سيڪشن: شآعري

ڪتاب: ڪلامِ ضامن

باب:

صفحو:1

ڪلامِ ضامن

فقير محمد بخش ”ضامن“

ڇپائيندڙ پاران

هيءُ ڪتاب ”ڪلام ضامن“ سنڌ جي نامياري شاعر فقير محمد بخش ضامن جي ڪافين جو مجموعو آهي. سندس شاعريءَ جي زبان نهايت ئي سهڻي ۽ سادي آهي. جنهن کي هر خاص و عام آسانيءَ سان سمجهي ۽ پڙهي سگهي ٿو.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، سنڌي ٻوليءَ جي معياري شاعري کي اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آندو وڃي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل مختلف موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن.

عزتمآب جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن  جي ذاتي دلچسپي تحت بورڊ طرفان نوان ڪتاب شايع ڪرايا پيا وڃن. هيءُ ڪتاب ”ڪلامِ ضامن“ پڻ اِن سلسلي جي ڪڙي آهي.

جنهن جو هيءُ پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي نگرانيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش شاعريءَ سان چاهه رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي. 

19- جمادي الثاني 1444هه           سيد سڪندر علي شاهه

12- جنوري 2023ع                          سيڪريٽري 

قبله طالب الموليٰ سائين جن کي اصلاح لاءِ ڏنل شاعريءَ جي ڪاپي تي لڳل نوٽ

قبله مرشدنا مخدوم طالب الموليٰ سائين جن کان مليل تخلص سندن هٿ اکرن ۾

پنهنجي پاران

 

حضرت منٺار فقير سائين ﷥ جن جي ولادت اندازاً 1855 ڌاري ٿي، ۽ وصال 10 شوال 1353هه 16 جنوري 1935ع تي ٿيو، کين هڪ فرزند فقير پيربخش هو، جنهن جو وصال عين جوانيءَ ۾ 1915ع ڌاري ٿيو، سندن ٻه فرزند هئا: فقير ولي بخش ۽ فقير قبول محمد. فقير منٺار سائين جن پنهنجن پوٽن کي پالي وڏو ڪيو، سندن وصال بعد سندن وڏو پوٽو فقير ولي بخش سائين ﷥ جن درگاهه شريف جا پهريان سجاده نشين ٿيا، کين ٻه فرزند ٿيا: فقير ولي محمد ۽ غلام حسين جن مان غلام حسين جو ننڍي هوندي ئي انتقال ٿي ويو. فقير ولي بخش سائين جن سچا فقيربيمثال خوبين جا مالڪ بهترين شاعر، سروري ذڪر سماع جا وڏا ڄاڻو ۽ علمِ موسيقيءَ جي وڏي سمجهه رکندڙ هئا. درگاهه شريف جي قبي ۽  مسجد شريف جيڪي فقير منٺار سائين جن پاڻ تعمير ڪرايا. ان کان علاوه باقي سمورو تعميراتي ڪم پاڻ ڪرايائون. سندن خواهش هئي ته پنهنجي اڪيلي فرزند فقير ولي محمد جن جي شادي ڪنهن فقيراڻي گهراڻي مان ٿئي، انڪري ڪافي ايندڙ رشتن کي پاڻ قبول نه ڪيائون، نيٺ قبله حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ جن هڪ وڏي فقيراڻي گهر مان وڏي نالي واري درويش سچي سروري فقير حاجي عبدالحليم فقير درس جي فرزند سوني فقير درس جي گهران بابا سائين فقير ولي محمد جن جو رشتو طئي ڪيو ۽ 1965ع ڌاري سندن شاديءَ جو مثالي ڪاڄ ٿيو. جيڪو ٽن ڏينهن تائين هليو، فقير ولي بخش سائينجن جو ارادو هو ته فقير ولي محمد کي پٽ ٿيو ته ان جو نالو امداد علي رکبو. منهنجي ولادت کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ نانا حاجي عبدالحليم فقير جن هت آيا ۽ فقير ولي بخش سائين جن کي ٻڌايائون ته مون خواب ۾ هڪ بزرگ کي ڏٺو، جنهن فرمايو ته فقير ولي محمد کي پٽ ٿيندو، ان جو نالو محمد بخش رکبو. ٻي ڏينهن 20 جمادي الثاني 1387هه 25 سيپٽمبر 1967ع ۾ سومر رات فجر مهل  هن جهان فاني ۾ اک کوليم، ۽ منهنجو نلو محمد بخش رکيو ويو. هينئر زندگيءَ جي ڪتاب جو پنجونجاهون ورق زيرِ مطالع اٿم، اها منهنجي خوش نصيبي چئبي جو منهنجو نالو خواب ۾ مليو ۽ ڏاڏاڻن چاهي ناناڻن ٻئي پاسا فقيرن جي پشت مليم، تعليم پنج درجا سنڌي ڳوٺ جي اسڪول مان پڙهي پورا ڪيم ۽ ان وقت سواريءَ جي خاطرخواهه انتظام نه هئڻ ۽ ننڍي هوندي کان ئي دم جي تڪليف هئڻ سبب اڳتي پڙهائيءَ لاءِ شهر نه وڃي سگهيس ۽ پڙهائيءَ جو سلسلو اتي ئي رڪجي ويو. قرآن پاڪ جي تعليم ڳوٺ ۾ اچي رهي ٻار پڙهائيندڙ مولوي حبيب الله فقير ملتاني کان ورتم، جيڪو ٿر ۽ اصل انڊيا جو هو ۽ مخدوم صاحب ملتان واري جو سچو مريد هو ۽ ڏاڍو ڀلو انسان هو، ان وٽ قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيم، شڪر آهي جو مون کي ننڍي هوندي ئي فقير ولي بخش سائين ﷥ جن جي خدمت ۽ صحبت جو موقعو مليو، ۽ ننڍي هوندي کان ئي شاعري پڙهڻ جو شوق هوندو هو ۽ اسڪول جي پڙهائي دوران پنهنجي ڪاپين تي فقيرسائين جا ڪلام لکندو هئس ۽ فقير ولي بخش سائين نوان ڪلام ٺاهيندا هئا ته اهي لکندو هئس. هڪ دفعي جو واقعو آهي ته فقير سائين ٻه نوان ڪلام ٺاهيا هڪ جو ٿل هو ته:

