سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪڪر منجهه ڪپار

صفحو :1

ڪڪر منجهه ڪپار

بشير مورياڻي

پيشڪش

جديد سنڌي ادب جي هڪ اهم نمائندي بشير مورياڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو، ’ڪڪر منجهه ڪپار‘، حاضر آهي.

بشير مورياڻي شاعر به آهي ته ڪهاڻيڪار به. هن ٻنهي پاسن پاڻ موکيو آهي. جتي هن ’چُهڙيءَ‘ جهڙي يادگار ڪهاڻي لکي آهي، اُتي شاعريءَ ۾ به هن مڪاني ماحول کان ٻاهر نڪري جيڪي دنيا جي مظلوم قومن ۽ ملڪن لاءِ ڪجهه نظم لکيا آهن، سي سندس قد ۽ قدر کي وڌائين ٿا.

بشير مورياڻي جديد سنڌي ادب جي اُنهيءَ پهرئين سَٿ جو ساٿياري آهي، جنهن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي واڳ سنڀالي ۽ ان کي سنئين دڳ تي آندو.

’ڪڪر منجهه ڪپار‘ جي اهميت هيءَ به آهي ته ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران جديد شاعريءَ جو ڇپايل هي پهريون مجموعو آهي. اُميد ته اسان جي هيءَ پيشڪش پڙهندڙن وٽ قبول پوندي.

شمشير الحيدري

دوها

 

تنهنجي ياد جو ڏيئو جلايان ساري ساري رات

آس ڀرين اکڙين سان جاڳان، جاڳايان پرڀات

*

او برساتي بوندون! هُن جي گهر وڃجو وَسجو

اکڙيون پڻ برسات وَسائن، ساجن کي ڏسجو

*

منهنجو پيار ته سپنو ناهي، منهنجو پيار حقيقت آهي

تنهنجو وصل به محشر آهي ۽ دُوري به قيامت آهي

*

تنهنجو روئڻ برکا رُت آ، تنهنجو مُرڪڻ چانڊوڪي

تنهنجي پريت ملي آ ڪنهن کي تنهنجي پريت آ ڪنهن روڪي؟

*

تنهنجي نيڻن جي ساگر ۾ منهنجي پيار جي چانڊوڪي

مرڪ هلي آئي چپڙن تي تو ته گهڻو ئي ٿي روڪي

*

تنهنجي ياد جو گلشن مهڪيو، سورن سيج وِڇائي

پنهنجي دل جي زخمن مان، درد جي خوشبو آئي

*

تنهنجي سهڻين اکڙين آهي منهنجي دل چورائي

هاءِ ڙي گهوڙا، منهنجي چپن تي ليڪن اُف به نه آئي

*

منهنجي چمين تنهنجي مُنهنَ جي چانڊوڪي چورائي

شرميلين اکڙين ۾ وصل جي لالائي لهرائي.

*

چانڊوڪي جي ساز تي ويٺي رات گيت ٿي ڳائي

انگ انگ ۾ ڀري امنگون، جادو ٿي ڦهلائي.

*

نيڻن جي کِڙڪيءَ مان پيهي آيو ڪو چت چور

پاڳل من آ وس کان ٻاهر، ڪير لڳائي زور.

*

پريم جو ساگر ڇوليون ماري، تنهنجي ياد ڏياري

پوءِ ڀلا ڪو ڪيئن هن جڳ ۾، سک جو وقت گذاري.

*

سپنن جو سنسار سجايان، دل جي سيج وِڇايان

جو اچڻو هو سو ته نه آيو، پاڻ کي ڪئن پرڀايان.

چوسٽا

 

*

منهنجو احساسِ ندامت ته نِڪورو سچ آ

تنهنجو گردن کي جهڪائڻ ۾ به ٿورو سچ آ

آهيون هڪ ٻئي کان کڻي ڌار ٿيڻ تي مجبور

پيار هڪ ٻئي سان ڪريون ٿا هي نسورو سچ آ

*

پاڻ ئي پاڻ کان پري آهيان

منهنجي نظرن ۾ تون ئي تون آهين

ٻئي طرف ڪيئن ڇڪجي منهنجو ڌيان

تون جو هر وقت سامهون آهين.

