سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :9

 

باب پنجون

فصل پهريون

ميون جو باغ

اوائل جي سمجهاڻي

هندستان ۾ ڪي ٿورا باغ آهن، جن ۾ پوريءَ رٿ سان چونڊ چونڊ قسم جا ميويدار وڻ پوکيل آهن. ڏيهي ميويدار وڻ اڪثر وڏا درخت ٿين ٿا ۽ گهڻي جاءِ والارين ٿا، تنهنڪري خانگي باغن ۾ اُهي لاچار رٿائتا پوکي نه ٿا سگهجن، باقي وڏن سرڪاري باغن ۾ پوريءَ طرح پوکي سگهجن ٿا. پر اڪثر جيڪي باغ ڏٺا ويا آهن، تن ۾ ته ميويدار وڻن جي پوکڻ جي، ڪا به چڱي تجويز ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي، گهڻو ڪري اهي باغ، جي رستن جي پاسن کان قطار ڪري پوکبا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪڙي تڪ يا ڀاڱي ۾ هڪ قسم جا وڻ پوکيندا آهن. ڪڏهن ته وري ميون ۽ گلن جا وڻ گڏي، هڪٻئي جي ڀرسان پنجن ڇهن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي پوکي ڇڏيندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو ميوا ڪوجها ۽ گهٽ درجي جا پيدا ٿين ٿا.

پر هتي جي زمين اڪثر اهڙي چڱي آهي، جو جيڪڏهن تجويز سان وڻ پوکجن ته تمام گهڻي پيدائش ڪن. ڏهه ويهه ايڪڙ زمين جا واجبي ملهه تي وٺي، انهيءَ ۾ پسنديءَ جهڙا ميويدار وڻ چونڊي، چڱيءَ رٿ سان پوکي ڇڏجن ته پوءِ اميد آهي ته اهو پونين جي لاءِ تمام چڱو ورثو ليکڻ ۾ ايندو.

باغ ڪهڙيءَ جاءِ تي ۽ ڪيئن رٿجي، تنهن بابت اسان پهرئين باب ۾ بيان ڪيو آهي. هتي به ٿورو زياده گهربل احوال لکون ٿا، جنهن مان  اميد آهي ته پڙهندڙن کي گهڻو فائدو پهچندو.

باغ جي لاءِ ڪوشش ڪري اهڙي جاءِ هٿ ڪجي، جنهن جو اتر وارو پاسو کليل هجي، ۽ انهيءَ طرف وڏا درخت به نه هجنس. انهيءَ جي چوڌاري حد تي ڀت يا ڪنڌي يا لوڙهو يا تار ڏيئي ڇڏجي. انهيءَ سان لڳ، اندرئين پاسي، قطار ۾ وڏا وڻ پوکي وڃجن، جي عام هجن ۽ رواجي ميوي جا هجن، جهڙوڪ- ڄمون، ڦڻس وغيره. پوءِ اٺ فوٽ ويڪرو ۽ هڪ فوٽ زمين کان مٿي ٿَلهي وارو رستو، حد واري ڀِتِ يا لوڙهو، وڻن سان پوري وڇوٽيءَ ۽ سنوت ۾ ٺاهي وڃجي. رستي جي هُن پاسي ڪناري سان، وري اٽڪل ٻارهن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي، ننڍي قد وارا ميويدار وڻ پوکي وڃجن. جي عام هجن ۽ رواجي ميوي جا هجن، جهڙوڪ زيتون، سيتا ڦل، رام ڦل، انجير، پپنوس وغيره. هنن ٻن ميويدار وڻن جي قطارن جي وچ ۾ جيڪو رستو آهي، تنهن تي هلڻ ۽ هوا کائڻ مان ماڻهوءَ کي گهڻي فرحت ايندي. باقي وچ واري جيڪا زمين بچي، سا چورس ٻارن يا تڪن ۾ ورهائي وڃجي ۽ انهن تڪن جي وچ ۾ اٺ فوٽ ويڪرا رستا رکي وڃجن. انهن تڪن يا چورسن جو تعداد يا انهن جي پکيڙ باغ جي زمين جي پکيڙ تي تعلق رهڻ گهرجي. هر هڪ تڪ ۾ جدا جدا قسم جا ميوا پوکڻ گهرجن. مثلاً، انب ۽ نارنگيون گڏي نه وجهجن. هڪڙي ٻن تڪن ۾ ته خلاصا اڻ _ لڀ، عمدا ۽ قيمتي ميوا پوکجن. اها نظر رکڻ گهرجي ته وڻ سوڙها نه هجن. هتي باغن ۾ اڪثر اهو عيب رهندو آهي، جنهنڪري وڻن کي وڏو نقصان پهچندو آهي. باغ جي وچ مان هن پاسي کان هن پاسي تائين، ڊاک جو مَنهَه ڪڍي وڃجي ۽ ڊاک جي بيان ۾ جيڪا سمجهاڻي ڏنل آهي، ان موجب ڊاک رکي وڃجي.

