائيندي پاڻمرادو ڀڻڪيو.

”ڪڍيس خدا، ڏني نه ورتي مئو راه گناهه جو پاسا ڪڍي وجهيم ها. اهڙو قرب ئي گهوريو جنهن مان هوند نه شڪر.“

هو اڃا ورانڊو ئي پار ڪري رهيو هو ته مهڙ ۾ ئي کيس حويليءَ جي خاص ٻانهي جافران ملي، جنهن جو ڪنهن زماني ۾ ساڻس ريزڪي حساب ڪتاب هلندڙ هو.

”ڏاڍو خوش پيو ڏسجين وڏيرا.“

”مبارڪون هجنئي جافران، اڄ تو واري وڏيري اُٻڙڪا پئي ڏي.“

”هون! اهڙا ته مان ڏينهن  ۾ ڏهه اٻڙڪا ڏيان.“

اهو ٻڌي هن جي هٿ مان ’گولڊ ليف‘ جو پئڪٽ ڇڏائجي ويو.

”وڏيري جند ڇڏائڻ لاءِ بهانو ڪيو هوندءِ.“

هوءَ پٽ تان پئڪٽ کڻي کيس ڏيندي ٽوڪ مان چوڻ لڳي.

”بهانو ڇا لاءِ ڪندي، هن جو ته مون سان ڏاڍو قرب آهي، جافران تون سڙين ٿي.“

”ڌڪ هڻي ڪڍين ها وڏيرا، پر اها ڳالهه نه ڪرين ها.“

هن سندس اکين ۾ اکيون پائيندي چيو. ”مان ڇو تنهنجين خوشين کان ارهي ٿينديس. مان ته پاڻ...“

”هون!“ هن کيس چخي ئي نه ڪئي ۽ وڏائيءَ مان هليو آيو، پر جافران جي ٽوڪ ڀري مرڪ جي ڪري هن جي دل ۾ انيڪ شڪ گمان پئجي ويا.

ڏينهن پڄاڻا، جڏهن جافران جي ڳالهه سورهن آنا سچ نڪتي ته سمورو عشق، ڦيشڪ ٿي ويو. اجايون لومڀيون ڏيئي ڏيئي هن سندس پتا ئي لوڻين رکيا.

هيءَ به پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب پائيندي هر وقت ٿڌا ساهه ڀري انهيءَ گهڙيءَ کي پئي پٽيندي هئي جڏهن هن ساڻس پيچ پاتو هو.

وڏيري مبارڪ عليءَ جي، ڪوراڙ بلا جهڙي اسي مت کسي ماءُ ته پٽ کان به ٻه ڏاڪا گوءِ کڻي وئي. صبح سانجهي پڌر ۾ چلم ٽيڪي آئي وئي اڳيان پئي ننهن جا روئڻا روئيندي هئي. ڪنهن کڻي پڇيو:

”سائڻ آهي ڪا وڏيري جي گهر اميدواري؟“

”امڙ ڪٿان آيون اميدون.“ هن ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان وراڪو کاڌو. ”ڦنڊرون ڪاهي اچي گهر ۾ وڌيون اٿس جي نه ڏهڻ جون نه ڪهڻ جون. مون کي ته انهن ۾ ڪو حال ئي نٿو سجهي. ٻچڙي جي قسمت ۾ ئي ڪي سنڍون لکيل هيون.“

”سائڻ وري به کڻي شادي ڪرائينس، شرع ۾ ڪهڙو شرم.“

”امڙ ڏسي واسي اڪ جو کير اک ۾ ڪير ڏهائيندو- ٽي اڳ ئي ويٺيون  آهن. چوٿين ڏکي  ملندي.“

 ”ڇو نه ملندي، ملڪيت آ ته ڪهڙي پرواهه، سُکي سنجهي ٿيو ويٺي کائيندي.“

”ائي کيئڻ ۾ ڇا آهي- ڪو کيئڻ لاءِ ڪو نه ٿي گهرايانس- جنهن ڳالهه لاءِ ٿي ڦاهو کان؛ دعا ڪيو ته شال اها پوري ٿئي.“

اهو ٻڌي ويڙهي جي ماڇاڻين مان هڪڙيءَ چرچو ڪندي چيو:

”جيجان اسان کي جي وڏيرو گهر ۾ زالون ڪري ويهاري ها ته هوند ٻارن جو گُنديون  ڀري ڏيونس ها.“

”ائي لاچار پيو آ وڏيري کي. اسين مهاڻين ماڇاڻين جا ٻار ڪاڏي ڪيون.“ هو تيئن ڳڙهي تي چڙهي.

