سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: ڀٽي جا آخري 323 ڏينهن

باب: --

صفحو : 5

وڌيڪ احتياطَ

جيئن ڀُٽي صاحب کي موت جي سزا خلاف سُپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي، ته حڪومت ھُن کي راولپنڊي منتقل ڪرڻ ۽ پنڊي جيل ۾ رکڻ تي سوچڻ ويچارڻ لڳي. اوائل ۾ ڏھ ڪورَ ھيڊڪوارٽر اُن ڪم جو تفصيل سان جائزو ورتو ۽ ڀُٽي صاحب کي جيل ۾ رکڻ جو منصوبو بڻايو. پوءِ ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر اُن ڪم کي سنڀاليو. من ھن ڪتاب جي شروع ۾ تفصيل سان لکيو آھي، ته عورت وارڊ ۾ ڪيئن سُڌارو ۽ ڦيرڦار ڪئي وئي، ته جيئن ھُن کي ڀُٽي صاحب لاءِ سيڪيورٽي وارڊ بڻايو وڃي. انھيءَ جو سڀ کان وڏو مقصد ڀُٽي صاحب کي جيل ۾ رکي، حفاظتي انتظامن کي پوريءَ طرح سامھون رکڻو ھو، ته جيئن ڪنھن به حالت ۾ ھُن کي جيل کان ٻاھر ڪڍڻ يا اغوا ڪرڻ جو امڪان نه رھي، يا سندس زندگيءَ کي وقت کان اڳ ختم نه ڪري سگھجي. اُن ھڪ شخص لاءِ جيل، پوليس ۽ فوج جا ايترا سپاھي ڏنا ويا ۽ ايڏا مضبوط دفاعي انتظام ڪيا ويا، جيڪي ڪيئي ھزار قيدين لاءِ به گھڻا ھئا. جيئن ته انھن سمورن سيڪيورٽي انتظامن واسطي مونکي ضابطي، نگراني ۽ بچاءَ تي مقرر ڪيو ويو ھو، تنھنڪري مونکي ڀُٽي صاحب کي ڦاھي ڏيڻ تائين روزانو ڪنھن نه ڪنھن مسئلي تي مٿئين اختيارين جي آٿت لاءِ کين جواب ڏيڻو پوندو ھو. آئون اٽڪل ھڪ ورھيه تائين انھن مسئلن سان گڏ سُمھندو ۽ جاڳندو رھيس.

غير معمولي احتياط

جيل ۾ سپاھين، واچ ٽاورن، ڪنڊيدار تارن، الارم وڄڻ

جي اوزارن، فلڊ روشنين ۽ ٻين سائنسي اوزارن سميت اُنھن دفاعي ھٿيارن جو ڄار وڇايو ويو ھو، جن جو ذڪر پھرين ٿي چُڪو آھي، پر ٻيا غيرمعمولي احتياط به ڪيا ويا ھئا، جيڪي ھيٺئين ريت آھن:

