سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان گل

صفحو :1

ديوان گل

آخوند مرحوم گل محمد هالائي

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ڇهون ڪتاب

نوٽ

        ديوان گل هلندڙ سال 33-34 جو آخرين ڪتاب آهي. سنڌي موزون شعر پارسي بحر وزن تي مرحوم آخوند گل محمد کان اڳ ۾ به هوندو هو پر مڪمل ديوان جي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريائين آخوند گل محمد آندو. آخوند گل محمد کان پوءِ سنڌ ۾ ٻيا به 8 ديوان تيار ٿيا آهن جن جو مفصل احوال ادبي سوسائٽي جي تحفه ۾ ڄاڻايو ويو هو. مرحوم گل محمد جو شعر بلڪل پختو ۽ سنجيدو آهي. سنڌي زبان جي لحاظ سان ٻئن ديوانن کان بلڪل نرالو آهي. منجهس ٺيٺ سنڌي ڪم آيل آهي جنهن ڪري هن وقت اها ٻولي البت ڏکيري ٿي لڳي. ٺيٺ

سنڌي الفاظ ۽ محاورا قاضي عبدالغفور صاحب سمجهائي آسان ۽ عام فهم ڪيا آهن ته به ڪي ڪي لفظ اڃا به سمجهاڻيءَ طلب آهن جن تي به قاضي صاحب کي توجه ڏيڻ کپندو هو. اميد آهي ته سوسائٽي ڪنهن موقعه تي قاضي صاحب کي انهيءَ باري ۾ عرض ڪري اهو ڪم پورو ڪرائيندي.

        ديوان گل اڳ ۾ هڪ دفعه ڇپيو آهي پر اصلوڪي نسخي نه هئڻ ڪري ڪي ڪي اهڙيون غلطيون هن ۾ درج ٿي ويون آهن جو شاعر جو شعر ڪيترن هنڌن اڻ پورو پئي ڏسڻ ۾ آيو. قاضي عبدالغفور صاحب وڏي ڳولا ڪري اصلوڪو نسخه هالن پراڻن مان هٿ ڪيو ۽ وري نئين سر ديوان کي اصلوڪي صورت ۾ اُجاريو.

        سوسائٽي هن صاحب جي محنت جي قدر شناسي ٿي ڪري ۽ اميد آهي ته هو صاحب آئنده به اهڙي قلمي امداد ڪندو ايندو.

محمد صديق محمد يوسف ميمڻ  بي - اي

سيڪريٽري سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي

حيدرآباد سنڌ

 

ديباچو

        آخوند گل محمد صاحب سنڌ جي نامور شاعرن مان هڪڙو هو. علم عروض جي اُصولن تي سنڌي شعر اول اول هن صاحب جو ئي ڇاپجي پڌرو ٿيو. بيبي زيب النساءِ، جنهنجو تخلص هو مخفي، تنهن پنهنجي ڪلام ۾ هڪڙي هنڌ چيو آهي

”در سخن پنهان شوم ما نند بو در برک گل

هــــرڪ ديـــــــدن ميل دارد در سخن بيند مرا“

        يعني: ”آءٌ پنهنجي ڪلام ۾ اهڙيءَ طرح لڪل آهيان، جهڙيءَ طرح خوشبو گل جي پنکڙين ۾ سمايل آهي. جيڪو مون کي ڏسڻ گهري، تنهن کي کپي، ته منهنجي ڪلام ۾ مون کي ڳولي هٿ ڪري.“

        بيبي صاحبه اهو گفتو جو پنهنجي باب ۾ چيو آهي، سو درحقيقت هر هڪ شاعر سان لاڳو آهي. آخوند گل محمد صاحب جو ڪلام ڏيکاري ٿو، ته آخوند صاحب مرحوم وڏي ايمان وارو ديندار، حضرت نبي ڪريم (صلعم) جن جو سچو عاشق ۽ درويش انسان هو. سندس هيٺيان گفتا ڏيکارين ٿا، ته هو ڪهڙو نه بي تعصب آزاد خيال انسان هو:-