”جيجان اهو به شڪر ڪر جو ماڇاڻين  مان ويچاري جي پيڙهي ته پيدا ٿي پئي ها- خاندانڻين مان ته ٻير جو ککڙو به ڪو نه آيو.“

هن کي ڪو جواب نه سمجهيو ته گڙ گڙ ڪري چلم مان زورائتا سوٽا ڀرڻ لڳي.

 روز جا تونڙا ٻڌي ٻڌي نيٺ راڄوڻي ۾ وڏيري جي ماءُ، پٽ جي چوٿين شاديءَ جي سنڀت جو فيصلو ڪري ورتو. حجامڻ ڏانهن ماڻهو ڊوڙايو ويو جيڪا اُن دم ئي ڳاڙهو رومال ۽ ناس جي دٻلي ساڻ ڪري اچي حويليءَ تي پهتي ۽ ڀاڙي ڀتيءَ جا پئسا وٺي اوڏانهن  رواني ٿي جتي ڇوڪريون سجهنديون هيس. وڏي گيهه گيهان کانپوءِ پُکو  نيٺ شاهدان جي نالي نڪتو، جنهن جي سڀ کان وڏي ڳالهه اِها هئي ته هوءَ بيحد غريب مائٽن جي مٿي جو بار هئي- ٻئي مٿا وڏيري جي کنڌي رهيا. هڪ وار وري ڳاڙهو گهوٽ ٿيو- جيتر پٺ پڌري ٿئي تيتر هن جو مڙهه مقام اڃا رولڙي ۾ هيو.

چوويهه ڪيراٽ سون جهڙي سدا سهڻي لکيو لوڙڻ ڪاڻ شرنائين جي گونجار ۽ دهلن دمانن سان حويليءَ جي پڌر ۾ پير پاتو ته هُن پنهنجي زندگيءَ ۾ نئين سنئين بهار جا جهوٽا محسوس ڪيا.

لنگهياڻين پنهنجون ويٺل نِڙيون سرليون ڪيون ته انهن گڏ ڪاري ڏاوڻ واري شورڪي نٿ سان گهوٽ ماءُ به ست سري دهري وارو ڳاٽ مٿي ڪري تاڙين جو ڦهڪو لائيندي سر ڪڍيو:

’تنهنجي ڄاڃين پيتو کير الا،

تو سان حامي حضرت پير الا....“

غاليچن تي راڄ سان گڏ، مهمانن جيان رنگ برنگي بلبن واري جِهرمِر ڪندڙ ڪنڊ ۾ ويهي  ٽيئي پهاڄون ساڳي ’گريڊ‘ تي پهچڻ ڪري پاڻ ۾ کير ڀت ٿي هيانءَ هلڪو ڪرڻ لڳيون.

”اسان کيج کٽيو باقي اِها ٽيٽمڪڙي  اچي سونا آنا لاهيندي.“

”مئو اگهاڙو ڪري ڌر تتيءَ جو ٻئي هٿ کڻي چاچيءَ  جي ستن پيڙهين کي نه پٽيائين ته منهنجو نالو به ڪنهن ڪتيءَ تي رکجو.“

”ائي مُئي مڙهانگ کي ته ڏسو ڪيئن ته کانڀٽيون کنيو بيٺي نچي.“

”اسان ڀيري به ته ائين پئي نچي نه؟“

”هڻڻ ڏينس کانڀٽيون، پاڻهي خبر پوندس، جڏهن تريون کوڙيندي.“

مس مس ڪري وڃي ساٺ سوڻ پورا ٿيا- هوڏانهن گهوٽ  به دوستن، عزيزن کان رسا ٽوڙائي سينگاريل ڪمري ۾ اچي ڪنوار ڀيڙو ٿيو- جرڪندڙ گهونگهٽ هٽائي، کاڏي مٿي ڪري چوڻ لڳو:

”مٺل، اهڙي سونهن منهنجي اڳ نه ڏٺل.... مان ازل کان ئي تنهنجي قرب جو ڪٺل.“

ماکيءَ لار جيان ڪنن ۾ رسڻ وارا  مٺا ٻول نه چاهيندي به الائي ڇو شاهدان کي سيڪرين  جيان لڳا البت برجستو آواز کيس وڻيو.