سرنگ ذريعي ڀڄڻ

مونکي ھر ڀيري سُرنگ ذريعي ڀُٽي صاحب کي ٻاھر ڪڍڻ بابت يادگيري ڏياري وئي، جنھن لاءِ ھروقت پوليس ۽ فوج وارا جيل جي چؤڌاري رات جو گشت ڪندا رھندا ھئا. جيئن ته جيل جي اولھندي طرف واريءَ وڏي ديوار، جيڪا ڊسٽرڪٽ ڪورٽَ ۽ ريلوي لائين طرف ھئي، سا سيڪيورٽيءَ وارڊ جي بلڪل ويجھو ھئي، ۽ اُتان ڪنھن اُپاءُ جو وڌيڪ جوکو به ھو، تنھنڪري اُن علائقي کي عام طور رات جي گشت جو خاص علائقو ڪوٺيو ويو. گڏوگڏ ريلوي لائين، جيل جي وڏي ديوار ۽ ساڻس گڏ ويندڙ رستي سان اٽڪل ٻارھن تيرھن فٽ ھيٺ گھرائيءَ مان لنگھندي ھئي، تنھنڪري اُتان سُرنگ ھڻڻ ويتر موزون ڀانئبو ھو. ريلوي لائين کان اولھ طرف ڊسٽرڪٽ ڪورٽَ جي ڪجھ گھرن مان به سُرنگ کوٽڻ قياس کان ٻاھر نه ھو. جيل کان آرمي ھائوس ڏانھن ويندڙ رستي تي جيل جو باغيچو وغيره آھي، اُتان به سُرنگ جو اُڊڪو ٿيو. نالا لئي، جيل جي اوڀر ۾ ڪجھ فاصلي تي واقع آھي، ھتان به سُرنگ کوٽڻ جو ڪجھ امڪان ٿي سگھيو پئي. ڏينھن جي روشنيءَ ۾ انھن علائقن جي خاموش سارسنڀال لڌي ويندي ھئي ۽ رات جي اونداھيءَ ۾ اُھي علائقا گشت ڪندڙن جي پيرن ھيٺان رھندا ھئا. صبح سوير ھڪ خاص گشت، جيڪو رُڳو ٻن يا ٽن جوانن تي ٻَڌل ھوندو ھو، انھن علائقن جو چڪر ھڻندي ھو، جيڪي ڪنھن به تبديلي يا تازي مٽيءَ جو ڪوبه نشان وغيره ڳولڻ جا ذميدار ھئا، جيتوڻيڪ سيڪيورٽي وارڊ جي فرشن کي ڀُٽي صاحب جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي لوھ، بجري، ريتي ۽ سيمينٽ جي ميلاپ سان پڪو ڪيو ويو ھو، پر پوءِ به ڪو جوکو کنيو نه پئي ويو.

عوامي حملو

حڪومت عوام جي ميڙ يا گروھ جي حملي کان به ڊِنل ھئي. پاڪستان پيپلز پارٽي اندروني طور عوام کي ڀڙڪائي، جيل تي ٻاھران حملو ڪري يا جيل ۾ قيدين کي بغاوت ڪرائي، ڀُٽي صاحب کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪري سگھي پئي. اُن قسم جي حملن سان نبرڻ لاءِ زميني رُڪاوٽون ٺاھيون ويون ھيون. پوليس جي گھڻو تعداد موجود ھو. ڀُٽي صاحب جي پنڊي جيل ۾ منتقليءَ کان اڳ انھن سمورن قيدين کي، جن جو ڪنھن به طريقي سان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان ناتو ٿي سگھيو پئي، ٻين جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ گھُرج موجب فوجي طاقت به ڪنھن امڪاني حملي جي مقابلي لاءِ تيار ھئي.

ڪمانڊو قسم جو زميني حملو

اختيارين کي سيڪيورٽي وارڊ تي ڪمانڊو قسم جي زميني حملي جو پڻ ڊَپُ ھو، جنھن سان ڀُٽي صاحب کي جيل مان آزاد ڪرائي پيو سگھجي. ھڪڙو سُٺو سِکيل ڪمانڊو جَٿو، جيل جي مُک دروازي ۽ پَڌر جي علائقي يا جيل جي ديوار کي ڪيئي جاين تي ڌماڪيدار مادي سان اُڏائي، جيل ۾ گھِڙڻ کان پوءِ ڀُٽي صاحب کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگھيو پئي. اُن قسم جي اُڊڪي کي سامھون رکندي پڌر جي ٻنھي لوھي دروازن تي، جن جي وچ ۾ اٽڪل پنجويھ- ٽيھ فٽ فاصلو ھو، ھروقت تالو لڳل ھوندو ھو، ۽ انھن ٻنھي دروازن تي الڳ الڳ سپاھي مقرر ھوندا ھئا. انھن دروازن جي تالن جون چاٻيون ھڪ خاص جاءِ تي رکيون وينديون ھيون. ڪجھ ماڻھو ئي ڪڏھن ڪڏھن انھن لوھي دروازن ۾ ٺھيل درين کي واپرائيندا ھئا، ۽ لوھي دراوزا ھروقت بند رھندا ھئا. گڏوگڏ پَڌر کان ٻاھر رستي تي ھڪڙو ٻيو لوھي دروازو به ھو، جنھن کي ھروقت سپاھيءَ جي نگرانيءَ ۾ تالو لڳل ھوندو ھو.  رستي کان جيل طرف ايندڙ ڪنھن به گاڏيءَ کي ڪنھن به طرح اچڻ نه ڏنو ويندو ھو، جيستائين سپاھيءَ کي گاڏيءَ جي جھَڙتي وٺڻ سان آٿتُ نه ٿيندو ھو ۽ مقصد پُڇڻ کان پوءِ گاڏيءَ جي داخلا جو لکيل اجازتنامو نه ڏسندو ھو. انھن ڏينھن ۾ ڪابه گاڏي جيل ۾ اوستائين داخل ٿي نه سگھندي ھئي، جيستائين ڊيوٽي آفيسر کان اجازت نه ورتي ويندي ھئي. اُھي سمورا احتياط اُن اُلڪي کي سامھون رکندي ڪيا پئي ويا، ته متان ڳجھيءَ طرح ڪنھن گاڏيءَ ۾ بارود نه ھُجي: ڇوته اھڙيءَ حالت ۾ بارود واري گاڏيءَ کي پَڌر ۾ بيھاري سڄي علائقي کي ڌماڪي سان اُڏائڻ ۽ اوسيئڙي ۾ ويٺل ڪمانڊو جَٿي لاءِ سيڪيورٽي وارڊ تائين رستي ٺاھڻ واري مقصد جي پوراءُ جو امڪان نه رھي.