ميويدار وڻن پوکڻ ۾ اِها سنڀال رکڻ ضروري آهي ته پريندي انهيءَ زمين ۾ رکجن، جا سندن لاءِ چڱي ۽ مناسب هجي. انهيءَ  ڪم لاءِ ٽي فوٽ اونهيون ۽ ٽي فوٽ ويڪريون کڏون کوٽي وڃجن ۽ انهن کي چڱي ۽ ڀلي مٽيءَ سان ڀري ڇڏجي. اها مٽي خاص انهيءَ ڪم لاءِ هٿرادو ٺاهجي. انهيءَ ۾ بيشڪ پهريائين تڪليف معلوم ٿيندي، مگر آخر نتيجو تمام چڱو نڪرندو. پر- اها تجويز به انناس، گدرن، هنداڻن ۽ ڪن ککڙين وارن ميون جي لاءِ ناهي. انهن جي لاءِ ساري تڪ جي زمين کوٽڻ، ولڻ ۽ ڀاڻ سان ڀرڻ گهرجي. جيئن ٻنيءَ ۾ ڪندا آهن.

رواجي ۽ موچاريءَ پکيڙ واري خانگي باغ لاءِ، هيٺيان ميويدار وڻ بس آهن: انب، صوف، توت، انجير، ڏاڙهون، ليمان، نارنگيون، پپنوس، انناس، زيتون، سيتا ڦل، رام ڦل، شفتالو، آلو، باداميون، ڊاک، ڪيوڙا ‎، ڦڻس، ناريل، ڄمون ۽ کجور.

هن مان ڪي، جهڙوڪ ناريل، ڦڻس، پپنوس ڪنهن ڪنهن زمين ۾ نه ٿيندا آهن. اهڙي هنڌ اهي نه رکجن. جيڪي وڻ آڻجن يا پوکجن سي چونڊي عمدي قسم جا هٿ ڪرڻ گهرجن. جهڙن تهڙن وڻن رکڻ مان مفت وقت جو به زيان آهي، پيسي ۽ پورهئي جو به.

رکيل باغ جي سڌاري لاءِ گهڻو ئي ڪي ڪري ٿو سگهجي، جهڙيءَ طرح يورپ ۾ ڪندا آهن- قلم هڻڻ، هڪڙن جا پيوند ٻين ۾ هڻڻ ۽ ٻيا هنر هلائڻ _ جن جو اسان مٿي ڪنهن باب ۾ ذڪر ڪيو آهي. ائين ڪرڻ مان هي فائدو آهي ته وڻ تمام جلد ڦر ڪن ٿا، ٿوري جاءِ والارين ٿا، ٿورو ڀاڻ ۽ محنت گهرن ٿا ۽ جڏهن سندن ميوو پچي ٿو، تڏهن آسانيءَ سان انهن کي جهار کان سنڀالي سگهجي ٿو. تنهن کان سواءِ سادي وڻ مان اُچو ميوو ڪڍجي ٿو ۽ جي وڻ هڪڙي هنڌ نڪما ٿيا بيٺا آهن، سي ٻئي هنڌ ڪمائتا ٿي پون ٿا. هاڻي انگلينڊ ۾ هڪڙيءَ رٿ جي آزمائش پيا ڪن، جا گهڻين ئي حالتن ۾ سجائي ٿي آهي. اُها هيءَ آهي ته باغ ۾ رکيلن چڪين کي سال ۾ ٻه ڀيرا، هڪڙي هنڌان ڪڍيو ٻئي هنڌ رکن ۽ وقت بوقوت انهن جون پاڙون سوئيندا ننڍيون ۽ مختصر ڪندا وڃن، جنهن ڪري وڻن قد جا بندرا رهندا اچن، سندن پاڙون پري نه ٿيون پکڙن ۽ ٿوري جاءِ ٿيون  والارين.