”مِٺل اکيون  کول.... مون ڏي نهار ته سهي....“ هُن پنهنجا چپ چمٽي جيان وڄائيندي چيو.

لحظي لاءِ هِن  اکيون کڻي ڏانس نهاريو ته کيس ائين لڳو ته  هوءَ موتئي جي ڪومل مکڙيءَ مان ڦري هڪدم ٿوهر بنجي پئي آهي.... رڻ جو ساٿي.... هِن ڳيت ڏني ته بيشمار ڪنڊا نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس، جن اڃان به کيس خاطري ڏياري ته هاڻ اهي رڻ- پٽ جا رولڙا، سندس نصيب آهن.

ڏک مان هِن جون اکيون ساوڻ جي مند ۾ نديءَ وانگر  اُٿلي پيون- مبارڪ علي گهٻرائجي کڻي کيس پنهنجي ڊبل فوم جهڙي ڇاتيءَ سان لاتو.

”“رو نه مِٺا، مان ڄاڻان ٿو مائٽن جي وڇوڙي توکي بي حال  ڪيو آ، دلجاءِ ڪر کين تو سان  جلد ملائبو- هت توکي ڪائي تڪليف نه ٿيندي. مان سڄو سارو تنهنجو آهيان، جيسين سسيءَ ۾ ساهه آهي تيسين رڳو  تنهنجو ئي رهندس، تنهنجي سڪ ڪڏهن نه گهٽبي.“

وڏيري جو چاڳ  نئين ڪنوار تي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ٿيندو ويو.

هِتان هُتان ڦِريو مٺا، مِٺا ڪيو بيٺو هيس. سسڻس به گهور گهور ٿيڻ لڳي، ” منهنجي سوڀاري ٻچڙي صدقو ٿيانءِ گهور وڃانءِ! سوڀ نيٺ وري به  منهنجي تو مان  ٿيندي، ماءُ- پٽ ٻئي تو ۾ اکيون وجهو اميدوار ٿيا ويٺا آهيون.“

ائين چوندي سسڻس جهڙو اُٿي  کيس ڀاڪر پاتو ته سندس منهن وارو پوڙهو اُڀو هڏو ٺڪاءُ ٿي ويو شاهدان جي لوندڙي ۾. هن کان دانهن نڪري وئي.

”چاچي، چاچي! ماري وڌءِ. منهنجي لوندڙي هڏي سان ٽوڙي رکيهءِ.“

”گڏهه کي به ڪو گج پائبو،“ هوءَ مٿس ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويئي. “ منهنجي ڀاڪر ۾ ٿي تنهنجي لوندڙي ڀڄي.... بلي! اهڙي تون نازڪڙي ٿي پئي آهين، ڀينگين مائٽن جي گهر ۾ اهڙا لاڏ هيهءِ؟ دعا ڪر منهنجي شهزادي پٽ کي جنهن ٻئي  مٿان کڻي اگهايئي نه ته يا ڄمار پئي ڇاڻين ٻهارين ها.“

سسڻس ڪر ڪر ڪندي ٻي ڪوٺيءَ ڏانهن وئي ته هِن دري مان ليئو پائي ٻانهيءَ کي سڏيو جا ڊوڙندي آئي- سندس ٽامڻي هاڻو منهن ڏسي پريشانيءَ مان پڇڻ لڳي، ”مان صدقو! ڇا ٿيئي ننڍي سائڻ؟“