1-    تنهنجو تابع ڇاجي مسلم، تنهنجو هندو ٿيو مطيع

      امــر ڌاران تـنـهـنـــجي عــالــم ۾ نه چـــري ڍور ڍڀ

2-    قــرب قــابـــض ڪــمــال قـــدرت ســيـــن

      آهه مــســلــــــم، هـــنـــــــود کـــــي جــــامع

3-    ســــڀ ســلامي آهين صاحب جا

      گل مسلمان، ڇاجي هندو، سک

        آخوند صاحب مرحوم بنيادي آخوند ۽ عالم هو، پر ڪٽو مُلان ڪين هو. رڳو ظاهري ڳالهين تي زور رکندڙ ملن کي گهڻن هنڌن سٺيو اٿس. جئن ته

1-      صنعان جي ذلت جي منصور جي ملت جي

        مــــلن سان مام ٻولڻ آهي عبث آهي عبث

2-     آهه وحـدت وصـال عــريــانــي

        گل سمجهه رک، م ڏي ملن کي منجهه

3-     سڪ ۽ صبر، سينڱ کي هر گز

        نـــاه ويــجهـــــو ملو، مجاور، رغ

        آخوند  صاحب مرحوم جو شعر نج سنڌي ٻوليءَ جو هڪڙو دلچسپ نمونو آهي. ڪنهن به شعر ۾ جيڪي خاص خوبيون هئڻ گهرجن، سي آخوند صاحب مرحوم جي شعر ۾ موجود آهن. جئن ته:-

(1) علمي مايو (2) فطرت جو اڀياس (3) وقت جي هلندڙ وهنوارن، ڌنڌن ۽ رسمن رواجن جي خاص ماهيت (4) بلاغت ۽ فصاحت (5) وزن.

(2) علمي مايو

        آخوند صاحب مرحوم عربي، پارسي ۽ اردو ۾ قابل، ۽ نج سنڌي ٻوليءَ ۽ اصطلاحن جو پورو پورو ماهر هو. قرآن شريف جي آيتن ۽ حديث شريف جا حوالا نهايت خوبي ۽ نزاڪت سان نج سنڌي ڪلام ۾ جڙي ڇڏيا اٿس. مثلا

1-      ڀــــرون جـــــــــــاڙا ٿيا گڏ قاب قوسين وانگ او ادنيٰ

        خدا ظاهر ڪي منجهه معراج ان اسرار جي صورت

2-     ذات پنهنجي غيب چائين پوءِ چوين ٿو اَينما

        ثم وجــﮧ الله اِي ڇا؟ آءٌ ڏسان چو ڪهڙي هنڌ؟

3-     من طلب شيئا سڻي جن ڪي طلب

        جــــدوجد آهي لڌو منجهه ڦـــول ڳول

        هڪڙي هنڌ آخوند صاحب مرحوم ڪلام جي جذبي ۾ سڄي سٽ اردو چئي ويو آهي؛ ۽ ڏاڍي باقاعدي ۽ دلچسپ چئي اٿس:-

دلدار دکاتا هي نو ناز هسڪي هسڪي

(غزل 171)

(2) فطرت جو اڀياس

        فطرت (سرشٽيءَ) جي قدرتي ڪاروبار کي غور سان جاچڻ، ۽ ان مان روحاني سبق حاصل ڪري سي سليس ۽ دلچسپ شعر ۾ ظاهر ڪرڻ اها هڪڙي اعليٰ شاعراڻي قابليت آهي، جا آخوند صاحب مرحوم پنهنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي ڪتب آندي آهي. مثلا

1-      ”درد منجهه دل دوست تئن در درس ٿئي

        جـــئن ڦڙو موتي ٿئي منجهه پيٽ سپ.“

        بهاري بوند جهٽڻ ڪري سپ ۾ موتي پيدا ٿئي ٿو، اهو هڪڙو فطرتي ڪاروبار آهي. انهيءَ ڪاروبار جي جاچ مان آخوند صاحب مرحوم ثابت ڪري ڏيکاري ٿو، ته حقاني عشق به دل ۾ بلائتو سانڍبو ته نهايت قيمتي صورت اختيار ڪندو.

