سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: سيڪيولرزم ۽ عقليت پسندي

 

صفحو: 3

سوئيڊن جي مشهور اسڪالر ۽ نباتاتي سائنسدان ڪَئرولَس لينيئس  (1778-1707ع Carolus Linnaeus) پنهنجي جڳ مشهور تحقيقي ڪم ”عالم حيوانات جي درجي بندي“ ۾ انسان کي به شامل ڪيو ۽ کيس Homo Sapiens جو نالو ڏنائين. اينگلس (Engels) پنهنجي ڪتاب (Origin of Family, Private Property and State) ۾ لکيو آهي ته، ”انسانَ پاڻ کي پاڻ ئي انسانُ بڻايو آهي.“

ڊارون جي انهيءَ متي (Theory) ظاهر ٿيڻ کان پوءِ پادرين ان سائنسي دريافت تي اعتراض ڪيا، الزام مڙهڻ شروع ڪيا ۽ هميشه وانگي هن نئين سائنسي تخليق ۽ دريافت تي به ڪُفر جون فتوائون جاري ڪيون. سائنس خلاف اعلان جنگ ڪيو ويو! دراصل ارتقا جي متي کي مڃڻ سان اُن آسماني ڏاهپ (Divine Intelligence) جي نفي پئي ٿي، جنهن موجب هر جاندار کي سندس خاص ماحول مطابق گهڙي ٺاهي موڪليو ويو هو. همراههَ ذاتياتي انا (Species Egoism) جي ڪُوڙي شانَ ۽ احساس ۾ ڦاٿل هئڻ ڪري، پنهنجي اکين تي انڌ- وشواسَ جي پٽي چاڙهي ويهي رهيا، ۽ حقيقت جي ڪؤڙي گوريءَ کي هضم ڪري نه سگهيا.  مسئلو ايڏو ته ڳنڀير ۽ ڀنڀٽ ڀڙڪائيندڙ ٿي پيو، جيڏو ڪُوپرنيڪس جي انهيءَ سائنسي انڪشاف (1543) ته، ”ڌرتي هن ڪائنات جو مرڪز ناهي، پر اُها ته سورج منڊل جو هڪ ننڍڙو ۽ خسيس گرهه آهي!“ مهل ٿيو هو.

يونان جي تباهيءَ کانپوءِ رومي سلطنت وجود ۾ آئي ته اُن تي پادرين جي گرفت مضبوط هئي. رومن ڪليسا جو ڌاڪو هر شيءِ تي ڄميل هو. اُن وقت ئي عيسائيت جي سکيا هيٺ ”زندگيءَ جي خصوصي تخليق جو نظريو“ دنيا کي ڏنو ويو. هن نظريي مطابق: ”خدا تعاليٰ هيءَ ڪائنات فقط ڇهن ڏينهن ۾ جوڙي راس ڪئي. اُن ئي عرصي دوران هن ٻوٽن ۽ جانورن جون سموريون جنسون هڪ ئي سَٽَ ۾ تخليق ڪري ورتيون، ۽ ستين ڏينهن پاڻ وڃي آرام ڪيائين. اُن وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هيءَ ڪائنات ايئن ئي هلي رهي آهي، نه ڪا انهيءَ ۾ بنيادي تبديلي آئي آهي ۽ نه ئي ڪا وڏي ترقي. البت انهيءَ جي اصلوڪين حد کان ٻاهر جيڪي ڪجهه تبديليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، سي درحقيقت سڀ شيطاني شعبدا آهن، جن کان پادرين جي بقول هر خدا پرست کي پناهه جي دعا پنڻ گهرجي ۽ اُن کي مڃڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن به شخص پادرين جي انهيءَ منطق خلاف ٻڙڪ به  ٻاهر ٿي ڪڍي ته اُن کي ”ڪافر“، ”مُلحد“، ”دهرئي“، ”جادوگر“ ۽ ”بدعتي“ جي لقبن سان نوازي، کيس ڪُهايو ٿي ويو.

ساڳيءَ طرح 1859ع ۾ ڊارون جي ڪتاب ”نسلن جا بُڻ بُڻياد“ (The Origin of Species) ڇپجڻ کان پوءِ پادرين طرفان اُن تي واويلا مچائڻ جو ڪارڻ به اهو ئي هو ته اُهو ڪتاب پاڪ انجيل جي ”خصوصي تخليق واري نظريي“ سان مطابقت رکندڙ نه هو. بس کن پل ۾ مَمَڻ مچي ويو، ککر ۾ ڄڻ ته کڙو لڳي ويو. عيسائي ڪليسا گجڻ ۽ وسڻ لڳي. چؤطرف ڪافر، مُلحد ۽ دهرئي جون فتوائون صادر ٿيڻ لڳيون. پريس، اخبارون، رسالا، سرڪاري ميڊيا وغيره سان گڏوگڏ ڪجهه سائنسدانن پڻ ڊارون خلاف واويلا شروع ڪري ڏني. همراهه جو گويا جيئڻ حرام ڪري ڏنائون.