*

ماٺار ۾ موجود آ تبديلي جو اُهڃاڻ

مهراڻ تي چانڊاڻ جي ڇاٽار ڇُلي ٿي

تون پنهنجي ادائن جي فريبن کي نه ڦهلاءِ

اجھ سوچ جي صحرا ۾ نئين واءُ گهُلي ٿي.

*

منهنجي اکين منجهان ٿا ڳڙن ماڪ جا ڦُڙا

تنهنجي ڳلن تي چنڊ جي چانڊاڻ ٿي نچي

غم منهنجو دائمي، نه خوشي تنهنجي پائدار

دل کي انهي خيال سان آٿٿ پيو اچي.

*

جن به اکڙين جو جام پيتو آ

تن سُرورِ دوام پاتو آ

تنهنجي هر مرڪ چنڊ جو ڪرڻو

جن ڏٺو توکي تن ئي ڄاتو آ

*

اي دل اي منهنجي محبوب، اداس نه ٿي

غم ناهي جي توکي محبت راس نه ٿي

جھاڻ اميدن جو سج اُڀريو، رات کُٽي

باک ڦٽڻ واري آ، هاڻ نراس نه ٿي

سانيٽ

تون جو آئين ته بهارن کي مون آواز ڏنو

تون جو آئين ته ستارن جي صراحي ڇلڪي

روح ۾ رچجي وئي چاندني هلڪي هلڪي

رات جي مست هوا هٿ ۾ مون کي ساز ڏنو

*

تون جو آئين ته نئين رُت کي به ورتيون آئين

تون جو آئين ته نوان رنگ ڄميا، رنج ويا

دل ٿي ڀرپور خوشي سان ۽ سڀئي ڏنج ويا

منهنجي جيون ۾ نئون رنگ به ڀرتيون آئين.

*

تون جو آئين ته ارادن کي نئون زور مليو

تون جو آئين ته امنگن ۾ نئين جان پئي

تون جو آئين ته سندم دل جو سڪل گل به ٽڙيو

تون جو آئين ته تمنا نئين پوشاڪ ڪئي

*

تون جون آئين ته نئين صبح جي اميد به ٿي

رات آ سخت انهي ڳالهه جي تائيد به ٿي.

*

سندم وجود تي تنهنجي ئي غم جو پاڇو آ

عجيب ساٿ  آ جنهنجو عجيب صورت آ

هي تنهنجي غم جو آ پاڇو يا تنهنجي مورت آ

جي آهي پاڇو ته مون ساڻ پوءِ سدا آ؟

*

خيال تنهنجو ڪيان ٿو هي سامهون آهي

تون ياد ڪونه اچين تي مگر هي آ موجود

خوشي کسي ٿو ۽ دل کي ڪري پيو نابود

مگر تڏهن به الائي ڇو ڄڻ سُڪون آهي.

*

جي سچ پڇين ته مون توکان به غم پسند ڪيو

تون سهڻي آهين ۽ توکان به سهڻو تنهنجو غم

جهان جا ياد ڏياري ٿو جيڪو رنج والم

مون تنهنجي پيار کي دنيا جي دک ۾ بند ڪيو.

*

جي سچ پڇين ته انهي تي مون کي خوشي آهي

اهو ئي غم ته محبت جي زندگي آهي.

آزاد نظم

تلاش

 

آءُ آواره پکي

مون کي تون ڌرتي تي نه ڳولهه

ڳولهڻو اٿئي ته مون کي ڳولهه برکا بوند ۾

گلي جي خوشبو ۾ ۽

محرومي ۽

۽ اڻ- هوند ۾

يا هجي جت

هر نظم ۾

روشني ڪنهن پيار جي

يا جبل جي خامشي جي ان تڙپ ۾

جيڪا پياسي

سمنڊ جي ديدار جي

ڳولهڻو اٿئي ته مون کي درد ۽ دانهن ۾ ڳولهه

ڀل ڌتاري

ان کي ڪو

پر ڪونج ساري روههَ کي

مان نه ڄاڻان ڇوهه کي

طوفان کي.