2-     بـــــاهه جــنـــجي آهه ســيــنــي ۾ ســـــدا دونـهــــون دکــي

        تئن ڪري شعلا ڀڙڪ جئن جئن وجهي ڪو تن ٽي ڪک

        باهه جو دکڻ ۽ ڪکن پوڻ ڪري شعلا ۽ ڀڙڪا ڪري ٻرڻ اهو هڪڙو فطرتي ڪم آهي. انهيءَ فطرتي ڪم جي مثال ڏيڻ سان آخوند صاحب مرحوم سچن عاشقن جي سيني ۾ سمايل محبت جي مچ جو بيان صفائيءَ سان ذهن نشين ڪرائي ٿو.

        وڻن ٻوٽن ۾ ساهه ۽ فرياد هئڻ جو اصول اڄ ڪلهه نئين زماني جي سائينس جو پڌرو ڪيل چوڻ ۾  پيو اچي، پر آخوند صاحب مرحوم جي ڪلام مان ڏسجي ٿو، ته فطرت ۾ هن فلاسافر شاعر جي جاچ  به ڪا جبري هئي. جئن ته

        وڻ ماديون ٿين نر گل ڇاڻيو جهلين ڦر

        ميــوا جهــــلين مند تي ليسوڙيون ليار

(3) وقت جي وهنوارن جي واقفيت

        زماني جي وهنوارن، ڌنڌن ۽ رسمن رواجن کي آخوند صاحب مرحوم اهڙيءَ ڳوڙهيءَ جاچ سان جاچيو آهي، جو گهڻو ڪري هر هڪ غزل ۾ ڪنهن نه ڪنهن دنيائي وهنوار يا ڌنڌي جو ذڪر ڪري ان مان روحاني وهنوارن ۽ روحاني مشغولي جون نصيحتون ورتيون اٿس. ڪٿي هارين جي ڪم ۽ وهنوار کي ورتو اٿس، ته ڪٿي ڪورين جي ڌنڌي مان نصيحت حاصل ڪئي اٿس، ته ڪٿي ڪنڀارن، مڇي ماريندڙ مهاڻڻ، واڍن،  لهارن، درزين، ميربحرن وغيره جا ڌنڌا ۽ وهنوار بيان ڪيا اٿس. انهن سڀني هارين جي ڌنڌي ۾ وهنوار کي گهڻو ورجايو اٿس. هت فقط ٻه ٽي مثال ڏجن ٿا:

1-      مئا جي محبت نه ماريا سي موت

        وتــــن جال جيئرا فنا ڪيا نه فوت

        لــــڏيو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ ٻي

        هڻن جئن ٿا هاري کراڙا ۽ روت

        خدا تعاليٰ جا سچا طالب موت هٿان مرڻا ئي نه آهن، هو فقط هڪ جاءِ تان لڏيو گويا ٻيءَ جاءِ تي وڃيو ٿا گذارين. انهيءَ ڳوڙهي روحاني مسئلي کي آسان ۽ عام فهم ڪرڻ لاءِ آخوند صاحب مرحوم هاريءَ جي وهراج ۽ رونبي جو مثال ڏيئي سمجهائي ٿو ته هاري کراڙا ۽ روت (اوائلي سلا) هڪڙي هنڌان ڪڍي ٻئي هنڌ هڻندا آهن ته وڌيڪ ڀلا ۽ اُپراسي و ارا ٿي پوندا آهن، تئن سچا طالب به هن فاني دنيا مان لڏي بقاءَ جي جهان ڏي وڃن ٿا ته وڌيڪ سر سبز ۽ شاداب رهن ٿا.