ڊارون خلاف رجعت پرست حلقن طرفان هيڏي ڇتي مخالفت ڪا نئين ۽ عجيب ڳالهه ڪانه هئي. دراصل اها جدلياتي تاريخ جي مخالفت جي سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي، جيڪا تاريخ جي هر دؤر ۾ رجعت پرست طبقو روشن خيال ماڻهن خلاف ڪندو آيو آهي. عيسائي ڪليسا جتي گيارڊنو بُرونو  (1600-1570) کي انجيل جي سچائيءَ ۽ تقدس جي آڙ ۾ جيئرو جلائي ٿي سگهي، جتي گليلو کان ”پاڪ انجيل“ جي صداقت جي آڙ ۾ معافي،  توبهه ۽ گيسيون ڪرائي ٿي سگهي ۽ سندس ڪيل سائنسي تحقيق کي سندس ئي واتان ڪوڙو ۽ غلط چورائي ٿي سگهي، اُتي اُها جيڪڏهن ڊارون کي مقدس انجيل جي آڙ ۾ ڪافر، مُلحد ۽ دهريو چوي ته اها ڪا عجب ۾ پوڻ جهڙي ڳالهه ڪانه هئي.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پنهنجي ڪتاب ”علم تحقيق“ ۾ لکي ٿو ته، ”ڪافرن ۽ مُنڪرن جي تاريخ پراڻي آهي ۽ سندن فهرست به ڊگهي آهي. تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان پهريون مُنڪر ٽوليمي (Ptolemy) هو، جنهن روايتن ۽ اُنهن جي راويُن کان انڪار ڪندي ٻڌايو هو ته، ”تارن جي چرپر جو سبب آسماني طاقتن جي مداخلت نه آهي، پر اُهي رياضيءَ جون حقيقتون آهن.“ چارلس ڊارون انسان جي وجود ۽ نسلن جي واڌاري جي باري ۾ پاڻ کان اڳ وارن سڀني ٻڌايل ۽ مڃيل راين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ”ڪافراعظم“ جو خطاب حاصل ڪيو.“ ڊاڪٽر صاحب اڳتي لکي ٿو ته، ”غور سان ڏٺو ويندو ته معلوم ٿيندو ته جيڪي ماڻهو انقلابي هئا ۽ سچا انسان دوست هئا، اهي روايتن جا مڃيندڙ نه پر منڪر هئا، ان ڪري انسان جي ڪنهن راءِ، اعتماد جي ڪنهن به سَنَدَ ۽ روايت جي ڪنهن به تقدس جا انڌا پوئلڳ ٿي نه سگهيا ۽ ڪافر سڏيا ويا.“

تخليقات جي حامين ۽ ارتقا جي مخالفن هميشه کان اها جاکوڙ پئي ڪئي آهي ته ڪنهن به طرح سان ارتقائي نظرين کي جڙ کان اُکيڙي  ڦٽو ڪجي، پر ڊارون، آلفريڊ رسيل ويلس (1913-1823ع) ۽ ٻين ڪيترن ئي ارتقائي ماهرن طرفان پيش ڪيل زبردست ارتقائي ثبوتن، عوام کان ارتقا جو مُکيه متو ڪاميابيءَ سان مڃرايو.

ارتقا جي مخالفن هرو ڀرو انهيءَ کي ذاتي انا جو مسئلو بڻايو ۽ دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان ڪهي، گڏجي، هڪ پليٽ فارم تي اچي مڙيا. 1935ع ۾ ”رليجن ائنڊ سائنس- ائسوسيئيشن“ (Religion and Science Association) جي نالي سان باضابطه طور تي هُو پهريون ڀيرو هڪ متحده سطح تي گڏ ٿيا. اهو گروهه پهريون ”تخليقي سائنس گروپ“ (Creative Science Group) هو. ان کان صرف ٽي سال پوءِ هڪ ٻيو گروهه ”ڪري ايشن ڊي لوگاس سوسائٽيءَ“ (Creation De Logos Society) جي نالي سان ميدان ۾ آيو، جيتوڻيڪ انهن تنظيمن جا نالا سائنس سان لاڳاپيل هئا، پر پوءِ به هو الهام ۽ روحانيت ۽ اهڙن ٻين مذهبي قدرن يا علمن کي قابل قبول سمجهندا هئا ۽ مذهب کان علاوه هر شيءِ، مثال طور سائنس، ماديت  ۽ جديديت کي ”شيطاني قوتن جو ڪرشمو“ سمجهندا هئا.

