سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: نماز جنت جي ڪنجي

باب: --

صفحو :1

نماز جنت جي ڪنجي

گل حسن ڪلمتي

 

 

 

بِسمِ اللهِ الرحمٰنِ الرحِيم 

 

 

وَلِلهِ الۡاَسۡمَاءُ الۡحُسۡنٰي فَادۡعُوۡهُ بِهَا

ترجمو: الله جا ئي سڀ سٺا نالا آهن. توهان ان کي انهن نالن سان سڏيو.

 

حضرت ابوهريرة رضي الله عنہ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو آهي ته:

ان لله تسعة وتسعين اسمًا من احصاها دخل الجنة. (بخاري ومسلم)

ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ جا نوانوي نالا آهن. جيڪو به انهن کي ياد ڪري، اهو جنتي ٿي ويو.

حديث ۾ آهي ته انهن نالن کي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ سان انسان جنتي ٿي ويندو آهي. حصول برڪت، رزق ۾ واڌارو، جسماني، روحاني صحت ۽ دين ۽ ايمان جي سلامتي جي لاءِ بهترين مجرب وظيفو آهي. فجر جي نماز کان پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت مان فارغ ٿي هڪ دفعو اسماء حسنيٰ جو ورد ڪرڻ گهرجي. پاڻ نه ٿا پڙهي سگهو ته ڪنهن کان پڙهائي ٻڌو. انهن اسماء حسنيٰ جي مجموعي جي اها خصوصيت آهي ته ان جي هر نالي سان ان جا عدد رکيا ويا آهن.

 

 

سورة ياسين

پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو آهي ته هر شيءِ جي دل آهي. قرآن مجيد جي دل سورة يٰسٓ آهي ۽ هن جي پڙهندڙ لاءِ بهشت جا اٺ دروازا کلي وڃن ٿا، تان ته اهو جهڙي دروازي مان گهري، داخل ٿئي.

٤٤٩

٤٤٦

٤٥١

٤٤٠

٤٥٢

٤٤٢

٤٤٧

٤٢٥

٤٢٤

٤٤٥

٤٤٨

٤٤٢

٤٣٧

٤٣١

٤٤١

٤٤٢

٤٣٠

٤٤٠

٤٢٦

٤٢٣

٤٢٨

٤٢٩

٤٢٥

٤٣١

٤٢٧

٤٣٣

٤٢٩

٤٢٦

٤٢٩

٤٢٢

٤٢٨

٤٣١

٤٣٩

٤٥٥

٤٢٢

٤٥٢

حديث شريف ۾ آهي ته جيڪو ماڻهو سڪرات جي حالت ۾ هجي، انهيءَ تي سوره يٰسٓ پڙهي وڃي ته ان جي موت ۽ سڪرات جي سختي آسان ٿيندي.

هن سورة جي لکڻ ۽ پڙهڻ جو ثواب هڪ قرآن مجيد جي برابر آهي. يٰسٓ والقرآن الحکيم لکي جيڪو پاڻ وٽ رکندو ته سڀ ماڻهو انهيءَ جي عزت ڪندا. بيمار جي لاءِ هن جو نقش باعثِ شفا آهي.

 

 

 اآياتها ٨٣                سُوْرَةُ يس"“  مَكِيَّةٌ                      ركوعها٥

 

 


 

بِسمِ اللهِ الرحمٰنِ الرحِيم 

شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان جو گهڻو مهربان نهايت رحم وارو آهي

 

 

يس" [1]وَالْقُرْاآنِ الْحَكِيْمِ[2] إنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِين[3] عَلبر صِرَاطٍ مُّسْتَقِيْمٍ[4] تَنْزِيْلَ الْعَزِيْزِ الرَّحِيْمِ[5] لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اُنْذِرَ اآبَآؤُهُمْ فَهُمْ غَافِلُوْنَ [6]

ترجمو: ياسين قسم آهي حڪمت واري قرآن جو. بيشڪ تون رسولن مان آهين. سڌي رستي تي. جو لاٿل آهي غالب رحم ڪندڙ کان. تان ته ڊيڄارين ان قوم کي جو نه ڊيڄاريا ويا انهن جا ابا ڏاڏا پوءِ اهي غافل آهن.