ٿلهه: تنهنجا ڳڻ ۽ ڳالهيون يار،             مونکان ڪنهن دم ڪين ٿيون وسرن.

۽ ٻيو ڪلام هو ته:

ٿلهه:چوڻ دل جي اکيون اڙيون،            وڃي ڦاٿيون مون کان زوري.

مون کي فرمايائون ته هي ڪلام لک ته هالا شريف هلون ٿا، اتي طالب الموليٰ سائين کي پيش ڪريون مون ٻئي ڪلام لکيا، ڪافيءَ جو دستور آهي ته گهٽ ۾ گهٽ چار مصرائون ضرور هجن، وڌيڪ جيتريون به هجن مون کان الائي ڪيئن هڪ ڪافيءَ جي هڪ مصرع لکڻ رهجي وئي ۽ فقيرسائين به چيڪ ڪونه ڪيون، هالا شريف پهتاسون ته سائن جي حاضري ٿي فقير سائين جي چوڻ تي مون ٻئي ڪلام کين پيش ڪيا، سائين فقير سائين کي فرمايو ته فقير هڪ ڪلام ۾ هڪ مصرع گهٽ آهي فقير سائن عرض ڪيو ته قبلا مصراعون ته پوريون ٺهيل آهن، سائين وري فرمايو ته هڪ ڪلام ۾ ٽي مصراعون آهن ته فقير سائين مون ڏي ڏسي سائن کي عرض ڪيو ته پوءِ اهي هن جا ڪم آهن. پنو مون کي واپس مليو مون بنگلي کان ٻاهر نڪري رهيل مصرع جيڪا چڱو جو ياد هيم لکي مڪمل ڪري وري قبلا سائن کي پيش ڪيم.