موقعي جي مناسبت سان آڳاٽي زماني جو اهڙو هڪ واقعو ياد اچي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ ڪجهه مذهبي ڏاها انهيءَ معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا هئا ته گهوڙي جي وات ۾ ڪيترا ڏند ٿيندا آهن؟ بحث ۾ گرما گرمي ٿيندي ويئي، ڪنهن ڪجهه چيو ته ڪنهن ڪجهه. ايتري ۾ هڪ نوجوان اُتان اچي لانگهائو ٿيو ۽ همراهن کي مُنجهيل ڏسي، معاملي جي نوعيت بابت کانئن پڇيائين، ۽ پوءِ صلاح ڏنائين ته، ”ڇو نه گهوڙي جو وات کولي ڏند ڳڻي وٺجن؟ مسئلو پاڻهي نبري ويندو!“ فلسفين جو اهو ٻُڌو ته کين باهه وٺي ويئي ۽ اُن نوجوان کي ماري ماري اڌ-مُئو ڪري ڇڏيائون ۽ چوڻ لڳا ته، ”هن ڪافر کي ته ڏسو، مذهب ۽ فقه کي ڇڏي شيطان جو عقلي رستو اختيار ڪيو اٿس!“

بهرحال، مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي گروهن پنهنجيءَ پر ۾ ارتقا خلاف ثبوت ڳولڻ شروع ڪيا. 1968ع ۾ کين سندن پيمانن ۾ ين ڪجهه اهڙا ثبوت ملي ويا، جن جي آڌار تي سندن خيال موجب اُهي ارتقا کي غلط ثابت ڪري پئي سگهيا. آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ دعويٰ داخل ڪيائون ته، ”پبلڪ اسڪولن ۾ ڏني ويندڙ ارتقا جي تعليم غلط، غير قانوني ۽ مذهب خلاف آهي.“ عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻُڌا، ۽ سندن پاران پيش ڪيل ثبوتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ ارتقا جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو. ارتقا جي مخالفن طرفان پيش ڪيل شهادتون غير حقيقي، غير عقلي، غير سائنسي ۽ اڻ پوريون هيون ۽ ايئن سندن پهريون ڀرپور حملو زائل ٿي ويو.

انهيءَ فيصلي تخليقين جي سوچ ۾ وڏو ڦيرو آندو. پوءِ هنن لفظ ”سائنس“ کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. نه صرف ايترو، پر انهيءَ کي يعني سائنس کي پنهنجي مطلب ۽ مفاد جو مفهوم ڏنائون. هر مذهبي ڳالهه کي سائنسي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ۽ هر سائنسي حقيقت کي مذهب جو لبادو پهرايائون. هُنن انهيءَ اٽڪل بازيءَ جو ڀرپور فائدو ورتو. همراهن مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو ته زمين جي تخليق بابت بائبل ۾ بيان ڪيل آکاڻيءَ کي سائنسي تعليم ۾ شامل ڪيو وڃي، مذهبي نظرين جو پرچار ارتقا سان گڏوگڏ ڪيو وڃي،  وغيره وغيره. ۽ ٻيو ڀرپور وارُ اهو ڪيائون جو چيائون ته ارتقائي متي ۾ پيش ڪيل سڀئي ڪڙيون مڪمل طرح هڪٻئي سان ٺهڪندڙ نه آهن، بلڪه اُهي ٽٽل ڪڙيون آهن ۽ سائنسي بنيادن تي پورو نٿيون بيهن. انهيءَ پوئين ”دليل“ البت ارتقا جي حامين کي جهنجهوڙي وڌو ۽ همراهه اڄ ڏينهن تائين انهيءَ سلسلي ۾ منجهيل پر ساڳئي وقت گم ٿيل ڪڙين کي ملائڻ لاءِ ڪوششن ۾ جُنبيل آهن ۽ ڀرپور طرح سان جاکوڙ ڪري رهيا آهن ته انهيءَ مامري جي تهه تائين ڪيئن پهچجي. انهيءَ سلسلي ۾ هنن کوڙ سارا ثبوت ڳولي لڌا آهن. تازه ترين اطلاع آهن ته کين اها وڃايل ڪڙي ملي آهي، جا گذريل 30 جولاءِ 95ع تي بي بي سي ٽيليويزن تان هڪ خبر طور ٽيلي ڪاسٽ به ٿي هئي، ته هڪ آمريڪي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر دعويٰ ڪئي ته هُن ڏکڻ آفريڪا ۾ جوهانسبرگ ويجهو غارن ۾ هڪ 30 ملين (ٽي ڪروڙ) سال پراڻي انساني جسم جو پٿرايل بوتو (Fossil) لڌو آهي، جيڪو بن مانسَ (Ape) ۽ انسان جي وچ ۾ گهُربل ڪڙيءَ کي ملائي ٿو. انهيءَ پروفيسر دعويٰ ڪئي ته هاڻي هو انهيءَ قابل ٿي ويو آهي ته انساني ارتقا جي سڀني ڪڙين کي سهيڙي مڪمل ڪري سگهي. اُن کان اڳ 29 جولاءِ 1994ع تي بي بي سي ريڊيو پنهنجي اردو سائنسي پروگرام ۾ ٻُڌايو هو ته ايٿوپيا مان 44 ملين سال پراڻي انسان جا پٿرايل بوتا مليا آهن. هن سلسلي ۾ ڏينهون ڏينهن اسان جي معلومات ۾ واڌ ايندي رهي ٿي ۽ نئين کوجنائن جون خبرون اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ ذريعي اسان تائين پهچنديون رهن ٿيون.

