سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر

صفحو :5

 

اياز جي هڪ نظم جو بند ڏسو:

منهنجي جهوليءَ ۾ آ ته ڳايان مان،
چنڊ، اڄ تون اداس آهين ڪجهه،
نُور مان ٿيو نراس آهين ڪجهه؛
ڳالهڙيون ڪجهه ڪري محبت سان،
گهاوَ تنهنجا سبي نفاست سان،
تنهنجي منهن تان گهٽا هٽايان مان.

 


مٿئين نظم ۾ قافئي جي عروضي طريقي کان گريز جو اهڃاڻ ملي ٿو. جنهن ۾ پهرينءَ سٽ جو قافيو وري آخري سٽ سان وڃي ملايل آهي.

 

اياز جو هڪڙو نظم جاچيو:

ماڪ لڳي جو موتي موتي،

 

ان کي چونڊي چونڊي مون،
آندو سورج جي سامهون
 

ڳوڙها هئا جيون جي جوتي،

 

جن کي پوئي پوئي مون،
پاتيون ڪنهن کي مالهائون.

 

ماڪ اڏاڻي، سج چمڪي ٿو،

پل جا پراڻي، سج چمڪي ٿو.

 

مٿيون نظم، آزاد نظم ڪو نه آهي؛ ان کي پابند نظم ئي چئبو. پر قافئي جي سٽا تي غور ڪبو ته ان ۾ آزاد نظم جي صورتگريءَ جا ارتقائي مرحلا نظر ايندا. ”بحر“ جي پابنديءَ کان انحراف جي اوائلي صورت اسين ڪشنچند ”بيوس“ جي مثال ۾ ڏسي آيا آهيون. هن نظم جي پهرئين بند جي پهرين سٽ، بند جي ٻين سٽن سان قافئي ۾ الڳ آهي. بند ۾ اها سٽ، اڪيلي بنا قافئي آهي؛ پر ڏسبو ته ٻئي بند جي پهرين سٽ ان سان هم – قافئي آهي.

قافئي ۽ بحر جي مقرر ترتيب کي ڇڏيندي به، ڪو نظم ”پابند“ تڏهن ٿو سڏجي، جڏهن ان جي سڀني بندن ۾ سٽن جو تعداد، قافئي ۽ بحر جي ترتيب ساڳي هجي. انهيءَ ترتيب موجب ئي، بنا قافئي ۽ آزاد نظمن کانسواءِ، ٻيا سڀ نمونا ”پابند نظم“ ۾ شمار ٿين ٿا، ۽ عروضدان به انهن تي اعتراض نه ٿا ڪن. پر اياز جي مٿئين نظم ۾ اها پابندي به ٽوڙي وئي آهي. ان جون آخري ٻه سٽون مٿين ٻن بندن کان تعداد ۽ سٽا ۾ بلڪل جدا آهن.

”بيوس“ ۽ ”اياز“ جي جن مٿين ٻن نظمن جا مثال ڏنا ويا، سي بهرحال ”پابند نظم“ ئي چيا ويندا؛ ڇو ته انهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني جي، پنهنجي مقرر ترتيب (Regularity) موجود آهي. پر هتي اسان کي ان مان اهو نتيجو حاصل ٿئي ٿو ته ”آزاد نظم“ ۾ نظر ايندڙ بحر ۽ قافئي جي ترتيب کان واضح انحراف ڪا اوچتي ايجاد ڪا نه آهي، بلڪ سنڌي شاعريءَ جي مختلف تجرباتي مرحلن سان ان جي تشڪيل ٿي آهي.

اسان ڏٺو ته بيتن جي شاعريءَ ۾ ”نظم“ جا تمام جهڪا اهڃاڻ موجود آهن. روايتي شاعريءَ جي مسلسل غزلن ۾ ۽ مسمط جي مختلف نمونن – مثنوي، قصيدي، مرثيي، وغيره – جي تاڃي – پيٽي مان گذري، جديد دور ۾ ”نظم“ پنهنجي مڪمل شڪل اختيار ڪئي. جديد دور ۾ قافئي جي عروضي ترتيب ۽ مقرر ڪيل بحرن جي مقرر ڪيل رڪنن ۾ تبديليءَ جا تجربا ڪندي، ”آزاد نظم“ کي اختيار ڪيو ويو. ان طرح، ڏسڻ ۾ ايندو ته ”آزاد نظم“ سنڌي شاعريءَ جي پنهنجن ئي اصل سرچشمن مان ڦٽي نڪتو آهي.