وڌيڪ ميوي پيدا ڪرڻ لاءِ يا ميوي جي قد ۽ خاصيت سڌارڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن تجويزون ڪندا آهن، جن سڀني مان مُدعا اهو آهي ته جنهن ٽاريءَ ۾ ميوو آهي، انهيءَ جي نسن مان اندرين رس روڪجي بيهي ۽ هيٺ لهي نه وڃي. انهيءَ مطلب لاءِ بعضي ته وڻ جي ٿڙ کي مضبوط لوهه جي تار سان ڇڪي ٻڌي ڇڏيندا آهن، جنهن کي حلقو چاڙهڻ چوندا آهن. بعضي ته انچ جي اٺين پتيءَ جيتري موڪري ڇوڏي يا کل، ٿڙ جي چوڌاري حلقي وانگي وڍي ڇڏيندا آهن، اهڙيءَ طرح جيئن ڪاٺي اُگهاڙي ٿي بيهي. بعضي ته ٿڙ تي ۽ گهڻن هنڌن تي ڌڪ هڻي ڇوڏي جا ٽڪر لاهي ڇڏيندا آهن. بعضي وري ڪا وڏي لوهه جي ڪلِي ٿڙ ۾، جنهن هنڌان ٽاريون نڪرن ٿيون، تنهن جي هيٺان هڻي ڇڏيندا آهن.

هڪڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ميوي ۾ ٻج گم ڪرڻ لاءِ، يعني ڊاڻي واري ميوي کي بيداڻي ڪرڻ لاءِ، هيٺين تجويز آهي. ڪو ننڍو وڻ هٿ ڪري، ان جي ٿڙ کي وچان چيرجي، جيئن اهو چير ٻارهن يا پندرهن انچ ڊگهو ٿئي. انهيءَ مان ڪوري ڪاٺيءَ جو ڳڀ ڪڍي، وري کَل کَل تي رکي، بهند ڪري، مٿانئس مٽي ٿڦي ڪکن سان ٻڌي ڇڏجي. وڻ اڳي وانگي پيو وڌندو، مگر ميوو جيڪو ڪندو تنهن ۾ داڻو يا ٻج ڪو نه هوندو. ڪابلي باغائي بيداڻي انگور ۽ ڏاڙهن لاءِ اها تجويز ڪم ۾ آڻيندا آهن. زيتونن سان به ائين ڪري ٿو سگهجي.

جتي وري وڻ حد کان وڌيڪ گهڻو ڦر ڪندا آهن، اتي بهتر آهي ته ٻور يا ڪچَڙو ڦر پٽي، ميوو ٿورو ڇٽو ڪري ڇڏجي، ته اهو عمدو به ٿئي ۽ وڏو ۽ مضبوط به ٿئي. نه ته سڀ ميوو ضعيف ۽ ڪوجهو ٿي پوندو، اڳتي لاءِ وڻ نستو به ٿي پوندو.

فصل ٻيو

ميون بابت وڌيڪ احوال

هن ملڪ ۾ جيڪي ميوا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تن مان گهڻا ته اصلي هتي جا پيدا ٿيل آهن، يعني ڏيهي ميوا آهن. جيتوڻيڪ انهن مان ڪي اصل ٻاهرين ملڪن جا هئا، ته به هاڻ ڏيهي ٿي ويا آهن. باقي ڪي ٿورا ولايتي ميوا آهن، جي ولايتي ڀاڄين وانگي ٻاهران آندا اٿن ۽ هتي جي باغن ۾ رکيا اٿن. اسين هيٺ انهن جو ڌار ڌار بيان ڏينداسين. حقيقت ڪري يورپ جا ميوا هماليه ۽ ٻين جبلن جي چوٽين تي ۽ سرد هنڌن ۾ اهڙا ٿا ٿين، جهڙا يورپ ۾. پوءِ اتان هندستان جي هيٺانهين شهرن ۾ وڪامڻ ايندا آهن. مگر ڪي ولايتي ميوا عام باغن ۾ به پوکي ۽ پيدا ڪري سگهجن ٿا، بشرطيڪ انهن جي سنڀال پوريءَ طرح ڪرڻ ۾ ايندي.

آزمودگار ۽ ڏاهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته جنهن زمين ۾ چُن جو جزو وڌيڪ آهي، ان ۾ پوکي وڻن مان مٺا ۽ چڱا ميوا پيدا ٿين ٿا، ۽ جنهن ۾ چُن ڪونهي ان مان کٽا، پاڻياٺا ۽ نڪما ميوا پيدا ٿين ٿا. تنهنڪري جنهن زمين ۾ چن ڪونهي، انهيءَ ۾ چن ڀاڻ وانگي يا ڀاڻ سان گڏي وجهڻ گهرجي ته ميوا مٺا ٿين. جن بابت اسان مٿي ڀاڻ جي سري هيٺ ٿورو بيان به ڏنو آهي. اسان سڀني کي خبر آهي ته کنڊ ڪاربان ۽ پاڻيءَ مان جڙيل آهي، يعني اهي ٻئي شيون کنڊ جا جزا آهن. ڪمند توڙي مٺيءَ ڊاک ۾ کنڊ گهڻي آهي. تنهنڪري ويسٽ انڊيز ۾ جو ڪمند جو فصل تمام عمدو ۽ ڀلو ٿو ٿئي ۽ اسپين ۾ انگور جو تمام چڱو ٿو ٿئي، تنهن جو سبب اهو آهي ته اهي فصل چن واريءَ زمين ۾ پوکيل آهن. اهو ئي سبب آهي ته هيٺ واري زمين ۾، پوکيلن ميويدار وڻن کي، جبل جي واهين يا نَئِيُن جي پاڻيءَ ڏيڻ سان، چن رؤ سان گڏجي زمين ۾ داخل ٿئي ٿو، تنهنڪري ميوو مٺو ۽ چڱو ٿئي ٿو.

چن جو پهڻ، جنهن مان سيڙهي ٺهي ٿي، سو چن ۽ ڪاربانڪ ائسڊ مان ٺهيل آهي، جنهن مرڪب کي ڪالسيم چون ٿا ۽ ڪاربانڪ ائسڊ وري ڪاربان ۽ آڪسيجن مان جڙيل آهي. ميويدار وڻن جي پاڙن ۾ اها قدرتي طاقت رکيل آهي ته چن واري ڪاربونيٽ مان ڪاربانڪ ائسڊ ڇڪي وٺن، جا وڻ جي جسم ۾ وڃي ڦِرڻ گهرڻ سان مٽجي کنڊ ٿي پوي ٿي، جا وري ميون جي ڳر، يعني ماس توڙي رس ۾ گهڙي ڳري وڃي ٿي.

حساب ڪيو اٿن ته چن واري پهڻ جي پنجاهه پائونڊن ۾، اٺاويهه پائونڊ چن جا ۽ ٻاويهه پائونڊ ڪاربانڪ ائسڊ جا رهن ٿا. سادي قسم جي پهڻ ۾ چن جو جزو گهٽ ٿئي ٿو. سبب معلوم ٿي نه ٿو سگهي، مگر آزمودي ڪرڻ سان ثابت ٿي چڪو آهي ته چن مان جيڪو ڪاربان نڪري وڻن کي اچي ٿو، تنهن ۾ کنڊ يا مٺاڻ پيدا ڪرڻ جي سگهه زياده رهي ٿي، پر پاڻيءَ يا ڀاڻ مان جيڪو ڪاربان هنن کي ملي ٿو، تنهن مان اوترو مٺاڻ نه ٿو ٺهي. سهارنپور جا انب مشهور آهن، ليڪن ويهه ورهيه اڳي جهڙا مٺا ۽ عمدا ٿيندا هئا، اهڙا هاڻ نه ٿا ٿين. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اتي جي زمين مان هاڻي چن جو جزو نڪري ويو آهي.

مٿي جو اسان ڪاربانڪ ائسڊ جو جزو ٻاويهه پائونڊ ڏنو آهي، تنهن مان ڇهه پائونڊ ڪاربان آهن ۽ سروهن پائونڊ آهن آڪسيجن.

انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته ڪنهن به ڀلي زمين ۾، ٻج چن جي هر پنجاهن پائونڊن جي پٺيان، ٻاويهه پائونڊ ڪاربانڪ ائسڊ جا ضرور آهن. جڏهن اهو وڻ جي لاءِ ضروري کاڌو يا پرورش جو جزو ٿيو، تڏهن آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته ڇالاءِ وارياسيءَ زمين تي رکيلن وڻن مان کٽو ميوو پيدا ٿئي ٿو.

علم ڪيميا جي ڄاڻندڙن لکيو آهي ته ٻاهر واريءَ هوا ۾ ڪاربانڪ ائسڊ موجود آهي. هوا جي پنج هزار گئلن ۾ ٻه گئلن انهيءَ گئس جا رهن ٿا. انهيءَ گئس جا سئو ڪيوبڪ انچ وزن ۾ پورا 26ء 47 گرين ٿين ٿا، يعني 47 گرينن کان ٿورو ڪي زياده. پور _ وهيءَ ۾ آيل ميويدار وڻ اهو پنهنجو کاڌو (يعني ڪاربانڪ ائسڊ) هوا مان، پنن جي وسيلي ۽ زمين مان پاڙن جي وسيلي سان ڇڪي وٺي ٿو. انهيءَ مان ڪجهه حصو ڪاٺيءَ ۽ تندن ۾ ڪم اچي ٿو، ڪجهه ميوي جي ڳر ۽ مٺاڻ جوڙڻ ۾ کپي ٿو، باقي جيڪي زياده ٿئي ٿو يا بچي ٿو، سو پنن جي وسيلي نڪري وڃي. ٻاهرينءَ هوا ۾ گڏجي ٿو ۽ کڄيو ٻين هنڌن ڏي وڃي ٿو.

چن کان پوءِ ٻئي درجي ۾ اَڱر، وڻن کي انهيءَ کاڌي ڏيڻ لاءِ، ڪاربانڪ ائسڊ پهچائڻ لاءِ مفيد آهن. بعضي ماڻهو ڳُڙ به انهيءَ مطلب لاءِ ڀاڻ وانگي ڪم آڻيندا آهن، پر اهو ساڳيو مطلب وڻن ۽ ٻوٽن جي سڙيلن ڪانن يا ڪاٺين ۽ پنن مان ڪفايت سان نڪري سگهي ٿو. تنهنڪري نه پنن جو ڀاڻ چڱو چيو اٿن.

هيءَ به ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته زمين ۾ لوهه جو جزو پاڻيءَ سان گڏجي حل ٿي وڃڻ ڪري، ميوي جي ڳر ۽ رس وڌائي ٿو. ڀاڻ واري باب ۾ اسان ٿورو لوهه بابت لکيو به آهي. چون ٿا ته انگور کي لوهه ۽ چن ملائي ڏيڻ ڪري، ان مان جيڪو شراب نڪرندو آهي، سو تمام قيمتي ۽ عمدو ٿيندو آهي، نشي جي جزي زياده هئڻ ڪري نه، پر قوت جي واڌاري ڪري انهيءَ سبب ڪري ابو شهر جا انگور، زردالو ۽ ٻيا ميوا مشهور ٿيا آهن.

فصل ٽيون

ميويدار وڻن جي پرداخت بابت سمجهاڻي

هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته وڻ ڪٿي به پوکبو ته ان جي ٿڙ ۽ ٽارين جو ميل ٿيندو، مٿي هوا ۾ چڙهڻ ۽ اُڀرڻ جو ۽ ان جي مک پاڙن جو ميل ٿيندو، هيٺ زمين ۾ گهڙڻ ۽ لهڻ جو. گهڻو ڪري پاڙن جو پکڙڻ ۽ ڇَٽ هڻڻ، توڙي هيٺ اونهون لهڻ، ٽارين جي پکڙڻ ۽ مٿي چڙهڻ تي تعلق رهي ٿو، ڇالاءِ جو پاڙون آهن وڻ کي ڳولي قوت پهچائڻ لاءِ ۽ جيڏو وڻ هوندو ان موجب کاڌي هٿ ڪرڻ لاءِ اهي زمين ۾ بيهنديون ۽ پکڙنديون. جي هيٺ زمين گهڻي ۾ ڀلي هوندي ته پاڙن کي ڪا حرڪت ڪا نه ٿيندي، اُڀيون هيٺ هليون وينديون؛ پاسي تي تڏهن پکڙنديون جڏهن سڌو هيٺ وڻ جو لائق کاڌو ڪو نه هوندو، ڇالاءِ جو هنن کي جتان ڪٿان قُوت آڻي پهچائڻو آهي. پر پاڙن جي اوجهڙ ۾ وڃڻ ۽ پکڙڻ ڪري، ٻيون حرڪتون پيدا ٿي سگهن ٿيون. تنهنڪري ضروري آهي ته پاڙن کي ڪنهن ٺهرايل حد کان ٻاهر وڃڻ نه ڏجي. انهيءَ لاءِ هر هڪ وڻ کي چڱيءَ زمين ۾ بيهڻ لاءِ  گهٽ کان گهٽ ته به ٽي فوٽ اونهائيءَ جو ضرور آهي. انهيءَ حد تائين مٽيءَ سان پراڻو ڀاڻ گڏي زمين کي سڻڀو ۽ ڀلو ڪرڻ گهرجي؛ نئون ۽ ڪِنو نه ٿيل ڀاڻ ميويدار وڻ کي گهڻو نقصان پهچائي ٿو.

اسان مٿي چيو آهي ته وڻ جي لاءِ، ڀلي زمين جيترو اونهي اوترو چڱي؛ انهيءَ مان اهو مطلب سمجهڻ نه گهرجي ته وڻ زمين ۾ جيترو هيٺ هجي اوترو چڱو. حقيقت ڪري وڻ جون پاڙون زمين جي سطح کي جيئن ويجهو تيئن چڱو؛ پاڙن جي تمام هيٺ وڃڻ مان گهڻي خرابي پيدا ٿيندي آهي. ”ماڪنِٽاش“ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو، ته سڀ ڪنهن قسم جي ننڍي وڻ جي چڪي، جڏهن ڪڍي ٻئي هنڌ رکجي، تڏهن زمين جي سنوت کان ٽي انچ مٿڀرو رکڻ گهرجي؛ يعني انهيءَ هنڌ ايڏو مٽيءَ جو ڍير اٽڪل ٻن فوٽن ۾ چوگرد ڪري پوءِ ان ۾ چڪي رکڻ کپي. وڏي قد وارن وڻن لاءِ اڃا به وڏي دڙي ڪرڻ گهرجي. اها هلت رواجي چڱيءَ زمين سان لاڳو آهي؛ پر گهِم واري زمين ۾ ته وڏيرڙو ڍير ڪرڻ گهرجي. چڪيءَ رکڻ لاءِ جيڪا کڏ کوٽجي، سا پاڙن جي پکيڙ کان ويڪرائيءَ ۾ ٽي پتيءَ جيتري وڏي هئڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ ته ڀلي پاڙون چڱيءَ طرح پکڙي بيهن، ورن يا ٻيڻيون نه ٿين ۽ کڏ جو ترو بلڪل سنئون ڪرڻ گهرجي. مطلب آهي ته پاڙون گهڻو هيٺ نه وڃن، پر پاسي تي پکڙن ۽ زمين جي سطح کي ويجهو رهن، ڇالاءِ جو هيٺ واري زمين بعضي وارياسي، بعضي تمام سرد ۽ بعضي ٻيءَ طرح نڪمي ٿي ٿئي.

ميويدار وڻن کي وڌائڻ ۽ سڌارڻ لاءِ، اسان مٿي ڪنهن به باب ۾ ڪي تجويزون ڏنيون آهن؛ جهڙوڪ ٻج پوکڻ سان، قلمن يا ڏندڻن هڻڻ سان، اوڌن هڻڻ سان، اکين يا گونچن هڻڻ سان، پيوند ڪرڻ سان. عمدي وڻ يا گهڻي ڦر ڪرڻ لاءِ عمدي قسم جو ڪو وڻ هڻڻ گهرجي، پوءِ انهيءَ کي ٻئي گهٽ درجي واري وڻ سان پيوند ڪرڻ ڪري، بهتر ۽ وچولي قسم جو وڻ توڙي ڦر پيدا ڪري ٿو سگهجي. وڻن ۾ جنس يا نر ۽ ماديءَ جي سڃاڻپ ڪري، هن قسم جو سڌارو آسان ٿي پيو آهي. اسان مٿي ڏيکاريو به آهي ته گلن جي وچ ۾ ڏانڊيون رهن ٿيون، جن مان هڪڙين جي مٿي ۾ گول ڳوڙهيون آهن جي نر ڏانڊيون آهن، اهي وچ ۾ کڙيون ٿي بيهن ٿيون. انهن جي چوڌاري وري گهڻيون ڏانڊيون بيٺل آهن، جن جا مٿا چپترا ۽ شگاف وارا آهن؛ اُهي آهن ماديون. نر جي ڳوڙهين جي مٿي تي اَٽي جهڙي شيءِ لڳل رهي ٿي. جڏهن ماديون وڌي پور _ وهيءَ ۾ اچن ٿيون- يعني بالغ ٿين ٿيون. تڏهن هوا جي لوڏي ڪري اهو اٽو ڇڻيو مٿانئن پوي، جنهنڪري ڪنهن ڏينهن بعد گل ڪومائجڻ کان پوءِ منجهس ٻج جُڙي ٿو، جو پچڻ کان پوءِ پوکي سگهجي ٿو ۽ جنهن مان وري اهڙو وڻ نڪري ٿو. هاڻي انهيءَ قدرتي اسباب جاچڻ سان ڏاها هيئن ڪندا آهن، جو عمدي قسم جي وڻ جون نر _ ڏانڊيون آهستي پاڙ کان وڍي، سادي قسم جي اهڙي وڻ جي ماديءَ _ ڏانڊين جي مٿان، پور _ وهيءَ مهل ڇنڊي ٿا ڇڏين، جنهنڪري اُنهن جو اٽو هنن تي پوي ٿو ۽ هي ڄڻ ته هُنن جي ٻج مان پيٽ سان ٿين ٿيون. هنِن جون نر _ ڏانڊيون پٽيو ڇڏين. يا ته ننڍڙي نرم برش يا پينسل سان هُتان اٽو کرڙي کڻي آڻيو. هنن تي وجهن ۽ لائين. انهيءَ طرح گويا هڪڙيءَ ذات جو پيءُ ۽ ٻيءَ ذات جي ماءُ ملائڻ سان، گڊو اولاد پيدا ڪن ٿا، جو جيڪڏهن پيءُ جهڙو عمدو نه ٿو ٿئي؛ ته ماءُ جهڙو سادو به نه ٿو ٿئي، وچوليءَ ذات جو ٿئي ٿو. پر اَڪثر ڏٺو ويو آهي ته اهو گڊو ڦر، نر جي ذات ڏي گهڻو ميل رکي ٿو. آزمودگار ماڻهو چون ٿا ته اهڙيءَ حالت ۾ گڊي قسم جا گل ۽ ڦر ڪرڻ وارا جزا؛ ماءُ تي يعني ماديءَ وڻ تي وڃن ٿا ۽ ان جا پن ۽ ٻيو بناوت جو سامان پيءُ تي يا نر وڻ تي وڃي ٿو.

