سيڪشن: شآعري

ڪتاب: ٽُٽي جو تَندُ تنبوري جِي

باب:

صفحو:1

ٽُٽي جو تَندُ تنبوري جِي

پريل دايو

 

ڇپائيندڙ پاران

 

هيءُ ڪتاب ”ٽُٽي جو تند تنبوري جي“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽ ڀلوڙ شاعر محترم پريل دايو صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾: دوها، وايون، گيت، نظم ۽ غزل شامل آهن. شاعري روح جي راحت آهي ۽ اِهو شاعر جو ڪمال آهي، ته هو پنهنجي احساس ۽ فڪر کي بيان ڪرڻ لاءِ اهڙن لفظن جو انتخاب ڪري جيڪي پڙهندڙ کي ان طرف مائل ڪن. هن مجموعهء ڪلام ۾ شاعر پنهنجي احساس ۽ فڪر کي خوبصورت لفظن جي پوشاڪ پهرائي شاعريءَ جو روپ ڏنو آهي. جنهن ۾ هُن معاشرتي ۽ سماجي، حالتن جي ڀرپور عڪاسي ڪرڻ کان علاوه پنهنجي شاعريءَ ۾ حب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار ڪلام به سَرجيا آهن.

سنڌي ادبي بورڊ معياري ادب کي شروعاتي ڏينهن کان اوليت جي بنيادن تي شايع ڪري پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ جي روايت کي قائم رکندو اچي. هيءُ ڪتاب ”ٽُٽي جو تند تبنوري جي“ بورڊ جي پبليڪيشن شعبي ۾ ڪافي وقت کان پيل هو، جنهن جي اهميت کي مدِنظر رکندي، بورڊ جي مانواري چيئرمين صاحب جي هدايتن تحت بورڊ طرفان شايع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سندن علمي ۽ ادبي گهراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان نوان ڪتاب شايع ڪري پڌرا ڪرڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نوان پروگرام پڻ جوڙيا آهن. ان کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ لئبريري ۾ رکيل مختلف موضوعن تي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هرممڪن ڪوشش ٿي رهي آهي.

هن ڪتاب ”ٽُٽي جو تند تنبوري جي جو هيءُ  پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي
سرپرستيءَ ۾ شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهي آهيان.

توقع آهي ته، هيءُ علمي پورهيو شاعريءَ سان چاهه رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.

 

26- صفرالمظفر 1445هه                گلبدن جاويد مرزا

13- سيپٽمبر 2023ع                          سيڪريٽري

 

 

مهاڳ

 

سڳر سونهين جن

(پريل دايي جي شاعري جو اڀياس)

 

منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي ته مان فقير پريل دايي جي شاعريءَ جو ڇيد ڪيان، سندس شاعري جي ڪتاب تي مهاڳ لکان، مهاڳ ٻه اکر لکڻ جو نالو ناهي ٿيندو، مُهاڳ ٻه چار ليڪا پائي جان ڇڏائڻ جو نالو ناهي، مهاڳ ڪتاب جو آئينو آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ ڪتاب کان اڳ ڪتاب جا اولڙا پسي ٿو ۽ مهاڳ پڙهندڙ کي ڄڻ ذهني طور تيار ڪري ٿو ته هو باقي پاڻ پڙهي حظ حاصل ڪري، پنهنجي مُراد حاصل ڪري، نصيحت پيغام مان فيضياب ٿئي. ليکڪ وڌيڪ ڇا ٿو چئي. ڪهڙيون فهم فراست جون ڳالهيون ٿو ڪري، ڪهڙا منظر چٽي ٿو، ان ڪري مهاڳ لکڻ واري جي وڏي ذميواري بڻجي ٿي ته هو مڪمل طرح ليکڪ جي تخليق جو بغور مطالعو ڪري ۽ پوءِ راءِ ڏي، سنڌي ادب ۾ ڪو وقت هو جو شاندار مُهاڳ لکيا ويا خاص طور شيخ اياز جي شاعري جي ڪتابن جا مُهاڳ جيڪي سائين محمد ابراهيم جويي لکيا. انهن جي تاريخي حيثيت آهي. سنڌي ادب ۾ انهن مهاڳن جو الڳ مقام آهي ۽ سچ اهو آهي ته اسان جي ٽهي جا شيخ اياز جي عاشق هئي ۽ سندس ڪوبه ڪتاب ڇپبو هو ته ان جو حاصل ڪرڻ ۽ پڙهڻ جو جنون هوندو هو، جيستائين پڙهي پورو نه ڪبو هو ته ڪابه شيءِ وڻندي نه مٺي لڳندي هئي پر شيخ اياز جي شاعري کان اڳ سائين جويي صاحب جا لکيل مُهاڳ سٽ سٽ، ورق ورق وڏي شوق ۽ اُتساهه سان پڙهندا هئاسين، ڄڻ اياز کي پڙهڻ لاءِ جويي صاحب جي موتين جي ٿالهه جهڙن لفظن ۾ شيخ اياز جي شاعري جا جلوا پسندا هئاسين. اياز کي پڙهڻ کان اڳ مهاڳ مخمور ڪندو هو، سنڌ سميت جڳ جهان جا مختلف منظر عيان ٿيندا هئا، هاڻي ته تون مونکي حاجي چئه مان توکي قاضي چوان وارو دور آهي، بس تعريف ڪرڻي آهي، پر جي ڪنهن اوڻائيءَ جو تذڪرو هوندو ته ليکڪ جي ڪروڌ جي انتها هوندي ۽ پيو پاڻ پڻائبو، هاڻي ته مهاڳ لکرائين ڪونه ٿا، نئين ٽهي ته ماشاءَ لله ڄمندي ڄام آ، ڪير سندن نالو وٺي؟ دنيا جو سمورو علم پينگهي ۾ کين منتقل ٿيو هو.