اُنھن احتياطن سميت سيڪيورٽي وارڊ جي چؤڌاري مشين گنون ۽ راڪيٽ لانچر به لڳل ھئا، جن تي ھروقت سپاھي بيٺل ھوندا ھئا، ته جيئن اُن قسم جي ڪنھن به ڪوشش کي ناڪام بڻايو وڃي. گڏوگڏ سيڪيورٽي وارڊ کي ڪَنڊيدار تارن جي ويڙھن وچ ۾ ايئن ٺاھيو ويو ھو، جو ڏسڻ وائسڻ کان بغير رُڳو فرشتا ئي اھڙي جاءِ تي پھچي سگھيا پئي.

27 پنجاب جا جوانَ جيل جي اُترئين حصي ۾ رھندا ھئا. ھنگامي حالت ۾ اُن حصي کان ٻاھر وڏي رستي تي نڪرڻ لاءِ، مُک دروازي کي خاص طريقي سان محفوظ بڻايو ويو ھو، ته جيئن ڪوبه ماڻھو يا گروھ اُن دروازي جي لنگھُ تي فائر ڪري کيس بند ڪري نه سگھي ۽ جيل جي ڪنھن به حصي ۾ تُرت ملندڙ ڪَمڪ کي روڪي نه سگھي. گڏوگڏ جيل ۽ سندس حصي وچ ۾ جيل جي ديوار تي چڙھڻ لاءِ خاص قسم جي ڏاڪڻين جو به بندوبست ڪيو ويو ھو، ته جيئن اَڻوڻندڙ حالت ۾ اندروني طور سيڪيورٽي وارڊ جي علائقي يا جيل جي ڪنھن به ٻئي حصي ۾ تُرت ڪَمڪ پھچي سگھي.