1983ع ۾ فقير ولي بخش سائين ﷥ جن جو وصال ٿيو، بابا سائين فقير ولي محمد ﷥ جن درگاهه شريف جا سجاده نشين ٿيا، ان عرصي ۾ هتي بزمِ طالب الموليٰ جي شاخ کلي ۽ مشاعرا ٿيڻ لڳا ته شعر لکڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ شايد هڪ ٻه شعر لکيم به جيڪي بابا سائينءَ جي زور ڀرڻ تي شايد مشاعري ۾ پڙهيم، پر اهو سلسلو به اتي ئي رهيو ۽ اهي شعر به محفوظ نه ٿي سگهيا. اپريل 1985ع ۾ بابا سائين جن به اسان کي اڪيلو ڇڏي راهه رباني وٺي هليا ۽ درگاهه شريف جي خدمت جو بار مون تي آيو، وري به اهڙا موقعا آيا جو ڪجهه شعر لکڻ جو اتفاق ٿيو. پر اهي شعر به محفوظ نه ٿي سگهيا. ننڍي هوندي ئي فقط 18 سالن جي عمر ۾ درگاهه شريف جون سموريون ذميواريون ملڻ، ميلا، ڏهاڙا، محرم شريف ۽ روزمره جي ذميوارين سان نباهڻ. سڀ دستور جيئن جو تيئن هلڻ ۽ ڪن ڏکين مهلن ۾ به اڪيلي سر ثابت قدم رهڻ ۽ مڙس ٿي منهن ڏيڻ جي مون ۾ ڪابه طاقت ڪانه هئي، اهو سڀ قبلا مرشد مخدوم طالب الموليٰ سائين جن جي خاص نظرِ ڪرم هر وقت سندن همراهي جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيو ۽ اها ڄڻ سندن ڪرامت ئي هئي ۽ مرشد جي ان عنايتن جي ڪري ئي درگاهه شريف جا جملي دستور بحال ۽ برقرار آهن ۽ انهن ۾ ڪابه گهٽ وڌائي نه ٿي آهي ۽ اهي نوازشون اهي عنايتون انشاءُالله تا وقت جاري رهنديون. هتي درگاهه شريف تي مجاور محمد علي فقير شيخ رهندو هو، جيڪو اصل ميگهواڙ هو ڀٽ شاهه جي طرف جو ننڍي هوندي والدين جي وفات سبب گهمندو ڦرندو هتي اچي نڪتو، فقير ولي بخش سائين جن وٽ پوءِ سندن توسط سان قبله مخدوم غلام محمد (گل سائين) جن کيس مسلمان ڪري نالو محمد علي رکيو. پوءِ سڄي عمر هتي رهي درگاهه شريف ۽ فقير سائين جي خدمت ڪيائين. هڪ ماڻهو ڏهن ماڻهن جيترو ڪم ڪندو هو بهترين راڳي هو، اسر جو ذڪر ڏهر کان پوءِ ڪافيون جهونگاري پڙهڻ سندس دستور هو، اها جهونگار ڏاڍي وڻندڙ هوندي هئي. 1990ع ڌاري انتقال ٿيس ۽ هتي درگاهه تي رکيل آهي. ٻيو تارو فقير ڀيل جيڪو بچپن کان ئي ماتا جي بيماري سبب نابين ٿي ويو، فقير سائين ان کي پاڻ وٽ رهايو ۽ سندس تربيت ڪيائون، استاد منظور علي خان جو اچڻ ٿيندو هو ته ان کان به سکندو هو، ائين بهترين راڳي ٿيو. قبلا  طالب الموليٰ سائين کيس گهرائي ٻه چار ڏينهن رهائيندا هئا ۽ روز سندس محفل ٻڌندا هئا. قبلا مخدوم امين فهيم سائين ۽ قبلا جميل الزمان سائين به کيس شوق سان ٻڌندا هئا. هينئر ٻه چار سال پهرين سندس انتقال ٿيو آهي ۽ هتي درگاهه شريف تي ئي مدفون آهي.