پريل جي ڪتاب تي مون لاءِ لکڻ ان ڪري ڪٺن آهي ته پريل سان منهنجو رشتو ناتو اولاد جهڙو آهي مان سجاد ۽ پريل ۾ ڪو فرق نه سمجهيو آهي، ڪجهه وقت اڳ سجاد جي شاعري جو ڪتاب ”چنڊ جو عڪس“ تي مان ان ڪري ٻه اکر به لکي نه سگهيو هئس. ڇو ته جيڪي پيارا هوندا آهن انهن جي خامين تي نظر ناهي پوندي، اکيون ته سدائين خوبيون ئي تلاش ڪنديون آهن، سو ساڳي صورتحال درپيش آهي ۽ هڪ ٻي شيءِ ته شگر هڪ پاسي منهنجي ياداشت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي ته ٻئي پاسي لکڻ مهل هٿ ۾ شايد ارتعاش پيدا ٿئي ٿو، انهن ٻنهي ڪيفيتن کي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن اکين مان لڙڪ به لڙي پون ٿا.

پريل جو هي ٽيون شعري ڳٽڪو اچي رهيو آهي، هن کان اڳ سندس ٻارن لاءِ لکيل ٻه مجموعا ڇپجي سنڌ ۾ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. پريل منهنجي هٿن ۾ ڄائو آهي ’نوراجا‘ منهنجو ۽ پريل جو محبوب ڳوٺ آهي ۽ اسان جا گهر به ڪو پري نه هئا، سندن والدين سان گهرو رستو رهيو آهي، سندس ڏاڏو منهنجي والد صاحب جو مٿو مٿي تي يار ۽ ٻئي پورهيت ۽ وري پريل مون وٽ ڇهين کان اٺين درجي تائين پڙهيو، منهنجي گهر جو ڀاتي ٿي رهيو، پنهنجي ماءُ جو ته لاڏلو هو ئي، پر منهنجي امڙ جو به منجهس ساهه هو ۽ منهنجن گهر وارن وٽ به سندس حيثيت پنهنجي ئي ٻار واري رهي، بلڪ آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ڳوٺ ڇڏي پني عاقل اچي رهڻ به لڳ ڀڳ هڪ اڌ سال جي فرق سان گڏ ئي ٿيو، هي ننڍي هوندي کان ئي انتهائي حساس نازڪ طبع ۽ ڳالهه کي هڪدم سمجهي تهه تائين پهچڻ وارو رهيو آهي.