زميني ۽ هوائي حملو

زميني حملي سميت ھوائي حملي جو به امڪان موجود ھو، تنھنڪري اختياريون اُن بابت به ڳڻتيءَ ۾ ھيون. سيڪيورٽي فورس ڪمانڊر ھيٺ ھوائي جھازن کي ڪيرائڻ واري ھڪ بيٽريءَ به جيل ۾ مقرر ڪئي ويئي ھئي. اُن بيٽريءَ جون گنون جيل ۾ ۽ ٻاھر اُن طريقي سان لڳايون ويون ھيون، جو ڪوبه ھوائي جھاز يا ھيلي ڪاپٽر ڪنھن به ريت جيل ويجھو اچي نه سگھي. پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز، پاڪستان ايئرفورس ۽ آرمي ايويئيشن بيس ڌميال کي چتاءُ ڏنو ويو ھو، ته جيل جي علائقي يا سندس ويجھو اُڏامون ھرگز نه ڪن. ھوڏانھن اينٽي ايئرڪرافٽ گنن کي به حُڪم ڏنو ويو ھو، ته جيڪڏھن ڪو جھاز يا ھيلي ڪاپٽر جيل مٿان اُڏامي، ته  اُن کي ھڪدم فائر ڪري ڪيرايو وڃي. ڀُٽي صاحب جي قيد دؤران ٻه ڀيرا ھڪ جھاز غلطيءَ سان جيل مٿان اُڏام ڪئي، پر ٻئي ڀيرا خوشقسمتيءَ سان آئون پاڻُ جيل ۾ ھوس ۽ حالتن کي ڏسي سپاھين کي فائر ڪرڻ کان روڪيم، نه ته شايد گھٽ تجربيڪار ڊيوٽي آفيسر اھڙو فيصلو ڪري نه سگھي ھا، ۽ غلطيءَ سان اُڏام ڪندڙ جھاز کي پنڊي شھر تي ڪيرايو وڃي ھا، جنھن سان اخبارن وغيره کي چڱو موادَ ملي وڃي ھا. اُنھن موقعن کان پوءِ جھاز اُڏائيندڙن کي سخت چتاءُ ڏنو ويو ھو.

سيڪيورٽي وارڊ جي چؤڌاري ۽ جيل ۾ ٻين جاين جي ڇِتن تي گھڻيون چوڪيون کُليل ھوا ۾ قائم ھيون. ھوائي جھازن وسيلي انھن چوڪين تي راڪٽن وغيره سان گيس جي حملي جو خطرو به ھو، جنھن سان سپاھين ۽ ٻين جوانن کي ٿوري يا وڌيڪ دير لاءِ بيھوش ڪري سگھجي پيو. اھڙيءَ حالت ۾ الارم ۽ گيس ماسڪ جي واھپي ۽ تُرت امدادي منصوبي جو به سوچيو ويو ھو. گڏوگڏ متبادل مورچابنديءَ جي به جوڙجڪ ڪئي وئي ھئي.

هوائي ڇَٽين جو حملو

ڇَٽين وسيلي حملي بابت اڳواٽ ئي منصوبو سوچيو ويو ھو، تنھنڪري 3 ايف ايف ريجمينٽ جي ھڪ ڪمپني، سيڪيورٽي فورس ڪمانڊر کي اُن قسم جي حملي آڌار مدد لاءِ ڏني وئي ھئي. 3 ايف. ايف بٽالين اُنھن ڏينھن ۾ وزيراعظم ھائوس جي لاڳاپيل علائقي ۾ موڪلي وئي ھئي، ۽ اُن جي ھڪ ڪمپنيءَ کي اھو فرض سونپيو ويو ھو، ته ڇَٽين واري جَٿي جي ڪوشش سبب اُھا اُن کي ناڪام بڻائيندي.

ماسڪُ يا بُرقعي جو واهيو

ڀُٽي صاحب جي پھرين زال امير بيگم صاحبه پرديدار عورت ھئي. ھوءَ به راولپنڊي جيل ۾ ھُن سان ملڻ ايندي ھئي. ھوءَ سدائين پردي ۾ يعني بُرقعي ۾ ايندي ھئي ۽ واپس به ايئن پردو ڪري ويندي ھئي. مونکي چتاءُ ڏنو ويو ھو، ته متان اھڙيءَ مُلاقات ۾ ڀُٽو صاحب پنھنجي گھرواريءَ جو بُرقعو پائي جيل مان ٻاھر نڪري وڃي، ۽ امير بيگم، ڀُٽي صاحب جي چھري جو ماسڪُ پنھنجي چھري تي پائي سندس جاءِ تي ڪوٺيءَ ۾ ويھي رھي. ھر اھڙيءَ ملاقات کان ھڪدم پوءِ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ وڃي ڀُٽي صاحب سان ڳالھائي اِھا پڪ ڪندو ھو، ته واقعي ڀُٽو صاحب پاڻُ جيل ۾ موجود آھي. اُن پڪ کان پوءِ ئي ھُن جي بيگم صاحبه کي جيل مان ٻاھر ڪڍيو ويندو ھو.

