سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: موج نه سھي مڪڙي

الطاف شيخ

صفحو :1

موج نھ سھي مڪڙي

الطاف شيخ

 

ليکڪ جا لفظ

سامونڊي زندگيءَ ۾ جتي گھمڻ ڦرڻ آھي، اتي مھم جوئي ۽ ائڊوينچر پڻ آھي. منھنجا پڙھندڙ ملڻ وقت اڪثر اھو پڇندا آھن تھ سمنڊ تي پيش آيل ڪنھن بھ حادثي بابت ٻڌايو.

سامونڊي سفر ھڪ ماڻھوءَ جي ”زندگيءَ“ مثل آھي، جنھن ۾ جيئن ڏک سک، سٺا ۽ خراب ڏينھن اچن ٿا، تيئن سامونڊي سفر ۾ پڻ جتي خوشيون، گھمڻ ڦرڻ ۽ رنگينيون آھن، اتي موسن جون گرميون سرديون، پاڻيءَ جا لاھا چاڙھا، ھوائن جا طوفان ۽ خاموشيون، جھاز جا لوڏا ۽ انجڻ جا دوکا پڻ موجود آھن. ان کان علاوه رستي کان ڀٽڪي وڃڻ، عملي جا بلوا ۽ ھنگاما، ائنڪريج تي ھفتن جا ھفتا اندر بندرگاھ ۾ گھڙڻ لاءِ انتظار، اگھايون سگھايون ۽ ٻيا ڪيترا ئي حادثا ۽ حالتون پيدا ٿين ٿيون.

منھنجي ھميشھ اھا ڪوشش رھي آھي تھ سمنڊ جي زندگيءَ جو بھترين ۽ دلچسپ رخ ٻڌايو وڃي، ڇو جو اسان جي قوم ايڏي گھڻي Seafaring Nation ناھي ۽ کين اٿندي ئي جي اھڙن حادثن ۽ خوفن جون ڳالھيون ٻڌائبيون تھ، ھرڪو ھن زندگيءَ کان ونءُ ويندو. اھو ائين آھي جيئن ڪو سرجن رڳو انھن مريضن جو ويھي ذڪر ڪري، جيڪي آپريشن دوران ھن کان مري ويا ھجن، نتيجي ۾ ان اسپتال يا ڊاڪٽر وٽ ڪير ايندو؟ اھڙي طرح رڳو جھازن جي حادثن ۽ سامونڊي صعوبتن جون ڳالھيون ڪبيون تھ، ڪھڙو مسافر يا ماڻھو جھاز تي چڙھندو؟ ۽ جي ايندو بھ تھ سمورو وقت پاڻ بھ بي چين رھندو ۽ جھاز ھلائڻ وارن جو بھ سک ڦٽائيندو.

اسان جي مرچنٽ نيويءَ کي ھلائڻ ۽ پنھنجا ماڻھو پيدا ڪرڻ لاءِ چٽگانگ (تڏھن جو اوڀر پاڪستان) ۾ مئرين اڪيڊمي کلي ھئي. اڪيڊمي چٽگانگ شھر کان گھڻو پري خليج بنگال ۾ ھڪ ٻيٽ جلديا تي ھئي. اسان ان اڪيڊمي جا شروعاتي ڪئڊٽ ھئاسين. ھڪ دفعي اڪيڊميءَ جي لانچ ۾ اسان جو سڄو ڪلاس چٽگانگ شھر ڏي گھمڻ لاءِ وڃي رھيو ھو. رستي تي ڪرناڦلي نديءَ جي ڇوڙ وٽ اوچتو موسم خراب ٿي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ھوا طوفان جو روپ ڌاري سخت Cyclone بڻجي وئي. مٿان آسمان مان بھ پاڻي وسڻ لڳو تھ ھيٺ سمنڊ جي پاڻيءَ جون ڇوليون بھ جبلن جيڏيون ٿي ويون. خليج بنگال ۽ ڪرناڦلي نديءَ واري حصي ۾ ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي ھئي. ننڍڙيون ننڍڙيون ٻيڙيون تھ اسان جي اڳيان ڀڄي ڀور ٿي رھيون ھيون ۽ انھن ۾ ويٺل ماڻھو ٻچن سميت اسان جي اکين اڳيان ٻڏي رھيا ھئا. اسان جي ھمراھن لانچ کي گھڻو ئي ڪنٽرول ۾ رکيو، پر ان جا پوڙھا بنگالي ملاح بھ دل ھاري ويٺا.

انھن ڏينھن ۾ مون کي لڳاتار مٿي ۾ سور رھندو ھو، جنھن جو چٽگانگ ۾ ڪوششن جي باوجود بھ Diagnosis (تشخيص) ئي نھ پي ٿي سگھيو، تھ ڇا کان آھي ۽ آئون ايڏو تھ پريشان رھندو ھوس جو جيئڻ کان موت کي ترجيح ٿي ڏنم. منھنجي ڀر ۾ منھنجو ڪلاس ميٽ اجتبيٰ زيدي ويٺل ھو. تنھن چيو: يار بچڻ جي ڪا واھي ناھي. ڪو ڪرشمو ٿئي تھ ڪا ٻي ڳالھھ آھي. مون چيومانس: ھڪ ڏينھن مرڻو ئي آھي پوءِ ڇو نھ اڄ ئي. آءٌ تھ زندگيءَ مان چاھ ڪڏھن کان وڃائي ويٺو آھيان.