محمد علي فقير ۽ تاري فقير جي هتي موجودگي سبب جهونگار يا محفل اڪثر ٿيندي ئي رهندي هئي، ان ماحول وري شاعريءَ جو شوق ڏياريو، هڪ دفعي 15 شوال 1409هه 12 مئي 1989ع آچر ڏينهن ڪِڙَ ۾ تاري فقير سان ويٺي ڪچهري ڪندي هڪ ڪافي خيال ۾ آئي ٿل ۽ هڪ اڌ مصرع ٺهي تارو فقير جهونگاريندو ويو، پوءِ ڪمري ۾ اچي ڪاغذ پين کڻي ڪافي لکي پوري ڪئي. ان ئي ڏينهن وري ٻي ڪافي به ٺهي وئي، ائين اهو سلسلو شروع ٿيو، ۽ هلندو هليو ان وقت ڪجهه مشاعرا به ٿيا. ڪلام وڌيڪ ٺهيا ته محفلن ۾ ڳائجڻ شروع ٿيا، خاص ڪري جمع جي رات محفل ۾ ۽ ميلي ۾ به ڳايا ويا ۽ شاعريءَ جي خبر عام ٿيندي وئي ته اهو خيال اچي ٿيو ته اها خبر هاڻ ضرور قبله طالب الموليٰ سائين ﷥ جن تائين پهچندي ۽ اتان پڇا ٿي ته پوءِ آئون ته الائي ڪهڙا ڪچا ڦڪا شعر پيو لکان، نڪا ڄاڻ اٿم نه تربيت ۽ نه ئي اصلاح ٿو ٿئي، بس لفظ شعر جي صورت ۾ اچن ٿا ۽ لکيو ڇڏجن، نيٺ اهو خيال ٿيو ته قبلا سائن کي جو ٻي هنڌان خبر پئي ان کان پهرين جيڪو شعر آهي لکي وڃي کين پيش ڪجي، پوءِ جيڪو حڪم ٿيو، ائين 25 جون 1990ع پهرين ذوالحج 1410هه سالانه سومار شريف وڏي ميلي تي شعر ترتيب سان لکي کڻي ويس، ۽ اها ڪاپي قبله طالب الموليٰ سائين ﷥ جن کي پيش ڪيم ۽ عرض ڪيم ته قبله هي ڪجهه شعر لکيا اٿم، پاڻ اها ڪاپي رکيئون. ان وقت تائين شاعريءَ ۾ جي محمد بخش نالو ڳرو ٿي لڳو ته منهنجو ٻيو نالو امداد علي جيڪو فقير ولي بخش سائين جن رٿيو هو ان مان امداد شعر ۾ ڪم آندم ٿي.

قبله مخدوم طالب الموليٰ سائين جن سگهوئي علاج خاطر لنڊن اُسريا ته منهنجي ڏنل ڪاپي به پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ان کي اتي ڏٺائون ۽ نوٽ لکيائون، لنڊن مان واپس پهتا ته تاريخ 5 صفر 1411هه 27 آگسٽ 1990ع سومر ڏينهن اندازاً پوڻين ڏهين بجي ڪاپي واپس ملي. شاعريءَ جو سلسلو هلندو رهيو. هڪ دفعي 5 نومبر 1991 27 ربيع الثاني 1412هه اڱاري ڏينهن هالا شريف ۾ قبلا طالب الموليٰ سائين جن جي حاضري تي وڃڻ ٿيو ته پاڻ تخلص عنايت ڪيائون، ’ضامن‘ جيڪو اڳ ۾ ئي پني تي لکي رکيو هئائون. ضامن ۽ اڳيان ان جو معنائون، ان ئي ڏينهن واپس ايندي حيدرآباد ۾ مليل تخلص تي پهريون غزل لکيم ته:

دل تان نه دم لهي ٿو، دلدار يار سو،

منهنجو ته آهي مالڪ و مختيار يار سو.

آخري مصرع ته:

ضامن ٿيو تخلص، دلبر کان اڄ عنايت،

منهنجو به هوندو، ضامن هر وار يار سو.