هائيجيڪ يا يرغمال بنائڻ جي ڪوشش

سيڪيورٽي فورس جي ڪنھن اھم شخص کي ھاءِ جيڪ ڪري يرغمالي بڻايو وڃي، ته اُن صورتحال کي مُنھن ڏيڻ لاءِ به مختلف طريقا سوچيا ويا ھئا. آئون جيئن ته گھڻو ڪري جيل جي مختلف حصن ۾ ايندو ويندو ھوس، تنھنڪري مونکي ساوڌان ڪيو ويو ھو. ساڳيءَ طرح جيڪڏھن مارشل لا اختيارين مان ڪنھن خاص ماڻھوءَ کي يرغمالي بڻائي، ڀُٽي صاحب جي آزاديءَ جو مسئلو اُٿاريو وڃي، تڏھن به ھڪ خاص منصوبو سوچيو ويو ھو.

منهنجي نگراني

ڀُٽو صاحب ته جيل ۾ قيد ھو، پر اسان جا اينٽيليجنس وارا منھنجي پُوري نگراني ڪندا ھئا. منھنجي گھر، ٽيليفون، ملاقاتين، چُرپر، ھر ڳالھ جي نگراني ڪئي پئي وئي. اوائل ۾ مون اوچتو ڀانئيو، ته منھنجو ٽيليفون ٽيپ ڪيو پيو وڃي، جيئن ته منھنجو ايڊوانس اينٽيليجنس ڪورس ڪيل ھو، ۽ پوءِ مليٽري اينٽيليجنس ۾ ٽي سال ۽ اسپيشل سروس گروپ ۾ ست ورھين تائين رھيس ۽ اُن ۾ چڱو وقت امريڪي اسپيشل فورسَ سان گڏ به گھاريو ھو، تنھنڪري مونکي تُرت پتو پئجي ويو، ته منھنجو ٽيليفون ٻُڌو پيو وڃي. مون پنھنجي گھر ۾ به ٻُڌائي ڇڏيو ھو، ته ڪنھن قسم جي اجائي ڳالھ ٻولھ ٽيليفون تي نه ڪئي وڃي. اُنھن ڏينھن ۾ جڏھن به آئون گاڏيءَ ۾ ٻاھر نڪرندو ھوس، ته مونکي پتو پئجي ويندو ھو، ته منھنجو پيڇو ڪيو پيو وڃي. منھنجي گھر تي به اُن قسم جي نگراني ٿي پئي. اسان ڏاڍو ساوڌان ٿي وياسين. ھوڏانھن منھنجن پُراڻن دوستن به، جن تنھن وقت انٽر سروس اينٽيليجنس ۽ اينٽيليجنس بيورو ۾ ڊيوٽي پئي ڪئي، منھنجون پراڻيون يادگيريون تازيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ مون سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيائون. مونکي بلڪل پتو ھو، ته مون نازڪ ڪم نڀايو پئي، تنھنڪري حڪومت پَڪ سان چاھيندي، ته منھنجي نگراني ڪئي وڃي، ته جيئن مون منجھ ڪو غلط لاڙو جنم نه وٺي. بھرحال، اھڙيءَ حالت ۾ انسان پنھنجي سموري آزادي وڃائي ويھي ٿو ۽ منھنجي حالت به قيديءَ کان ڪنھن به طرح گھٽ نه ھئي. مون پنھنجي گھرواريءَ کي ٻُڌائي ڇڏيو ھو، ته ڪوبه ماڻھو بجلي يا ٽيليفون وغيره ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اسان جي گھر ۾ اُوستائين داخل نه ٿئي، جيستائين آئون پاڻُ گھر تي موجود نه ھُجان، ته جيئن ڪنھن به قسم جو ڪو ڳُجھو اوزار اسان جي گھر ۾ لڳايو نه وڃي. مون ھونئن به پنھنجي گھر ۾ جاسوسي اوزارن کان بچاءَ جو طريقو پاڻ ڳولي ڪڍيو ھو.

