سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :8

ڪافي 8

جهُليو جَن تي حالُ،

اُنَهن کي آءٌ ڪِيئن نه سُڃاڻا!

مَڃِن ماضِي ڪيِنَڪِي، نَڪو اِستقبال؛

لِڪو ناهي لوڪَ کَؤن، اُنهن جو اَحوال؛

جي مُون پُڇِيو جيڏيُون، آهي ورهه وصال؛

ووءِ ووءِ ٻاجهُون تن کي نڪو قيل نه قال؛

”سچوءَ“ سُڃاتو تن کي، جن کي عِشقُ ڪَمال.

 

ڪافي 9

مُون کي عِبرتَ آهي، اَهڙي حالَ جي،

هاريون حيرتَ آهي اِنهيءَ ڳالِهه جِي:

ڪاٿَئِن ڏاڍو، ڪاٿَئِن هِيڻو، ڪاٿَئِين جوڙ جَڻيا ٿو پائي؛

ڪاتَئين ڪوري، ڪاٿَئِين موچِي، ڪاٿَئِين سيد سَڏائي؛

ڪاٿَئِين تارڪُ، ڪاٿَئِين سارقُ، ڪاٿَئِين مُک مِلائي؛

ڪاٿَئِين ڪافِر، ڪاٿَئِين مومِن، ڪاٿَئِين سوريءَ سِرُ هَلائي؛

ڪاٿَئِين گُسائين، ڪاٿَئِين سَنياسِي، ڪاٿَئِين بُتَ بَنائي؛

ڪاٿَئِين سامِي، ڪاٿَئِين اِنعامِي، ڪاٿَئِين تِلڪ لڳائي‎؛

ڪاٿَئِيين قادر ڪاٿَئِين نادر، ڪاٿَئِين ”سَچو“ نانءُ سُڻائي!

 

ڪافي 10

پِريَن سان پَتِ پَري، ڙي جيڏيون، منهنجي!

دعا ڪَريجو جيڏيون، وري سو هوتُ وري؛

ڏونگرَ مُون ڏورائِيو، سَندي ذوق ذري؛

سَهي سُڃاتم پاڻَ کَؤن، پُنهون ناهي پَري؛

تو ڪِئن سَري سُپرين توريءَ مون ناسَري.

 

ڪافي 11

وٺِي خَبَر خاطو آيو، خَير صَلاحَ جي مُون ڏي.

پارِ ڀنڀورَ جي اَڄُ صُبحاڻي، تان هو ڌڻِن کي سَعيو.

طرف تنهنجي آههِ اصَلَ کَؤن، روحَ سندن جو رايو.

نِينهَن جي نياپَن ڄَڻُ اسان کي، محبَن سان ملايو.

ٿيا قربانِي آءٌ تَنِين تَؤن، جَن تان نِينهُن نِباهيو.

اِيندئِي اُهي جن جي ڪارڻ، ويٺي تو ورهه وسايو.

پيو پِرينءَ وٽِ، هاڻي تُنهنجو، ”سَچو“ ڙي پَنڌَ سَجايو.

 

ڪافي 12

جَن لائِي توڙِ نِباهِي، آءٌ صَدقي وڃان تَن تَؤن!

شَابس آهي اکَڙين کي، جن وئِي دل ورائي.

ڀَلِي ڀاڄِي پَريَن ڏنُهن، اَڄُ اَسان ڏي آئِي.

راتو ڏينهان آهي ئي، واتَ اُنَهن جي وائِي.

ڏيهاڙي ڏسَڻ سان، مَحبت آگ مَچائِي.

ووءِ ووءِ وائِي واتَ ۾، ”سچوءَ“ آهي سَدائِي.

 

ڪافي 13

سُهڻي سَڄَڻَ سان نِينهڙو لايوسي!

وردَ پَڙهِيمَ ٿي وچَ ۾، اديون ڙي، آڏو عَشق آيوسي.

سَڀ وساريئين ڳالِهيون ڏسڻ سان، اديون ڙي، ڏاڍو پُور پرايوسي.

هٻن وجهِي ٻيون ڳالهڙيون، اديون ڙي، ڳليءَ ڳلَيءَ يارُ ڳايوسي.

