سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

 

صفحو :5

”اهو گهوٽ جي چاچيءَ کي ڏنوسين.“ گهوٽ جي ماسيءَ وڏي واڪي وراڻيو.”اها آئي ڪانه باقي جوڙا ٿي گهر ويٺي پائي. ڪو لهڻو ڪونه اٿس.“

اهو ٻڌي زيبل ڀر ۾ ويٺل زبيده کي چيو ” گهوٽ جي پڦي ٽيو ڏهاڙو مون وٽ آئي هئي، چرچي مان چيو مانس: هاڻ ته پرچاءُ ڪرين، ڀائٽهن جي شادي تي ته اچجيئين وڳو ملندئي. تنهن تي هن پاڻ چيو ٿي ته: کيس ڏين ته به لعنت جو ٺڪر ڪير کڻي، ست پيڙهيون پيون پڻبيون ان جوري ۾. گهوريو سون جو ڪن ڇني.“

”ائي ادي هاڻي ٺهيو آهستي ڳالهاءِ. راڄن ۾ ٿي جهيڙا وجهين. هن به جي باهه مان چيو ته تون ته بردبار ٿيءُ ۽ هرو ڀرو ائين دهل....“

”ادي آءٌ ته آهيان ڦاٽوڙو دهل. اسين چئون سچ پوءِ ڪنهن کي وڻون نه وڻون.“

”آئي زيبل!“ ممتاز پريان پرس لوڏيندي آئي، ”هڪڙا ڏهه رپيا هجنئي ته ڏينم منهنجا ته سمورا پئسا گهورن پٺيان خلاص ٿي ويا. اڃا ته گهورون ڏيڻيون اٿم.“

”ڀيڻ؛ آءٌ پاڻ ڦٽي پئي آهيان، لنگهياڻين جا ڪم ڏٺا اٿئي، هيتان هُتان نچيو جهمريون اچي منهنجي اڳيان ڏين ته ’ڍڳو پير پيران‘ لاچار مون کي به ڏيڻو پوي. هو تيئن سمجهن ته زيبل ڪا لک تي مٿو ڌويو ويٺي آهي. خاص گهورن ڪاڻ ٻه سو ته نينگري کان وٺي آئي آهيان، تهڙو هت ڀاڄائيءَ کان به لڄُون ڪڄوُن پنجاهه رپيا اڌارا ورتم. هاڻ ڪنهن کان گهران. باقي اٿم رپيا ويهه سي به توکي ڏيئي ويهان پوءِ نيٺ موٽ جو پنڌ به سجهي ٿو.“

”ادي ٺهيو،“ ممتاز وراڻيو، ”مڙئي خير آهي، ممونءَ کان ٿي پڇان.“

”ائي ادي مون کان پڇي ڇا ڪندينءِ؟“ ممونءَ پنهنجو نالو ٻڌي ڳاٽ ورائيندي اتان ئي چيو. ”اسان جا ته ٻيرا ئي لٿا پيا آهن جيڏيون وڏيون شاديون اوتريون وڏيون ڳالهيون. رڳو وقت خير جو گذري.“

”چڱو وڃي گهوٽ ماءُ کان ٿي پڇان، پهت جهجو ئي پيو اٿس؛ گهر هلي اوڏيءَ مهل ئي ڇلو منڊي گروي رکي به پئسا موڪلي ڏيندي مانس.“

گهوٽ جي ماءُ شريفان، جنهن نوح نبيءَ جي ٻيڙي جيڏو پرس کنيو چڪر پئي ڏنا تنهن کي چيائين: ”ڀيڻ هڪڙا پنجاهه رپيا ته ڏينم گهر وڃي انهي موڪلي ڏينديسانءِ حال ته منهن مان ڪريان. مهل کي ته منهن ڏيان.“

شريفان يڪدم لنگهياڻين وٽ سيٽجي وئي، جيڪي اڳيان ’ٿها‘ رکيو پن جي ٻيڙين جا نڪ مان دونهان ڪڍي رهيون هيون ۽ وڏا وات ڦاڙي ٻاڪارڻ جي انداز ۾ راڳ به ڳائي رهيون هيون.

”مائي سوني، هي ته مٽائي ڏي.“ شريفان ڦونڊجي پرس مان ڳولهي ڦولهي سو جو چتين لڳل مئل نوٽ ڪڍندي چيو ”حاضر يجل“ لنگهياڻي نوٽ وٺندي چيو ۽ ڏهين ڏهين جا ڏهه نوٽ ڪڍي شريفان کي ڏنا.

صوبيدار ربڏني جي زال شمسو؛ پئسن ڏيڻ سان پوريون ڪري ڇڏيون. باقي وڃي ڏهين جو نوٽ بچيس: منهن ڀيلو ٿي ويس. منور، جنهن هيل تائين ٽڪو به خرچ ڪونه ڪيو هو تنهن کيس ٺونٺ هڻندي چيو، ”هاڻي ٺهيو. گهڻئي ڀينگ ڪيئي صوبيدار جي. هو ويچارو هِتان هُتان پٽي سٽي کنيو اچي، تو کڻي لٽ لاتي آهي. گهڻوئي ڏنئي، راڳ به ڪو سٺو هجي ڪين ’هل صابل ميڙي تي‘ جو تون حيران ٿي وئي آهين. واڇ پٽجي وئي اٿئي.“

شمسو؛ جا ڪنڍين ناسن وارو ڊگهو نڪ ۽ سنهڙا چپ کنيو ويٺي هئي سا ڪوڏين جهڙا ڪچا ڏند ڪڍي چرچي مان کلي، ”چڱو منور نٿي ڏيان، تو ته بچاءُ ڪري ڇڏيم، پر تون ڪهڙي نه پڪي آهين جو هڪ پائي به ڪونه ڏني اٿئي.“

”آءٌ ڏيان ته ڪنهن غريب کي ڏيان، جنهن جي ڪا مهل ٿئي، هي ڪارا ٿنڀا اچو بيهن اڳيان هنبوڇيون هڻڻ سو ڇو ڏيان. مون کي انهن ڳالهين کان چڙ آهي.“ منور رعب ۾ ايئن چئي اڃان بس ڪئي ته مٿي تي ويهن تولن جي چوڙين ۽ پنجن تولن جي منڊين واري هٿ جو بار محسوس ٿيس. ڪنڌ ورائي جو ڏٺائين ته گهوٽ ماءُ رپئي جو نوٽ مٿانئس جهليو بيٺي هئي. ايتري ۾ وري جو سامهون ڏٺائين ته ڪارو ٿنڀو هنبوڇيون هڻندو سرندو ڇم ڇم ڪندو ڏانهس پي آيو ڄڻ گودو شيدي ڊوڙندو هجي، ”اها! ڍڳو پير پيران! بلي ڍڳو پير پيران شابي! ڍڳو پير پيران آها....آها....ڍڳو......“ منور سور پي ڪا گهڙي ته سُسي وئي جيسين ٿنڀو ناز نخرا ڪري پاڻ کي پٽي، ڇني ڇاڇولي، وانڌاڙي اڌ مئو ڪري چٻيءَ چيلهه سان نوٽ کڻي.

شمسو، منور کي صلاح ڏيندي چيو: ” ائي ادي. توکي عزت ڏيندي يادگيري ڪيائين هاڻي تون به جوابي نوٽ گهورينس.“

”مون کي ڪهڙي خبر ته اهو اوچتو حملو ٿيندم جو آءٌ به جوابي حملو ڪريان. آءٌ ته پئسا کڻي به ڪون آئي آهيان. مون وٽ هجي ته گهوريان. مون ميڙ ته ڪونه ڪئي مان جو مون مٿان گهوريو.“

”ادي تون زور آهين.“ شمسو مرڪندي وراڻيو. سس کي نوٽ گهوريندو ڏسي گهوٽ جي ڀاڄائي به گوءِ کڻن ڪاڻ پنجين رپين جو نوٽ منور جي مٿي تي جهلي بيٺي. هن جو پهريائين هيڏانهن هوڏانهن پئي راڄ کي ڏٺو سو مرڳو اکيون ڪري زمين ۾ کپيائين. ديکا ديکيءَ ۾ ٻيون به گهوٽيتيون مٿانس نوٽ گهورڻ لڳيون. هن ڪنهن تي به جوابي نوٽ نه رکيو.

”مائي زال آهي ڪين زنب! ڪهڙي نه ڪنجوس آهي؟“

”هيڏيون گهورون ڪيون اٿنونس، اکين ڍڪي.“ ”هون،مکي چوس.“

”اها آهي ئي اهڙي بخيل، تازو پٽ پرڻايم ته ورهين جو رکيل ڳريل وڳو جنهن جا ستارا کي کٿا پيا هئا، پنجاهه رپڙن جو ڄڻ روئيندي ڏنائين. رکي اللہ تي اهو وقت به ايندو جڏهن پٽ پرڻائيندي ته آءٌ به ساڳيو وڳو ٻوٿ تي هڻندي مانس.“

”ها، ٻيو وري ڇا، جيسي ڪو تيسا. ڪهڙا توکي سونا سيٽ ڏنا هئائين جو تون ڏيندينس.“

سلطانا جيڪا ڏاج اڌ ۾ ڇڏي ڪنهن ڪم سان وئي هئي سا تيزيءَ سان ڊوڙندي واپس آئي ۽ منور کي جحائتو چنبو هڻندي پڇيائين، ”منور ٻڌاءِ ته سهي ڇا ڇا ڏيکاريائون؟“

”مون کي ڪهڙي خبر؟“

”ماڻهو آن ڪير آن.ڏاج به ياد نٿو پوئي؟“

مون کي ڏاج ٻاج ڏسڻ نه وڻي.“

”ڌيان ڪر ٻن ڌيئرن جي ماءُ آهين، اهي ڏينهن توتي به اچڻا آهن.“

”مان پنهنجي ڌيئن کي ائين نمائش ڪري ڏاج ڏينديس ئي ڪونه.“

منور ۽ سلطانا جي انهيءَ سس پس مان فائدو وٺندي هڪ ڄڻيءَ ٻيءَ کان پڇيو:

”ڀيڻ تو ڇا ڏنو؟“

”پنجين هزارين وارو سونو سيٽ ڏنم.“ هن اداسيءَ مان وراڻيو.

”ادي گهٻرائين ڇو ٿي ’کاسين ڪباب ته ڏيسين جواب‘ تون به ڌيءَ جي ماءُ آهين. اها ته اُڌاري ڀاڄي آهي وري واپس ملندءِ.“

”منهنجي ڌيءُ اڃا اڍائي سالن جي مس آهي.“ هن ساڳي اداسائي مان وراڻيو.

.ڏينهن گذرندي ڪهڙي وير دلجاءِ ڪر.“

اڍائي سالن جي ڇوڪريءَ جي ماءُ جيڪا اندر ئي اندر پڳي پئي هئي سا جيسين ڪو جواب ڏي ئي ڏي ته زبيده جو دهل جهڙو آواز گونجيو.

”ادي زيبل تون ته اڃا اتي ٻه ٽي ڏهاڙا رهندينءَ؟“

”نه ڀيڻ آءٌ ته سڀاڻي اول خير وينديس.“

”ڇو ادي، ايڏي تڪڙ؟“ هن ڄڻ طبلي تي سنگت ڪندي پڇيو.