مغربي ادب جي مطالعي مان شاعريءَ جي اها معلومات حاصل ٿي ته شاعري ڪا فقط قافئي ۽ بحر جي حسابي ڪم جو نالو ڪونهي، بلڪ ان کي جامد (Mechanical) انداز سان قبول ڪرڻ جي حالت ۾ شاعر جي جذبن تي خارجي روڪ پئجيو وڃي.

هتي هي ڄاڻڻ به دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو ته فارسي شاعريءَ ۾ به ”آزاد نظم“ رائج ٿي چڪو آهي. سنڌيءَ جا عروضدان سوچي سگهن ٿا ته سنڌيءَ جي ”موزون ڪلام“ واريءَ شاعريءَ جو اصل بنياد ايراني شاعريءَ تي آهي: جڏهن اُهو ڪوٽ ڊهي چڪو آهي ته پوءِ اعتراض جو بنياد ئي ڪهڙو؟

آخر ۾ ضروري آهي ته ”جديد نظم“ جي وصف بيان ڪئي وڃي، جنهن سان آزاد نظم کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي، نظم جي جديد خصوصيتن جو مطالعو ڪندي معلوم ٿيندو ته اها صنف هاڻي فقط ”مسلسل بيانيءَ“ جو نالو نه رهي آهي. ”بيان“ جي تسلسل جي بجاءِ ”خيال“ جو تسلسل نظم جي ضرورت بنجي ويو آهي. هينئر به اهڙا نظم لکيا وڃن ٿا، جن جي هيئت غزل جي آهي ۽ خيال جي تڪرار سان تاثر پيدا ڪيو وڃي ٿو. اهڙن نظمن مان ڪو به شعر ڪڍي ڇڏجي ته نظم تي هوند ڪو به اثر نه پوي. در اصل نظم ۾ خيال جي ”تڪرار“ بجاءِ خيال جي ”ارتقا“ هئڻ گهرجي. نظم جي بنيادي صفت ان جي ”اندروني اڏاوت“ آهي. هرڪو نظم ڄڻ ته هڪڙي عمارت آهي. جنهن ۾ ڪا به هڪڙي سر ڪا الڳ حيثيت نٿي رکي. نظم ۾ ڪنهن به هڪڙيءَ مصراع يا بند کي پنهنجي علحدي حيثيت ڪانهي؛ بلڪ سمورين مصراعن ۽ سڀني بندن جي ميلاپ سان هڪڙي جامع ۽ مڪمل فضا پيدا ٿئي ٿي، جنهن جو مجموعي تاثر ئي نظم جي اصلي وصف آهي. ٻين لفظن ۾، ائين چئجي ته ”تاثر جي وحدت“ نظم لاءِ بنيادي ضرورت آهي. غزل ۾ فڪر ۽ خيال جا الڳ الڳ ننڍا ٽڪرا آهن، پر نظم ۾ فڪر ۽ خيال جو مسلسل پرواز آهي. جديد نظم ۾ وحدت جو جيڪو تصور آهي، سو ان کان بنهه مختلف آهي، جيڪو مثنويءَ يا قصيدي وغيره ۾ هوندو آهي.

مجنون گور کپوريءَ جي لفظن ۾،

”نظم صحيح معنيٰ ۾ اُهو آهي، جنهن ۾ خيال جي ارتقا هجي : ابتدا، وچ ۽ عروج هجي ان جو هر هڪ جز اهڙي طرح ڪُل ۾ سمايل هجي جو ڪٿي به جهول نظر نه اچي، ۽ اُهو هر طرح مڪمل هجي. غزل ۾ به جيستائين شعر جي هڪڙي مصراع ٻيءَ مصراع سان جڪڙيل نه هوندي آهي. تيستائين اهو شعر چڱو نه چئبو آهي ۽ ان مان تڪميل جو احساس نه ٿيندو آهي. نظم ۾ ان جي ضرورت تهان ئي وڌيڪ آهي. ان جي هرڪا سٽ ۽ هرڪو بند هڪٻئي سان ائين اندروني ربط رکن ٿا جو انهن جي ترتيب کي جڏهن بدلائي نه سگهجي، تڏهن ئي نظم جي ”اندروني اڏاوت مڪمل ٿئي ٿي. ان جي پهرين سٽ پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيڻ کپي، ڄڻ ته ڪا ويڙهيل شي کولي پئي وڃي: پهرئين شعر پڙهڻ سان، پهريون شعر ته ذهن ۾ رهي پر ٻيو ذهن کي اڳتي وڌائي.“(1)