2-     پـــــــــائي پيٽ تاڃيءَ ۾ پيرن پڌار

        ٿيا ڳنڍ جي گل مڙئي ڳوپ ڳوت

        تاڃي. پيٽو، پير پڌارڻ، ڳوپ (هٿيو هلائڻ)، ڳوت (نار هلائڻ) ۽ ڳنڍجي گل بنجڻ اهي سڀ ڪورڪا وهنوار آهن، جن مان آخوند صاحب مرحوم نصيحت وٺي ٿو، ته روح ۽ رب جي ميلاپ جا سڀ وسيلا هڪ مرڪز تي آڻبا، تڏهن وصال حاصل ٿيندو.

3-     نير رنگ واڌو ڪري منجهه جهڳ جهٻ

        عـشــق وارو وڌ وڌي مـنـجــهه لــــوس لٻ

        نيروٽي نير جي ڪن ۾ روڙهو وجهي پوءِ ان کي لٺ سان جهڳيندا آهن، ته نير جو رنگ تيز ٿيندو آهي. ان مان آخوند صاحب مرحوم سبق ٿو سيکاري ته سچي محبت وارن تي به جيئن جيئن طعنن تنڪن ۽ تڪليفن جي جهڳ ٿيندي، تيئن تيئن سندن دلي محبت تيز ٿيندي.

(4) بلاغت ۽ فصاحت

        آخوند صاحب مرحوم پنهنجي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت تي ايترو گهڻو زور ڪونه رکيو آهي، جيترو کانئس پوءِ وارن سنڌي شاعرن جهڙوڪ آخوند محمد قاسم صاحب هالائي ۽ سيد محمد فاضل شاهه صاحب حيدرآبادي وغيره پنهنجن پنهنجن ڪلامن ۾ رکيو آهي؛ تنهن هوندي به بلاغت ۽ فصاحت جون سڀ شاخون آخوند صاحب مرحوم جي ڪلام ۾ موجود آهن جهڙوڪ تشبيهه، استعاره، لفظي ۽ معنوي صفتون، اصطلاح ۽ پهاڪا.

(1) تشبيهه:-

ڏســـڻ مان تنهنجي اي باغ حسن مون کي سريا ٽي گل

تنهنجو مک گل؛ زلف زنبل، منهن جي دل جئن گل لالا

        مٿي هڪڙيائي مثال ۾ آخوند صاحب مرحوم ٽي تشبيهون ڪم آنديون آهن، دوست جي وات کي ”گل“ سان، زلفن کي ”سنبل“ سان ۽ پنهنجي دل کي ”گل لاله“ سان تشبيه ڏني اٿس. اهي نهايت معنائن ڀريل ۽ سهڻيون تشبيهون آهن.

(2) استعاره:-

        پل ڪتي کي م ڏي انهيءَ کــــي ڇــڇ

        نـه وڻـــي ڳـــالهه جــا لــڳـــــــي ٿي بڇ

        مٿئين بيت ۾ آخوند صاحب مرحوم ”نفس“ کي استعاره طرح ”ڪتو“ سڏيو آهي؛ ڇاڪاڻ جو ڪن ڪچري ۽ ڍونڍ ڍانڍ ڏي لاڙي ڪرڻ جو جئن ڪتو خواهشمند رهندو آهي، تئن انسان جو نفس به هميشه گناهه جهڙن ڪمن ڏانهن ڇڪ ڪري ٿو، جئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهن، ته اِن النفس لامارة بالسوءِ (انسان جو چلولومن سچ پچ خرابين ڏانهن رغبت ڏياري ٿو)

(2) لفظي صنعتون:-

1-      الف، بي، جيم، دال، هي پنج حرف

        هـــــڪ، ٻه، ٽي، چار پويون ٿيو پنج

        پهريائين الف- بي- جيم- دال ۽ هي اهي پنج حرف آندا اٿس، پوءِ نمبر وار ابجد جي حساب موجب انهن حرفن جا عدد ڏنا اٿس، يعني الف=1، بي= 2، جيم = 3، د= 4، هه = 5. انهيءَ کي چئبو آهي صنعت لف و نشر مرتب.