ڀُٽي صاحب کي جيل مان ڪڍڻ لاءِ ٽن عملدارن جو ضروري هئڻ

اختيارين کي اِھو اُلڪو ھو، ته متان آئون پاڻُ يا سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر يا ڪو ٻيو عملدار، ڀُٽي صاحب کي جيل مان ڪنھن منصوبي پٽاندر يعني پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان سازش ڪري ٻاھر ڪڍي نه وڃي: تنھنڪري اِھو حُڪم ڏنو ويو، ته جيستائين سيڪيورٽي بٽالين ڪمانڊر، سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر- ٽئي ڄڻا حاضر نه ھُجن، تيستائين ڀُٽي صاحب کي اوچتو جيل مان ھرگز ڪڍيو نه ويندو. ھڪڙي ڄاتل سُڃاتل منصوبي پٽاندر جيڪڏھن ڀُٽي صاحب کي سُپريم ڪورٽ ۾ حاضري ڏيڻي ھُجي، ته ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر، سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ مونکي ڪافي اڳ حُڪم ملي ويندا، پر ھُن جي اوچتو جيل مان ڪنھن ٻيءَ جاءِ ڏانھن منتقليءَ لاءِ اسان ٽنھي ڄڻن جو ھئڻ ضروري ھو. البت جيڪڏھن جيل ۾ باھ لڳي يا اُن قسم جي ڪا اوچتي حالت جنم وٺي، ته گھٽ ۾ گھٽ اسان مان ٻه عملدار حاضر ٿيندا ۽ مونکي ٽئين عملدار طرفان ڪوڊ ذريعي حُڪم ڏنو ويندو، ته ڀُٽي صاحب کي فلاڻي جاءِ تي منتقل ڪيو وڃي. انھن جاين جو ”اوچتن منصوبن” ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آھي. ساڳئيءَ طرح جيڪڏھن مٿئين اختيارين مان ڪنھن ھڪُ کي يرغمال بڻايو وڃي، ۽ مونکي ٽيليفون تي ڀُٽي صاحب کي ڪنھن ٻيءَ جاءِ ڏانھن منتقليءَ لاءِ چيو وڃي، تڏھن به اھڙيءَ حالت ۾ مونکي ٽيليفون تي ڏنل حُڪم کي نه مڃڻ جي پڌري ھدايت ڪئي وئي ھئي. مونکي اُھو به پڌرو ٻُڌايو ويو ھو، ته آئون حُڪمن جي مناسب سَنگھر يعني آئون سب مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کانسواءِ ھن معاملي ۾ ڪنھن ٻئي جو ڪوبه حُڪم ھرگز نه مڃيندس، پوءِ ڀلي اھو ڪھڙي به حيثيت يا اختيار رکندو ھُجي. ھڪ ڀيري مونکي ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي آفيس ۾ گھُرايو ويو ۽ جنرل صاحب مونکي ٻُڌايو: ڪنھن پارٽيءَ ۾ فلسطين لبريشن آرميءَ جي ڪجھ ماڻھن ٻٽاڪ ھڻندي چيو آھي، ته اُھي ڀُٽي صاحب کي جڏھن به چاھين جيل مان ڪڍي پاڪستان کان ٻاھر کڻي وڃي سگھن ٿا. مون ھُن کي جواب ڏنو: جيڪڏھن اُھي فلسطيني ماڻھو ايڏا قابل ھُجن ھا، ته پوءِ اڄ اسرائيلي انھن جي گھرن ۾ ويٺل ئي نه ھُجن ھا. بھرحال، مون کان اھڙيءَ ڪوشش کي ناڪام بنائڻ بابت سُوال ۽ جواب پُڇيا ويا ۽ وڌيڪ ڦُڙت رھڻ لاءِ چيو ويو.