موج مان مهراڻ جي

آءٌ ڄاڻان چنڊ ۽ تارن جي نرمل موههَ کي

مون کي سنڌو جي مٺي ماٺار جي ٻانهن ۾ ڳولهه

آءٌ آواره پکي

مون کي تون ڌرتي تي نه ڳولهه.

نئون سال

هر نئون سال کڻي سوچ جو سامان ٿو اچي

ياد ڏياري ٿو اچي

سال جي گذري ويا

 

هر نئون سال لڳائي ٿو اچي گهاءُ نئون

لوڻ ٻرڪي ٿو مٿان زخمن جي

زخم جيڪي ٿيا ناسور وطن منجهه رهي

پاڻ سرهاڻ کي سڪندا ٿا رهون پنهنجي چمن منجهه رهي

سوچ- ڌارا ٿي پوي وقت جي ساگر ۾ وڃي

وقت جو گذريو نه سنئون

هڪ ٿڪل مرڪ جا ماڻهن کي ملي عرصي بعد

هوريان هوريان سا مرڪ به کسجي ويئي

سوڳُڻي سنڌ کِلي عرصي بعد

جيئن اوندهه ۾ ستارو ٽمڪي

۽ وري ٻاٽ انڌيري ۾ لڪي

سوچيان ٿو ته اها، اها کل ڇا ٿي؟

ساڳيا سور ۽ ساڳي سسئي؟

آس نراس

 

فضائن ۾ محرومين جي هئي

خامشي

صدائن جي سيني ۾ صدين کان سانڍيل

هئي زندگي جي

حسين راڳڻي

پر آلاپڻ جي لئه ڪونه آيو

وڌي

آدمي

 

اڃايل اکيون

پيار جي رڃ مان

اُڃ لاهن ته ڪيئن؟

خيابانِ اميد ڪنهن آ ڏٺو؟

بيابانِ الفت جي

برباد باسين کي

چانڊاڻ چهرن جا مالڪ

گهرائن ته ڪيئن

۽ جي چاهن ته ڪيئن؟

نه ڪوئي سهارو

نه اميد جو ڪوئي روشن ستارو

جي محرومين جي اڪيچار تاريڪ

غارن ۾ ڦاسي ويا

نباهن ته ڪيئن؟

دل جي مسمار مندر کي

خالي ڪکن ساڻ

ٺاهن ته ڪيئن؟

 

اوچتو هڪ تجلي جو

پاڇو پيو

خامشي جو بدن

پڻ سُرودي ٿيو

خيالن جي شيشي جي گهر ۾

ڌماڪو ٿيو

حقيقت جي رستن تان

ڪنهن سهڻي صورت

اچي من ۾ واسو ڪيو

رنگ ۽ نور جي لهر

ذوقِ نظر کي

اجاري ڇڏيو.

پِرت جي مڌ جا متوالا

دُوري جي پردن کي

لاهن ته ڪيئن؟

 

گروٽو[1]- (GROTTO)

 

دستِ قدرت جي حسين سنگ تراشي جو ڪمال

قدرتي غار (گروٽو) به اجنتا جي مثال

فڪرِ آدم جي بلندي جو دليل

پنهنجي پاڙيسري ساوڪ جي ڀنل ڀاڪر ۾

منتظر روزِ ازل کان

هئي ڪنهن ديده حيران جي لاءِ

 

توڻي صدين جو سڪايل هو جبل

ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍيائين ليڪن

بت بڻيو بيٺو رهيو

ڄڻ ته تماشائي هو

هن کي پر ڪهڙي خبر هئي

ته سندس يار ته هر جائي هو

 

وقت جي وِيرَ اچي ويهين صدي کي پهتي

قدرتي غار جو ڪنهن ڀي نه هو گهونگهٽ کوليو

 

ڪنهن شڪاري جا قدم

سانت صدين جي ٽوڙي

طبع انسان جي طراوت جي لاءِ

هن حسين عالم پهنائي کي

ڪهسار جي تنهائي کي

آدميت جي کليل گود ۾ اڇلائي ويا

 