          جنهن صورت ۾ نمبر وار ڳڻپ جا انگ ڪم آيل آهن، تنهن صورت ۾ انهي کي صنعت سياق الا عداد مرتب به سڏبو آهي.

        لفظن صنعتن مان لف و نشر ۽ مراعات النظير ۽ تجنيس جي سڀني قسمن کي آخوند صاحب مرحوم گهڻو ڪم آندو آهي.

(3) معنوي صنعت:-

1-      ويا سنجهي سڀ سوار ٿي ساٿي

        ٿـو کڻين پرهه جو تون پيرا پڳ

        ”سنجهو“ ”۽ برهه“ اهي هڪ ٻئي جا ضد آهن، ساڳئي بيت يا مصرع ۾ ٻه ضد لفظ مناسب نموني ۾ ڪم آڻڻ هڪڙي معنوي صنعت آهي، جنهن کي محتمل الضدين چئبو آهي.

        آخوند صاحب مرحوم معنوي صنعتن مان محتمل الضدين، تجاهل عارفانه ۽ صنعت سوال جواب کي چڱيءَ نزاڪت سان وري وري ڪم آندو آهي.

(4) اصطلاح

        آخوند صاحب مرحوم پنهنجي ڪلام ۾ نج سنڌي اصطلاح گهڻي انداز ۾ ڪم آندا آهن:-

        (1) کٿي سان مهٽيندو وڃڻ (نا اميد ٿيئڻ) (2) راند گل ڪرڻ (3) وار وارڻ (کير خيرات طرح ورهائڻ لاءِ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏڻ (4) ڏوڌ ڏيڻ (کير خيرات طرح ورهائڻ) (5) جک مارڻ (6) خواريءَ جي کاري کڻڻ (7) کڳ کائڻ (مفت ۾ ڍو ڪرڻ) وغيره وغيره.

مثال:- 1-      ويا دنيا جا شاه ڪئين دنيا ڇڏي منجهه هيٺ ڀون

                پاڻ مهٽيندا کٿي، اي دل ڪئين آيا ويا.

        2-     گل چوي ٿو گل ڪري شطرنج بازي نفس ســان

                ٿي م موڳي ماد، وٺ دل هي سچي سهڻي صلاح

        3-     مڙس سالم سنگهار سانگي سوڌ

                وار واريو ڏين ورهايو ڏوڌ

        4-     خوش ڪريون دل پانهنجي کي

 جــڳ ڀلــي پـيـو مــاري جـــــک

        5-      لوڪ جي بهتان ۽ خواري سنـــــدي

                سر مٿي کاري کڻن ڪي مڙس ڌڱ

        6-     ڪيئن ٿين لپ چرون مٿي چهرا

                گل کاڌا جنهين سدائين کڳ

5 پهاڪا:-

        آخوند صاحب مرحوم ڪٿي ڪٿي سنڌي پهاڪا به ڪم آندا آهن. جهڙوڪ (1) جهڙي سٺ تهڙيون ٽي ويهون (2) گاهي رونج گاهي گنج وغيره

مثال:- 1-     گل محمد ســــــوئي سو گل احمد

                سي آهن ٽي ويهون سا آهي سٺ

        2-     منجهه کٽئي خوش ۾ ٿي م ڏک هاري ء

                گــــل آهن گاهه رنج گاهي گنج

 

(5) وزن:-

        آخوند صاحب مرحوم علم عروض مان چڱو واقف هو، تنهن ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي؛ ڇاڪاڻ جو اهڙا بحر به پنهنجي ديوان ۾ ڪم آندل اٿس، جن تي شعر ٺاهڻ علم عروض کان غير واقف ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر آهي، جهڙوڪ بحر خفيف، بحر رمل. مڪفوف، بحر رجز ۽ بحر مضارع (جدا جدا زحافن سان).