ڪجهه سال اڳ برطانيا جي ارتقائي ماهر عورت، ايلين مارگن، وڏيءَ جاکوڙ ۽ تحقيق کان پوءِ انسان جي ارتقا بابت هڪ ڪتاب ”عورت جي پئدائش“ (Descent of Woman) لکيو آهي. سندس لکڻيءَ، دليلن ۽ پيش ڪيل سائنسي حقيقتن ۾ وڏي صداقت نظر اچي ٿي. هُن انسان جي ارتقائي ڪهاڻيءَ جون گُم ٿيل ڪڙيون، سائنسي، حقيقي ۽ منطقي دليلن سان اهڙي نموني ته ملايون آهن، جو اُها ذري گهٽ مڪمل ٿي پئي آهي. سندس پيش ڪيل خيال وڌ ۾ وڌ معقول، منطقي ۽ حقيقت ۽ سائنس جي وڌيڪ ويجهو لڳن ٿا.

جين پال سارتري (Jean Paul Sartre) پنهنجي ڪتاب (Being and Nothingness) ۾ لکي ٿو ته، ”انسان جي عظمت انهيءَ راز ۾ لڪل آهي ته هو نامڪمل آهي ۽ پنهنجي نامڪمل هئڻ جو شعور به رکي ٿو. اها ئي ڳالهه کيس مجبور ڪري ٿي ته هو مستقل طور تي پنهنجي تڪميل جي جدوجهد ۾ پنهنجي عقل پسند تحقيق جاري رکي ٿو.“

خصوصي تخليق واري نظريي جا حامي دعويٰ ڪن ٿا ته ڌرتي 6000 کان 7000 ق.م ورهيه پراڻي آهي ۽ جڏهن زمين پيدا ڪئي وئي ته اُن تي مڙني قسمن جي مخلوقات پڻ جيئن جي تيئن ۽ ساڳئي وقت موجود هئي، ٻوٽا، وڻ، گل، ميوا، درياهه، آبشار، سمنڊ، جبل، ميدان، انسان، حيوان، پکي پکڻ ۽ جيت جڻيا وغيره سڀ انهيءَ ساڳيءَ حالت ۾ هئا، جيئن اُهي اڄ آهن، انهن ۾ ڪوبه ارتقائي عمل نه ٿيو آهي. ايتريءَ مدت تائين رسڻ جي باوجود وٽن سڄيءَ پنهنجيءَ تخليق واريءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوبه ٺوس ثبوت نه هو، جيڪو هُو پيش ڪري سگهن.

1650ع ۾ آئرلنڊ جي آرچ بشپ جيمز  اُشر (James Usher) ڊاڪٽر لائٽ فُوٽ (Dr John Light Foot) جيڪو ڪيمبرج يونيورسٽي، انگلنڊ، جو وائس چانسلر به رهي چڪو آهي، تنهن چيو ته، ”هن ڌرتيءَ تي پهريون انسان جولين ڪئلينڊر موجب 4004 سال اڳ 23 آڪٽوبر صبح جو نائين بجي، جمعي جي ڏينهن مِسُو پوٽيما (عراق) ۾ ڄائو هو.“ جمعي جي ڏينهن تي سندس زور انهي ڪري هو، ڇاڪاڻ ته عيسائي عقيدي موجب هيءَ ڪائنات جوڙڻ کان پوءِ ستين ڏينهن يعني ڇنڇر جي ڏينهن خدا تعاليٰ آرام ڪيو هو. اُن ڏينهن ڪابه تخليق نه ڪئي هئائين، ڇو ته ڇهن ڏينهن ۾ ڪائنات مڪمل طرح سان تخليق ٿي چڪي هئي ۽ انسان انهيءَ سلسلي جي آخري تخليق هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: