سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: سير ۽ سفر

غلام مصطفيٰ شاه

صفحو :1

ڪتاب:سير۽سفر

نالو: پروفيسر غلام مصطفيٰ شاه

 

ڇپائيندڙ پاران

’سير ۽ سفر‘ سنڌ جي برک تعليمي ماهر پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه جي خطن تي مشتمل هڪ ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ شامل خط، مصنف آمريڪا جي تعليمي دوري وقت سنڌ جي مختلف تعليمي ماهرن ڏانهن لکيا هئا، جيڪي مشهور سنڌي اخبار ”روزانه الوحيد“ ۾ به قسطوار ڇپيا هئا. بعد ۾ انهن کي ناليواري اديب ۽ تعليمي ماهر جناب احسان بدوي سهيڙي سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيا. بورڊ، خطن جي اهميت کي سمجهندي انهن کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو.

          پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه سنڌ جي برک تعليمي ماهرن ۾ هڪ وڏو ۽ قدآور نانءُ آهي. هڪ مثالي استاد هئڻ جي ناتي مختلف عهدا ماڻي ملڪ جي جيڪا علمي خدمت ڪئي آهي، اُن مان  هر اهل علم واقف آهي. سندس لکيل هي خطَ  تعليمي خدمتن واري وچئين دور سان تعلق رکن ٿا. هنن خطن جي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ اڄ جي تعليمي ادارن جي ماهرن، استادن ۽ شاگردن کي رهنمائي ملي ٿي. هن ڪتاب جو نئون ڇاپو شايع ڪري خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون.

          اميد اٿئون ته هيءُ ڇاپو علمي، ادبي ۽ تعليمي ادارن ۾ اڳ وانگر مقبوليت ماڻيندو.

 

ڄامشورو، سنڌ                                           انعام الله شيخ

سومر 8  جمادي الاول 1427هه                 سيڪريٽري

بمطابق 5 جون 2006ع                              سنڌي ادبي بورڊ


 

 

تعارف

          ادبي دنيا ۾ خطن کي وڏي اهميت حاصل آهي. هر قسم جي خطن ۾ ۽ خاص طرح سان انهن ۾ جيڪي پنهنجي مخلص  ۽ عزيز دوستن کي لکيا ويندا آهن، هڪ خاص دلچسپي ٿئي ٿي، جا ٻين تصنيفن ۾ نٿي ٿئي.، اهڙن خطن جي سڀ کان وڏي خوبي اها ٿئي ٿي، ته انهن ۾ لکندڙ بي ريا ٿئي ٿو، نه هو تڪلف جو پڙدو رکي ٿو ۽ نه کيس مصلحت بينيءَ جو کٽڪو رهي ٿو،. گويا هو آزاديءَ سان پنهجو پاڻ سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

          هن مجموعي ۾ جيڪي خط ڏنل آهن، سي جيئن پڙهندڙ پاڻ ڏسندا، سيد غلام مصطفيٰ شاهه پهنجي آمريڪا جي سفر دوران لکيا هئا. هو آمريڪا جي دعوت تي ”اسلامي تاريخ“، ”وچ اوڀر“ ۽ ”ڏور اوڀر“ جي موضوعن تي تقريرون ڪرڻ لاءِ آمريڪا ويو هو. اتي هن فقط سونپيل ڪم سرانجام نه ڏنو، پر موقعي جو فائدو  وٺي،  ان ملڪ جي معاشرتي ۽ سماجي حالتن جو گهريءَ نظر سان مطالعو ڪيو، جنهن کي هو  خطن جي صورت ۾ قلمبند ڪندو ويو.