پريل جو ڌرتيءَ سان ناتو آد جڳاد کان جڙيل آهي، هن جو جنم جنهن ڪڙم قبيلي ۾ ٿيو، تنهن جي سڃاڻپ تنهن جو تعارف ئي مٽي آهي، پريل جو والد ۽ ڏاڏو پوکي راهي سان لاڳاپيل رهيا، ڌرتي جو سينو چيري سونا سنگ اُپائيندا  رهيا، ڳوٺ جي ويجهو ڌاريجن جي  ويڙهي سان گڏ زمين سندن ماتا هئي، جيڪا هنن کي هر ويل ڪجهه نه ڪجهه ڏيندي رهندي هئي ۽ پريل پنهنجي گهر ڀاتين سان ان زمين مٿان ٽپندو ڪڏندو وڏو ٿيو، وڍ سٿري، لابارو، ديرو، ڇڄ، ڪنڍي، بٽائي، برڪت جهڙن لفظن سان آشنائي ننڍپڻ ۾ ٿي ۽ چوگرد وڏا وڻ نم، سرينهن، ٽالهيون، ٻٻر، ٻير، لئو ۽ کجيون، اَنب، ليمان سڀ فصل ساوڪ ئي ساوڪ. کوهه ڳاڌي مالهه لوٽيون پاڙڇا اڏ ۽ ان ۾ کوهه مان نڪرندڙ وهندڙ مٺو ماکي جهڙو ۽ چانديءَ جي پيٽ جهڙو پاڻي ڪنگو ساڪڻ ته پوءِ ذهن ۾ شاعراڻي ڪيفيت ته اوس پيدا ٿيندي ۽ وري اتي فقير طبيعت زميندار ربڏني عرف ربن ڌاريجي جي مٺي مرڪ سان شفقت ۽ ان جي هٿن ۾ شاهه لطيف جو پاڪيٽ سائيز رسالو ۽ لطيف جا بيت هن ٻار کي جهونگاري ٻُڌائڻ، سمجهائڻ، سهڻي، سورٺ، ليلا، سسئي، مومل، مارئي سان رس رهاڻ ڪرائڻ ته من ۾ محبت سان محبت ڪرڻ ته ضرور نشونما وٺندي، ماحول به ته شاعر ڪري ٿو ۽ پوءِ جڏهن پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿئي ٿو ته کيس استاد ملي ٿو ساده مزاج، عاشق سڀاءُ في البديهه شاعر ”مٺل نوراجائي“ جنهن جي پڙهائڻ جو طريقو به شاعراڻو هو، موتين جهڙا اکر لکندڙ مٺل سدائين جهونگاريندو رهندڙ ۽ وقفي وقفي سان ٻارن جي ڪلاس ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ميز کي طبلي جيان هٿڙن سان وڄائيندي، پنهنجي رچيل گيتن غزلن کي انڊيا جي مشهور گانن جي ڌن تي آهستگيءَ سان ٻڌائڻ تي ٻار موهت ٿي پوندا هئا. وري پريل جڏهن ڇهين درجي ۾ مون وٽ برانچ مڊل اسڪول ۾ آيو، ته سندس آجيان ننڍڙي لائبريري ڪئي. ان زماني ۾ منهنجي سڃاڻپ سخت گير استاد طور مشهور هئي ۽ هي نازڪ نفيس ٻار خوفزده ٿي اسڪول آيو، سندس پاڙيسري ۽ قرآن پاڪ جو استاد حاجي غلام مصطفي سميجو جيڪو سبق ڪچي هئڻ تي ڊگهي ڏنڊي ۽ مُڪن سان ڊاهي ڇڏيندو هو سو، مون وٽ آيو ۽ رازداري سان پريل جي پارت ڪندي چيائين ته ”هي ڏاڍو نفيس طبع ۽ هٺيلو ٻار آهي، هن کي پيار سان پڙهائڻو آهي دڙڪي ۽ ٿوري به مار سان هي اسڪول نه ايندو، مان هن کي چڱي طرح سُڃاڻان“ مون سائين جي ڳالهه ڳنڍ ۾ ٻڌي ۽ ٻئي پاسي سندس والده منهنجي امڙ جي ڌيءُ ڪري سڏيل هئي ۽ پريل ان جو سڪيلڌو اڪيلو پٽ، امان لاءِ پريل ڄڻ پهريون ڏوهٽو. امان کي ٻيا ڏوهٽا زاهد، شاهد وارا پوءِ ٿيا. پريل جي ماءُ منهنجي ڀيڻ جنهن جو هن ۾ ساهه، جنهن کي هن کان سواءِ گرهه به نه هلي. تنهن گهر اچي چيو ”ادا سرور! منهنجي پريل کي وڏو ماڻهو بڻاءِ.