        جئن ته آخوند صاحب مرحوم جي زماني ۾ علم عروض جي قاعدن موجب سنڌي شعر ٺاهڻ جي شروعات هئي، تنهنڪري البته پوري تقطيع بيهارڻ ۾ کيس گهڻن هنڌن تڪليف پئي ٿي آهي. تقطيع پوري بيهارڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي اهڙا حرف ”حذف“ ڪرڻا پون ٿا، جن جو ”حذف“ ٿيڻ عروض دانن جي نظر ۾ عيب ليکجي ٿو. جئن ته

1- دنيا جي عيش عشرت کي ڀيري هڻ تون کڻي ڀالا

2- آيو اڄ يار گهر منهنجي ويا ڏکڙا وريا سکڙا

3- جنهنجا ويا جوءِ مان جهانگي وڃي پرڏيهه ٿيا سانگي

 تقطيع ۾ ”ڀيري“ کي ”ڀري“، ”آيو“ کي ”اَيو“ ۽ جنهن جا“   کي  ”ججا“  ڪبو؛ تڏهن وزن پورو بيهندو.

        ڪٿي ڪٿي وري حرفن تي غير ضروري تشديدون ڏجن ٿيون، تڏهن تقطيع ۾ وزن جي پورت ٿئي ٿي.

جئن ته

1-      هاڙ آکاڙ چيٽ ڪتيءَ ۾

        مينهن هنجن جا به ٿا وسائن هڙهه

2-     ارواح الستون اڳ ته به ٿو وتين تون يار شوخ

3-     پن پن جي ٿي ڦاريون ڇڄي ڇڏي ٿڙ ٽاريون.

        مٿي نشان ڪيل لفظن تي جيڪي غير ضروري تشديدون فقط ”وزن“ جي پورت لاءِ ڏنيون ويون آهن. اهڙا مثال ديوان گل ۾ تمام گهڻا آهن.

        ڪٿي ڪٿي وري وزن جي پورت لاءِ لفظن جو صحيح تلفظ بدلائڻو پوي ٿو، تڏهن تقطيع پوري ٿئي ٿي. جئن ته

1- درد تنهنجي جو دونهون ٿو دکي روز

2- صبر ۽ سڪ ساڙو سوز سچ

        صحيح تلفظ ۾ ”درد“ جي ”ر“ ۽ ”صبر“ جي ”ب“ ساڪن آهي، پر مٿين مصرعن ۾ انهن ٻنهين کي متحرڪ ڪري پڙهڻو پري ٿو. اهڙا به گهڻيئي مثال آهن.

        ڪٿي ڪٿي ٻن متحرڪ لفظن کي اڻ سهائينديءَ طرح ملائي پوئين حرف کي ساڪن ڪجي ٿو، تڏهن تقطيع پرري بيهي ٿي. جئن ته

(1) جن کي پورو ٿو پگهار پلي پئي

(2) واري ڪنهين نه وير نه پيرن پلي پلي

        ”پگهار“ جي ”ر“ ۽ ”پلي“ جي ”پ“ ٻه ڌار ڌار متحرڪ اکر آهن، پر تقطيع تڏهن پوري بيهندي جڏهن ”ر“ ۽ ”پ“ کي ملائي ”رپ“ ڪري پڙهبو. اهڙي طرح ”وبر“ جي ”ر“ ۽ ”نه“ ٻن جدا متحرڪ حرفن کي ملائي ”رن“ ڪري پڙهبو، تڏهن وزن پورو بيهندو.

        آخوند صاحب مرحوم جيڪي غزل بحر مضارع ۽ بحر رجز تي ٺاهيا آهن، تنجي ڪن ڪن مصرعن ۾ مقرر وزن هيٺ مٿي ٿي ويو آهي، مگر عروض جي اصولن تي سنڌي شعر ٺاهڻ جي اها اوائلي ڪوشش هئي، تنهن ڪري ان بابت ڪا گرفت ڪرڻ نٿي جڳائي، فقط پڙهندڙن کي واقف رکڻ ضروري آهي.