فصل چوٿون

ولايتي ميوا، جي ڳڀ يا ڳر وارا آهن

هاڻي اسين جدا جدا قسم جو تفصيل ۽ انهن جا نالا ڏينداسين. اسين رڳو عام مشهور ميون جي وڻن جو ذڪر ڪنداسون.

هن باب جي ٻئي فصل ۾ اسان ڏيکاريو آهي ته هن ملڪ ۾ اصل ڏيهي ميوا ٿين ٿا، ٻيا ولايتي ميوا، جي ٻاهران آندا اٿن ۽ هاڻي هتي رواج ۾ اچي ويا آهن؛ سي به ڪن چڱن چڱن باغن ۾ ۽ چڱين چڱين جاين تي. ولايتي ميون کي اسين ٽن ڀاڱن ۾ ورهايون ٿا- هڪڙا ڳپ يا ڳر وارا، ٻيا ککڙين وارا ۽ ٽيان داڻن وارا _ ڏيهي ميوا سڀ گڏي لکنداسين. ڳڀ يا ڳر وارا ولايتي ميوا هن فصل ۾ ڏجن ٿا.

صُوف

ڏيهي صوف ننڍڙا ٿيندا آهن. اسين ولايتي صوف جو ذڪر ٿا ڪريون، جي وڏي قد جا ٿا ٿين، جي يورپ ۾، ايران ۾، قنڌار ۾ ۽ هندستان جي جبلن ۾ ٿين ٿا. انهن جا چار پنج قسم ٿا ٿين. انهن ۾ تمام چڱي خوشبوءِ ٿيندي آهي. ڪچا به کائبا آهن ۽ مُربي ۾ به وجهبا آهن ۽ رڌي به ڪم ايندا آهن.

هي صوف قلمن هڻڻ سان ۽ پيوند ڪرڻ سان ٿيندا آهن. جنوريءَ ۽ فيبروريءَ ۾ قلم هڻجن. فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ هو گل ڪندا آهن ۽ ڦر جهليندا آهن، جو اپريل ۽ مٽي ۾ پچندو آهي. جنوريءَ ۾ سندن پاڙون اگهاڙيون ڪري ڇڏيندا آهن. پندرهن ڏينهن کان پوءِ چڱي ڳائي ڀاڻ سان ڀري ڇڏيندا آهن. جڏهن ميوو ڀرجڻ لڳي، تڏهن ججهو پاڻي ڏيڻ گهرجي.

قلم هڻڻ کان پوءِ جڏهن گونچ ڪڍن، تڏهن انهن جون چڪيون ڪڍي ٻئي هنڌ رکجن. هيٺيون ٻه ٽي اکيون ڇڏجن ٻيو مٿيون ٽڪر وڍي ڇڏجي. انهن ٻن ٽن اکين مان به جيڪا مضبوط ٿئي ۽ زور وٺي وڃي اُها ڇڏجي، ٻيون ماري ڇڏجن. ٽن فوٽن تائين سڌو مٿي چڙهڻ ڏجيس. پيوند مارچ ۾ ڪجي. رائي واري زمين صوفن لاءِ چڱي آهي.

صوف کي هندستاني ۽ فارسيءَ ۾ سيب چوندا آهن، ۽ انگريزيءَ ۾  ائپل.

جي زمين چڱي هوندي ۽ آبهوا موافق هوندي ته صوف جو وڻ تمام گهڻي مدت تائين جٽاءُ ڪري ۽ ڦر ڏئي ٿو. ٻن سَون ورهين ۾ ته شڪ ئي ڪونهي.

