سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سنڌ جو سفر

باب: 1

صفحو :1

سنڌ جوسفر

قادر بخش نظاماڻي

پيش لفظ

 

       هنن صفحن جو مصنف هڪ هندستاني مسلمان آهي. هند جي نون فاتحن، انگريزن، پنهنجي مفتوح قوم کي وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهي سگهڻ لاءِ ان وقت جي سرڪاري ٻولي فارسي سکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، ان خيال کان هو پنهنجي اوائلي اقتدار جي دور ۾ فارسيءَ تي گهڻو ڌيان ڏئي رهيا هئا.

        هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن هندستان ۾ ڪافي فتوحات حاصل ڪرڻ کان پوءِ، انهن کي پختي ڪرڻ جي خيال کان انگريزن جي دل ۾ افغانستان فتح ڪرڻ جو سوداءُ سمائجي چڪو هو، ۽ اتان جي پڻ سرڪاري زبان فارسي هئي.

        مالوه (گجرات) جو باشندو لطف الله، جنهن جي خود نوشت سوانح جا ڪجهه صفحا هتي پيش ڪيا ويا آهن، سو ان زماني ۾ گجرات ۾ رهيل انگريز عملدارن کي فارسي پاڙهيندو هو. مالوه جي علمي ذوق رکندڙ خاندان جي هن فرد کي فارسي زبان ۽ ان وقت جي عام تعليمات ۾ چڱي دسترس هئي.

        نومبر 1838ع ۾ هڪ انگريزعملدار ڪپتان ايسٽ وڪ (Capt: East – Wick) کي سنڌ ۾ انگريزي ريزيدنٽ ڪرنل سرپاٽنجر (Col: Sir Patinger) جو اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو. ڪئپٽن ايسٽوڪ لطف الله کي ساڻس گڏ سنڌ هلڻ جي آڇ ڪئي، جا قبول ڪرڻ تي ايسٽوڪ کيس پنهنجو منشي ۽ فارسي جو استاد مقرر ڪري، پاڻ سان گڏ سنڌ ۾ وٺي آيو.  

لطف الله سنڌ ۾ پنهنجي آمد ۽ هتي پنهنجي قيام واري زماني جا تاثرات، پنهنجي هڪ خود نوشت سوانح ۾ قلمبند ڪيا، جا پوءِ ڪئپٽن ايسٽ وڪ ٺاهي ٺوڪي انگريزي زبان ۾ “Authobiography of Lutfullah” جي نالي شايع ڪرائي. هن تصنيف جا، مصنف جي سنڌ ۾ قيام واري عرصي سان تعلق رکندڙ صفحا، سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمي جي صورت ۾ پيش ڪجن ٿا.

        مون کي اميد آهي، ته هي اوراق، اسان جي وطن جي تاريخ جي چند پهلوئن تي ڪارآمد روشني وجهي، سنڌ واسين کي ماضيءَ جي چند حالات ۽ واقعات کان واقف ٿيڻ جو موقعو ڏيندا_ جيئن هو انهن مان پنهنجي آئيندي لاءِ مفيد نتيجا ڪڍي، فائديمند سبق حاصل ڪري سگهن.

        آخر ۾ آءُ محترم پير حسام الدين شاهه صاحب راشدي جي شڪر ادائي ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جنهن صاحب جي حوصله افزائيءَ مون کي هيءُ ترجمو هٿ ۾ کڻڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ جنهن صاحب ترجمي ٿيڻ بعد ان کي نظر مان ڪڍي، بندي کي پنهنجي مفيد مشورن سان نوازيو.

        ساڳئي وقت آءُ محترم غلام مصطفـي قاسمي صاحب جو پڻ ممنون آهيان، جنهن صاحب هن ترجمي کي نظر مان ڪڍي ان کي بهتر بنائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي.

        ان کان سواءِ محترم محمد ابراهيم جويي ۽ جناب ڊاڪٽر يو.ايم. دائود پوٽي صاحب جي پڻ شڪر ادائي ڪرڻ ضروري آهي، جن صاحبن لطف الله جو اصل انگريزي ڪتاب دستياب ڪري ڏيڻ ۽ ٻيءَ طرح حوصله افزائي ڪرڻ سان منهنجي مدد ڪئي آهي.

ڪراچي                                               بنده

1_ مئي 1956ع                          قادر بخش نظاماڻي

 

 

پبلشر پاران

 

       ادب ۾ سفر نامي ۽ سوانحي لکڻين کي خاصي اهميت حاصل آهي. اهي ٻئي صنفون پنهجي دور جي تاريخ هجن ٿيون، جنهن ۾ ليکڪ بنا ڪنهن رک رکاءَ جي اهو سمورو حال اوريندو آهي. جيڪو سندس اکين جي اڳيان گذريو هوندو آهي. ڪتاب ”سنڌ جو سفر“ به هڪ اهڙو ئي سفر نامو آهي، (جنهن جو لکندڙ ڪئپٽن ايسٽوڪ نالي هڪ انگريز عملدار هو) جنهن ۾ هن پنهنجي استاد ۽ منشي لطف الله جي زندگي ۽ سفر نامي جو احوال ڏنو آهي. هيءُ اهو دور هو، جنهن ۾ هندستان سميت هن پوري خطي ۾ فارسي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ غير سرڪاري حيثيت حاصل هئي. هندستان ۾ مسلمانن جي حڪومت جو زوال اچي چڪو هو ۽ سنڌ ۾ ٽالپر حڪومت پڻ زوال پذير هئي، ان وقت انگريز عملدارن کي هن خطي جي ٻولين سکڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي، ڇوته هتان جي مڙني ٻولين کان غير واقف هئا، جنهن ڪري هو مقامي مسلمانن ۽ هندو عالمن کي پاڻ وٽ منشي ۽ استاد ڪري رکندا هئا.

هيءَ خود نوشت سوانح اصل انگريزي زبان ۾ لکيل هئي، جيڪا مسٽر قادر بخش نظاماڻي 1950ع واري ڏهاڪي دوران ترجمو ڪئي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان کي 1956ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن سوانح ۾ هندستان، افعانستان ۽ ايران جو ذڪر آيل آهي. بورڊ طرفان سوانح جو فقط اهو حصو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، جيڪو خالص سنڌ سان لاڳاپيل هو جنهن جو ذڪر مسٽر قادر بخش نظاماڻيءَ به هن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ ڪيو آهي.

هن خود نوشت ۾ سنڌ جي شهرن، ۽ ماڳن مڪانن بابت به ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کي پڙهڻ سان ائين معلوم ٿيندو، ته اڄ به ان دور جا واقعات ۽ حالات اکين جي پردي اڳيان اچي وڃن ٿا.

بورڊ طرفان هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1956ع ۾ ٻيو ڇاپو 1965ع ۾، ٽيون ڇاپو 1970ع ۾ چوٿون ڇاپو1994ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. هيءُ پنجون ڇاپو 11 سالن جي وقفي کان پوءِ هن وقت اوهان سڄڻن جي هٿن ۾ آهي، اميد ته نئين دور جا پڙهندڙ ڪتاب مان جوڳو لاڀ پرائيندا.

پڙهندڙ حضرات تائين هن ڪتاب جو نئون ڇاپو آڻيندي اسان نهايت خوشي محسوس ڪريون ٿا.

 

 

ڄام شورو _ سنڌ                         انعام الله شيخ 

7_ ربيع الثاني 1426هه                             سيڪريٽري 

بمطابق 16_ مئي 2005ع                        سنڌي ادبي بورڊ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org