“ مان مرڪي کيس ها ڪئي ۽ چيو ته کيس وڏو ماڻهو مان ڪيئن بڻايان!؟ البته اڳيان ڪيئي مثال هئا ته ڪتابن جي دوستي وڏ ماڻهپ ضرور عطا ڪري ٿي، من ننڍڙو پريل ڪتابن سان نينهن لائي وڏو ماڻهو بڻجي، وڏو انسان بڻجي، علم ۽ انسانيت کان وڏي ته ڪابه شيءِ ناهي، علم لازوال دولت آهي، ڌن دولت مايا ته ساميءَ چواڻي مت وڃائي ٿي ۽ ايئن پريل جي صدقي پوري اسڪول کي مون پيار ۽ ٻاجهه سان پڙهائڻ شروع ڪيو، ته مون کي شاندار نتيجو مليو ۽ سبق حاصل ٿيو ته ”مار ٻار جي سنوار ناهي پيار ٻار جي سنوار آهي.“ اهڙي طرح پريل ٽي سال مون وٽ برانچ مڊل اسڪول ۾ پڙهيو، اسڪول جي هڪ ڪٻٽ ۾ مون ننڍي لائبريري ٺاهي هئي، جنهن ۾ ٻاراڻي ادب جا به ڪيئي ڪتاب هئا. ان سان گڏ شيخ اياز. استاد بخاري، تنوير ۽ ٻين شاعرن جي شاعري امرجليل، علي بابا، حفيظ شيخ ۽ رشيد ڀٽي جي ڪهاڻين، ڄام ساقي جو ناوليٽ، سراج جا ناول، ڀارتي سنڌي اديبن جا ڪجهه ڪتاب، سنڌي اردو ۾ سياسي سائنسي ڪتاب ۽ سلسليوار وڏن توڙي ٻارڙن جا رسالا شامل هئا، سون تي سهاڳ ته پريل ان ۾ وڌيڪ دلچسپي ورتي ۽ تقريباً سڀ ڪتاب پڙهيا، اياز ۽ استاد سان سندس چاهه وڌيو، انهن ڏينهن ۾ مان ڪلاس ۾ لطيف سائين جا بيت پنن تي لکي ڪلاسن جي ڀتين تي هڻي ڇڏيا هئا ۽ اِهي سڀ بيت پريل ڄڻ حفظ ڪري ڇڏيا، سندس حافظو ڪمال جو آهي، کيس اڄ به هر ننڍي وڏي شاعر جي شاعري ياد آهي، مون کي پنهنجي ڪيل شاعري جي سٽ به ياد نه آهي، پر پريل کي منهنجي شاعري ازبر ياد آهي. پريل پني عاقل ڊي.سي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد جڏهن گهوٽڪي ڪاليج ويو ته اُتي سندس تعلق عروض جي استاد شاعر اظهر گيلاني ۽ امير بخاري وارن سان جُڙيو، جن سندس شاعراڻي ذوق کي جلا بخشي ۽ پريل جي تخليقي عمل کي ويتر فني پختگي عطا ٿي، ٻئي پاسي اياز لطيف ۽ ٻين گهوٽڪي جي نوجوانن سان سنگت، ساٿي ٻارڙا ۽ س ا س جي گڏجاڻين ۾ شرڪت سندس شعور کي پختو ڪيو، نوراجا ۾ ادبي سنگت جون گڏجاڻيون، منهنجي اوطاق تي ڪامريڊن جي اچ وڃ، ڊگها سياسي بحث به پريل جي پلئه پيا، جن به ضرور سندس ذهن کي جلابخشي هوندي. مون کي ياد آهي ته ڪامريڊ غلام نبي ڪلو صدر مزدور ڪسان پارٽي ۽ پنجابي شاعر سياسي تجزيه نگار ناظم چوڌري رات جو مون وٽ نوراجا رهيا، پريل سندن خدمت ڪئي ساڻن ڳالهيون ڪيون ويچار ونڊيا ته ڪلو صاحب مون کي چيو هو ته "کامریڈ يہ بچہ انتہائی ذہین ہے بڑا آدمی بنے گا اس میں بڑے گُن نظر آرہے ہیں“ ۽ اهو سچ ثابت ٿيو. اڄ منهنجو تعارف به پريل جي ڪري ٿئي ٿو ۽ اڳتي هلي پريل صحافت ۽ ادب ۾ پاڻ ملهايو. پريل سنڌي ادبي سنگت جو محترم سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ بهترين شاعر به، سياسي سماجي بصيرت رکندڙ ۽ دور رس نگاهه جو حامل....

