سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: بدن ۽ ان جو ڪم

باب: --

صفحو :3

ڪن

 

مان جانڻ جو ڪن آهيان. مان جانڻ کي نه رڳو ٻڌڻ ۾ مدد ڪندو آهيان، پر کيس توازن رکڻ ۾ به ڪم ايندو آهيان. اسين ٻه آهيون، هڪ کاٻي ۽ ٻيو ساڄي پاسي. منهنجو ٻاهريون حصو جيڪو ظاهر آهي، اهو ايترو ضروري  ڪونه آهي. اهو حصو گھڻو تڻو جانڻ جي سونهن وڌائڻ لاءِ آهي ۽ آءٌ هوا جي لهرن کي گڏ ڪري، پنهنجن اندرين حصن ڏانهن اماڻيندو رهندو آهيان، جيڪي منهنجو بونب ٽپي سوراخ مان اچي، منهنجي دهلڙيءَ تي لڳن ٿيون. منهنجي دهلڙي ڏاڍي نازڪ ۽ نفيس آهي. منهنجي بونب ۽ دهلڙيءَ جي وچ ۾ هڪ انچ جيترو پنڌ آهي، جيڪو وارن ۽ ميڻ سان ڍڪيل آهي. وار چمڙيءَ مان نڪرندا اٿم ۽ ميڻ لاءِ چار هزار غدود اٿم، جيڪي ميڻ پيدا ڪري وارن جي مدد سان مون کي ٻاهرين جيتن کان بچائين ٿا ۽ هوا مان گند ڪچرو ۽ ڪک پن ڇاڻي، هوا کي صاف ڪري اندر اُماڻيندا آهن، انهيءَ ڪري جانڻ منهنجي ميڻ کي گند سمجھي ڪڍي ڦٽو نه ڪندو آهي.

 منهنجا ٽي حصا آهن. انهن مان پهريون حصو ٻاهر نڪتل ۽ ظاهر آهي. ٻيو حصو يا وچون ڀاڱو سنهون ۽ پورو خانو اٿم، جو هوا سان ڀريل رهي ٿو، جيڪا نڙيءَ مان هڪ نليءَ وسيلي رستي اچيم ٿي. منهنجو هي ڀاڱو ٻاهرئين حصي کان هڪ پردي جي وسيلي جدا ٿيل آهي، جنهن کي جانڻ دهلڙيءَ جو پردو به  سڏي ٿو. هن حصي جا پور ننڍين هڏين سان ڀريل  ٿينم، جي زنجيريءَ وانگي دهلڙيءَ جي پردي کان اندرئين ڀاڱي تائين رکيل اٿم. پردي سان لڳل هڪ هڏڙي اٿم، جيڪا بلڪل مترڪيءَ جھڙي آهي. وچين سنداڻ جھڙي ۽ ٽين رڪيب جھڙي ٿئيم، جنهن جو  پير اندرين ڀاڱي جي هڪ سوراخ تي ٺهڪيل آهي. پوءِ جڏهن به آواز جون لهرون بونب کان ناليءَ رستي اندر پهچنديون آهن ته هڏيءَ واري زنجيري آواز جون لهرون پردي کان جھٽي اندرين پاسي رسائيندي رهندي اٿم.

حقيقت ۾ جانڻ کي ٻڌڻ لاءِ منهنجو ٽيون  ڀاڱو آهي، جو ڪوڏ وانگي وريل هڏي جو ٺهيل آهي. ان جي هڪ پردي اندرهڪڙي قسم جي پاڻياٺ  پيل اٿم، انهيءَ پاڻياٺ ۾ ٻڌڻ واري تنت جون وارن جھڙيون پڇڙيون آواز جھٽڻ لاءِ پيون ترن،  پوءِ جڏهن به ڪو آواز ٿئي ٿو، تڏهن هوا کي لرزش ۾ وجھي، لهرون پيدا ڪري، بونب ۾ گڏ ڪري، سوراخ مان لنگھائي، دهلڙيءَ جي پردي تي اچي لڳائي، ته اهو هڪدم تحرڪ ۾ اچي وڃي ٿو.  منهنجي پردي جي اندرئين پاسي به هوا رهي ٿي، جيڪا نڙيءَ واريءَ هوا سان پئي مٽبي ۽ صاف ٿيندي اٿم، ڇاڪاڻ ته جي اتي هوا نه هجي ۽ رڳو ٻاهران دهل جي پردي تي هوا جي لهرن جو اثر ٿيندو رهيم، پوءِ جيڪر هڪ پاسي جو داٻ هڪدم منهنجو پردو ڦاڙي وجھي. پوءِ اهو ايندڙ آواز لهرن جي صورت ۾ اچي، ٽن هڏڙين: مترڪي، سنداڻ ۽ رڪيب مان لنگھي، چٽو ٿي،  اچيو اندرين ڪن جي پاڻياٺي رطوبتن کي لهرن ۾ وجهي، جتي منهنجي مدد لاءِ ٻڌڻ جي تنت جون نازڪ وارن جھڙيون پڇڙيون جھٽي، جانڻ جي مغز ڏانهن موڪلين ۽ اتي آواز ٻڌجي ۽ جانڻ محسوس ڪري ته ڪو کيس سڏي رهيو آهي يا ڪا ڳالهه ٻڌائي رهيو آهي.