”تو واري ٻانڀ وڏيريءَ قرب ڏيئي ماڳهين پورو ٿي ڪيم.“

”ائي گهوڙٽ، مٺيس!“ ٻانهيءَ سٿر تي هٿ هڻي چيو، ”سائين وڏيرو ايندو ته  ڇا چوندو؟“

”اهو کَل وري ڇا ڪندو، ڪانگن کي جي سونا کنڀ هجن ها ته اُڏامندي  پيا ڏسجن ها.“

”سائڻ اهڙو پهاڪو ته اسان ڪو نه ٻڌو، اسان ته ٻيو ٻڌو هو...“

”ائي ڇوري هل، دل نه ڪچي ڪر، سگهو وڃي چيڪو ڀتر ڪوسو ڪري آ ته ٽاڪوڙ ڪيان.“

آڌيءَ رات جو وڏيرو مبارڪ پنهنجي بيڊ روم ۾ بي آراميءَ مان پاسا ورائڻ لڳو، جوڻس کي به جڏهن پاسن وارا اُڀا گوڏا ۽ نوڪدار ٺونٺيون لڳيون ته هن  ننڊاکڙي بيزاريءَ مان چيو:

؟ڇا ٿيو اٿئي وڏيرا، ڪُکيون ڪڍي وڌيون اٿئي.“

”ڪيڙو....“ هُن ايذاءُ مان مس ايترو چيو ته هِن ’ائي گهوڙا‘ ڪري پلنگ تان هيٺ ٽپو ڏنو ۽ اڇيءَ چادر ڏي دهشت ڀريل نظرن سان نهارڻ لڳي.

”ڀئو نه ڪر، ڪو هنڌ ۾ ته ڪو نه ٿو هلي.“

”تڏهن خواب ۾ ڏٺئي ڇا؟“

”مان اهڙو بد ذوق ناهيان جو خوابن ۾ ڪيڙا ڏسان، ڏاٺ واري ڪيڙي سور کان بي حال ڪري رکيو آ.... هاءِ هاءِ.... الاءِ ڙي....“ هو چنگهڻ لڳو.

”ڏاٺن ۾ به ڪيئان پيا ٿئي! بس وڏيرا هاڻ تون ڇُٽين.“

”ڇو مان ڇٽس، اِها وائي ته نه ڪڍ، ڪا مهل ڪهڙي ڪا ڪهڙي.“ هن کي ڪيسڪاٽ اچي ويو ته  به ڦونڊجي چوڻ لڳو، ”صبح سان ٿو وڃي ڏاٺ ڪڍرايان.“

”ڪيڏانهن ويندين جمبور وجهائڻ، اِهي پاڻهي ڇڻي پوندءِ.“

”مان اهڙو ويل ته ڪو نه هان.“

”انهيءَ کان پوءِ ڪهڙو ڇٽو لڳندءِ.“

”مٿو نه هڻ، سمهي پئو  ماٺ ڪري.“

ائين چوندي هو جيئن’ الا‘ ڪري اٿيو ته وڃي چيلهه ڀر ڪريو. هين اڳتي وڌي سهارو ڏنس ته چڙ مان ٻانهن کي اڇل ڏيندي چوڻ لڳو؛ ”تنهنجي اَذبڪين بڪڻ ڪري پير کسڪي ويو، ڪو جڏو ته ناهيان جو اٿاريم ٿي.“

”پير يا گوڏو ٿڙي پيئي؟“

”گوڏو ڇو ٽڙندو، اها ته وائيءَ جي سور جي مصيبت آ، نه ته مان ڪو ڪراڙو ٿورو ئي آهيان جو هينئر ئي ٿي منهنجا گوڏا ڦيرائين.“

ائين چئي پلنگ جي ٽيڪ تي اُٿي کڙو ٿيو ته ڀر ۾ رکيل چانديءَ جي گلاس هيٺ اچي ڦهڪو ڪيو.

”ڪهڙا ڦڙڦوٽ ٻاريا اٿئي آڌيءَ رات جو ڇا کپنئي؟

مون کي چئو ته آڻي ڏيانءِ نه.“

”ڪٻٽ مان ڏاٺ جي دوا لڀنئي ته کڻي آ. هن پلنگ تي ويهندي چيو.

ڪمري جون چارئي بتيون ٻاري به کيس ڪا دوا نه لڌي ته آخر ۾ سسڻس جي ناس جي دٻليءَ مان چپٽي ناس جي ڀري آئي وڏيري جي کاڌل ڏاٺ ۾ وڌائين.

”من تنهنجي سهڻن هٿن جي صدقي اهو سور ٺري پوي.“

هن ليٽندي چيو. هيءَ به پاسي ۾ اچي پئجي رهيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com