ناسپاتي

هن کي انگريزيءَ ۾ پيئر چوندا آهن. هي ٻاهر جو ميويدار وڻ، هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ چڱو اُپائي سگهجي ٿو، پر اڪثر ٽڪرائتن هنڌن ۾. ناسپاتي گهڻو ڪري وڻ ۾ ڪين پچندي آهي پر ڇِني کان پوءِ ڪنهن سرد هنڌ تي رکڻ سان پچي پوندي آهي. ناسپاتي اڪثر سخت ٿيندي آهي، تنهنڪري ڪچي کائي نه سگهبي آهي.

ناسپاتيءَ جو وڻ اوڌ هڻڻ ۽ پيوند ڪرڻ سان سولو لڳندو آهي. اهو ڪم فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ ڪجي. قلم به لڳي سگهن ٿا، جي فيبروريءَ ۾ هڻجن. ٻج به پوکڻ ۾ ايندو آهي. ڇانگ به فيبروريءَ ۾ ڪندا آهن، سياري کان پوءِ، جڏهن وڻ نوان پن جهليندا آهن. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ميوو پچندو آهي.

چون ٿا ته صوف توڙي ناسپاتي يورپ ۾ جهنگلي ٿيندا آهن. تن کي پيوند ڪرڻ سان سڌاري ڪيترائي قسم ڪري وڌا اٿن. ٻه سئو کن ته شمار ڪيا اٿن.

خشڪ زمين تي هي وڻ گهڻا ورهيه رهي سگهي ٿو. صوف کان ناسپاتيءَ جي لاءِ زياده گرم آبهوا درڪار آهي.

بِهي

هنکي انگريزيءَ ۾ ڪُئِينس چوندا آهن. هي اهو ميوو  آهي جنهن جي اندرئين ٻج کي بهي _ داڻا سڏيندا آهن ۽ جو هن ملڪ ۾ زالون ڀِڄائي وارن کي لائينديون آهن ۽ منجهس لِڳ لِڳ رهندي آهي. هي وڻ ٻاهرين ملڪن مان آندل آهي ۽ هاڻ ته لاهور، ڪلڪتي ۽ ٻين هنڌن ۾ به ٿيندو آهي. جون ۽ جولاءِ ۾ پچندو آهي. ڪچو کائي ڪين سگهبو آهي. رڌي کائبو آهي يا مربي ۾ ڪم آڻبو آهي. اڪثر هن جا قلم هڻندا آهن. صوف وانگي پوکبو آهي. ٽَڪرن تي چڱو ٿيندو آهي. ٻين هنڌن تي اڪثر ٻور گهڻو جهليندو آهي، مگر ڦر ڪو نه ڏيندو آهي.

منگوسٽيِن

هي موچاري قد واري صوف جهڙو ميوو آهي، جو اصل مِلي ٻيٽن ۾ ٿيندو آهي. نهايت لذيذ ۽ خوشبودار ميوو آهي، خاص جڏهن وڻ مان تازو پٽي کائبو آهي. کَلَ لسي ۽ ڏاڍي ٿي ٿئيس. وچ سارو ڳر سان ڀريو پيو اٿس، جا نرم ۽ سفيد ٿئي ٿي. هن جو وڻ هندستان ۾ اڪثر گهٽ آهي. جتي رکيل آهن اتي به اڪثر ڦر نه ٿا ڏين. ٽَڪرن تي ڪين ٿيندو آهي. گُوٽي هڻڻ سان هنن جو تعداد وڌائيندا آهن، جو پيوند ڪرڻ جو هڪڙو رستو آهي، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي.

هن وڻ جو هڪڙو قسم ڏکڻ هندستان ۾ ٿيندو آهي. سهڻيءَ شڪل جو وڻ ٿو ٿئي، پن تمام چڱا ۽ گهاٽا اٿس. ان جو ميوو جون ۾ پچي ٿو ۽ قد ۾ ننڍڙي نارنگيءَ جيڏو ٿئي ٿو. ٻاهران ڪُنڊون ڪنڊون اٿس. کائڻ ۾ البت کٽو آهي. مربو تمام چڱو ٿيندو اٿس.

هن ۾ تندن ۽ تارن سان ڀريل هڪڙو ککڙو رهي ٿو، جو ٻج وانگي پوکڻ ۾ اچي ٿو. ککڙي جي ڪري هي ميوو جيڪر ٻئي فصل ۾ آڻيون ها، پر جڏهن هي ڳر جي ڪري مشهور آهي؛ تڏهن هتي ڏنو اٿئون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org