نڪ

مان جانڻ جو نڪ آهيان. مان ظاهر ٿيل عضون مان وڌ ۾ وڌ ٻاهر ۽ ظاهر ٿيل آهيان. آءٌ جانڻ لاءِ ڪيترائي ڪم ڪندو رهندو آهيان، جنهن جي جانڻ کي به سڌ ڪانهي. جانڻ جنهن مهل ڪجھ کائيندو آهي، ان مهل آءٌ کيس اهو محسوس ڪرائيندو آهيان ته اها شيءِ خراب ته ڪانهي. آءٌ کيس جيڪڏهن کاڌي پيتي ۾ مدد نه ڪريان ته هو جيڪر خراب شيون کائي يا گندو پاڻي پي بيمار ٿي پوي، جڏهن ڪنهن مزيدار ۽ چهري شيءَ کائڻ لاءِ خيال ڪندو آهي، تڏهن آءٌ کيس خبر ڏيندو آهيان ته اها شيءِ مزيدار آهي.

آءٌ جڏهن بيمار ٿي پوندو آهيان ته پوءِ رڳو پاڻي پيو ڳاڙيندو آهيان،  پوءِ جانڻ به بيمار ٿي پوندو آهي ۽ کيس کائڻ پيئڻ مان مزو نه ايندو آهي. انهيءَ کان سواءِ جانڻ جو آواز پيارو ۽ وڻندڙ پڻ منهنجي ڪري آهي، جي آءُ نه هجانس ته هو گُھڻو ٿي پوي ۽ صحيح نموني سان هوند ڳالهائي به نه سگھي. توهان جيڪڏهن مون کي هيٺ زور ڏئي ڳالهائي ڏسندا ته پوءِ پنهنجو آواز توهان کي ڏاڍو عجيب لڳندو.

آءٌ هوا کي ڦڦڙن ڏانهن پهچڻ کان اڳ نه رڳو موسم آهر گرم ۽ سرد ڪندو آهيان، پر انهيءَ کي بلڪل ڇاڻي صاف به ڪريو ڇڏيان. مان هر روز هڪ ننڍي ڪوٺيءَ جيتري هوا ڇاڻي، گرم ۽ سرد ڪري موڪليندو آهيان. منهنجو اهوسرشتو ڪجھ انچ ڊگھوآهي، جنهن ۾ آءٌ هوا کي گھم وارو بنائي، دونهون ڇاڻي صاف ڪري ڇڏيندو آهيان. منهنجي انهيءَ ڪم ۾ منهنجا وار به مون سان مدد ڪندا آهن، پر گھڻو ڪم منهنجو هڪ لڳلڳدار  تهه ڪندو آهي، جيڪو ٻنهي ناسن ۾ سٿيل اٿم، جيڪي زهريلا مادا ۽ جيوڙا جذب ڪيو ڇڏين ته جيئن اهي اندر ڦڦڙن تائين نه پهچي سگھن.  منهنجو  اهو تهه جڏهن ڪنو ٿي ويندو آهي، تڏهن آءٌ هر ويهن منٽن کان پوءِ بدلائيندو رهندو آهيان، ڇو ته جي اهي نه بدلايان ته منهنجو سڄو اندر زهريلن جيتن سان ڀرجي وڃي. مان اهڙا تهه نڙ گھٽ ڏانهن اماڻيندو آهيان. خبر اٿَوَ اهو ڪئين؟  اهو هيئن ته منهنجا اهڙا تهه جڏهن جيتن ۽ زهريلن جيون سان ڀرجي ويندا آهن، تڏهن هڪڙا ننڍڙا ٻهارين جھڙا وار، جيڪي توهان کي ڏسڻ ۾ نه ايندا، پر منھنجن ناسن ۾ ٿين، سي اهڙي تهه کي ڏسڻ ۾ نه ايندا، پر منهنجن ناسن ۾ ٿين، سي اهڙي تهه کي ڌڪي نڙگھٽ ڏانهن اماڻي ڇڏيندا آهن، جتي وري جانڻ جي معدي جون پيدا ڪيل تيزابي رطوبتون انهن کي ناس ڪري ڇڏينديون آهن. ائين آءٌ جانڻ جو بچاءُ ڪندو آهيان. توهان کي عجب لڳندوته اهو ڪم ڪئين ٿو ٿئي، پر وڌيڪ مزي جي ڳالهه اها به ٻڌائي ڇڏيانو ته منجھن ناسن جا اهي ٻهارين جھڙا خوردبيني-وار، هڪ سيڪنڊ  ۾ ڏهه دفعا ٻهارڻ جو ڪم ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو گھڻيءَ ٿڌ يا اهڙين ٻين حالتن ۾ منهنجي ناسن ۾ اهو لڳلڳدار مادو گھڻو پيدا ٿيندو آهي ته ايترو گهڻو ٿي ويندو آهي جو ويچارا خوردبيني_وار انهيءَ کي ٻهاري صاف نه ڪري سگھندا آهن، تنهنڪري اهو پاڻياٺ جي صورت ۾ مون منجھان ٻاهر نڪري پوندو آهي ان ڪري جانڻ کي ليس (زڪام) ٿي پوندو آهي.