هر ڪنهن دور جي شاعري پنهنجي اڳئين دور کان ”اڳتي قدم“ هوندي آهي. جديد سنڌي شاعري به پنهنجي ”موزون ڪلام“ واري اڳئين دور کان بدليل آهي، جنهن ۾ قافئي، بحر، علامتن، تلازمن وغيره، سڀني اڳين روايتن کان ٿورو ڪي گهڻو انحراف آهي. ”آزاد نظم“ تي اعتراض ڪنهن به طريقي سان ڪيو وڃي، اُهو مجموعي طرح سنڌي شاعريءَ جي هاڻوڪي سڄي دور سان لاڳو ٿيندو، جنهن هن صنف کي وجود ۾ آندو آهي. لازمي آهي ته اڄوڪا سمورا تجربا، ترقي ڪري، اهڙو روپ اختيار ڪن، جن جي ڀيٽ ۾ آئيندي، انهن کي خليفي ”گل“ جي غزل واري ناپخته صورت سمجهيو وڃي. پر غزل جي اُنهيءَ اوائلي صورت مان ئي ”سانگي“، ”گدا“، ”نجفي“ ۽ ”ڪاظم“ جهڙا غزلگو به اڳتي هلي پيدا ٿيا. تڏهن به اڪثر ماڻهو نئين انداز جي شاعريءَ تي تنقيد ڪندا انهيءَ ارتقائي عمل کي ڀلجيو وڃن، جيڪو ڪنهن تخليقي ڪارنامي کي وجود ۾ آڻي ٿو ۽ ان کي اظهار جو نئون لباس مهيا ڪري ٿو.

 

باب ڇهون

آزاد نظم جو فن

(١) شاعري.

آزاد نظم ”شاعري“ آهي: شاعري ”جذبي ۽ فڪر جو فني اظهار“ آهي: ”فن“ پيشڪش جو اهڙو طريقو آهي، جنهن سان تخليق ۾ ”تاثر“ پيدا ٿئي: ۽ ”تاثر“ پيدا ڪرڻ جو ڪو به هڪڙو طريقو مقرر نه آهي.

هرڪو تخليقي فن فنڪار جو اندروني تجربو آهي، جنهن کي هو مختلف ”مادي وسيلن“ سان ظاهر ڪري ٿو. سمورا لطيف فن، ان ڪري، فنڪار جي مادي وسيلن کي استعمال ڪرڻ جي لياقت جا طالبو آهن. شاعري به هڪ لطيف فن آهي، جنهن جي اظهار جو مادي وسيلو ”لفظ“ آهن.

شاعري سڀني لطيف فنن جو روح ۽ سڀني کان اتم آهي. شاعريءَ کان موسيقيءَ جو درجو گهٽ، موسيقيءَ کان مصوريءَ جو درجو گهٽ، مصوريءِ کان بت تراشيءَ جو درجو گهٽ، ۽ بت تراشيءَ کان عمارتسازيءَ جو درجو گهٽ آهي. لطيف فنن جي اِها درجيبندي اُنهن جي مادي وسيلن جي مقدار موجب ڪيل آهي.

عمارتساز وٽ پنهنجيءَ تخليق کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ پٿر، ڪاٺ، لوهه، گچ، مٽي، شيشو، ۽ ٻيا اڪيچار وسيلا موجود آهن؛ تنهنڪري ان جو درجو سڀ کان هيٺ آهي. ان جي ڀيٽ ۾، بت تراش وٽ پنهنجي خيال کي ظاهر ڪرڻ لاءِ فقط پٿر يا ڌاتو آهي، جنهن ۾ هو زندگيءَ جهڙي حرڪت ڀريو ڇڏي، تنهنڪري سندس فن عمارتسازيءَ کان مٿي آهي. مصور جي اڳيان هڪڙو ڪاغذ يا پڙدو (Canvass) آهي، جنهن جي سطح هموار ۽ محدود آهي پر هو رنگن جي وسيلي ان ۾ وڏي ۾ وڏي اوچائي يا هيٺانهين، وڏي ۾ وڏو مفاصلو يا ويجهڙائي، ۽ ڪنهن به شي جي جسامت کي ننڍي پيماني تي به قدرتي جسامت جيان ڏيکاري ٿو سگهي؛ تنهنڪري ان جو درجو بت تراش کان بلند آهي. موسيقار وٽ اندروني اظهار جو وسيلو آهي ”آواز“، جنهن جي لاهه ۽ چاڙهه سان هو تاثراتي ڪيفيت پيدا ڪري ٿو، ۽ مختلف خارجي منظرن جي اثرائتي عڪاسي به ڪري ٿو؛ تنهنڪري سندس فن مصور جي فن کان وڌيڪ اوچو آهي. شاعري سڀني لطيف فنن کان اُتم ان ڪري آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي تخليق جو واحد وسيلو ”لفظ“ آهن، جيڪي پٿر، لوهه، ڪپڙي، رنگ، وغيره، جيان ڪي مادي شيون نه آهن.

