سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: مٺي مراد

باب: --

صفحو :12

”مائي ڏسو ته، ڇوڪر هاڻ قرآنن ۾ ٿو ڳالهائي!“ ڏاڏيءَ عجب مان چيو، ”اسين ته علم کان انڌا لوڪ سمجهي نٿا سگهون ڇا لکيو اٿس! الائجي ڪنهن رحمت الله وٽ وڃي رهيو آهي يا انهن جي پٽن دائم ۽ قائم سان گڏجي ٿو پڙهڻ وڃي.... الائجي اهي ڪير آهن.... سڏيو ڪنهن علماءٌ کي يا چاچا ڀائيءَ کي ته اچي خط پڙهي ڏي.“

*      *       *

چاچا ڀائي، چاچا ڀائي! هلي خط پڙهي ڏي“ لالڻ جي ڀاءُ لاڏ ڪندي چيو.

”ڇورا آءٌ ڪو پڻهين جو منشي آهيان جو ويٺو خط پڙهندس. هل هاڻي هل!“ چاچا ڀائيءَ جي رهڙ کان ڇورو ڇرڪي وٺي گهر ڀڳو.

”امان خط نٿو اچي پڙهي ڏي.“

”ابا وڃي ڌوڙ پائي سگهرو مئو.“

”ائي مون کي ڏيو ته آءٌ قلندر جي چوهي کان پڙهائي اچان“ ڏاڏيءَ چيو.

ڏاڏي لمڪا ڏيندي چوهي جي گهر رخ ڪيائين.

”امان ڪٿي آهي ڇوڪرو؟ ڏاڏيءَ چوهي جي ماءُ کان پڇيو.

”اهو ته ڊيوٽيءَ تي  ويو آهي، هڪ بجي ايندو.“

”ڪارو اٿس منهن، نيرا اٿس پير!“ ڏاڏيءَ دل ئي دل ۾ قلندر جي چوهي تي قلندر جي ڦٽڪار وجهي ور کائي مولويءَ جي گهر رواني ٿي. پريان ئي توتاڙي جيان واڪا ڪندي واءُ ڇوهو وسائيندي اچي حجري تي پهتي.

”ابا نصرالدين، خط ته پڙهي ڏيم،“ ڏاڏيءَ ايلاز ڪندي چيس. ”رلي مئي آهيان؛ ڏند به ڀڃرايم، ڏسين ٿو، چپ به سڄيو پيو اٿم،“ سٿڻ جو ويڪرو پانچو کڻندي چيائين. ”هي ڏس!“

مولوي نصرالدين جا گول تارا حيرت ۽ سسپينس ۾ ڦاٽندا ويا.... لالڻ جي ڏاڏي پانچو مٿي کڻندي وئي. هي ڏس.... هي ڏس.... اجهو.... هي ....هي گوڏا ڦٽيا پيا اٿم!“

”ڏينم خط ته پڙهان.“ مولوي وساڻيل آواز ۾ چيو.

”ابا کڻي ڪونه آئي آهيان، ڇورين ڏنم ئي ڪونه، هلي پڙهه....“

”مائي آءٌ هينئر ڪٿان هلندس، هي درگاهه وارو دڪان سڄو ڪيئن ڇڏيان، ريوڙيون، پتاشا، هار گل، اگربتيون سڀ پيون آهن.“

”ابا روهه رلين خط ڪونه ڏنم، هلي هلي منهنجون ته ٽنگون ٺڪر ٿي ويو آهن تنهنجا لائق ٿيندا هلي پڙهي ڏينم.“

”نه مائي نه، آءٌ واندو ئي ڪونه آهيان!“ ملان ريوڙين تان چيلاٽا اڏائيندي چيو.

ڏاڏي موٽي ماڳ پهتي.

”موت پئيو مون کي ته ماري ڇڏيو اٿو، منهنجو ته اهو حال آهي ته ’ڪتو به انهيءَ کي کائي موچڙو به انهيءَ کي لڳي،! خط ڏيو ها ته آءٌ پڙهائي اچان ها، هتي ته ڪير به نٿو اچي.“

”ٺهيو ڏاڏي ٺهيو، اسان پڙهائي ڇڏيو. ادا لالڻ سڀ خير لکيو آهي. اسڪالرشپ منظور ٿي اٿس. نوڪريءَ جو آسرو به آهيس؛ تمام خوش آهي.“ زينوءَ چيو.

