سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: واندڪائي جي وندر

باب: --

صفحو :1

واندڪائي جي وندر

مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائي

ناشر پاران

 

                مرحوم محمد صالح ڀٽي هالائي جو هيءُ ڪتاب ”واندڪائيءَ جي وندر“ هڪ وڏي عرصي کان اڻ لڀ هو. هن ڪتاب جي پڙهندڙن جي گهڻي اصرار تي ۽ خود ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت جي پيش نظر سن 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين مرحوم مغفور مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي خواهش ۽ هدايت هيٺ هن ڪتاب جي شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ڪن ٻين ضروري ۽ اهم ڪتابن جي اشاعت سبب هيءُ ڪتاب ان وقت ڇپجي نه سگهيو هو، جيڪو هاڻي ڇپائي، پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. اميد ته پڙهندڙ هن ڪتاب جي دلچسپ ۽ وندرائيندڙ آکاڻين مان نصيحت ۽ وندر حاصل ڪندا.

 

- مراد علي مرزا

 

عرض حال

حمت ۽ نعت بعد:

                هيءُ ڪتاب جنهن مقصد سان لکيو ويو آهي، سو ان جي نالي مان ئي ظاهر آهي. داستان امير حمزه، الف ليلى، حاتم طائي، گل بڪاولي، چار درويش، ممتاز ۽ دمساز وغيره به ساڳوئي غرض پورو ڪري سگهن ٿا، پر اهي ضخيم ڪتاب ٿوري فرصت وارن لاءِ موزون نه سمجهي، هيءُ ننڍڙو تحفو پيش ڪيو وڃي ٿو.

                اميد ته هيءَ ڪتاب نه رڳو پڙهندڙن کي وندرائيندو پر منجهانئس ڪيترائي مفيد سبق ۽ ڪارآمد نصيحتون پڻ حاصل ڪيون وينديون.

- محمد صالح ڀٽي

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org