لفظ شين جون علامتون (Symbols) آهن، اصل شئي نه آهن. شين کي اکين جي ذريعي ڏيکاري سگهجي ٿو، پر جذبا ۽ خيال، جن جي ڪا به مادي شڪل ڪانهي، جن کي نه ڏسي سگهجي ٿو ۽ نه ڏيکاري سگهجي ٿو، تن جي صورتگري ڪيئن ڪجي؟ ”غم“ ۽ ”خوشيءَ“ جي شڪل ڪنهن ڏٺي آهي؟ انهن کي فقط محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. شاعر جذبات ۽ محسوسات جي اڻڏٺل دنيا آهي، جيڪا شاعر ٻين کي سندن ”ڳالهايل لفظن“ ذريعي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جن سان انهن جي جذبن جي وابستگي آهي. پر ڪو پيچيدو يا نئون خيال، جنهن کي هڪڙي اعليٰ شاعر پهريون دفعو محسوس ڪيو هجي، يا ڪو انتهائي نفيس ۽ لطيف نُڪتو، يا ڪو اهڙو انوکو تصور، جنهن لاءِ ڪي به ڄاتل سڃايل علامتون موجود نه هجن، تنهن کي ڪهڙيءَ ريت ظاهر ڪري سگهجي ٿو؟ شاعراڻي اظهار جي اِها دشواري ڪا نئين ڳالهه نه آهي، بلڪ شاعريءَ جيتري ئي پراڻي آهي. شاعريءَ جي تاريخ ۾ جڏهن جڏهن ڪو نئون خيال، ڪو نئون احساس، ڪو نئون فڪر اُڀريو آهي ته شاعر ان جي اظهار لاءِ پاڻ کي مجبور محسوس ڪيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾، گوئٽي جي لفظن ۾، شاعر کي ”ملڪوتي زبان“ (Language of spirits) تي ظابطو هئڻ گهرجي، جيئن هو پنهنجا انوکا احساس پيش ڪري سگهي. (1)

پر ظاهر آهي ته جيستائين شاعر پنهنجيءَ مادي دنيا سان وابسته آهي، تيستائين ”ملوڪتي“ يا محسوسات جي اهڙي زبان نٿو استعمال ڪري سگهي، جنهن جو ڪوئي روپ ڪونهي، ۽ جيڪا ڪنهن ٻئي قسم جي موجودات سان تعلق رکي ٿي. تنهنڪري شاعر کي، بهرحال، لفظن جو به نئون سرشتو تخليق ڪرڻو پوندو؛ نين علامتن، نين تمثلين ۽ اشارن جي ايجاد ڪرڻي پوندي. گويا، شاعر کي پنهنجي اندروني تجربي جي تخليق سان گڏ، ان جي اظهار لاءِ زبان جي به تخليق ڪرڻي آهي. ان جي معنيٰ هيءَ ٿي ته شاعر زبان جي موجود لفظن ۾ ”نئين معنيٰ“ ٿو پيدا ڪري. شاعري ان ڪري ”معنويت“ جو فن آهي، لفظن جي ڪيميا گري آهي. اهو ئي سبب آهي جو شاعريءَ جي فن جي حاصلات ٻين فنن جيان ”اِڪتسابي“ طريقن سان حاصل نه ٿي ڪري سگهجي. ٻيو ڪو به اهڙو فن ڪونهي، جنهن ۾ فنڪار پنهنجي استعمال هيٺ ايندڙ شين (Materials) جي قاعدن قانونن کان ايترو اڻڄاڻ رهندو هجي. هڪڙي مصور کي رنگن جي ڪيميا گريءَ جي ڄاڻ ضرور هجڻ کپي؛ هڪ بت تراش پٿر ۽ ڌاتوءَ جي خاصيتن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهي؛ هڪ موسيقار کي سر – تار جي پيچيدگين جي تعليم ضرور پرائڻ کپي؛ پر شاعر جا اسباب (Materials) زياده تر عام زندگيءَ جو جزو آهن، جيڪي ”ڳالهايل لفظن“ جا اُچار آهن، ۽ انهن جي استعمال جا قاعدا جبلتي (Instinctive) آهن. انهيءَ ڪري اسان جي گهڻن وڏن شاعرن پنهنجي فن جي علمي مطالعي لاءِ ڪو تمام ٿورو وقت صرف ڪيو آهي؛ ۽ جيڪي تمام ماهر عروضدان آهن، سي به هن مسئلي تي بلڪل خاموش رهيا آهن، يا بحر – وزن بابت ڪي مٿاڇرا ۽ غير اطمينان بخش بيان پيش ڪيا اٿن ۽ انهن ۾ اهڙيون ڳالهيون پيش ڪيون اٿن، جن کي خود سندن شاعري به رد ٿي ڪري.