 

لَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلي× أكْثَرِهِمْ فَهُمْ لاَ يُؤْمِنُوْنَ [7] إنَّا جَعَلْنَا في أعْنَاقِهـمْ أغْلاَلاً فَهـيَ إلَي الأذْقَانِ فَهُمْ مُّقْمَحُوْنَ [8] وَجَعَلْنَا مِنْ بَيْنِ أيْدِيْهِمْ سَدًّا وَّمِنْ خَلْفِهـمْ سَدًّا فَأغْشَيْنَاهُمْ فَهُمْ لاَ يُبْصِرُوْنَ [9] وَسَوَاآءٌ عَلَيْهـمْ ءَأنْذَرْتَهُمْ أمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لاَ يُؤْمِنُوْنَ [10] إنَّمَا تُنْذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحمنَ بمالْغَيْبِ فَبَشّـرْهُ بممَغْفِرَةٍ وَّأجْرٍ كَرِيْمٍ[11] إنَّا نَحْنُ نُحْيِ الْمَوْتبر وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوْا وَ اآثَارَهُمْ وَكُلَّ شَيْ/ أحْصَيْنَاهُ في إمَامٍ مُّبـيْنٍ [12] وَاضْرِبْ لَهُمْ مَّثَلاً أصْحَابَ الْقَرْيَةِ إذْ جَآءَهَا الْمُرْسَلُوْنَ [13] إذْ أرْسَلْنَآ إلَيْهـمُ اثْنَيْنِ فَكَذَّبُوْهُمَا فَعَزَّزْنَا بمثَالِثٍ فَقَالُوْا إنَّآ إلَيْكُمْ مُّرْسَلُوْنَ [14]

بيشڪ ثابت ٿيو الله جو حڪم انهن مان گهڻن تي پوءِ اهي ايمان نه آڻيندا. بيشڪ اسان وڌو انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ پوءِ اهي پهچي ويا کاڏين تائين سو اهي مٿو مٿي کنيل آهن ۽ اسان ٺاهي انهن جي سامهون هڪ ڀت ۽ (وري) انهن جي پٺيان به هڪ ڀت پوءِ اسان کين ڍڪيو پوءِ اهي نه ڏسندا ۽ برابر آهي انهن تي ته انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين اهي ايمان نه آڻيندا. رڳو ڊيڄاريندين انهيءَ کي جنهن نصيحت جي تابعداري ڪئي ۽ ڊنو رحمــٰن کان بنا ڏٺي پوءِ خوشخبري ڏي کيس بخشش ۽ عزت واري اجر جي. بيشڪ اسين جيارينداسون مئلن کي ۽ لکون ٿا جيڪي عمل اڳتي موڪليا اٿن ۽ سندن احوال به ۽ هر شيءِ کي اسان محفوظ رکيو آهي واضح ڪتاب ۾. ۽ بيان ڪر انهن لاءِ هڪ مثال ڳوٺ وارن جو، جڏهن انهن وٽ رسول آيا. جڏهن اسان موڪليا انهن ڏي ٻه (رسول) ته کين ڪوڙو ڪيائون پوءِ اسان مدد ڪئي ٽئين سان جن چيو ته تحقيق اسان رسول آهيان.