مان ڪافي عرصي کان شاعري ناهي ڪئي. شايد شاعري مون تي مهربان ناهي، پر شاعري منهنجي ڪمزوري آهي. شاعري پڙهندو رهيو آهيان، هر ننڍي وڏي شاعر کي پڙهيو آهي، پڙهندو رهان ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجي ياداشت تمام گهڻي متاثر ٿي آهي لطيف کان سواءِ ڪنهن جو شعر گهڻو وقت ياد نٿو رهي ۽ ان صورتحال ۾ پريل جو حڪم آهي ته مان سندس هن ڪتاب تي لکان جنهن ۾ غزل به آهن ته وايون به گيت، دوها، نظم، آزاد نظم وغيره به، کيس اڳ ۾ ٻڌندو به رهيو آهيان ۽ پڙهندو به، پر جڏهن هاڻي سندس مسودو پڙهان ٿو ته ڪيئي حيرتون اُتپن ٿين ٿيون ۽ ڪيئي شعري مصراعون سٽون بند ڇرڪ ڀرائي ٿا ڇڏين، جيئن پوءِ تيئن پريل جي شاعريءَ ۾ آگهي وڌنڌي رهي آهي، سندس ڪجهه شاعري تي نظر وجهجي ٿي.

پريل شعر و شاعري سان نينهن ننڍي هوندي لاتو، شاعري جا سُهڻا ڪتاب سندس سيراندي ايئن پيا هوندا هئا، جيئن ڪنهن نئين نويلي ڪنوار جي ٻانهن سيرانديءَ سُمهجي. لطيف، اياز ۽ استاد سميت نئين ٽهي جي ليکڪن جا سرنهن جي پيلن گلن جهڙا ڳٽڪا به، سو هن به لکڻ شروع ڪيو، نوراجا ۾ ادبي سنگت جي برانچ کُلي ته ان ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين، پنو عاقل کان پوءِ گهوٽڪي ۾ سندس دوستي جو دائرو وسيع ٿيو ته سندس من ۾ موجود شاعر به پوپٽن جيان رنگ برنگي پر پکيڙڻ شروع ڪيا، هونئن به سندس حق هو ته پني عاقل جي مهان ڪلاسيڪل شاعر جي ورثي کي سنڀالي. يعني ”گليان پريم نگر ديان حضرت عشق گهمايم“ ۽

”ڳڻن ڀريون تنهنجون ڳالهڙيون، ڳايو روز ڳران،

مرجان مُحب مران، تنهنجي درد فراق ۾“

جي شاعر غمدل فقير دايي جي ورثي جو تسلسل بڻجي، غمدل ۽ فاطمه لال پني عاقل کي سنڌ جي ڪوتا نگر ۾ سڃاڻپ بخشي آهي. اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ جي وڏي شاعر غمدل فقير دايي جو وارث فقير پريل دايي کي ئي بڻجڻو پيو ۽ اها حقيقت آهي ته جيئن غمدل جو سنڌ ۾ نالو وڄي ٿو، تيئن اڄ فقير پريل دايي جو.

پريل کي مان هميشه ”وائي جو شاعر“ چيو آهي. وائي سندس برجستو فارم آهي. وائي ۽ ڪافي معنيٰ لطيف سائين جو رستو. فيض دريا، داتا ولايت شاهه جو رستو. سو پريل وائي ۾ پنهنجو اظهار وڌيڪ سُهڻي نموني ڪيو، سندس خوشنصيبي جو لطيف ۽ فيض دريا سان رشتو غير معمولي آهي. هو ٻنهي درن جو خانداني پانڌيئڙو آهي، سندس وڏا هڪ پاسي لطيف جي درگاهه جا مريد آهن، ته ٻئي پاسي سندس والدين هنباهه جا ڀور ڀٽ جا لطيفي گاديسرن جي اچ وڃ، گفت شنيد ۽ وائي جي تنوار سندس گهر ۾ موجود، ايستائين جو شاهه جو ويراڳي ۽ لطيفي راڳ ويراڳ جو والي سائين جمن شاهه جو پريل سان ۽ پريل جي ڪرمپور وارن عزيزن سان گهرو ۽ گهاٽو سٻند آهي. اهڙي طرح تقريبن سڀ ڀٽائي پير فقير پريل کي پيارو گهرندڙ آهن ۽ ٻئي پاسي سائين ولايت شاهه کان وٺي موجوده گادي نشين تائين هنباهه جا صوفي بزرگ پريل تي وڏن جي مرشد هُئڻ ناتي مهربان رهيا آهن. هاڻي اها ڳالهه ته لازمي آهي ته فڪر سان گڏ ٻنهي درگاهن جو شاعراڻو رنگ ته فقير تي ضرور چڙهندو ۽ ٻئي پاسي غمدل جي وراثت، ان ڪري وائي ۽ ڪافي رنگ وٽس وڌيڪ رهيو آهي، سندس هن مجموعي ”ٽُٽي جو تند تنبوري جي“ ۾ به سندس وايون وڌيڪ ڌيان ڇڪائين ٿيون. ۽ ان ۾ ٻوليءَ جو حسن به سٽ سٽ ۾ جهلڪيون ڏئي ٿو. مثال طور

تون تون کي تون تَڙ،

مان ڇڏ تان ماڻهو ٿئين.

ڪـــــــري ڪِـــــــنـــــــارا،

آيا وري اوڙ تي.

ڏِم لهي ويو ڏيل تان، مٽيا مونجهـــــــارا،

آيا وري اوڙ تي.

.........

پهتـــــــا تائين تـــــــوڙ،

پنڌ اڻانگا پار ڪيائون.

جيوت جڳ جا سانگ سمورا،

جانب سندي جوڙ،

پنڌ اڻانگا پار ڪيائون.

.........

ڀورا وار ڀنا، ڏک ڏنا،

جهڙيالي هن جيء کي.

سانگيئڙن جي سپت کان، ڇو مان پاڻ ڇنان، ڏک ڏنا،

جهڙيالي هن جيءَ کي.

.....

پرين آيو پاڻ، روح رهاڻ،

ڪئي سين ڪُنڊائتي.