مان جانڻ کي سُنگھڻ ۾ به مدد ڪندو آهيان، مان چار هزار مختلف قسمن جي بوءِ کي سُنگھي سگھندو آهيان، پر جيڪڏهن جانڻ هوشياريءَ کان ڪم وٺي ته آءٌ کيس ڏهه هزار قسمن جي جدا جدا بوءِ جي خبر ڏئي سگھان ٿو.

وات

منهنجي منهن ۾ اڳيان وات آهي، جنهن سان آءٌ کائيندو پيئندو ۽ ڳالهائيندو آهيان. جنهن ۾ هيٺان ۽ مٿان ڄاڙيون اٿم ۽ انهن ۾ ڏند، جيڪي مون کي کاڌي چٻاڙڻ ۾ مدد ڪندا آهن. آءٌ انهن ڏندن جي مدد سان کاڌي کي سنهون ڪري، پيهي اندر اُماڻيندو آهيان. کاڌي کي پيهڻ دوران زبان جي مدد سان هيڏي هوڏي ڦيرائيندو رهندو آهيان ته جئين چڱي نموني سان سنهون ٿي سگھي. انهيءَ ڪم  ۾ منهنجا چپ به منهنجي مدد ڪندا آهن.

منهنجي وات ۾ پِڪ جون ٽي ڳوٿريون پڻ آهن، جيڪي کاڌي کي نرم ۽ مزيدار بڻائي، معدي ڏانهن موڪلينديون آهن، ته جيئن اهو جلد هضم ٿي سگھي. منهنجي هر ڄاڙيءَ ۾ چوڏهن ڏند ٿين، جن مان چار مهڙ وارا تکا ٿين، ته جيئن کاڌي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري سگھن. انهن جي پاسي ۾ ٻنهي طرف چهنبدار ڏند به اٿم، جيڪي مون کي سخت کاڌي کي چيرڻ ۽ چٿڻ جو ڪم ڏيندا آهن. وري انهن جي ئي هر هڪ پاسي ۾ پنج _ پنج ڏا‎ٺون يا هوڙون اٿم، جن سان کاڌي کي پيهي سنهون ڪندو آهيان ته جيئن اهو گھڻو سنهون ٿئي، ڇو  ته گھڻو چٻاڙيل ۽ سنهون ٿيل کاڌو جلد ڳرندو ۽ هضم ٿيندو آهي.

       

زبان

جانڻ جي چکڻ، ڳيت ڏيڻ ۽ ڳالهائڻ جو خاص عضوو آءٌ آهيان. مان چار انچ ڊگھي ۽ وزن ۾ ٻه آئونس، هڪ ٽڪنڊيءَ مشڪ وانگر آهيان. آءٌ وات ۾ اندر، ڏندن جي پويان، تارونءَ جي هيٺان ۽ نڙيءَ جي اڳيان رهندي آهيان. منهنجو اڳيون حصو آزاد آهي. مون ۾ ٽن قسمن جا اڀريل داڻا ٿين، انهن مان ڪي مون کي چکڻ ۾ مدد ڪن ٿا. اهي منهنجي چهنب ۽ ڪنارن تي گھڻا آهن. انهن سان آءٌ مِٺي، کَٽي، ڪَڙي ۽ کاري سواد جو ذائقو محسوس ڪندي آهيان. مون کي اڳ واري حصي تي مٺاڻ، ڪنارن تي کٽاڻ، پوئين حصي تي ڪڙاڻ ۽ سڄيءَ تي کاراڻ جو ذائقو محسوس ٿيندو آهي.

مون کي بيمارين جو آئينو به ڪري سڏيو ويندو آهي. جڏهن جانڻ بيمار ٿي پوندو آهي، تڏهن منهنجو رنگ مٽجي ويندو آهي. مان جڏهن خوش هوندي آهيان ته رنگ ۾ ڳاڙهي، ملائم ۽ تازي گوشت جهڙي ٿيان، پر جڏهن جانڻ کي ’سائي‘ ٿي پوندي آهي ته آءٌ ڦڪي ٿي ويندي آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري تمام ڳاڙهي. ڪن زهريلن جيوڙن جي ڪري وري مان ڪاري به ٿي ويندي آهيان ۽ پوءِ مون کي سواد چکڻ وارا اُڀريل داڻا منهنجي مدد نه ڪري سگھندا آهن ۽ هر شيءِ اڻ وڻندڙ ۽ بي مزي لڳندي اٿم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org