 

قَالُوْا مَآ أنْتُمْ إلاَّ بَشَرٌ مّـثْلُنَا وَمَآ أنْزَلَ الرَّحمنُ مِنْ شَيْ/ إنْ أنْتُمْ إلاَّ تَكْذِبُوْنَ [15] قَالُوْا رَبُّنَا يَعْلَمُ إنَّآ إلَيْكُمْ لَمُرْسَلُوْنَ [16] وَمَا عَلَيْنَآ إلاَّ الْبَلاَغُ الْمُبـيْنُ [17] قَالُوْا“ إنَّا تَطَيَّرْنَا بمكُمْ لَئِنْ لَّمْ تَنْتَهُوْا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّنَّكُمْ مِنَّا عَذَابٌ  ألِيْمٌ [18] قَالُوْا طَآئِرُكُمْ مَعَكُمْ أئِنْ ذُكِّرْتُمْ بَلْ أنْتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُوْنَ [19] وَجَآءَ مِنْ أقْصَي الْمَدِيْنَةِ رَجُلٌ يَّسْعبرقَالَ يَاقَوْمِ اتَّبـعُوا الْمُرْسَلِين[20] إتَّبـعُوْا مَنْ لاَّ يَسْألُكُمْ أجْرًا وَّهُمْ مُّهْتَدُوْنَ [21] وَمَا لِيْ
لاَ  
آأعْبُدُ الَّذِيْ فَطَرَنِيْ وَإلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ [22]

(ماڻهن) چيو ته توهان ته اسان جهڙا انسان آهيو ۽ نه نازل ڪئي آهي خدا ڪابه شيءِ، نه آهيو توهان مگر ڪوڙ ڳالهائيندا. (رسولن) چيو اسان جو رب ڄاڻي ٿو ته اسان اوهان ڏي موڪليل آهيون. ۽ ناهي اسان تي مگر پهچائڻ پڌرو. (ڳوٺاڻن) چيو بيشڪ اسان توهان کي منحوس سمجهيو آهي، جيڪڏهن توهان باز نه ايندوَ ته سنگسار ڪيا ويندوَ ۽ ضرور پهچندو اوهان کي اسان کان ڏکوئيندڙ عذاب. چيو (رسولن) توهان جي نحوست توهان سان آهي. ڇا جيڪڏهن توهان کي نصيحت ڪئي وڃي بلڪ توهان حد لنگهندڙ آهيو. ۽ آيو شهر جي پرين پاسي کان هڪ مڙس ڊوڙندو، چيائين ته اي منهنجي قوم! تابعداري ڪريو رسولن جي. تابعداري ڪريو انهن جي جيڪي نٿا گهرن اوهان کان ڪو اجر ۽ اهي هدايت يافته آهن ۽ مون کي ڇا آهي جو نه عبادت ڪريان ان جي جنهن مون کي پيدا ڪيو.

 

ءَأتَّخِذُ مِنْ دُوْنِه* اآلِهَةً إنْ يُّرِدْ =لرَّحمنُ بمضُرٍّ لاَّ تُغْنِ عَنِّيْ شَفَاعَتُهُمْ شَيْئًا وَّلاَ يُنْقِذُوْنِ [23]إنِّيْ إذًا لَّفِيْ ضَلاَلٍ مُّبـيْنٍ [24] إنِّيْ ا×مَنْتُ بمرَبمّكُمْ فَاسْمَعُوْنِ [25]قِيْلَ ادْخُلِ الْجَنَّةَ قَالَ يَالَيْتَ قَوْمِيْ يَعْلَمُوْنَ[26] بممَا غَفَرَ لِيْ رَبّـيْ وَجَعَلَنِيْ مِنَ الْمُكْرَمِين[27] وَمَآ أنْزَلْنَا عَلي× قَوْمِه* مِنْ بَعْدِه* مِنْ جُندٍ مّـنَ السَّمَآ÷ وَمَا كُنَّا مُنْزِلِين[28] إنْ كَانَتْ إلاّ صَيْحَةً وَّاحِدَةً فَإذَا هُمْ خَامِدُوْنَ [29] يَاحَسْرَةً عَلَي الْعِبَادِ مَا يَاْتِيْهـمْ مّـنْ رَّسُوْلٍ إلاَّ كَانُوْا بمه* يَسْتَهْزِءُوْن [30] ألَمْ يَرَوْا كَمْ أهْلَكْنَا قَبْلَهُمْ مِنَ الْقُرُوْنِ أنَّهُمْ إلَيْهـمْ لاَ يَرْجـعُوْنَ [31]

