سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سوچون سرها گل

صفحو :7

 

• نظم

 

هيکل جيءُ، هزارين جهوريون،

- جان جلي ٿي.

 

اک تماشا لکي ڏسي ٿي،

- ڏنڀ ڏئي ٿي.

 

ڏيهه ڏکارو، ساٿي، سارو!

- سوچ سڙي ٿي.

 

آڌيءَ ٽاڻي ڳيرو ڳائي،

- ننڊ ڦٽي ٿي.

 

پوئينءَ رات تتر جو ٽهڪو،

- باک ڦٽي ٿي،

 

ڪر موڙي ڪا ڪنواري ڪوتا،

- جهول جهلي ٿي،

 

ڏات ڪويءَ جو ڏيل ڏنگي ٿي؟

- گيت گهڙي ٿي.

*

 

ڊٻَ تي ٻُوهه جا جيئن ٻوٽا ڄمن،

لُڪ ڪوسيءَ ۾ ڪين ڪومائجن،

سڃ ۾ سونهن ڪن، ڦول ڦولارجن،

سج جي ناوَ ۾ ڪَرَ کڻي ٿا جين.

 

تيئن انسان ڪي سورما ٿا ٿين،

ڏک ۾، بک ۾، وک اڳتي وجهن؟

سچ ساٿي کڻن، سونهن تي سر ڏين،

شينهن ٿي ٿا جين، مرد ٿي ٿا مرن!

 

ڊٻ تي ٻُوهه جا جيئن ٻوٽا ڄمن،

تيئن انسان ڪي سورما ٿا ٿين!


 

 

موت وهيءَ جو ٿيو،

ڄڻ ڪنهن گل ڇنو،

گل ڇني، مهٽي،

پَن پَن ڌار ڪيو!

 

موت وهيءَ جو ٿيو،

ڄڻ ڪو ساز ٽٽو،

جنهن جي تند تند ۾،

گيت لڇيو، ڦٿڪيو!

 

موت وهيءَ جو ٿيو،

سونهن – ڪتاب سڙيو،

ڪا تخليق جَلِي،

اُڌمو گهٽيو ويو!

 

موت وهيءَ جو ٿيو،

سو به ڪويءَ جو ٿيو،

فن جو چنڊ ٻڏو،

سَچ جو سج لٿو!

 

ڪنواريءَ ڪوتا جو،

ڄڻ ته سهاڳ لُٽيو!

اُڀريل سڏڪو ڪو،

دل ۾ دٻجي ويو!

 

جيون

 

جيون سائي ول آ، جنهن ۾ پيلا ٽوههَ پتا،

ڪنهن ڪنهن، جيون – ول جا سارا کارا ٽوهه ڳٿا!

 

جيون، ’ڊاماهي‘ جو ٻوٽو، جنهن ۾ ڪنڊا جام،

ڪوڪو ڪل لهي ٿو ان جي، ڪوڪو ڄاڻي مام.

 

جيون، ’ڏنگڻيءَ‘ جو ٻُوڙو آ، وک وک تي ايذاءُ،

آءُ ته ان ۾ ’مکڻيءَ‘ جهڙو، ڀريون يار هڳاءُ!

 

جيون جا پل اهڙا ڪوڙا، جهڙا اَڪ جا پَن،

ڦلڙين جهڙي، آءُ! انهيءَ ۾ سونهن ڀريون ساجن!

 

جيون، واريءَ جي ڊٻ آهي، سڃ ۽ رُڃ اپار،

آءُ! ته ٻوٽا بڻجي جاني، ڪريون ٻوهه-ڦلار!

 

جيون، ’چڀندڙ ڊاڀُوڙي‘ آ، چڀي رَتائي پير،

جيون جا هي ڏنگ ڏهاڙي، سهندا مرد مٿيَر!

 

جيون ’ڪُرندڙ ڪنڊا‘ آهي، جيون آهه گلاب،

ڪوڪو ڪنڊ لتاڙي ايندو، پڙهندو سونهن-ڪتاب!