اول وقَت عَجِيب جي، اديون ڙي، اِنَهيءَ گهُورَ گهايوسي.

”سَچوءَ“ سَوَ مبارڪان، اديون ڙي، چاهَؤن سِرَتي چايوسي.

 

ڪافي 14

شوريدن کؤن هال،

پڇج وڃِي پوءِ هوءِ ۾.

مجلس وڃج اُن جي، تان ڏسني خاص خيال.

اَگهه لَهج اُن جي، تان تو وڻ ٽَڻ آهي وصال.

ورقَ وسارج وچَ جا، تا فارغ ٿئين في الحال.

عقل اُڇلج آبَ ۾، تا بِرهُ ڪَرئي بيحال.

جي تون وسهين ويسلا، هي ”سچوءِ“ سَچ سوال.

 

ڪافي 15

ساري ڏيههُ نهَ ڏي ڙي،

پانهنجِي دل سَمجهه سَنڀالين.

ڳالهه پُڇين جي پِرينءَ جي، حَرف حالئي جا هِي ڙي.

اُڇل نهَ ٺِڪر ڀِتَر جان، نِينهُن پاڻَ ئِي سان ني ڙي.

هاريُون ، انهيءَ حالَ جو، قرُب سُڃاڻن ڪي ڙي.

پاڻهين آهِن پَڌرا، ”سچو“ سالِڪَ سي ڙي.

 

ڪافي 16

تُنهنجي حُسن ماريا، سوريءَ سي سنڀاريا، اِنهيءَ ڳالهه ڳاريا،

- هزارين هزار!

اُهي يارَ آيا، نِيزن جي نِوايا، نِيئي سِر سَلايا،

تنهين تو اگهار.

جَنهِين موج آئي، تَنهين سُڌِ سَڀائِي، ڪيهي ڳالهه ڪائي،

لنگهيا شهسوار.

ڪَمر جا ٻَڌائون، وري نا ڇوڙيائون، نَئِي سِر ڏنائون،

لاٿائون مَيَار.

مَڇَڻ هَٿ هَڻي سي، اِها ڳالِهه ڳَڻي سي، تَريءَ سِر کڻي سي،

ڪيائون نِثار.

جن موجن چڙهيا سي، لُهرن لڙهيا سي، ”اُنَالحُق“ پڙهيا سي،

کِنيا هِن خُمار.

هِي نعرو هنيائون، ”اُنَالالَحَقُ“ پَڙهيائون، نَئِي سِر سَليائون،

ٿيا گم غبار.

مَي جا پيتائون، هي سِهرا ڳُتائون، وڏي وک وڌائون.

پاڙيائون قرار.

پهلوانَ پاسي، نه ٿيندا ڪَڏهان سي، اِها باتِ پاسي،

هَليا حُڪمدار.

مُلڪان مُلڪَ ۾، مَلڪَ ۽ فَلڪَ ۾، سڻو سڀ خلُقَ ۾،

پَئِي هِيءَ پَچارَ.

منهنجهؤن حُبَ هلياسي، مَاري چوٽَ چلياسي، وڃي رنگ رلياسي،

تَنهِين هِي تَنوار.

اِها اعتباري، سوري جَن سواري، عجب خوشي خُماري،

ڪُُٺن جِي قطارَ.

نِشانا کوڙيائون، مُنهن نامُوڙيائون، ٻئِي هَٿَ ٻڌايون،

ڪُٺا قُربدار.

ٿِي مَنصورَ مَستِي، ڪيئن گُم هَستِي، هَنيائِين دو دستُي،

تپش جِي تَرار.

ٿي شِبليءَ شابس آءِ، سُورن جي سَراپاءِ، ڍڪيائين لِڱن لاءِ،

وجودؤن وسار.

مُلا سو قاضي، کڙي ڪيائون بازي، منجهن گنؤ غازي،

کڙا ها جونجهار.

هنيئين پير جَنهن تي، ڌنڻين سِرُ ڀِي تنهن تي، نه سُڌ هي سڀن تي،

ٿِئين سَچُ سچار.

”سچو“ سِڪُ تَنِهين جي، جزب جاءِ جَنهِين جي، نه پرواهه ڪنهين جي،

رکي نِي سنڀار.

وڍي سِر ڀڄاڻو، ”اُنا الَحق“ واڻون، اهو سِر سُڃاڻون،

آڻيون اِعتبار.

هنيائين هَڪل هيءَ، وئي تان شڪل هيءَ، نه حاجت عقل هيءَ،

جَليا جلوءَ دار.

ڏنئون مُنهن مَتاري، نه ڪاڏي نهاري، سٽيو سِري سچاري،

دليون دوستدار.

سچي ڳالهه ڪيائين، نه ڪوڙي چيائين، نِباهي نينهن نيائين،

ڪارڻ هڪ نظار.

باهِن ۾ وڌائون، پوءِ لهرين لوڙهيائون، ”اَنَاالحق“ ٻڌائون،

ٿي هَي هي هونگار.

ڀِي بغداد سارو، مڙيو بَهت ڀارو، منهنجن نَر نعرو،

هڻي هوشدار.

”سچو“ عشق ايندئي، اچي ڏاڻ ڏيندئي، ”من وما“ نيندئي،

ڪندئي گل بهار.

 

ڪافي 17

هٿئون پيتو مون تان پير مُغان جي، جام شرابون شوري.

دَور کارائي دل کي ٿو، چشمان ڪيف ڪَڪوري؛

اصل کؤن منصور جو اُنهيءَ، ڪاٽيو ڪنڌ ڪوري؛

نشي منجهه نواز ٿي، گهوريون هي سر گهوري؛

جنهن ساقيءَ سُرڪُ پياريو، آءٌ ڪيئن پُڄان تنهنجي ٿوري؛

پَنهان ڪيائين پاڻ کي، چِت ”سچوءَ“ جو چوري.

 

ڪافي 18

مون کي آهن ياد،

مِٺيون تنهنجيون ڳالهيون ڳالهيون!

هي نماڻي ڏوهن هاڻِي، دوست پهچائين داد؛

پرين پنهنجي پار جو، عشق ڪرين امداد؛

”سچو“ آهي اوهان جو، تَنهن جي دوست ڪريو دل شاد.

 

ڪافي 19

 مين ماري،

محبت تنهنجي، ميان!

ورتم دڳ درد جو، تنهن سڀ ڪا واٽ وساري؛

گِلا ۽ غيبت جي، سِر تي کنيم کاري؛

چنڊ اُڀري آئيو، ويئي سڀ اَنڌاري؛

مِڙني مِٽِياڻن ۾، نِينهن ڪئي نِرواري.

 

ڪافي 20

جا چوڻ جيهي ناهه،

سائي ڪيئن چوان؟

ڳجهي آهي ڳالهڙي، ڪنهن ڪَل نه آهي ڪاءِ؛

اوڏي ناهي پَروڙ کي، ويجهي نه ويساهه؛

هُئڙي سُڌ حلاج کي، تنهن سِسي ڪوڏ ڪپاءِ؛

پوڻ آهي اونهن ۾، جتي هوءِ هواءِ؛

”سچو“ سِر نه سَلڻ جو، سو تان سڀ منجهاءِ.

 

ڪافي 21

جنهن دل تي آهي جوش:

سا دل سورن سان سنري.

آءٌ هڏ گهوري اُن تؤن، جنهن تي جوش خروش؛

ڳالهه ڳرهڻ ڪهڙي، خلق اڳؤن خاموش؛

اثر اهي عشق جا، اول وڃائي هوش؛

سالڪ سُک نه سرها، گوندر ڏي ڪن گوش؛

”خَلقَ الانسانَ عَليٰ صُورتِہ“ پادشاهي پوش؛

”سچو“ سوريءَ وڃاڻا جي، مَي ۾ ٿيا مدهوش.

سسئي

داستان پهريون

1

ناهي ويچاريءَ وَسُ، جو ڪَري ماٺ پَئِي رَهي؛

ڪَنهِين ڇَن نه ڇڏيوم، سندو گورَنِ گَسُ؛

ڏونگر منجهان ڏَسُ، پوندم هوت پنهونءَ جو.

2

وَيُم لالَنُ لوءِ، هِيءَ اَڻاسِي ننڊ ۾؛

ڀُليءَ هيئن نه ڀانئيو، پيو پروڙڻُ پوءِ؛

هوتُ وَٽِم جي هوءِ، تا سُک گُذاريون ڏينهڙا.

3

منهن ڏيئي آيام، جبل جهاڳڻ ڪيچ جا؛

طعنا تهمتُ لوڪ جا، سِر چَڱا چايام؛

ڀَت ڀَليءَ ڀايام، سِهرا سُور پريَنِ جا.

4

هيءَ نِماڻِي نال، سنگت نِجو ساٿيو!

ايندي پُٺيءَ آن جي، جيهي تيهي حال؛

هِن ڳوليندڙ جي ڳالهه، ڪا هئي هوتياڻِنِ ۾؟

5

رُئڻ زارو زار، راتو ڏينهان آهه مون؛

کوڙي ڪان قريبُ ويو، هِنيڙي مَنجهه هزار؛

هن گوليءَ جي گُفتار، ڪا ٻُڌيَوَ ٻاروچن ۾؟

6

وڃڻ ذوق ضرور، هِن ڪاهِل آهي ڪيچ ڏي،

ڏسان شال اکين سان، هوتاڻو حُضُور،

منهنجو ڪو مَذڪور، ٻُڌوَ ٻاروچن ۾؟

7

سرتيون سڪ سبيل، اَندر منجهه عجيب جِي،

راتو ڏينهان ٿي ڪريان، زاريون منجهان زِيلَ،

هن ڪمينيءَ جي قِيلَ، ڪا هئي هوتياڻن ۾؟

8

پِرين ڏيئي پور، ويا ويچاريءَ کي؛

تنهن دنيا جو دُور ڪيو، سڀو شوق شعور؛

هن مُئيءَ جو مذڪور، ڪو ٻُڌوَ ٻاروچن ۾؟

9

ريءَ ڪر تنهن گولي، آهيان آرياڻيءَ جي؛

جي ڏنائون ڏِيل کي، سو جهليم ۾ جهولي؛

هن ٻانهيءَ جي ٻولي، ڪا ٻُڌيوَ ٻاروچن ۾؟

10

ساريون پڇي ساٿَ، سنديون ڪيچن خبرون؛

هيڏي اچڻ جي هئي، ڪيچَيڙن کي ڪا ته؛

منهنجي ڀي مَصلحات، ڪا ٻُڌيَوَ ٻاروچن ۾؟

11

لَڪين ڏيئي لَت، پاڻ ئي ڪريان پڌرو؛

سارو وندر ووُڙيان، جيڏيون ڪارڻ جت؛

منهنجي ڪا مَصلِحَتَ، هئي هوتياڻِن ۾؟

12

ڪري ساٿ سوال، ته ڪيچن جي ڪا ڪَل ڏيو؛

جا ڇڏيائون ڇَپرين، موٽڻ تنهن مجال؛

هَي هَي آرياڻيءَ ري، ههڙا ٿيڙم حال؛

سندي هِن سنڀال، ڪا هئي هوتياڻين ۾؟

13

راتو ڏينهان رَت، اوتڻ آيم اُن ري؛

آيل عشق عليل ۾، شال نه پوي قَطُ؛

جبل سڀ جهاڳي وڃي، جيڏيون ڏسان جَتُ؛

هِن مُئيءَ جو مَتُ، پوي مذڪور پِرين ۾.

14

اَثر ڪيو اَفسوس، مُئيءَ جي مِرُن کي؛

جُود تنهين جي جوش، سارو روح رتيون ڪيون.

15

گوندر گذاريام، سي تان ڀلا ڏينهڙا؛

سڀ ڪنهن ساعت سپرين، ٿي صحي ساريام؛

هي ڪشالا ڪاريام، ساعت هڪ سمهڻ جي.

ڪافي 1

ڏونگر آهي ني ڏَسُ، ميان، هاريون منهنجي هوت جو.

هلان ته هلڻ نه ٿئي، ناهه ويچاريءَ جو وَس؛

راتيون رهڻ روهَه ۾، ڪاڪِيون آهي ڪس؛

ڪِيَڙو عشق عجيب جي، هنيڙي منجهه هَنبَسُ؛

آهي عجيبن جي، ”سچو“ سِڪ سَرس.

 

ڪافي 2

منهنجو پانڌيڙا پِرينءَ کي، ڏيج هي نياپو-

ڏيئي باهه ڀنڀور کي، هيءَ ڪيچ ڪندي ڪاپو؛

اَصل لاڪُون آهي، منهنجو ساڻن سياپو؛

آهي اوهان جو سپرين، هن ڇوريءَ تي ڇاپو؛

منهنجو محبوبن کي، ٻيو ڏيج نه ڏوراپو؛

سدا آهين ”سچوءَ“ کي، تون جيءَ جو جياپو.

 

ڪافي 3

پري ٿين نه شال، پرين پاڙيچا پرڏيهي!

ساڻن ٿيس نه سنگتي، هَي هَي ههڙي حال،

جَتن ڪِيڙم جيڏيون، جتنِ سان مون جال،

دوستن بنا ديس ۾، جيئڻ منجهه جنجال،

ڪنهن در ڏيان دانهڙِي، هو جي ڪُهي ويڙم ڪال،

ڪوڙين ڪَيَڙم ڪيترا، اُنهن ڪاڻ ڪشال،

سي ئي ”سچو“ آئيا، جن لڳ وجهايم فال.


 

ڪافي 4

ڀينر هي ڀنڀور، اُسين ڇڏي وينداسون!

وس نه آهيان پانهنجي، ڀلو ميان، پورن ڪِيَڙو پور،

- هِت رتي نه رهنداسون.

جاءِ عقل جي ناهه ڪا، ڀلو ميان، عشق ڏيکاريو هت زور،

- اُهي وٺي وينداسون.

پورهيو ڪَنديَس پِرَ جو، ڀلو ميان، ڇَڏي ٻيو تَڪَ تورُ،

- اُسين جا ڪي جِينداسون.

ڪاڪِيُون وَڃي ڪيچَ ۾، ڀلو ميان، لاهي هِنئين جو هورُ،

- ڏُکَ ڏوراپا ڏينداسوُن.

”سَچو“ ڏٺي سَڄَڻَن، ڀلو ميان، شوقَ مَچايو شورُ،

- تَن جي پکي پَهنداسوُن.

 

ڪافي 5

آهي ويچاري ڪا وَس، ميان، توکي معلوم مِڙيوئي!

ويٺِي آهيان واٽ تي، گولِي ڪََجو گَسِ، ميان.

سارو وِندرُ ووڙيان، ڏاها تُنهنجي ڏَسِ، ميان.

ماڻهو شَهر ڀَنڀورَ جا، رُوحَ نه اَچَن رَسِ، ميان.

”سَچو“ پوءِ پِريَن کَؤن، آهي ڀَنڀور ان بَسِ، ميان.

 

ڪافي 6

ڳوٺ ساري جون ڳليون ڳِليُون، وو، نِتُ ڏِسَڻ مون کي آئيون.

رَت روئڻ کون اُهي اَگڙيوُن، ڪين سي جهَلجَن جهَليون جهَليون.

ڪيچئڙن جُون وَري قَطاروُن، هيڏي ٻُڌيونسين هَلِيون هَليون.

سي نه وسرَن ڳالهيون اُهي، يارَ سَڄَڻ جي تو سَلِيوُن سَلِيُون.

چاڙهيئي اُسان تي دردَ فِراقَ جون، ڇُوهه ڏاڍي مَؤن ڇَلِيون ڇَلِيون.

روز اَزل کَون ڪَيوَ ”سچوءِ“ سان، يارَ ڀَلا، ڪيِئي ڀَلِيون ڀَلِيون.

 

ڪافي 7

هوت اچج هت هاڻين، پنهنجا ڏک ڏَسينديس، ميان.

دوست اوهانجِڙي آهيان، ميان، سائين لڳ سُڃاڻين،

- پاڻ گولِيَن گَڏينديس، ميان.

تون تان صاحب سُپرين، ميان، هيءَ نانءَ نماڻي،

- توکي سائين سڏينديس، ميان.

پَکان پَکن سامهان، ميان، آرياڻي مون آڻي،

- توکي اوڏا اڏينديس، ميان.

پُٺيءَ لڳس تانهنجي، ميان، حُبَ مَنجهؤن هوتياڻي،

- آءٌ ڪا پاندُ ڇڏينديس، ميان!

سچو اُوتي سپرين، ميان، پِنبڻن مان پاڻي،

- ڏک ڏوراپا ڏينديس، ميان.

 

ڪافي 8

هوتَ پِرين هڪواري، مُون کي اچي مِلج، ميان!

ڏونگر ڏورَڻُ مؤن نه ٿئي، ميان الا، آءٌ اورِي تو آري.

ڳچيءَ پائي ڪپڙو، ميان الا، زور ڪريندس زاري.

جا اوهانجڙي ڪوٺجي، ميان الا، ساتو ڪيئَن وساري؟

هيجؤن کنيم سر تي، ميان الا، بارُ برهه جو باري.

ويٺي ڏسان واٽڙي، ميان الا، مونجهه اَوهان جي ماري.

”سچوءِ“ سندو سڄڻا، ميان الا، ٿيو فراقُ فراري.

 

ڪافي 9

آس آءُ ڪي اُوڏِي، جهاڳيا مون تان جبل جالَ!

جي مون وِسَهو جيڏيون، آهيان ڪيچِن جي آءُ ڪوڏِي.

حَب جنهن کي هوت جي، درد نه ٻئي ڪَنهِن ڌوڏي.

ڪيئن ڪريان آءٌ ڪاڪيون، هوتُ منهنجو سو هوڏِي.

دَردَ جنهين کي دوست جو، لَڪَن سَانا لوڏِي.

سيڻن خاطر سُڻ ”سچو“ ڙي، گاههُ ڪنديس ٻَڌي گوڏِي.

 

ڪافي 10

وِيَڙا جي وڻڪار، اڃا وري ايندا سي!

ڪي ڏينهن پهچڻ ڪيچ ۾، قصد ڪندا ڪوهيار،

- اسين ڪاڏي نه وينداسي.

پوءِ منهن رکي جيڏيون، پاڻؤن ڄاڻِي هِن پار،

- اَسين ڪاڏي نه ٿينداسي.

آيا ڄاڻي سپرين، جيءَ  نِي پيڙو جار،

- نيهن نيبَههُ نينداسي.

هاڻي ”سچو“ مون کؤن وسري، ڪَتڻ واري ڪاري،

- اسين جا ڪِي جينداسي.

 

ڪافي 11

اُهي ڪهڙي طرف ويام، آءٌ ڳوٺ رَهِيس سَڀ ڳولي!

عشق ته عاشقن جا، ميان، اُڳهين ٿي ٻڌام،

- هاڻي ٽوليءَ مَون سو ٽولي.

ڪوڪان چڙهي ڪوههَ تي، ميان ڪيچئڙن ڪيام،

- هاڻي ڇوليءَ مَون سو ڇولي.

ڏوريندي مون ڏونگرين، ميان، سرتيون سال ٿيام،

- هاڻي رمز لڌي مون رولي.

”سچَل“ آءُ تان ٺاهيان، ميان، ساري سُڌ پِيام،

- اِتي پاڻ ٻاروچل ٻولي.

 

ڪافي 12

واٽ وندر جي ڪو ڏَسي، وو ڏَسي، مون کي جيڏيون!

سپريان جي ساٿ جا، آهيون سو عاشق اُسي، وو اُسي.

سُڌ تنهن کي سُور جي، ڄام پنهون جا پَسي، وو پَسي.

وهان ڪيئن ڀنڀور ۾، خانُ ويو دل کَسي، وو کَسي.

پِريان سندي پار ڏَهون، مانَ ڪو رهبر رَسي، وو رَسي.

هيڪند ٿيان جي هوِت سان، هينئڙو منهنجو هَسي، ووهَسي.

سِر ”سچوءَ“ جي سانوڻ وانگر، بِرهه جو بادل وسي، وو وَسي.

 

ڪافي 13

ناهه ويچارءَ جو وس نِي، توکي معلوم مِڙيوئي، ميان!

آهي هِن ڪميڻيءَ کي، ميان، ڏونگر سندو ڏَس نِي.

ڇڏي ڏونگر ڏاکڙو، ميان، ويڙهي اسان جي وَس، نِي

حالُ هِن جو هيڻو، ميان، پاڻ پنهون اُچي پَس، ني.