۽ انهيءَ ڏي ئي موٽايا ويندوَ. ڇا مان ٺاهيان ان کان سواءِ ڪو معبود جو جيڪڏهن ارادو ڪري رحمــٰن مون کي تڪليف ڏيڻ جو ته نه ڪم ايندي مون کي سندن شفاعت ڪجهه به ۽ نه مون کي ڇڏائيندا. تحقيق آءٌ ته تڏهن ضرور هوندس واضح گمراهي ۾. بيشڪ مون ته ايمان آندو اوهان جي پالڻهار تي ته منهنجي ڳالهه ٻڌو. چيو ويو ته داخل ٿي وڃ بهشت ۾. چيائين ڪاش منهنجي قوم ڄاڻي ها (انهيءَ کي) جيڪا بخشش ڪئي منهنجي، منهنجي رب ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين  ۽ نه لاٿي اسان ان جي قوم تي انهيءَ کان پوءِ ڪا فوج آسمان مان ۽ نه (وري) هئاسون لاهيندڙ. نه هئي مگر هڪ رڙ پوءِ اچانڪ اهي وسامي ويا. افسوس آهي، ٻانهن تي نه ايو انهن وٽ ڪوبه رسول مگر اهي هئا انهيءَ سان مسخري ڪندا. ڇا نه ڏٺائون ته ڪيتريون اسان هلاڪ ڪيون انهن کان اڳ پيڙهيون؟ بيشڪ اهي انهيءَ ڏي نه موٽايا ويندا.

 

وَإنْ كُلٌّ لَّمَّا جَمِيْعٌ لَّدَيْنَا مُحْضَرُوْنَ [32] وَا×يَةٌ لَّهُمُ الأرْضُ الْمَيْتَةُ أحْيَيْنَاهَا وَأخْرَجْنَا مِنْهَا حَبًّا فَمِنْهُ يَاْكُلُوْنَ [33] وَجَعَلْنَا فِيْهَا جَنَّاتٍ مّـنْ نَخِيْلٍ وَّأعْنَابٍ وَفَجَّرْنَا فِيْهَامِنْ الْعُيُوْنِ [34] لِيَاْكُلُوْا مِنْ ثَمَرِه* وَمَا عَمِلَتْهُ أيْدِيْهـمْ أفَلاَ يَشْكُرُوْنَ [35] سُبْحَانَ الَّذِيْ خَلَقَ الأزْوَاجَ كُلَّهَا مِمَّا تُنْبـتُ الأرْضُ وَمِنْ أنْفُسِهـمْ وَمِمَّا لاَ يَعْلَمُوْنَ [36] وَا×يَةٌ لَّهُمُ اللَّيْلُ نَسْلَخُ مِنْهُ النَّهَارَ فَإذَا هُمْ مُّظْلِمُوْنَ [37] وَالشَّمْسُ تَجْرِيْ لِمُسْتَقَرٍّ لَّهَا ذ×لِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ[38] وَالْقَمَرَ قَدَّرْنَاهُ مَنَازِلَ جمي عَادَ كَالْعُرْجُوْنِ الْقَدِيْمِ[39]

۽ انهن سڀني کي اسان وٽ حاضر ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ هڪ نشاني آهي ويران ٿيل زمين جنهن کي اسان آباد ڪيو ۽ منجهانئس اناج ڪڍيو، پوءِ انهيءَ مان کانئن ٿا ۽ انهيءَ ۾ بناياسون کجين ۽ انگورن جا باغ ۽ وهاياسون انهيءَ ۾ چشما تان ته کائين انهيءَ جي ميون مان ۽ نه ٺاهيو انهيءَ کي سندن هٿن. ڇا پوءِ به شڪر نٿا ڪن؟  پاڪ آهي اها ذات جنهن پيدا ڪيا سڀ قسم انهن شين جا جن کي اپائي ٿي زمين ۽ سندن جانين مان ۽ انهن کي جن کي اهي نٿا ڄاڻن ۽ انهن لاءِ هڪ نشاني آهي رات جنهن مان اسين ڏينهن ڇڪي ٿا ڪڍون پوءِ اونداهيءَ ۾ ٿا رهجي وڃن ۽ سج هلي ٿو پنهنجي مقرر ڪيل رستي تي اهو اندازو آهي زبردست (الله پاڪ) جو، جيڪو هر شيءِ جو ڄاڻندڙ آهي. ۽ چنڊ جون اسان مقرر ڪيون آهن منزلون تانجو پراڻي ڇڙي جيان ٿيو پوي.