 

 

جيون اهڙي انڊلٺ آهي، جنهن ۾ رنگ-پسار،

جيون آهه سرءُ جو جهوٽو، جيون آهه بهار!

 

جيون جا سَوَ روپ پيارا، جيون جا سَو رنگ،

جو جيون جا رنگ سڃاڻي، سو ڀل جهاڳي جهنگ!

 

• آزاد نظم

منهنجون وَنيون،

تنهنجو وانهيرو او مٺڙي!

هر سپني ۾ توکي پايان،

اکڙين اوڏو توکي ڀايان،

برکا- رُت جي ڪڻيءَ ڪڻيءَ ۾

تون ئي پسجين!

بسنت-رُت جي هر جهوٽي ۾

تون ئي ڏسجين!

ماڪ - مڻئي ۾ توکي پايان،

ڪوهيري ۾ توکي ڳوليان!

نيري نڀ تي تارن- تڙڪو،

باک - ڦٽيءَ جو نور-جهروڪو،

منهنجي آڏو

توکي آڻي،

باغن ۾ ڪِٿ ڪوئل ڪوڪي،

کٻڙن ۾ ڪِٿ ڀوري ٻولي،

تو لءِ منهنجو من واجهائي،

تصور جي ڪنهن هندوري ۾

توکي پائي

مست ٿئي، جهومي ۽ ڳائي.

چيٽ- رُت ۾،

چانڊوڪيءَ جي هر گُوهي مان

تنهنجو درشن ٿيندو آهي.

راتِ سانت جي مڌر ساز تي،

گيت جڏهن ڪو ڇيڙيندي آ،

سُر-ساگر جي لهر لهر ۾.

ٽٻيون ڏيندي، ايندي آهين!

اوجل جر ۾

تڙڳي تڙڳي،

’لاوي‘ جون ڪي لاٽون بڻجي،

منهنجي ويجهو ايندي آهين.

گهري گهوَر اکين ۾ پائي،

سندرتا جي دڳ لڳائي،

سرت، سمڪ جا سيڙهيا ميٽي،

کُنجون ڀري مستيءَ جي مَڌ جون،

نيڻن ۾ اوتيندي آهين،

ڪا سگهه بخشي ويندي آهين!

 

• کڙ کٻيتا- ڌرتيءَ جا ڏيئا

چنڊ، رَتي پينگهي ۾ ويهي

هوا- لهر تي لڏندو آيو،

رات سانت جي سيني ۾

سَوَ بڙڇيون، ڀالا هڻندو آيو.

اُڀ- نگر جون

ڇوريون گوريون،

سونا، روپا ڳهڻا پائي،

چنڊ- راجا جي راهه ۾ بيٺيون،

نيڻ وڇائي،

چندرما، هي اُڀ جو راجا،

نيري نُڀ جي ڇپر کٽ تي ويهي رهيو،

ڌرتيءَ ڏانهن نهار ڪيائين،

ڪرڻا ڪرڻا نُور ڇٽيائين.

چوڏس ٿي چانڊوڪي ويئي،

کير جيان،

ڌرتيءَ جي ڪُنڊ ڪنڊ روشن ٿي وئي؛

واهڻ، وستيون،

چمڪي اٿيون،

دير نه گذري، هوا اتر جي گهلي ”زوم سان،

ڪارا ڪڪر

اونده جا انبار کڻي،

۽ ڪارا ڪارا ڄار کڻي،

نُڀ- نگريءَ تي پکڙي ويا!

اُڀ - نگر جون

ڇوريون گوريون،

ڳهڻا لاهي،

ڊوڙون پائي،

اُڀ ڇڏي ويون!

چوڏس ٻاٽَ ڄمايو ديرو

ڌرتيءَ تي ڇانيو انڌيرو.

ڪي کن گذريا،

وونئڻن جي کيتن مان نڪتا،

کڙ کٻيتا.