سنگ مرمر جون حسين مورتيون

پٿر جون عجب تصويرون

جيڪي قدرت جون بڻايل آهن

جن تي پاڻي جون ڪِرن ٿيون بوندون

جيڪي ٺاهن ٿيون اهي تصويرون

اهڙيون تصويرون جو ايندو نه مٿن ڪوئي زوال

ڇو ته ايجاد ۽ سائنس جي برڪت جي ڪري

نه اها غار انڌيري آهي

نه ترقي جي ۽ ترميم جي ويري آهي

 

جيئن عورت کي ٿي خلقي قدرت

ان کي پر پايئه تڪميل تي پهچائي ٿي

ڪنهن جي الفت

قدرتي غار (گروٽو) به اجنتا جي مثال

فڪرِ آدم جي بلندي جو دليل

دستِ انسان جي ڇهائن جو نرالو شهڪار

حسنِ قدرت جو نظارو نروار

هڪڙي انسان جو ڳولها ۽ ارادي جو نکار

مان اڪيلو ناهيان

 

مان اڃا سوڌو رهيو آهيان سجاڳ

چنڊ جي چانڊاڻ ۾

رات ڇيڙيو آهي هلڪو مٺڙو راڳ

ساري جڳ تي

ننڊ جو گَهرو نشو ڇانيل آ

پر

آءٌ آڌي جو اٿي پيو سوچيان

ڇا اڪيلو ئي اڪيلو

آءٌ پنهنجا سور سيني منجهه سانڍي

زندگاني جي ڪٺن رستن تان ٿو هلندو رهان؟

ڇا اڪيلو ئي اڪيلو

سوچ جي ساگر جي لهرن ساڻ لڙهندو ٿو وڃان

سوچيان ٿو منهنجي دنيا آهه ڇا؟

روپ آ؟

يا رنگ آ؟

يا خزان؟

يا بهار؟

بند مکڙيءَ جو حجاب؟

يا آ پوري چنڊ جي بي داغ چانڊوڪي

يا ڪنهن جي زلف جي سايه ۾ خوشبودار آ

ڪائي گهڙي

يا پَيل گل جي گلي ۾ شبنمي قطرن جو هڪڙو هارُ آ؟

يا محبت؟

يا شباب؟

آءٌ راهي سوچ- نگري جو

ٿو سوچيان مدتن کان

منهنجي اهڙي قسم جي هر ڪلپنا

محدود آ

 

ڇا رڳو مان ئي دکي آهيان هتي

ٻيو ڪوبه ناهه؟

ڇا رڳو مان ئي ڏڌيل آهيان ڏکن جو

مون سوا ٻيو ڪوبه ناهه؟

سوچ جي ان وهڪري ۾ بي خبر لڙهندو وڃان

ڇا اڪيلو ئي اڪيلو

بي خبر ۽ بي سهاري سور ٿو سهندو وڃان؟

ڪَر پئي سنسار آ سورن جو گهر

رات اڃا باقي آ

ٿيو ناهي سحر

آ اڃا تائين خزان جي قيد ۾ رنگين بهار

هر چمن ويران آ

اڄ ڀي

اڃا تائين به هت

ذلت سندو سامان آ

مفلس جو ڪهڙو مانُ آ؟

رات چانڊوڪي سهي پر رات آ

مون کي

هڪڙي رات- جاڳوءَ کي

آ ڪنهن جو انتظار؟

(جنهنجو اوسيئڙو اٿم- پرڀات آ.)

پر وري سوچيان ٿو مان

ڇا اڪيلو ئي اڪيلو

صبح جو سِڪَ ۾ پيو سڙندو رهان

رات جي راڱن سان ٿو لڙندو رهان،

 

منهنجا ساٿي بيشمار

مون سان شامل

ساڳي روشن راهه جا راهي

نئين پرڀات جا پريمي هزار

مون سان اوندهه جي سفر ۾

سانت جي ساگر ۾

اهڙا ناکئا، اهڙا مسافر ٿا هلن

جي نه ڪنهن طوفان ڀر ڪڏهين ڊڄن

جي حسين اوشا جي ڳولها ۾ سدا

هلندا رهن

مان ڪٿي آهيان اڪيلو

مان اڪيلو ناهيان.

اڳتي قدم


[1] گروٽو- غار- بيروت جي جبلن جي هڪ غار بابت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org