 

لاَ الشَّمْسُ يَنْبَغِيْ لَهَا أنْ تُدْرِكَ الْقَمَرَ وَلاَ اللَّيْلُ سَابمقُ النَّهَارِ وَكُلٌّ في فَلَكٍ يَّسْبَحُوْنَ [40] وَا×يَةٌ لَّهُمْ أنَّا حَمَلْنَا ذُرِّيَّتَهُمْ فِي الْفُلْكِ الْمَشْحُوْنِ [41] وَخَلَقْنَا لَهُمْ مّـنْ مّـثْلِه* مَا يَرْكَبُوْنَ [42] وَإنْ نَّشَاْ نُغْرِقْهُمْ فَلاَ صَرِيْخَ لَهُمْ وَلاَ هُمْ يُنْقَذُوْنَ [43] إلاَّ رَحْمَةً مّـنَّا وَمَتَاعًا إلى حِيْنٍ [44] وَإذَا قِيْلَ لَهُمُ اتَّقُوْا مَا بَيْنَ أيْدِيْكُمْ وَمَا خَلْفَكُمْ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُوْنَ [45]وَمَا تَاْتِيْهـمْ مِّنْ ا×يَةٍ مّـنْ ا×يَاتِ رَبمّهـمْ إلاَّ كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِين[46] وَإذَا قِيْلَ لَهُمْ أنْفِقُوْا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللهُ قَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ ا×مَنُوْا أنُطْعِمُ مَنْ لَّوْ يَشَآءُ اللهُ أطْعَمَهُ إنْ أنْتُمْ إلاَّ في ضَلاَلٍ مُّبـيْنٍ [47]

نه (وري) سج کي مناسب آهي جو هو پهچي چنڊ کي ۽ نه (ئي) رات اڳتي وڌندڙ آهي ڏينهن کان ۽ سڀ آسمان ۾ ترن ٿا ۽ نشاني آهي انهن لاءِ ته اسان کنيو سندن اولاد کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ ۽ اسان پيدا ڪيون انهن جي لاءِ انهيءَ جهڙيون (سواريون) جن تي سوار ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن اسان گهرون ته کين ٻوڙيون پوءِ انهن لاءِ نه ڪو مددگار هوندو ۽ نه اهي بچايا ويندا، سواءِ اسان جي رحمت ۽ ڪجهه وقت تائين فائدي وٺڻ جي ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته ڊڄو ان کان جيڪي توهان جي اڳيان آهي ۽ جيڪي توهان جي پٺيان آهي، من توهان تي رحم ڪيو وڃي ۽ وٽن نٿي اچي ڪا نشاني انهن جي رب جي نشانين مان مگر اهي ان کان منهن موڙيندڙ آهن. ۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته خرچ ڪريو انهيءَ مان جيڪو اوهان کي رزق ڏنو الله ته ڪافر چون ٿا انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ته ڇا اسان کارايون انهيءَ کي جيڪڏهن گهري ها ته کارائي ها کيس الله نه آهيو توهان مگر پڌري گمراهيءَ ۾.