گهڻي ڀاڱي سندس سڀ وايون لطيفي رنگ ۾ رڱيل ۽ ولايت شاهه جي واس سان واسيل ملنديون، جن کي جڏهن پڙهجي ٿو ته روح قرار سان سرشار ٿي وڃي ٿو، ٺيٺ سنڌي لفظن جي اُڻت ۽ تجنيس حرفيءَ جو سُهڻو من مُهڻو استعمال پڙهندڙ جي من ۾ سنڌوءَ جون لهرون ۽ ڇوليون اُتپن ڪري ٿو.

فقير پريل جي هن مجموعي ۾ وائي ۽ بيتن جي ڪلاسيڪل صنفن سان گڏ غزل، گيت، نظم، آزاد نظم ۽ دوها به شامل آهن، هو پڪو پختو شاعر آهي، سيد اظهر گيلاني جهڙي شاعر سان ڪافي وقت گذاريو اٿائين، اظهر صاحب جي ساڻس ڪافي رفاقت رهي، تنهن ڪري هن عروضي رنگ به گهڻو ئي حاصل ڪيو، عروضي صنفن ۾ غزل وڌيڪ مقبول رهيو آهي. سنڌيءَ ۾ سچل سائين جهڙي شاعر به غزل جو رنگ ورتو ۽ سندس ڪيئي ڪافيون، غزل سان مماثلت رکن ٿيون، سنڌي ۾ جيڪو غزل لکجڻ شروع ٿيو، ان ۾ تغزل ته هو، بحر وزن جو مڪمل پورائو ته هو، پر فڪر ناپيد هو، تشبيهون استعارا ماحول ڪنهن به ريت اسان جا نه هئا، شاعر اها عزل گوئي پنهنجي ذات لاءِ ۽ شاعر حضرات لاءِ ڪندا هئا. غزل جا سُٺا سڏيا ويندڙ شاعر حافظ حامد کان واصف تائين گدا کان عزيز تائين جي غزل گوئي انهي رنگ جي هئي، جو عام ماڻهو ان کي سمجهڻ کان قاصر هو، مثال طور سندن ڪجهه شعر ملاحظه فرمايو:

برنگ برق بيتاب آهيان آءٌ قربت ۾ دلبر جي

چوان نت ابر گوهر بار پنهنجي چشم گريان کي.

(گدا)

هڪڙي هجرت گل سندي ۽ ٻي هتي ڪنج قفس

اي فلڪ چئه آهه باقي ڪا سزاء ڪند لب.

(مخلص)

عهد شباب آهي موسم جي بهار جي پڻ

هات الصبوح حيوايا ايها السڪارا.

(واصف)

گل جي رگ رگ نشتر نماد آهي

بيد مجنون تيشه فرهاد آهي

آبشارن ۾ ڏسو عڪس شفائق شعله زن

اختلاط آب و آتش ڪيا عناصر سازگار.

(عزيز)

غزل جو اهو وچون دور هو ان جي باقيات گهڻو عرصو پوءِ به هلي، ان دور جي غزل کي سمجهڻ ايئن هو جيئن ڪنهن استاد گويي جو خيال ٻڌڻ ۽ سمجهڻ، گهڻي ڀاڱي ته عام لغت يا فرهنگ ۾ به معنيٰ ملڻ مشڪل، ڪشن چند بيوس غزل جا اجنبيت جا پوش لاٿا ۽ خليفي گل جيان سنڌي ويس پهرايو ۽ غزل عوامي بڻيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس غزل نظم کي ويجهو هو، هن جا غزل توڙي نظم مقبول عام ٿيا ۽ انهن ۾ عوامي مسئلا ۽ موضوع به زير طبع آيا. شيخ اياز غزل کي ڄڻ پڙن کان آجو ڪرايو ۽ پنهنجي غزل کي عوامي لهجو ڏنو، قومي رنگ ڀريو ۽ ايئن غزل جو حقيقي روح نمايان ٿيو، اياز جي مخالفت به ڏاڍي ٿي، پُراڻِ پسنديءَ جي دائري کان نڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، انهن اياز تي تير اندازي شروع ڪئي، ذاتي حملا ڪيا، کيس سرڪاري عتاب ۾ آندو ويو، سندس بچاءُ ۾ گرامي صاحب ۽ پليجي صاحب جهڙا گهڻ پڙهيا اديب، عالم اڳيان سينه سپر ٿيا ۽ پُراڻِ پسندن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنا. شيخ اياز کان پوء غزل سميت سڀني صنفن ۾ عوامي رنگ آيو، ٻئي پاسي انجمن ترقي پسند مصنفين جيان سنڌ جي اديبن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو، جنهن جو بنيادي متو هو ”ادب براءِ زندگي“، جن طئي ڪيو ته فن جي نالي تي فڪر جو ڳاٽو نه مروڙيو، پوءِ سنڌي شاعري ۽ غزل ۾ خاص موڙ آيا، نوان نوان تجربا ٿيا. سنڌي ۾ ڪافي ۽ وائي سان گڏ غزل پنهنجي جاء جوڙي. سنڌي ڪافي لکندڙ وڏن شاعرن غزل گوئي ڪئي. تنوير، امداد، تاج بلوچ، خادم پنوي، وفا ناٿن شاهي، نشتر کان موجوده دور جي شاعرن تائين غزل جا ڪيئي شاعر مقبول عام ٿيا، بعد ۾ هڪ وڏو سلسلو غزل گو شاعرن جو شروع ٿيو جن پاڻ ملهايو انهن ۾ پريل به شامل آهي.