ياد اٿم تھ ان واويلا جي حالت ۾ اجتبيٰ چيو: ”پر يار! پاڻ کي ھيئن مرڻ نھ کپي، جو ماڻھو سامونڊي زندگيءَ تي ان جو ڏوھ مڙھين ۽ پنھنجا پاڪستاني، جن اڃا ھاڻ ھن زندگيءَ طرف رخ رکيو آھي، دل شڪستا ٿي پون. اڪيڊميءَ جي ھيترن ڪئڊٽن جي موت جي خبر باھ وانگر ملڪ ۾ پکڙجي ويندي ۽ اڪيڊمي ئي بند ٿي ويندي ۽ پوءِ اسان جا مال بردار جھاز گورن (انگريزن) جي ئي ھٿن ۾ رھندا.“

اڄ ان کي ويھھ سال ٿي ويا آھن، گورا سڀ ھليا ويا. اسان جي بئج جا تھ سڀ ڪڏھوڪو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي ويا، پر ان کان پوءِ بھ ايترا ٿي چڪا آھن، جو پنھنجا جھاز تھ پاڻ ٿا ھلايون، پر اسان جا ھمراھ ڪن ملڪن ۽ ڪمپنين جا جھاز دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ وڏي خير خوبيءَ سان ھلائي رھيا آھن ۽ اسان کي جھازي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بھترين مڃيو وڃي ٿو. منھنجي خيال ۾ گذريل ويھن سالن ۾، درپيش آيل انيڪ حادثا ھاڻ ٻڌائي سگھجن ٿا. انھن مان ڪجھھ قلمبند ڪري رھيو آھيان. ھونءَ بھ ھيستائين پڙھندڙن سمنڊ بابت سٺيون سٺيون ڳالھيون ايتريون تھ ٻڌيون آھن، جو ھي چند حادثا اٽي ۾ لوڻ برابر ثابت ٿيندا ۽ ڪو گھرو اثر نھ ڇڏيندا.

بھرحال! ھن ڪتاب ۾ جھاز ۽ سمنڊ بابت پنھنجا نھ، پر ٻين کي پيش آيل مختلف واقعا ڏيئي رھيو آھيان، جيڪي سمنڊ تي بلڪل عام آھن. ھر واقعي جي اڳيان ڪوشش ڪري سمجھاڻيون ڏنيون اٿم، جيئن سامونڊي زندگيءَ کان غير واقف ان کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھن.

ٻي ڳالھھ تھ لکڻ منھنجي وندر آھي، منھنجي زندگي آھي. لکڻ کي مون روزگار جو ذريعو نھ بڻايو آھي ۽ نھ ئي سمجھان ٿو تھ ڪنھن سنڌي ليکڪ کي لکڻ مان ڪو مالي فائدو رسيو ھجي. جيل، دڙڪا، ڌمڪيون ضرور نصيب ٿيون ھوندس. منھنجي ڪتابن جي قيمت جي شڪايت پڙھندڙ اڪثر مون سان ڪن ٿا. سنڌي ڪتاب مھنگا ھجڻ جي شڪايت مون کي بھ آھي. منھنجي ھر وقت اھا ڪوشش رھي ٿي تھ منھنجي ڪتابن جي قيمت اڃا بھ گھٽ رھي. سنڌي ڇپائي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ مھنگي ھجڻ ڪري ۽ ايجنٽن طرفان جھجھي ڪميشن جي گھر ڪري (جيڪا ذري گھٽ ڪتاب جي اڌ قيمت جيتري وڃيو ٿئي) ڪيترا ئي دفعا پبلشرن کي بھ ماڳھين نقصان پيو ھوندو. ساڳي وقت ايجنٽن سان بھ اھو مسئلو ٻڌجي ٿو تھ ھو اھي ڪتاب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پھچائڻ لاءِ مختلف بڪ اسٽال وارن کي ڳاٽي ٽوڙ ڪميشن ڏين ٿا، ڪتابن موڪلڻ تي خرچ ڪن ٿا، پئسن جي وصوليءَ لاءِ ڪيترائي پنڌ ٿا ڪن ۽ ٽائيم سان گڏ ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙا ٿا ڀرن پوءِ بھ سندن ڪجھھ پئسا ٻڏي ٿا وڃن، وغيره وغيره.

بھرحال! ان ھوندي بھ آئون ھر وقت پبلشرس کي قيمت گھٽ ڪرڻ لاءِ چوندو رھان ٿو. ان ھوندي بھ ڪو ڀاءُ/ڀيڻ سمجھي ٿو تھ ھو منھنجا ڪتاب نيو فيلڊس يا روشني پبليڪيشن جي معيار جھڙا ڇپائي اڃا بھ گھٽ قيمت ۾ پڙھندڙن تائين پھچائي سگھي ٿو تھ مون کي خوشي ٿيندي ۽ ھو مون سان لھھ وچڙ ۾ اچي سگھي ٿو.

پڙھندڙن جي راءِ/تنقيد ۽ صلاح مشوري جو اوسيئڙو رھندو.

خلوص منجھان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org