 

وَيَقُوْلُوْنَ مَتبر لهذَا الْوَعْدُ إنْ كُنْتُمْ صَادِقِين[48] مَا يَنْظُرُونَ إلاَّ صَيْحَةً وَّاحِدَةً تَاْخُذُهُمْ وَهُمْ يَخِصّـمُوْنَ [49] فَلاَ يَسْتَطِيْعُوْنَ تَوْصِيَةً وَّلاَ إلى“ أهْلِهـمْ يَرْجـعُوْنَ [50] وَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ فَإذَا هُمْ مّـنَ الأجْدَاثِ إلى رَبِّهـمْ يَنْسِلُوْنَ [51]قَالُوْا يَاوَيْلَنَا مَنْ مبَعَثَنَا مِنْ مَّرْقَدِنَا لهذَا مَا وَعَدَ الرَّحمنُ وَصَدَقَ الْمُرْسَلُوْنَ [52] إنْ كَانَتْ إلاَّ صَيْحَةً وَّاحِدَةً فَإذَا هُمْ جَمِيْعٌ لَّدَيْنَا مُحْضَرُوْنَ [53] فَالْيَوْمَ لاَ تُظْلَمُ نَفْسٌ شَيْئًا وَّلاَ تُجْزَوْنَ إلاَّ مَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ [54] إنَّ أصْحَابَ الْجَنَّةِ الْيَوْمَ في شُغُلٍ فَاكِهُوْنَ [55] هُمْ وَأزْوَاجُهُمْ في ظِلاَلٍ عَلَي الأرَاآئِكِ مُتَّكِئُوْنَ [56]

۽ چون ٿا ته ڪڏهن ٿيندو اهو (سچو) انجام جيڪڏهن توهان سچا آهيو. نٿا انتظار ڪن مگر هڪ (اهڙي) رڙ جو، جيڪا کين پڪڙيندي جڏهن جو اهي جهڳڙو ڪندا هوندا. پوءِ نه ڪري سگهندا ڪا وصيت ۽ نه پنهنجي گهر وارن ڏي موٽي سگهندا. ۽ ڦوڪيو ويندو صور ۾ پوءِ ان وقت ئي اهي پنهنجين قبرن مان نڪري پنهنجي رب ڏي ڊوڙندا چوندا ته افسوس! ڪنهن اٿاريو اسان کي اسان جي قبرن مان؟ هي اهو آهي جنهن جو رحمــٰن وعدو ڪيو هو ۽ سچ چيو هو رسولن. نه هوندي مگر هڪ رڙ پوءِ ان وقت ئي اهي سڀ اسان وٽ حاضر ڪيا ويندا. پوءِ اڄ نه ظلم ڪيو ويندو ڪنهن شخص تي ڪجهه به ۽ نه بدلو ڏنو ويندو توهان کي مگر جيڪي اوهان ڪندا هئا. بيشڪ جنت وارا اڄ پنهنجي شغل ۾ خوشيون ڪندڙ آهن. اهي ۽ سندن زالون ڇانون ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا آهن.

 

لَهُمْ فِيْهَا فَاكِهَةٌ وَّلَهُمْ مَا يَدَّعُوْنَ [57]سَلاَمٌ قَوْلاً مّـنْ رَّبٍّ رَّحِيْمٍ[58]وَامْتَازُوا الْيَوْمَ أيُّهَا الْمُجْرِمُوْنَ [59] ألَمْ أعْهَدْ إلَيْكُمْ يَابَنِيْ اآدَمَ أنْ لاَّ تَعْبُدُوا الشَّيْطَانَ إنَّه, لَكُمْ عَدُوٌّ مُّبـيْنٌ [60] وَأنِ اعْبُدُوْنِيْ لهذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيمٌ [61] وَلَقَدْ أضَلَّ مِنْكُمْ جـبـلاًّ كَثِيْرًا أفَلَمْ تَكُوْنُوْا تَعْقِلُوْنَ [62] لهذِه* جَهَنَّمُ الَّتِيْ كُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ [63] إصْلَوْهَا الْيَوْمَ بممَا كُنْتُمْ تَكْفُرُوْنَ [64] ألْيَوْمَ نَخْتِمُ عَلي× أفْوَاهِهـمْ وَتُكَلِّمُنَآ أيْدِيْهـمْ وَتَشْهَدُ أرْجُلُهُمْ بممَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ [65] وَلَوْ نَشَآءُ لَطَمَسْنَا عَلي× أعْيُنِهـمْ فَاسْتَبَقُوا الصّـرَاطَ فَأنير يُبْصِرُوْنَ [66]

انهن لاءِ انهيءَ ۾ ميوا هوندا ۽ انهن لاءِ اهو ڪجهه آهي، جو گهرندا. سلام (جو) قول هوندو رب مهربان طرفان. ۽ جدا ٿيو اڄ اي گنهگارو! ڇا اسان توهان کي تاڪيد نه ڪيو هو اي آدم جي اولاد ته نه عبادت ڪريو شيطان جي، بيشڪ اهو توهان جو پڌرو دشمن آهي. ۽ هيءُ ته منهنجي عبادت ڪريو، اهو ئي سڌو رستو آهي. ۽ البته بيشڪ انهي گمراه ڪيو اوهان مان گهڻن ماڻهن کي، ڇا پوءِ اوهان نه ٿي سمجهيو؟ هيءُ آهي اهو دوزخ جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هو، داخل ٿيو اڄ ان ۾ جو توهان ڪفر ڪندا هيوَ. اڄ مهر هڻنداسون اسان سندن واتن تي ۽ ڳالهائيندا اسان سان سندن هٿ ۽ شاهدي ڏيندا سندن پير انهيءَ تي جو هو ڪندا هئا. ۽ جيڪڏهن گهرون ته اسان ناس ڪريون سندن اکين کي، پوءِ رستي ڏي وڌندا ته ڪٿان ڏسندا؟

 

وَلَوْ نَشَآءُ لَمَسَخْنَاهُمْ عَلي×  مَكَانَتِهـمْ فَمَا اسْتَطَاعُوْا مُضِيًّا وَّلاَ يَرْجـعُوْنَ [67] وَمَنْ نُعَمّـرْهُ نُنَكِّسْهُ فِي الْخَلْقِ أفَلاَ يَعْقِلُوْنَ [68] وَمَا عَلَّمْنَاهُ الشّـعْرَ وَمَا يَنْبَغِيْ لَه, إنْ هُوَ إلاَّ ذِكْر ٌ وَّقُرْا×نٌ مُّبـيْنٌ [69] لِيُنْذِرَ مَنْ كَانَ حَيًّا وَّيَحِقَّ الْقَوْلُ عَلَي الْكَافِرِيْنَ [70] أوَلَمْ يَرَوْا أنَّا خَلَقْنَا لَهُمْ مّـمَّا عَمِلَتْ أيْدِيْنَا أنْعَامًا فَهُمْ لَهَا مَالِكُوْنَ [71] وَذَلَّلْنَاهَا لَهُمْ فَمِنْهَا رَكُوْبُهُمْ وَمِنْهَا يَاْكُلُوْنَ [72] وَلَهُمْ فِيْهَا مَنَافِعُ وَمَشَارِبُ أفَلاَ يَشْكُرُوْنَ [73] وَاتَّخَذُوْا مِنْ دُونِ اللهِ ا×لِهَةً لَّعَلَّهُمْ يُنْصَرُوْنَ [74] لاَ يَسْتَطِيْعُوْنَ نَصْرَهُمْ وَهُمْ لَهُمْ جُندٌ مُّحْضَرُوْنَ [75]

۽ جيڪڏهن اسان گهرون ته انهن جون شڪليون بدلائي ڇڏيون، پوءِ نه اهي اڳتي هلي سگهندا ۽ نه پٺتي موٽي سگهندا. ۽ جنهن کي وڏي عمر ڏيون ٿا تنهن کي بناوٽ ۾ ابتو گهٽايون ٿا، ڇا پوءِ عقل کان ڪم نٿا وٺن؟ ۽ اسان پيغمبر کي شعر نه سيکاريو ۽ نه اهو ان جي لائق آهي. نه آهي اهو مگر نصيحت ۽ ظاهر قرآن. تان ته اهو ڊيڄاري ان کي جيڪو زنده (دل) هجي ۽ ثابت ٿئي حجت ڪافرن تي. ڇا پوءِ ڏٺائون ته اسان انهن جي لاءِ خلقيا انهن مان جن کي ڪيو اسان جي هٿن مال پوءِ اهي انهن جا مالڪ آهن ۽ اسان انهن کي سندن لاءِ تابعدار ڪيو ته انهن مان ڪي سندن سواريون آهن ۽ انهن مان ڪن کي کانئن ٿا ۽ انهن لاءِ منجهن فائدا ۽ پيئڻ جون شيون آهن، ڇا پوءِ شڪر نٿا ڪريو؟ ۽ بنايا اٿن خدا کان سواءِ ڪي معبود ته من سندن مدد ڪئي وڃي. ۽ اهي طاقت نٿا رکن سندن مدد جي ۽ اهي سندن لاءِ لشڪر (مخالف) ڪري پيش ٿيندو.

 

فَلاَ يَحْزُنْكَ قَوْلُهُمْ إنَّا نَعْلَمُ مَا يُسِرُّوْنَ وَمَا يُعْلِنُوْنَ [76] أوَلَمْ يَرَ الإنْسَانُ أنَّا خَلَقْنَاهُ مِنْ نُّطْفَةٍ فَإذَا هُوَ خَصِيْمٌ مُّبـيْنٌ [77] وَضَرَبَ لَنَا مَثَلاً وَّنَسِيَ خَلْقَه, قَالَ مَنْ يُّحْيِيَ الْعِظَامَ وَهِيَ رَمِيْمٌ[78]قُلْ يُحْيـيْهَا الَّذِيْ أنشَأهَآ أوَّلَ مَرَّةٍ وَّهُوَ بمكُلِّ خَلْقٍ عَلِيْمُ[79]=لَّذِيْ جَعَلَ لَكُمْ مّـنَ الشَّجَرِ الأخْضَرِ نَارًا فَإذَاآ أنْتُمْ مِنْهُ تُوقِدُوْنَ [80] أوَلَيْسَ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمو "×تِ  وَالأرْضَ بمقَادِرٍ عَلي× أنْ يَّخْلُقَ مِثْلَهُمْ بَلبر وَهُوَ الْخَلاَّقُ الْعَلِيْمُ[81] إنَّمَآ أمْرُه, إذَاآ أرَادَ شَيْئًا أنْ يَّقُوْلَ لَه, كُنْ فَيَكُوْنُ [82] فَسُبْحَانَ الَّذِيْ بميَدِه* مَلَكُوْتُ كُلِّ شَيْ/ وَّإلَيْهِ تُرْجَعُوْنَ [83]

 پوءِ نه رنج ڏين توکي انهن جا ٻول، بيشڪ اسين ڄاڻيون ٿا جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا. پوءِ ڀلا نه ڏٺو انسان ته اسان کيس پيدا ڪيو نطفي مان پوءِ به هو ظاهر ظهور جهيڙاڪ آهي. ۽ اسان لاءِ مثال بيان ڪري ٿو جڏهن ته ڀلائي ٿو پنهنجي خِلقت کي، چيائين ڪير زنده ڪندو هڏين کي حالانڪ اهي ڳريل هونديون؟ چؤ انهن کي اهو ئي زنده ڪندو جنهن پهريون ڀيرو کين پيدا ڪيو ۽ اهو هر طرح جي خَلق کي ڄاڻندڙ آهي. اهو جنهن ٺاهي توهان لاءِ سائي وڻ مان باهه، جنهن مان توهان حرارت حاصل ڪريو ٿا. ڇا (اها هستي) جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو، اهو ان تي قادر نه آهي ته کين ساڳي طرح پيدا ڪري؟ هائو اهو ئي پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي. هن جو حڪم ته (بس) اهو آهي ته جڏهن ڪنهن شيءِ جو ارادو ٿو ڪري ته ان کي چوي ٿو ته ٿيءُ ته اها ٿي پوي ٿي. پوءِ پاڪ آهي اها ذات جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي حڪومت آهي ۽ انهيءَ ڏانهن ئي موٽايا ويندوَ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org