ٻاروچاڻي جاتِ ۾، ميان، تون سانول آهين سَرس نِي.

 

ڪافي 14

مون وٽ هو مهمان، ڀلو جيڏيون، اُڃا ڪالهه قافلو!

اُٿم اوٺارن جو، ميان، آيل ڙي آرمان.

ڏئي ڏکيءَ کي ويا، سورن جو سامان.

جتن سندي جات لاءِ، هَي هَي هيءَ حيران.

ڪندي وڃي ڪيچ ۾، هيءَ برهه جو به بيان.

 

ڪافي 15

صدقي صدقي هي سِر، ميان، آهي ڪو هيارل تؤن صدقي!

ڪافَ ڪشالا ڪيچ جا، ظاهر ٻُجهَن ٿا زِر، ميان.

جبل گهايا جوش مؤن، گهائي ڪِيَڙُوَ گهِرُ، ميان.

محبت جي ميدان ۾، گهيڙ ڏسي وڃي گهِڙ، ميان.

ويهڻ مون کي وِههُ ٿيو، ترسان هَڏِ نه تِرُ، ميان.

جيڏيون جانب جت لئه، ڀَئي ڀَئي وَتي هِيءَ بِرُ، ميان.

حبيباڻِي هنج ۾، ڪِيههَ ڪري وڃي ڪِرُ، ميان.

”سچو“ سچيءَ سڪ مَون، فاقو ڏِسِي نا ڦِرُ، ميان.

 

ڪافي 16

يار تون سان منهنجي زاري، آهي سَوَ لَک واري، ميان!

وندر جي وڻن ۾، واجهه وجهي ويچاري،

- سا تان محبت ماري.

هي تا حال حقير جو، اَچي ڏس آري،

- کَنيُم برهه باري.

اَزل لاڪوُن آهِي ئي، يار تو سان منهنجي ياري،

- پاتم ڳچيءَ ڳاري.

سور تُنهنجا سپرين، چُڪِيءَ کي چوڌاري.

- وجهج گهوٽ نه گهاري.

آهي هَٿِ حبيب جي، ڳالهه ”سچوءِ“ جي ساري،

- ڪندا نِي پوئواري.

ڪافي 17

پورهيت پاڻيءَ ڍوئِي، خان ٻاروچار تُنهنجي!

حاضر خدمت اُچِي اوهان جي، هال چونديس روئي؛

ساٿي اَسان جي سُڌ لهڻ لءِ، ڪڏهن نه مُڪو ڪوئي؛

قولُ ڪيو هوءِ هوت اسان سان، سائين پورو ڪر سوئي؛

ڪيئن وساري وهان اوهان کي، ڪَئِي تا ههڙي توئي؛

طوطي جي ڳچيءَ سَوَ سَلامن، ”سچوءِ“ مُڪا پُڻ پُوئي.

 

* ڪافي 18

هوت ڏَهون هاڻي آيُون، مان ڏي خوشخبران جي!

اَچِي اڏيون اوڏڙيون، جاءِ تُنهِنجَڙيءَ جايون.

ڇڏي شهر ڀنڀور کي، پير وري ايڏنهن پايون.

ٿيون جِيارن جيڏيون، اِهي ويچاريءَ کي وايون.

”سچوءِ“ سَنديون دانهِڙيون، دوست وري ورنايون.

 

ڪافي 19

ڙي جيڏيون، هاڻي هوت ويا جي، وو، سي موٽي مانَ اچن!

دعا ڪريجو جيڏيون، پَري نه هوتَ وڃن؛

سِگها موٽَن پوئتي، اچي ويڙهي هِن وسن؛

وڃي ڪيچ وڻن ۾، پورهيائِت پُڇَن؛

ڪيچي ڪميڻيءَ جي هُت، ڪَچي شاَل نه ڪَن؛

”سچو“ اَصلؤن آهي، سرتيون سَگ سندن.

 

ڪافي 20

يارَ ساٿيو، ڙي ميان، يار پانڌيو ڙي ميان...

ڀلوڙي ميان، ڪيچن جي، وو، ڪَلَ مون کي ڪائي ڏيجو.