 

تنهنجي قيمت ڪيتري آهي؟

ھڪڙي ڏينھن جي ڳالھ آھي، ته جڏھن آئون ڊپٽي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي آفيس ويس، ته جنرل شاھ رفيع عالم مون کان انگريزيءَ ۾ پُڇيو: رفيع تنھنجو مُلھ ڪيترو آھي؟ جيئن ته ھُن مون کان اُھو سوال اوچتو پُڇيو ھو، تنھنڪري آئون اُھو سوال سمجھي نه سگھيس. مون وڌيڪ چِٽائيءَ لاءِ کيس چيو: سائين توھان جو ڇا مطلب آھي؟ تڏھن ھُن مُرڪندي مونکي ٻُڌايو: فلاڻو بريگيڊيئر جيڪو اسپيشل سروس گروپ ۾ نوڪريءَ ڪري ھاڻي فوج مان وڃي چُڪو آھي، تنھن کي وڏي رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آھي، پر شرط اُھو آھي، ته ھُو ڀُٽي صاحب کي جيل مان اغوا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي. اھا رقم ڪروڙين رپين ۾ ھئي. مون جنرل صاحب کي ٻُڌايو: جيستائين منھنجو فرض آھي، ته مونکي ڪابه رقم خريدي نٿي سگھي ۽ جيستائين احتياطَ جي گھُرج آھي، ته اُھا حد کان وڌيڪ ڪئي پئي وڃي. ھُن مون سان اُن مامري تي وڌيڪ ڪچھري ڪئي، جنھن سان ھُو پوريءَ طرح مطمئن ٿي ويو.

اوچتو منصوبو

حڪومت عوام جي گھيراؤ يا فسادَ وغيره بابت گھڻو ڊِنل ھئي. جيل ۾ اوچتو باھ لڳڻ جي حالت ۾ به ڀُٽي صاحب جي مُنتقليءَ جو منصوبو ٺاھيو ويو ھو. اھڙي اوچتي حالت ۾ ھُن کي ھيٺين جاين تي وٺي وڃڻ جو انتظام ڪيو ويو ھو.

اوچتي ۽ اتفاقي حالت ۾ جيڪڏھن ڇانوڻيءَ جو علائقو ۽ رستو جوکي کان آجو ھُجي، ته پوءِ ڀُٽي صاحب کي 27 پنجاب جي ھيڊڪوارٽر ويسٽ رِج ۾ وٺي وڃڻو ھو، اُن مقصد لاءِ جاءِ تيار ھئي، ۽ ھر قسم جي بچاءَ جو بندوبست به ٿيل ھو. اُن لاءِ ڪوڊَورڊ ’سعيد جو گھر ھو. ميجر سعيد (پوءِ ليفٽيننٽ ڪرنل) منھنجو ڊپٽي ڪمانڊر ھو.

جيڪڏھن ڇانوڻي يا ويسٽ رِج جو علائقو ڪنھن سبب غيرمحفوظ ھُجي، ته پوءِ ڀُٽي صاحب کي وزيراعظم ھائوس جي علائقي ۾ 3 ايف. ايف ريجمينٽ جي آفيسر ميس جي ھڪ خاص ڪمري ۾ وٺي وڃڻو ھو؛ جنھن لاءِ ’يعقوب جو گھر ڪوڊ مقرر ڪيو ويو ھو.

جيڪڏھن مٿيان ٻئي رستا خطرناڪ ھُجن، ته پوءِ ڀُٽي صاحب کي ڪوڊ ’ڊبل بيڊ پٽاندر جيل کان 10 ڪور ھيڊڪوارٽر آفيس چڪلالا ۾ منتقل ڪرڻو ھو.

اُن اتفاقي منصوبي تي عمل لاءِ ڪيئي ڀيرا ريھرسل ڪئي وئي. چونڊيل جوانن، گاڏين ۽ ھٿيارن وغيره جو بندوبست ڪيو ويو ھو. اھڙيءَ اتفاقي حالت ۾ ڏاڪڻيون، اسٽريچر، دونھين جا بم ۽ ٻيو سامان به ڏنو ويو. اصل ۾ ڀُٽي صاحب جي قيد دؤران شروع کان پڇاڙيءَ تائين احتياطَ ۽ وڌيڪ احتياطَ جو سلسلو ھلندو رھيو ۽ روزانو نِت نيون اڳواٽ رٿائون ۽ نِت نوان منصوبا ٺھندا رھيا، جو نيٺ ھُن کي ڦاھي ڏني وئي.