”نپٽيون، روهه رليون! پوءِ مون کي رلايو ڇو ٿي؟ ڏند ڀڃرايو گوڏا به ڦٽرايو اڃان به اندر ڪو نه ٺريو اٿو. هن گهر ۾ هاڻي منهنجو گذارو ڪو نه ٿيندو.“

”پوءِ الله واهي، ميڙهه اسان جي ڪانه ايندئي.“

اهو ٻڌي لالڻ جي ڏاڏي سڌي ڀڳي ڀورل جي حويليءَ تي.

”ائي جيجي زيبل! اي ڀورل ماءُ، ڪٿي آهين؟ او جيجان....!“

”ائي ڇاهي، اچان پئي، ڪهڙو وٺي ڌمچر مچايو اٿئي.“

”ائي ڌمچر ته هوڏانهن متا پيا آهن!“

”ڪيڏانهن!“

”پوٽهين جو خط آيو اٿئي.“

”ڪهڙو پوٽو!؟ هانوءُ ڇو ٿي ڦاڙيم! منهنجو ٽن سالن جو پوٽو  ڪيئن خط لکندو!“

”ائي جيجان سمجهه کڻي ته منهنجو پوٽو سو تنهنجو پوٽو- “

”ائي تنهنجو پوٽو سو منهنجو پوٽو ڪيئن ٿيو! آءٌ تنهنجي هٿن جي ٻار؛ هيڏا ڌڳڙا ٿا منهنجا پوٽا ٿين. ڏند ڀڃائي هوش وڃايو اٿئي.“

”ڏند ويم تڏهن به طعنو نٿو وڃي.“

”اهو طعنو ته جيتر جيئري هونديءَ تيتر ڪو نه ويندئي.“

”ٺهيو، توکي به ڏٺم....“ هو بنا موڪلائڻ جي رسي اٿي هلي.

*   *   * 

”ائي لالڻ آيو ڙي آيو! جيئيس ڙي جيئيس! منهنجي صبح کان اک پئي ڦڙڪي.“ لالڻ کي ٽانگي تان لهندو ڏسي ڏاڏيس چيو.

”ائي منهنجو صبح سان، ڪلهو پئي ٽپڪيو ڪانگ لنوڻ ويٺو؛ چيومانس لنو ڪانگ مٺي ٽڪي ڏيانءِ، منهنجو لالڻ اچي پيو اهو ٻڌي ڪانگ اُڏامي ويو.“ لالڻ ماءَ ٽڙندي چيو.

”آءٌ پاڻ پتنگ فقير ڏانهن ڳڻتي ڳار شربت پيئڻ پئي ويس ته ٻه ڪٻريون بابي جي قبر مٿان ويٺيون پيهون، پيهون ڪن! چيومان، رنون جهجو ان پيٺو پيو آهي رڳو اسانجو ڇوڪر پرديس مان اچي“ چاچي عطالوءَ چيو.

”ائي لالڻ آيو پيهي،ويا سور سڀئي،جيئس جيئس آءٌ جيڏيون منهنجو لالڻ آيو بيهي“ ڏاڏي خوشيءَ ۾ ڳائڻ لڳي.

”چاچا عطالو هي توهان جي لاءِ ملتاني گوڏ آندي اٿم.ٻانهن جو قلندري ڪنگڻ، ڪن جو والو، هار، اهي سڀ پائجان ۽ هي پنڌرهن رپيا روڪ اٿئي.“

چاچي جون خوشيءَ کان واڇون وکرجي ويون اکر اُڪليو ڪونه ٿيس.

”ابا منهنجي ڪاڻ ڇا آندئي، ڏند به تنهنجي پٺيان وڃايم.“

”فڪر نه ڪر ڏاڏي، تنهنجا ٻٽيهه ڏند ڪراچيءَ ۾ هلي وجهرائيندس.“

”اي ابا خير گهر! پيريءَ ۾ پرديس وڃي آءٌ پنهنجو ابو ڏاڏو لڄائيندس! ڪهڙا ٿو ڏس ڏين. اتان ئي مري نڪرندس انهيءَ چونٺ تان!“

”ڀلا تنهنجي مرضي، هي جوڙو اٿئي ڪپڙن جو“ لالڻ بئگ بند ڪندي چيو.

”هي ڇيٽ جو وڳو آندو اٿئي!“ موڙو ڏيندي چيائين ”اهو ته مرادان ڀنگياڻي به پايو وتي.“

”ڪهڙو منهنجي ٻچي ڪاڻ ڪروڌ لاتو اٿئي، اڳي ڪهڙا ويس پاتا اٿئي؟ هڪڙو ته چڱائي ڪري وٺي آيو آهي“ لالڻ ماءُ چيو.