هيءَ نماني، وو، وَر وڪاڻي ميان، نال نباهي نيجو.

ڪيم وساريو مُئي نه ماريو، ميان، ڇوري تان مَ ڇڏيجو.

ڏيو دلاسا ڪڏهن ايندا، ميان، لوڪؤن تان نه لڏيجو.

آءٌ اوهانجِڙي اصل آهيان، گولِي ساڻ گڏيجو.

جنهن ويلي، وو، هلو اِتاهون، ”سچو“ نانءُ سَڏيجو.

داستان ٻيو

1

ڪوڙيين قرباني، ٿيان هوت پنهونءَ تان،

ساهه سِري صدقي ڪريان، سندن مهماني،

هي جوڀن جواني، ٿي اَجائي گذاري.

2

جبل جالون جال، سو مون ڏورڻ نه ٿئي،

وڏا وڻ وڻڪار جا، ڪافن ڪوههَ ڪشال،

هي مون ڏسي حال، ٻاروچو ٻاجهه ڪري.

3

ٻاجهه ٻاروچا ڪر، مون ٿَرُ ٿيليو نه ٿئي،

ويچاريءَ جي ور، ڪر بلوچا بَئبان ۾.

4

اَچج آري ڄام، ڪو مُنهن موڙهيءَ جو ڪرين،

مون کَؤن مير مُدامَ، هي ٿر ٿيليو نه ٿئي.

5

آءُ تون پنهون يار، ڏسي حال حقير جو،

هن نماڻيءَ نِڪار، هي ٿر ٿيليو نه ٿئي.

6

هِن دم آري آءُ، ناهيم حال هلڻ جو،

مون نماڻيءَ کانءُ، هي ٿر ٿيليو نه ٿئي.

7

ڏيهه سندو ٿيو ڏور، رهبر ٿيءُ رُڃُن ۾،

مون ويچاريءَ مُور، هي ٿر ٿيليو نه ٿئي.

8

ڇپر تا مَ ڇڏين، آءُ هوتياڻي جَتَ ۾،

هن ڪميڻيءَ ڪَڏين، هي ٿر ٿيليو نه ٿئي.

9

هَٿان ويل ويام، ڪاڪِيون هاڻي ڪيئن ڪريان؟

ٿيلَڻ ٿَر ٿِيام، هاڻي هوتياڻِن لءِ.

10

جي هئي ڪميڻيءَ ڪَل، تا صبح ويندو ساٿڙو،

تان مون تنهن مهل، پُرزا پُرزا پاڻُ ڪيو.

11

هَي هَي ڪارڻ هوت، ڏونگر ڏورڻ آئيا،

ميان تائين موتَ، ووءِ ووءِ تان نه وساريان.

12

ووءِ ووءِ تان مَ وسار، متان ماٺ ڪري وهين،

ٿيو پِرُ تنهين پار، جاتي ٻيو ناههِ ڪي.

13

ڪيم وساري ويههُ، ووءِ ووءِ ڪر وندر ۾،

پڇڻ ڪارڻ پرينءَ جي، پاڙي پاڙي پيههَ،

ڏيهه- ڌڻيءَ جو ڏيهه، حاصل ٿئي جَت سين.

14

متان وهين ماٺ ۾، منجهه جلديءَ ڄُل،

هتي ويهه نه، هل، تان ڪِي پڄين پنڌ کي.

15

ويههُ نه وساريج، متان ماٺ ڪري وهين،

قولُ اُهو پاڙيج، هو جو ڪِيڙئي هوت سان.

 

ڪافي 1

ويجها شال رهن، ميان، ڏور لايا جن ڏينهڙا!

سگها منهنجي سپرين، پکي مان پَهن،

وڏا طالع تَن جا، جَن جي راڄ رهن،

هِن منهنجي حال جي، سِگهَڙي سُڌ لهن،

طعنا ڏيو تَن جا، ڏاهيون سڀ ڏَهن،

”سچو“ صدقي تن تَؤن، جي ٿا ڪيچ ڪهن.


* هيءَ ڪافي 18، مترفق ڪلام ۾ ڪافي 90 طور شامل ٿيل آهي، وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو صفحو 64 فٽ نوٽ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org