ٽم ٽم ٽم ٽم جوت ڏنائون،

اوندهيءَ کي چٽو چيائون:

”ڀل تون اُڀ جا

تارا، ڪتيون وڄ ڳڙڪائي،

اسان هزارين کڙ کٻيتا،

ٽولا بڻجي،

کنڀڙاٽين ۾ کنوڻ لڪائي،

روشن روشن جوت جلائي،

نور چِٽي جي ڌارا بنجي،

ٽيڙو، چنڊ، ستارا بنجي،

ڌرتيءَ تي پکڙي وينداسون،

ڪاري اونده مات ڪنداسون،

ٻاٽ رات کي گهات ڪنداسون.

ننڍڙا آهيون کڙ کٻيتا،

ڌر ماتا جا ڏيئا آهيون.

ليئا پائي، روشن روشن رات ڪنداسون،

ڪاري اونده مات ڪنداسون!

ٻاٽ رات کي گهات ڪنداسون!!

 

* رينگا

ٽم ٽم ٽم آڪاش،

ماڻهوءَ جو وچ رستي تي،

رت ۾ لت پت لاش-

کولي پيو ڪو کيسن کي،

ڳولا ۾ آپيسن جي!

 

*

 

موتين مالهائون،

ڳوڙها ڳوڙها ڳل تي،

انڊلٺ ريکائون-

هنج لٿا ڄڻ تَل تي،

اُجري اُجري جَل تي![1]

 

* ڇتارا

ڪڪرَ ڪڪرَ جي ڪنڊ مان پائي، چنڊ لياڪا جيئن،

تيئن جوانيءَ جي چانڊوڪي، قيدي ٿيندي ڪيئن؟

قيدي ٿيندي ڪيئن؟ بندن ۾ جهلڪا ڏيندي سونهن!

ڇير پير ۾ ڇم ڇم ڇم ڇم، ڇلندي ايندي سونهن!

من-ڪنول تي اُڀري ايندي، آشا- رنگ - لهر،

جيون- اُڀ تان وٽڙي ويندا، ڪارنهن سروپ ڪڪرَ![2]

*

ڪَوتا ڪئن ڪانگهاري ٿيندي؟

گُوها گُوها سوچون ڏيندي؛

سوچون ڏيندي، جوڀن - ونتي،

جيون- جوتي، جرڪي پوندي،

ماڻهوءَ- مَنَ جا سارا سپنا،

لفظن ۾ سانڀي ٿي ڪَوتِا!

 

*

جذبا جاڳيل راتِ سُتلَ،

شاعر قيدي، سوچ ڇُٽلَ،

سوچ- ڇُٽل ڦڙڪايا پَرَ،

کوليءَ جا اورانگهي دَر،

نڪري آئي آ ڪِوتا،

دل جا جرڪائي جذبا!

*


 


[1]  * جاپاني نظم ”ٽنڪا“ (Tanka) جي هڪ بند کي ”رينگا“ (Renga) سڏيو ويندو آهي. ”هائيڪو“ جي وچ واري سٽ سان پويون ٻه سٽون هم وزن ۽ هم قافيه ملائڻ سان ”رينگا“ ٺهي پوندو آهي.

[2]  * ”ڇتارو“ نئين صنف آهي- پراڻي هندي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾”ڪنڍلي“ نالي هڪ صنف هئي، جنهن جو سٽاءُ بيت جي ماترائن تي ٿيل هو، ۽ ان ۾ وزن ۽ ماترائن جي ترميم ڪري ”ڇتارو“ ايجاد ڪيو ويو آهي. ڇتاري جي ٻي سٽ جو قافيي وارو اڌ، ٽين سٽ جي منڍ وارو اڌ لازمي ٿيڻو آهي ۽ پهرين سٽ جو پهريون لفظ، آخري سٽ جو آخري قافيو ٿيڻو آهي. (تاج)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org