        غزل ٻيو مضارع مثمن سالم تي ٺهيل آهي، پر مصرع ٽينءَ ۾ ”جال“ ۽ ”سال“ لفظ وزن کي شڪستو ڪن ٿا ۽ مصرع نائينءَ ۾ ”روپ“ لفظ مقرر وزن کي کٽايو وجهي ٿو.

        غزل 66 بحر زجز تي ٺهيل، مصرعه 3،4،5 ۽ 6 وزن کان وڌي وڃن ٿيون. غزل 83، بحر رجز، مصرعه 5 ۽ 15 وزن کان ٻاهر. غزل 93، بحر رجز، مصرع 1، 2، 3، 6، 8، 10 ۽ 12 مقرر وزن کان وڌيل. غزل 116 بحر رجز. مصرعه 9  ۾ ”بهار“ ۽ ”قرار“ ۽ رديف جي پڇاڙيءَ واري ”باغ“ لفظ جي ”غ“ مقرر وزن کان وڌيل آهي.

        غزل 123 بحر هزج مثمن سالم تي ٺهيل آهي، ان ۾ مصرعه 5، 7، 11 ۽ 13 مقرر وزن کان گٿل آهن.

        غزل 140 بحر تقارب مثمن مقصور تي ٺهيل آهي، پر ان جون مصرعون نمبر 5، 7 ۽ 9 بحر تقارب سالم تي بيهاريل آهن، ائين ڪرڻ درست نه آهي.

        غزل 147 بحر رجز تي ٺهيل آهي. ان ۾ مصرعه 11 ۽ 13 ۾ ”عروج“ ”ولوج“ ۽ ”شهود“ وزن کان ٻاهر آهن.

        غزل 153 بحر مضارع مثمن محذوف تي ٺهيل آهي، پر ان جي مصرعه 4، 10، 13 ۽ 14 وري مضارع مثمن سالم تي ٺهيل آهن. ائين ڪرڻ علم عروض جي اصولن موافق نه آهي. والسلام

محمد صديق

سيڪريٽري سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي

حيدرآباد سنڌ.

حالات

خليفه گل محمد مرحوم

        ديوان گل جو ٺاهيندڙ مرحوم خليفه گل محمد سانوڻي آخوند هو. هي هالا پراڻو تعلقه هالا ضلع حيدرآباد جو ويٺل هو. کين سانوڻي آخوند ڇو ٿا چون. تنهنجو سبب هي آهي ته عام طرح سڀ پڙهيل ۽ درويش ۽ فيض وارا هوندا هئا ۽ علم جو وٽن گهڻو چرچو  هوندو هو، انهيءَ ڪري وٽن گهڻا طالب علم پڙهڻ ۽ فيض پرائڻ لاءِ ايندا هئا ۽ سندن مڪتبن مان فيض پرائي خدا رسيدا ۽ عالم ٿي ويندا هئا.، انهيءَ سبب ڪنهن ڪامل بزرگ چين ته اوهان جي علم جي پالوٽ سانوڻ جي مينهن وانگي آهي، جا ڪنهنکي به وانجي نٿي. ان کانپوءِ کين سانوڻي ملا يا آخوند ڪري ڪوٺيندا اچن. سندن خدا پرستيءَ ۽ خدا رسيديءَ جو حال هن هڪ ڳالهه مان ئي روشن ٿي ويندو. وڏا ته ڇڏيو، پر ننڍڙن ٻارڙن کي به صبح جو سحور کان وٺي سج اڀرڻ تائين ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا هئا؛ انهيءَ لاءِ ته اهو وقت ٻانهي جو پنهنجي سائين کي ٻاڏائڻ لاءِ موچارو آهي، سو ننڊ ۾ اجايو نه وڃي ۽ کيس اهڙي هير هميشه لاءِ پئجي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org