”ائي اهو پيو اٿئي وڳو، کڻ پنهنجو ايڏهين! مون ڀانيو ته ڪا سوسيءَ جي سٿڻ، ڪو ڀرت وارو چولو هوندو. ماڻس ۽ ڀيڻس لاءِ اوچا وڳا، پڻس لاءِ لونگيون، منهنجي لاءِ ڇيٽ نصيبن ۾، وڃي ڀنگياڻيءَ جهڙا توهين پايو.“

”اڙي ڇو ٿيون بي شڪريون ٿيو، توهان کي ته اهڙا وڳا پارائيندس جو ڏيهه اچي ڏسندو. اڃان ته امتحان ڏئي آيو آهيان نوڪري به ننڍي اٿم؛ جنهن مهل انجيئر ٿيس ته پئون ٻارهن ٿي ويندا.“

”امان ادي جي سکان به ته باسي هئي سين“ زينو چيو:-

”ڌيءَ مون کي ياد آهي، سڀاڻي سان ئي پنجين سيرين جي طاهري رڌائيندس،“ ائين چوندي پيتيءَ مان پيسا ڪڍيائين.”اچي ادا عطالو، هي ويهه رپيا اٿئي، ٽن ٽن رپئن وارا پنج پڙ ۽ هار گل وٺي اچ. دهلاري عرس فقير کي به چيو اچ ته پهچي وڃي“ وري سس ڏانهن منهن ڪندي چوڻ لڳي ”چاچي هل ته پاڙي ۾ سڏ ڏيڻ هلون.“

* * *

زالن ٻارن جو گوڙ دهل جي ٽيٻڪ، ٽيٻڪ.....۽ شرنايون.....

لالڻ ٻانهن لوڏي

سدان ٻانهن لوڏي

رب جو ٿيندس راز ڀلي ٻانهن لوڏي

ائي ڏسي ڏاڏيس جو شان لالڻ ٻانهن لوڏي

رب جو ٿيندس راز ڀلي ٻانهن لوڏي

سدان ٻانهن لوڏي

دهلن دمامن سان سڀئي اچي درگاهه ڀيڙا ٿيا. جتيون لاهي هڪ پاسي رکي، در تي ٽنگيل ٽلين کي لوڏي ڄڻ ستل سائينءَ کي سجاڳ ڪيائون. قبي اندر مولوي نصيرالدين جيڪو ڪاري گوڏ خميس ۽ ڪنگڻن  مڻڪن سودو بوڇڻ مٿي تي رکي مراقبي ۾ ويٺو هو تنهن به آواز تي وات چوريندي ڪنڌ کنيو.

لالڻ ماءُ اگر بتين جي بنڊل سميت نياز آڻي اڳيان رکيس ته ڪجهه حصو ڪڍي باقي موٽائي ڏنائين.

هار گل ۽ ڀڙ چاڙهي سڀني زيارت ڪئي دعائون پنيون ڪن باسون باسيون ته ڪن وري پوءِ ڪونڊيءَ مان گلن جي پتين گڏيل خاڪ وات ۾ وجهي پوتين جي پلاندن ۾ ٻڌائون ته ڇاتي تي به ملياؤن. ۽ ٻٽي پئسا پيٽيءَ ۾ ڪيرائي ابتي پيران ٻاهر موٽيون. وڏي ميدان تي قبرن وٽ کٻڙن جي ڇانو ۾ويهي ڪجهه ڳيچ ڳائي بک کان پاهه ٿي اچي طاهريءَ تي ڪريون تنهن بعد درگاه جي ٿڌي ناديءَ مان پاڻيءَ جا ٽڀا ڀري ڀري پيئڻ جي ڌم لاهي ڏنائون ۽ وري ساڳيا ڳيچ ڳائيندي اچي لالڻ جي گهر ڀيڙيون ٿيون

سُکان ۾ آيل  هڪ زال ٻئي هٿ پيٽ ۾ وجهندي چيو.

”ائي ادي ڏينهن تتي جو ڪوسو ڳڙ جو ڀت کارائي ماريو اٿن. پيٽ ۾ ڄڻ چاڪو پيا لڳن.“

”ائي اللہ، مونسان به اهو حال اٿئي“ ٻيءَ وراڻيس.

”توهان جوانن جو اهو حال آهي ته منهنجو ڪهڙو هوندو“ لالڻ جي ڏاڏيءَ چيو.

ايتري ۾ ٻاهران عطالوءَ جو آواز آيو.

”بابا زالن کي پاسي ڪريو، مون کي ٿورو غسل خاني ۾ ڪم آهي،“ وري هوريان ماڻس کي چيائين ”امان.....هي گوڏ کي ٿورو چٽو ٿي پيو آهي ڌوئي ڇڏجئين.“

”پنهنجي سورن جي ڪريان ڪي تنهنجي گوڏ جي ڪريان موت پيا، توکي ڪنهن چيو ته گڏجي هل؟ اڳئي اڌ ماڻهو، وري پنج ميل اوٽ موٽ جو پنڌ ڪيو اٿئي.“

”پوءِ ڇا ڪريان! رنن جي راڄ ۾ ڪو مڙس به ساڻ هلي ها“ عطالو چڙ مان وراڻيس.

”چڳو ادي“، هڪ زال لالڻ جي ماءُ کان موڪلائيندي چيو ”وڃي ڪي گوريون ڦڪيون کائون هاڻي مرون ٿيون.“

”مائي کنڊ ڪونه هئي ته کڻي کچڻي ٺاهيو ها“

ٻيءَ زال چيو ”ڳڙ جي ته نه ٺاهيو ها، زالن کي تڪليف ٿي  آهي.“

”ادي پنج سير طاهري جا هئا، کائي ته سڀئي ويون، هاڻي عيب ثواب ٿا نڪرن،“ لالڻ ماءُ وراڻين. ”اوليائن جي شين تي ائين نه چئبو آهي.“

”چڱو ڀيڻ، هاڻي الله کي پرتئين“ هڪ ٻئي کان موڪلائي پنهنجن گهرن ڏانهن روانيون ٿيون.

*      *      *      *

”لالڻ جا پيءُ ٻڌين ٿو، لالڻ خير سان نوڪريءَ تي به آهي، ڄاڻ انجنيئر به ٿيو، ڪو پڙو ته ميڙ تياري ڪريون.“

”ها، لالڻ جي ماءُ، مون کي پاڻ اونو آهي، ڀلا ڪا نينگري نظر ۾ اٿئي ڇا؟“

”اي لالڻ جا پيءُ پنهنجي لالڻ لاءِ نينگريون کٽيون آهن ڇا، پنهنجي موتين جي داڻي جهڙي حميده پڦاٽ ڪو نه ويٺي آهيس.“

”نينگر جي به ته صلاح پڇ.“

”ڪهڙي صلاح پڇانس، اندر ئي اندر ڪلفيون پيو کارائيس. مون کي ڪلمي جو قسم رات به ناريل ڪتلون وٺي آڻي ڏنائينس، ذرو به ڪنهن کي ڪو نه ڏنئين. اندر ئي اندر ڳيهي ويئي! چئبو ته بلا ٿي، هينئر ئي بلا آهي ته پوءِ ڏنگ هڻندي ڪهڙي دير ڪندي. لالڻ جا پيءُ اها وئي پنهنجي نانيءَ تي، هوندي سوندي به ڪين جو ڪنو چڙهيو پيو آهي ته: مون کي علو ڏئي ڪونه، ڪير ئي ڪونه ڏينم پنهنجي تي اچان ته سڄي پاڙي مان پني کائي ويهان.“

”هاڻي جيڪا تنهنجي صلاح؟، پاڻ ۾ جي ٺهي ويا آهن ته پوءِ ٺيڪ آهي.“

”بس جيڪا لالڻ جي مرضي، نٿ ايرينگ ته رکيا آهن باقي ٻه ٽي جوڙا کڻي ٺهرائيندس. پوءِ انجنيئر ٿئي ته  جيڪو وڻيس ٺهرائي ڏيس.

”نٿ ايرنگ تو وارا؟“

”ها اهي لعنتيءَ جو ٺڪر! ماڻهين مون کي ڏيئي وري ڦريا ته عطالوءَ کي ڏيندس وري چوي ٿي ته پوٽي لالڻ کي ڏيندس. پيا ڦرموٽيءَ وانگر ڦرن ڪيڏيءَ مهل چوي ته پنهنجي ’خفن‘ گيري اٿم، موچڙو هڻان منهن تي ڪنهن جي طاقت آهي جو مونکان وٺندا“.

”ٺهيو الله مالڪ آهي،“ علوءَ اٿندي چيو، ”هينئر منهنجي نوڪري جو ٽائم ڀريو پيو آهي.“

”لالڻ جا پيءَ، اها نوڪري ڪرڻ توکي نه جڳاءِ، ڇا پٽيوالي ۽ ڇا انجنيئر جو پيءُ!“

”ٽيهه سال نوڪري ڪئي اٿم، پنهنجا حق وڃائيندس  ڇا چري! منهنجا صاحب منهنجي شرافت ۽ محنت جي نوڪري ڪري مون تي مهربان آهن. انهيءَ نوڪريءَ سان ته مون لالڻ کي مئٽرڪ تائين پڙهايو، پوءِ پنهنجي همت ۽ محنت ڪيائين جو پرديس جهاڳيائين اڄ اها پٽيوالي خراب ٿي پئي جو تنهنجي اک ئي نٿي ٻڏي. توکي فخر هئڻ گهرجي ته تون مزور جي زال آهين تنهنجو پٽ هڪ مزدور جو پٽ آهي! اڄ تون مزوريءَ کان نفرت ٿي ڪرين اهو وقت وسري ويئي جڏهن پرڻجي آئي هئين ته برقو به ڀورل جي ماءُ ڏنو هيئي.“

”لالڻ جا پيءُ تون سچ ويٺو چوين، انسان کان غلطي ٿئي ٿي مون کان غلطي ٿي.“

”هيءَ حڪومت اسان مزورن جي دم سان قائم آهي. اسان پنهنجو پگهر وهائي، رت ست ڏيئي هيءَ حڪومت ٺاهي آهي. تون سمجهين ڇا ٿي منهنجي نوڪري وري پٽهين کان ڪا گهٽ به آهي ڇا!؟

”مئا پهرين پنهنجون ڏاٺون ته ڀراءِ حڪومت وارو ٿيو آهين! جيئن آءٌ ڍري ٿي آهيان تيئن شنگر جو اچين. هڪ دفعو ٻڌم حڪومت، حڪومت ڪري رت ولوڙي ويو آهين، مٿي تي چڙهندو پيو اچين.“

”ٺهيو لالڻ ماءُ،“ علوءَ ڪنبڻيءَ مان وراڻيو. ”هاڻي معافي ڏينم، پاڙو نه ٻڌي.“

”پاڙي جي مون کي پرواه ناهي، بدنام ته اوهيئن ماڻهين ڪري ڇڏيو اٿم، اُهو گهر ناهي جتي منهنجي گلا نه ڪئي هجيس پر منهنجو صبر آهي اهو پاڻهي ڪنڌ تي پوندس.

”ڇڏ ويچاري امان کي، پوڙهي آهي، اڄ هوندي سڀاڻي نه هوندي، ڇو ٿي غريب کي چوين-“

”ماڻهين جي ته چهنڊڙي لڳيو وڃيئي!“

”لالڻ ماءُ منهنجو نالو ڇو پئي وٺين. تنهنجي ڪنيءَ قوم کان به ويس ڇا؟“ لالڻ جي ڏاڏي اوچتو ڪوٺيءَ مان ورانڊي ۾ وارد ٿيندي چيو.

علو موقعي جي نزاڪت سمجهندي ٻاهر هليو ويو. سس ننهن جي چخ چخ گهڻيءَ دير تائين هلندي رهي.

*      *      *     

”ائي سويري لاڪون ٽليو ٽليو ٽيلارا ڇو پئي ڏين؟ ڪيڏي پئي  وڃين اها مئي گوڏ اوڍيو؟“ لالڻ جي ڏاڏي ساڙهيءَ ڏانهن اشارو ڪندي  حميده کي گهوريندي چيو.

”صاحب سان پئي  وڃان فلم تي!“

”ڏاٺن کاڌو پڻس به صاحب آهي! مائي تو ته اسان جون ست پيڙهيون ڪاريون ڪري ڇڏيون.“

”پوءِ آءٌ ڇا ڪريان لالڻ کي چئو نه“- حميده ماڻو ڪندي چيو. ”ائي اهو ڇٻو ڇو مٿي ۾ وڌو اٿئي“ ڏاڏيءَ وگ ڏانهن اشارو ڪندي چيس.

 حميده منهن ۾ گهنڊ وجهي کيس گهورن جا گهاءُ هڻندي سئنڊل جي سٽ سٽ ڪندي ساڙهيءَ جو پلوءَ ٻانهن تي رکي هلڻ لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com