پريل جي غزل ۾ بيوس جيان عواميت گهڻي آهي، سندس موضوع ڌرتيءَ مان ڦٽي نڪتل آهن، هن وٽ ’غمِ جانان‘ گهٽ غم دوران، وڌيڪ آهي، هو عوامي ماڻهو آهي، ٻهراڙي جو ماڻهو آهي، کيس لغت سان سنڌي محاورن، ورجيسن سان وڏي دلچسپي آهي، هن ماڻهن سان، ڌرتي سان ڪِيس ٿيندا ڏٺا آهن. هڪ جاکوڙي صحافي طور معاملن کي گهري نظر سان پرکيو پرجهيو آهي، هن جو وسيع مطالعو آهي، گهرو مشاهدو آهي. هن شهر ۽ ٻهراڙي، ڪچي پڪي، پيڙهيل هاري توڙي زميندار کي انهن جي خصلتن توڙي ڪمزورين کي ويجهو ٿي ڏٺو آهي، جنهن ڪري سندس غزل ۾ انيڪ رنگ ملندا، رومان به معاش به معاشرت به ته سياست به.

پريل جي غزل ۾ ڪيئي اهڙا غزل آهن، جن جا ڪيئي بند مصري جون تڙون آهن، جن ۾ نوان خيال آهن، ماحول نج پنهنجو، لفظن جي خوبصورت ادائگي، صنعتن جو سهڻو استعمال، علم بيان توڙي معنيٰ جو خوبصورت امتزاج. اچو ته سندس غزلن مان ڪجهه بند ڏسون:

تنهنجي اکڙين جي آشياني ۾

ٿو رهان مان نئين زماني ۾

........

پکي ڪٿي ڪو پَر نه هڻي ٿو

پاڻ اُتي ٿا دوڌ دُکايون

.......

 پرين جو اسان ڏي کڻي اک ڏسڻ

ادا ان سان پنهنجو پلڪ ۾ ڪُسڻ

.......

وري ڪنهن ته آهي پريل کي سنڀاريو

وري اک جو آلو ٿيڻ ۽ رُئڻُ

......

هو جي سڪ مان سڏي پار درياء جي

ڪير چئي ٿو ته لهرون تري نه وڃان

........

ويڙهه ٽاري جيڪو پنهنجي ڪڙم جي

مڙس آ سو جو دليون جوڙي اُٿي ٿو

ڪنهن قبيلي ذات جو لاڙو ڪڌو

قوم جو ٻيڙو هتي ٻوڙي اُٿي ٿو

.......

خيال جي خوشبو پکيڙي ديس ۾

پو سڄي سنسار تائين پهچبو

پاڻ جيتي پاڻ کي هارائجي

عشق جي وهنوار تائين پهچبو

........

نه ڪا قوم ڌرتي جي جنهن وٽ عڪاسي

ادب ۾ سو شاعر ڳڻڻ ئي اجايو

......

يادگيريون به آٿتون آهن

تو بنا روح راحتون آهن

هن کي سجدا ڪري تصور ۾

مان ٿو سمجهان عبادتون آهن

 

اکين منجهه اوتون ۽ جوتون غضب جون

بنا سِرڪَ جي ڀي خماريو وتي ٿو

اُتي ڇا پُڄي چاندني، روشني ڪا

سندي سونهن جا سج اڀاريو وتي ٿو

.......

جو به آيو عشق جي آهي اري

ڪير چئي ٿو درد سو چَرندو نه آ

.......

هن جي ڳاڙهي ڳل مان جو ميٺاڄ مليو

سو نه گهوٽڪي يا ميهڙ جي پيڙي ۾

.........

ڇا ٿئي هان جي اک جي ساغر مان

ڪا سِپي سُرڪ جي پيارين هان

......

ڪي ڀڳا ڪي ٻُڏي مري به ويا

مان ته سيڻاهه ريءَ تريو آهيان

.......