ٻن قيدين جو جيل مان ڀڄڻ

سيڪيورٽي وارڊ جي بچاءُ لاءِ ته سڄيءَ دنيا جي احتياطن تي عمل ڪيو ويو، پر باقي جيل جي حالت اُھا ئي ساڳي رھي، جيڪا عام حالت ۾ ھوندي ھئي. ڊسمبر 1978ع جي ھڪڙيءَ رات جو ٻه قيدي، جن مان ھڪ آزاد ڪشمير ۽ ٻيو ضلع راولپنڊي سان تعلق رکندو ھو، پنڊي جيل مان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻئي ڏينھن جڏھن آئون جيل جي آفيس پھتس، ته مون سپرنٽينڊنٽ ۽ جيل جي اسٽاف کي ٿورڙو ماٺ ۽ ڳڻتيءَ ۾ ورتل ڏٺو. منھنجي پُڇڻ تي مونکي نه ٻُڌايو ويو. آئون ھڪدم سيڪيورٽي وارڊ ويس، جتي ڀُٽي صاحب کي سُتل ڏٺم. ڪجھ گھڙين کان پوءِ مُشقتي، ڀُٽي صاحب کي صبح جي چاءِ آڻي ڏني ۽ آئون ساڻس دُعا سلام کان پوءِ آپريشن روم ۾ ڊيوٽي آفيسر وٽ ويس. اُتي اسان جي اينٽيليجنس اھلڪار مونکي ٻُڌايو، ته رات ٻه قيدي جيل مان ڀڄي ويا آھن. مونکي جيل سپرنٽينڊنٽ کان پوريءَ پُڇا ڳاڇا تي پتو ڪيو، ته ٻه قيدي جيل جي اُڀرندي حصي جي ديوار ھيٺان مِينھن جي پاڻيءَ جي نيڪال واري پائيپ مان نڪري ڀڄي ويا آھن. مون وڃي اُن جاءِ جو معائنو ڪيو، پر مونکي ويساھ نه آيو، ته ڪو ماڻھو اَٺن نَون انچن جي پائيپ مان به نڪري سگھي ٿو. بھرحال، جيل اختيارين انھن کي اُن ناليءَ مان ڪڍي ڇڏيو! اُن ڏينھن ناليءَ جي ٻنھي ڇيڙن کي لوھ جي سِيخن سان بند ڪيو ويو. پوءِ پتو پيو، ته اُھي قيدي جيل جي ديوار ٽِپي اُتر اوڀر طرف نڪري ڀڳا ھئا ۽ شايد اُھي مليٽري ڊيري فارم جي پاسي کان نڪتا ھئا.

ٻئي ڏينھن اُھا خبر اخبارن ۾ ڇپي. مُک اختيارين کي اھڙي خبر پڙھي گھڻي ڳڻتي ٿي. مون کان پڇيو ويو، ته جيل ۾ ۽ چؤڌاري ايترن سخت انتظامن ھوندي به قيدي ڀڄڻ ۾ ڪيئن سوڀارا ٿيا؟ مون جيل ۾ سيڪيورٽيءَ جو تفصيل ٻُڌايو ۽ اِھو به ڄاڻايو ته جيستائين سيڪيورٽي وارڊ جو لاڳاپو آھي، ته اُتي اھڙو ڪوبه اُلڪو نه آھي، البت جيل جي ڪاروبار سان منھنجو ڪوبه ناتو نه آھي. مونکي پوءِ به چتاءُ ڏنو ويو، ته جيل سان لڳولڳ ٻاھر پوليس گَشت ۾ وڌيڪ سُڌارو آندو وڃي، ته جيئن جيل جي چؤڌاري سيڪيورٽيءَ وڌيڪ مؤثر رھي.

جيل اسٽاف جي ڪافي ڪَنُ مھٽُ ٿي، جنھن جو اثر ڪجھ ڏينھن تائين رھيو، پر پوءِ وري اُھي ساڳيا لاٽُون، ساڳيا چُڳھ! بھرحال، جيل ۾ ۽ ٻاھر اھڙا انتظام ڪيا ويا، جو وري ڪنھن قيديءَ کي ڀڄڻ جي ھمت نه ٿئي.

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org