جهڙيءَ طرح جدا جدا وقتن جي شاعرن جا خيال ۽ احساس الڳ الڳ ٿين ٿا، تهڙيءَ طرح انهن جي لفظن جو ذخيرو ۽ انهن جي استعمال جو طريقو ۽ مفهوم به الڳ الڳ ٿئي ٿو. هر ڪنهن وقت جي شاعر جي خيالن جو هجوم، خيال جو تسلسل نقطه نظر ۽ تخيل جي قوت علحدي ٿئي ٿي ۽ هو خارجي دنيا تي نئين طريقي سان روشني وجهي ٿو. سندس زندگيءَ جو تجربو الڳ هوندو آهي؛ سندس ذوق، مزاج ۽ تصور جي اُڏام هڪ نئين انداز سان نمودار ٿئي ٿي. اهي سڀ ڳالهيون گڏجي سندس اسلوب جي تعمير ڪن ٿيو. ” شاعريءَ ۾، انهيءَ ڪري، هر ڪو نئون دور، هر ڪا نئين تحريڪ پنهنجي لفظن جي ذخيري، علامتن ۽ استعارن سان سڃاتي ويندي آهي.

لفظ ڪي بيجان مورتيون ڪين آهن، بلڪ جيئرا جاڳندا روح آهن. هر لفظ کي پنهنجيءَ معنيٰ جو ميدان آهي. هر ڪنهن دور جي فڪر ۽ احساس جي طرز ۾ تبديلي لازمي طرز تي نين علامتن، نون تلازمن ۽ نون مفهومن سان لفظن جي ڪيمياگري ڪري ٿي.

لفظن جو نظام شاعريءَ ۾ مخصوص ذهني ضرورتن، جذباتي ۽ فڪري پس منظر سان وجود ۾ اچي ٿو، ۽ پنهنجي اظهار جا سمورا امڪان صرف ڪري، رخصت ٿيو وڃي. ان کانپوءِ انهن لفظن ۽ علامتن جي لچڪ ختم ٿيو وڃي ۽ ڪو سچي ۾ سچو تجربو به انهن ۾ رسمي ۽ بيجان ٿيو پوي ۽ اظهار جو معنيٰ سان ناتو ٽٽيو پوي. اهڙي دور ۾ زنده لفظن ۽ زنده علامتن جي تلاش در اصل هڪ ”معنويت“ جي تلاش آهي.

(٢) آزاد نظم ۽ شاعري.

شاعر جو ٻيو ڪم پنهنجيءَ تخليق ۾ تاثر پيدا ڪرڻ آهي (1). مٿي چيو ويو آهي ته تاثر پيدا ڪرڻ جو ڪو به هڪڙو طريقو ڪو نه آهي، اول ته تاثر ڪا خارجي شي ڪا نه آهي، ۽ نڪو ان کي ڪنهن خارجي طريقي سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. ”تاثر“ جو ٻيو نالو ”شعريت“ آهي، جيڪا جذبي جي سچائيءَ تي منحصر آهي. جيتري قدر جذبي ۾ خلوص جي شدت هوندي، اوتريقدر ان ۾ اثر به هوندو. ٻيءَ طرح، شاعريءَ جو هيءُ پهلو ”هيئت“ جي مسئلي سان تعلق رکي ٿو، جنهن موجب اسين ”نثر“ ۽ ”شعر“ ۾ فرق ۽ امتياز ڪريون ٿا.