”ادي گهر جو به اونو آهي سڄو ڪم سر تي اٿم.“ ائي ادي نوڪر ته ملن ئي ڪونه ٿا، پوءِ ڀنگياڻيءَ کان ڇو نٿي گهر جو ڪم ڪرائين. ڪپڙا به ڌوئي ڏيندءِ بصر به ڇلي ڏينديءِ، اٽو به ملي ڏيندءِ ڇنڊ ڦوڪ به ڪري ڏيندءِ ڄڻ مٿي جي جونءِ ئي مئي پئي هوندءِ.“

”نه ڙي ادي خير گهر! اللہ بازن ۾ سگهه وجهندم. هاڻي انهيءَ درجي تي ٿي پهچائيم جو ڀنگياڻيءَ کان گهر جو ڪم ڪاج ڪرايان!؟ ”ادي آءٌ ته وقت کي ڏسيو، سڀ ڪم ڀنگياڻين کان ڪرايان. ساهه ته اسان جهڙو اٿن، پيٽ ۾ به ته گند پيو اٿئون. ٻاهران مکيون چکيون ويٺيون آهيون، اندر ڪنهن جهاتي پائي ڏٺي آهي؟ ڪوڙو هٺ ڪوڙي وڏائي رهي نالو رب جو.“

”ادي تون سدا پئي ڪم ڪراءِ. تنهنجي جتيءَ ۾ ڪير پير وجهندو؟“ زيبل بيزاريءَ مان وراڻيو، ”ڪٿي تون خاندانڻ، ڪٿي اسين مسڪين ماڻهو.“

”آئي چڙي پئين ڇا؟ تنهنجي ته طبيعت ئي اهڙي آهي جو مکڻ مان وار پئي ڪڍين. اهي وهم وسوسا ڇڏي ڏي....“

”ادي خورشيد، پري ويٺي آهين، اچي پاسي ۾ ويهه ته چار ڳالهيون ڪريون. قسمت سان مليون آهيون.“ زيبل، زبيده جي ڳالهين مان ڪڪ ٿيندي خورشيد سان ڳالهايو.

”ادي ٽنگ جي سور نهوڙي نيو اٿم. شاديءَ تي به الاجي ڪيئن اچي نڪتي آهيان. نه اچان ها ته شريفان کي ڏک ٿئي ها.“ خورشيد ساڄو هٿ ٽنگ تي ڦيريندي چيو. آءٌ پاڻ ٽنگ وٺيو ويٺي آهيان، پر ڪڇان ڪيئن! ڪڇان ٿي ته پسوري ٿي پڌري ٿئيم.“

”ڇا جي پسوري ڀيڻ!“

”ڀيڻ ماڻهو چاليهن پنجيتاليهن کان ٽپيو ناهي ته سور سندرا ٻڌي چڙهيا ناهن اسان جهڙيون زالون! ته ڇڏ پر مڙسن جا به سچي عمر ٻڌائيندي هيانو ٿا ڦاٽن پتو تڏهن ٿو پوي جڏهن ڄنگهه وٺيو ويهن ٿا.“

...... ...... ........

سڄي راڄ ماني پئي کاڌي ته زيبل جي نظر اوچتو وڃي زليخان تي پئي جا ڏٽيل پليٽ سوڌو سيسر وانگر هوريان هوريان ڏانهس رڙهندي پئي آئي. زيبل ڀاڪر جي ڊپ کان پاسي ۾ ستل پرائي ٻار کي کڻي هنج ۾ ڪيو. کيڪر لاءِ رڳو هٿ وڌائيندي چيائينس: ”معاف ڪجانءِ ڀيڻ ننڍڙو کنيو ويٺي آهيان.“ زليخان جي اڌ حياتي ته انهيءَ مهل ئي برباد ٿي جنهن مهل ننهڻس جو تحفي ۾ ڏنل رئو زيبل جي مٿي تي ڏٺائين ۽ سهي نه سگهي.