مون سان مل يا آءٌ مِلانءِ

يار اسان کي پنهنجو ڀانءِ

منهنجو وايون گيت غزل سڀ

ٻول سمورا تنهنجي نانءِ.

پريل جي هن مجموعي ۾ گيت به آهن. سندس وائي ۽ غزل گيت جي مقابلي ۾ وڌيڪ پختي آهي، گيت ۾ لئه نٿي ڏسجي، تنهن هوندي به سندس گيتن ۾ ڪي ڪي مصراعون يا بند ڏاڍا سهڻا ۽ هينئن تي هُرندڙ آهن.

اک اٽڪڻ سان دل وئي اڙجي

قرب ڪيو قابو، پياسين ڪڙجي

ڪل نه هئي اڳ ڪائي يار

تنهنجي سار جو آئي يار

......

اونهائي مان لعل سهيڙي

موٽج ماڻڪ موتي ميڙي

مسجد ۾ ڇا مندر ۾

پيار پُوڄا ڪج اندر ۾

......

هير اُٺي جي وار وکيري

فطرت رنگ ڀريا هن ڀيري

وڻ ٽڻ گل ڦل جهمريون پائن

پاتي سائي پوتي ڌرتي

آنهه ڪٿي تون سر جي سرتي!

مُرڪ مينهوڳي جهڙي تنهنجي

سرڪ سڪوتي اهڙي منهنجي

تنهنجا نيڻ پيالا پيبا

پرت اسان جي توکي پَرتي

آنهه ڪٿي تون سر جي سرتي!

........

هينئڙو پنهنجو ڦارون ڦارون

جنهنجو ڪو ڀي دوا نه دارون

دل جي دردن جو تو وٽ ئي

ٽوڻو ڦيڻو ڌاڳو.

گيت جدائي فراق وصال جي صنف آهي، محبوب سان هيڻو ٿي ڳالهائڻ جي شاعري آهي، اندر جي اُڌمن احساسن کي چٽڻو آهي، توڙي خوشي کي نرالي ۽ سپڪ انداز ۾ پيش ڪرڻو آهي، مِٺڙا ۽ سريلا لفظ پيش ڪرڻا آهن، لفظن کي جهونگاري سگهڻ جي شڪتي ڏيڻي آهي، ڇو ته هندي شاعري جي صنف آهي جا اسان وٽ آئي، گيت جي معنيٰ ئي آهي ”ڳائڻ“. سنڌي شاعرن ته گيت ۾ ڌرتيءَ جا سور، معاشي ۽ معاشرتي موضوع به آندا آهن، شيخ اياز، امداد حسيني، شيخ عبدالرزاق راز، ڪشنچند بيوس، دلگير ۽ مير محمد پيرزادي گيت سان سُٺو نڀايو آهي. بردي سنڌي کي گيت جو بادشاهه شاعر چئجي ٿو. هيٺ ڪشنچند بيوس ۽ بردي جي گيتن جو ننڍڙو مثال ڏجي ٿو:

سرهي سڳنڌ آهيان

ٻاهر اچڻ ٿي چاهيان

هي ڪوٽ ڪيئن ڊاهيان

پردي جو پئد لاهيان

ڪڏهن بهار ايندو

کوپو خلاص ٿيندو

......

تو لئي نيڻ پياسا آهن

آء ملڻ لاءِ چوري چوري

آس اميد جو گل گهٽيندا

ٻانهون ڪجندا تيز تڪيندا

چاهه جي راهه ۾ ڦاهه هزارين

قدم سنڀاري کڻجان گوري

فقير پريل نظم، آزاد نظم ۽ دوها به هن ڳٽڪي ۾ ڏنا آهن، نظم جا سنڌ ۾ تمام وڏا شاعر، وڏا نالا آهن. نظم ۾ هر موضوع سمائي سگهجي ٿو، عوامي ۽ قومي نظمن سان شيخ اياز سُتل سنڌ سُجاڳ ڪئي، ابراهيم منشي، مجيدي، نياز ۽ سرويچ سان گڏ موجوده دور ۾ آڪاش، حسن درس سميت ڪيترن ئي شاعرن پاڻ مڃايو آهي. پريل جا به ڪيئي نظم انتهائي طاقتور ۽ پُر اثر آهن، هن پنهنجي خيالن کي شاندار نموني اوتيو آهي، خاص طور سندس نظم ”الميو“، ”پاڻ به پيئندا هئاسين“، ”روشني جو ڏوهه“، ”پرهه جي نانءِ“ ۽ ”رات چوڏهينءَ چنڊ جي“دل لڀائيندڙ ۽ اُتساهه ڏياريندڙ آهن، جن کي وري وري پڙهڻ تي دل ٿي چئي.

سرور سيف

سرور سيف جنرل لائبرري، پنوعاقل

4 مارچ 2022ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org