نثر ۽ شعر ۾ ڪو فرق ضرور آهي، پر جيتريقدر ائين چوڻ آسان آهي، اوتري ئي قدر ان کي ثابت ڪرڻ ڏکيو آهي. خاص ڪري اڄوڪي زماني ۾ ”تخليقي ادب“ جا اهي ٻئي نمونا ايترو ته هڪٻئي جي ويجهو اچي چڪا آهن جو انهن جي ڪا الڳ الڳ وصف ڪرڻ مونجهاري جو سبب بنجي پيئي آهي. شعر نثر کان اڳ پيدا ٿيو آهي، ۽ درجي بدرجي پنهنجيون ارتقائي منزلون طي ڪندو آيو آهي. پر گذريل هڪ صديءَ جي عرصي اندر نثر ان حد تائين ترقي ڪري اچي شعر جي برابر بيٺو آهي جو ان ۾ شاعريءَ جيترو ئي جمالياتي حظ، جذباتي اڇل، رواني، اشاريت، مسرت ۽ تاثر محسوس ٿئي ٿو: ايتريقدر جو اسين چئي سگهون ٿا ته ڪيترو ئي نثر دراصل نظم ۾ لکيل آهي، ۽ ڪيترو ئي شعر نثر ۾.

عام طرح نثر گرامر جي سٽا موجب ڪنهن عبارت کي چئجي ٿو. گرامي سٽا کان ڦريل عبارت، نثر نه چئبي. شعر ۾ اها ڳالهه لازمي ناهي. شعر ۾ لفظن جي ترتيب ٻيءَ طرح ٿئي ٿي، جنهن ۾ وڌاءَ وارا لفظ خارج ٿي وڃن ٿا. انهيءَ کي اسين شعر جي ”جامعيت“ چئون ٿا، جيڪا نثر ۾ ڪانهي. اِها جاميعت ئي آهي، جيڪا شاعريءَ جي ٿورين سٽن ۾، نثر جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ معنويت پيدا ڪري ٿي. لفظ ٻي شي آهي ۽ معنويت ٻي شي. شاعريءَ جي زبان، نثر کان وڌيڪ جامع ۽ پُر معنيٰ آهي. ايزرا پائونڊ جي لفظن ۾، اڄ تائين نثر ۽ نظم ۾ ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو فرق معلوم نه ٿي سگهيو آهي (1) انهيءَ ئي بنياد تي، شاعريءَ بابت مئٿيو آرنلڊ جي هيءَ وصف مشهور آهي ته ”اِها بهترين لفظن جي بهترين استعمال جو فن آهي.“

رهيو شاعريءَ ۾ ”تاثر“ جو سوال، ته اهو خود شاعريءَ جي جامعيت جو نالو آهي، جيڪا ”موزونيت“ سان پيدا ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾، ”وزن“ ئي شاعريءَ جو امتياز به آهي، ۽ ان جي بنيادي ضرورت به.

مٿي اسان چيو آهي ته گرامري سٽا کان ڦريل عبارت کي نثر نه چئبو. پر گذريل دور ۾ اسان اهڙيءَ عبارت کي به نثر چيو آهي. يارهينءَ ٻارهينءَ صديءَ ۾ مقفيٰ ۽ مسجع عبارت کي نثر چيو ويو؛ ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ ان ۾ جملن جي گرامري سٽا کان بدليل صورت هئي، تنهنڪري ان ۾ نظم جو عنصر به موجود هو، پر وزن جي اڻهوند ڪري اهو گهڻي قدر نثر هو، ۽ انهيءَ ڪري اهڙين عبارتن کي نثر ۾ شمار ڪيو ويو.


(1)  ”سوغات“ جديد نظم نمبر

(1)The Writer’s Trade” L. A. G. Strong, London 1947, p. 9

(1)  ”موزون ۽ با اثر ڪلام، جو ارادي سان لکيو ويو هجي، سو شعر آهي.“ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ : ”ادب ۽ تنقيد“ آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد سنڌ 1949ع، ص 82.

(1) “Literary Essays of Ezra Pound” Edited by T.S . Eliot Faber and Faber Limited. London, p. 26

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org