”ائي زيب اهو مون وارو رئو اٿئي نه؟ سهڻو پيو لڳنئي.“

”ادي هاڻي اکيون اٿئي ڏٺئي. اهڙا سو پائي ڇڏياسين، نئين سئين راڄ ۾ مرلي وڄائڻ جو ڪهڙو ڪم.“

”ائي سو آءٌ مرليون ٿي وڄايان؟ ڪو آءٌ جوڳياڻي آهيان جو لقب ٿي لائينم؟“

”زليخان مون ٻڌو ته تون چاڪ ڪونه هئين. شاديءَ تي به نٿي آئينءَ؟“ زيبل سندس سوال کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري پرائي ٻار کي واپس غلم تي لاڙيندي چيو.

”ائي زيبل ڏسين ڪونه پئي. اڃا سگهو ساهه ڪٿي کينو اٿم،“ زليخان مرليءَ وارو ڌڪ پچائيندي چيو. ”صديق جو ڪراچيءَ ۾ ضروري ڪم ٿي پيو هو سو خالي موٽر ڪاهيو پئي ويو. چيم ته هڪ پيٽرول مهانگو ٻيو نئين نڪوري خالي موٽر کنيو پيو وڃي سو سجائي ته ڪريانس.شريفان تي به ٿورو ٿي پوندو ته هيڏي پنڌ تان خاش مون لاڪر آئي آهي.“ ايئن چوندي زليخان چاشنيءَ جو گرهه وات ۾ وڌو.

”ادي هي مٿي کي ڌڪ ڇا جو لڳو اٿئي؟“ زيبل هيڊ لڳل ڳوڙهي ڏانهن اشارو ڪندي پڇيس.

”زيب ڏٺئي ڪونه پوٽي جي طهر جي خوشيءَ واري ڏينهن صدمي کان چڪر اچي ويم. هيڏا خرچ ڪيم جن کي ويهه ويهه ڏنم تن اکين ڍڪين ٽڪو به ڪونه ڏنو. روئيندي روئيندي پنج رپيا ٿي ڏنائون.“ ائين چوندي قورمي جي ڊش ڏانهن هٿ وڌايائين.

”ائي اهو گوشت وري ڇا جو آهي“ اڻوڻندڙ طرح سان نڪ گهنجائيندي چوڻ لڳي: ”گڏهه جو آهي ڪين مئن گهوڙن جو. ڇڪيون ڏئي ڏئي بيٺي آهيان پٽجي ئي نٿو نڀاڳو. مئو کڏس!“ ايئن چوندي جهڙو ٻوٽيءَ کي ڇڪ ڏنائين تيئن سڻڀ تي هٿ ترڪي ويس ۽ قورمي مان گوگائي مرچن وارو ڇنڊو اڏامي وڃي مئل ٻڪري جهڙي تاري ۾ پيس.

”ائي گهوڙا ڙي تارو نڪري ويو !! هيئون ٻڏي ويم ڪوهه ڪريان!؟ زيبل اک تي رئو رکي ڦوڪو ته ڏينم.“

”ادي وات ۾ چانورن جو گرهه اٿم سو توکي ڦوڪ ڪٿان ڏيان؟ تون پاڻ کڻي رک.“

ٻي ڪا واهه نه ڏسي زيبل اڳيان رکيل ٿڌي پاڻيءَ جو ڀريل گلاس کڻي اک تي رکيائين ۽ جلدي جلدي اک ڇنڀڻ لڳي.

”ٻيڙي تريس روح ئي ڦيرائي ڇڏيائين. ڪير پيئندو انهيءَ گلاس ۾ پاڻي!“ زيبل ڀر ۾ بيٺل ممتاز کي چيو، ۽ پاڻ خالي پليٽ رکي، سماوار طرف وڃڻ لڳي. پٺيان زليخان به اکين کي ڇنڀندي ويس ۽ پاڻمرادو چوندي وئي: ”ڀت ته ڪهڙو هو ٻوٽي به ڪون هئي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com