          شاهه صاحب آمريڪا ۾ ساڍا چار مهينا رهيو. ان عرصي ۾ هن ڪيتريون يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪول ڏٺا ۽ ڪيترين ئي علمي ۽ تعليمي مجلسن ۾ شريڪ ٿيو. اتان جي تعليمي ماهرن ۽ ٻين شخصيتن سان ملڻ جو موقعو مليس ۽ ڪيترين ئي تفريح ۽ وندر جي جاين کي ڏٺائين. پنهنجن خطن ۾ هن انهن سڀني شين جو ذڪر اهڙي ته سهڻي پيرايي ۾ ڪيو آهي، جو پڙهندڙ ائين محسوس ڪري ٿو، ڄڻ ته پاڻ انهن محفلن ۾ موجود آهي. مٿي اشارو ڏنو ويو آهي ته شاهه صاحب آمريڪا ۾ سفر جي دوران آمريڪا جي سماجي ۽ معاشرتي حالتن جو مطالعو ڪيو. چنانچه، شاهه صاحب جي هنن خطن مان پڙهندڙ کي معلوم ٿيندو، ته آمريڪا جا ماڻهو ڪهڙيءَ ريت رهن ٿا؟ انهن جا آداب ۽ طور طريقو ڪهڙو آهي؟ اهي ماڻهو زندگيءَ جي  باري ۾ ڇا ٿا سوچين؟ مڪاني ماحول انهن کي پنهنجو پابند ڪيئن بنايو آهي ۽ سياسي تبديلين سندن خيالن کي ڪيئن متاثر ڪيو آهي؟

          هي  خط جنهن انداز سان لکيا ويا آهن، سو  نهايت وڻندڙ آهي. هن قسم جي خطن جا مجموعا سنڌي ادب ۾ ڪي ٿورا لکيا ويا آهن. هنن خطن ۾ جا شيءِ اسان کي نمايان طور ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا آهي مصنف جي مزاح نگاري. شاهه صاحب شخصي طرح نهايت زنده دل آهي ۽ هن جي زنده دليءَ ۾ ذوق سليم آهي.  ڳالهه مان ڳالهه پيدا ڪرڻ ۾ کيس ڪمال حاصل آهي. پر جڏهن هو آمريڪي زندگيءَ جي تاريڪ رخ تي قلم کڻي ٿو، ته اتي سندس انداز بيان ٻيو روپ اختيار ڪري ٿو. هو بيحد حساس بڻجي وڃي ٿو. انسانيت سان پيار سندس تحرير ۾ نمايان ٿي بيهي ٿو، پڙهندڙ جي دل ۾ انساني پيار جو جذبو شدت سان بيدار ٿئي ٿو،  آمريڪا ۾ نسلي امتياز جو ذڪر ڪندي، شاهه صاحب هڪ هنڌ لکي ٿو:

”فسڪ ۾ وڃڻ شرط توهان ڏسندا ته اها غريبن جي يونيورسٽي آهي، شيدي شاگرد ويچارا گورن جي مقابلي ۾ غريب ٿي نظر آيا. پستي سندن پيشانيءَ تي لکيل هئي. استادن جي حالت به اهائي هئي. مون سندس  ڊائننگ هال ۾ ساڻن گڏجي ماني کاڌي، اتي فرنيچر ۽ کاڌو به بيڪسيءَ جو اظهار ڪري رهيا هئا.“ اڳتي هلي لکي ٿو؛ ”... الله تبارڪ و تعاليٰ انسانيت جي هن خون کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو!“

          مٿئين اقتباس کي پڙهڻ سان اسان مصنف جي ذهني ڪيفيت جو اندازو لڳائي سگهون ٿا.

          پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه جا هي خط سنڌي نثر ۾ سادگيءَ ۽ سلاست جو هڪ سهڻو نمونو آهن. خطن ۾ اسان کي نثر جو اهڙو اسلوب نٿو ملي جنهن جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪا محنت ڪيل هجي. برعڪس ان جي شاهه صاحب جي تحرير ۾ هڪ فطري رواني نظر اچي ٿي. سندس تحرير ڄڻ لفظن ۽ جملن جو هڪ درياءَ آهي. جو ڇوليون هڻي رهيو آهي.

          پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه جا هي خط سنڌي نثر ۾ هڪ نمايان حيثيت رکن ٿا.

احسان بدوي

31- ڊسمبر 1961ع

شڪارپور، سنڌ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org