ان بعد مليل تخلص ئي شاعريءَ ۾ ڪم آندم، اندازاً 1990ع ڌاري قبله طالب الموليٰ سائين جن اسان جي ڳوٺ عزيزن مان يار محمد راڄڙ جي گهر منهنجو رشتو طئي ڪيائون، هالا شريف ۾ ۽ ان جي مٺائي پنهنجي طرفان گهرائي ڏنائون، ائين 1990ع ۾ منهنجي شادي ٿي، 14 ڊسمبر 1992ع  20 جمادي الثاني 1413هه اربع رات فجر مهل مون کي فرزند عطا ٿيو، اهو به عجيب اتفاق جو منهنجي ۽ منهنجي فرزند جي ولادت جي اسلامي تاريخ مهينو ۽ ٽائيم ساڳيو آهي. ان کان ٻه ٽي ڏينهن پوءِ هالا شريف وڃڻ ٿيو. قبلا طالب الموليٰ سائين جن لاءِ مٺائي وٺي پاڻ علالت سبب ڪنهن سان مليا ڪونه ٿي، پر خاص مهرباني فرمائي سڏيائون، ننڍڙي جي ولادت جو ٻڌايوسون ته پاڻ فرمايائون ته نالو ڇا رکبو، عرض ڪيم ته قبلا والد صاحب جو نالو فقير ولي محمد رکڻ جو ارادو آهي ته پاڻ هڪ دم فرمايائون ته نالو رکبو فقير ولي بخش اسان جي هوندي فقير ولي بخش موٽي آيو آهي. وري ٻيو فرزند ٿيندو ان تي والد جو نالو رکجو پوءِ ڪافي دعائون وٺي واپس ٿياسون.

منهنجي ولادت تي فقير ولي بخش سائين ﷥ جن ڪافي لکي هئي ته:

ٿل:   منهنجو دوست دلبر اجهو يار آيو،

            منهنجي ملڻ لاءِ واليءَ ورايو.

وري جڏهن مون کي فرزند فقير ولي بخش تولد ٿيو ته مون به ڪافي لکي ته:

ٿل:

ڪرم ڪيا قادر وري، دلدار موٽي آئيو،

دلدار موٽي آئيو، منٺار موٽي آئيو.

1.

جنهن جي ملڻ لاءِ مُدتن کان، مون ٿي مڃتائون ڪيون،

سي پڳيون آسون سندم، سو يار موٽي آئيو.

2.

ڏينهن ٿيا جنهن کي ڏٺي، سالن کان ٿي سينو سڪيو،

سو اڄ سرچي اڱڻ، سردار موٽي آئيو.

3.

مايوسين من ۾ جڏهن، دل ۾ دکن ديرو ڪيو،

سي سڀئي غم دور ٿيا، غمٽار موٽي آئيو.

4.

ٿيون خوشيون ۽ شاديون، هر روز مون لاءِ عيد جيئن،

منهنجي من جو مهلقا، مهندار موٽي آئيو.

5.

خير خيراتون ڪيو، صدقا سڄڻ تان سؤ دفعا،

ضامن آ اڙين سندو، آڌار موٽي آئيو.

4 رجب 1413هه

28 ڊسمبر 1992ع

اڱاري رات مڪان تي

اندازاً سال 1992ع جي ڪجهه يادگار ڏينهن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، جو هڪ دفعه قبلا مرشدنا طالب الموليٰ سائين جن هالا شريف گهرائي ڪجهه ڏينهن اتي رهڻ جو حڪم ڏنو، منهنجي يادگيري موجب پنج ڏينهن رهيس، هر ڏينهن صبوح جو ٺيڪ 10 بجي کان هڪ بجي تائين سندن حاضريءَ ۾ موجود رهڻ جو حڪم ٿيو، روزانو ٽي ڪلاڪ سندن ڪچهريءَ ۾ ويهبو هو، پوءِ ڪڏهن ماڻهن سان ملندا هئا ۽ ڪڏهن حاضري بند هوندي هئي ته فقط نوڪر حاضريءَ جا ئي هوندا هئا، ان ۾ هڪ ڏينهن ڊائلاسس ٿيڻ جو آيو جو ڊائلاسس جا ڏينهن مقرر هئا، اتي ئي ٿيندي هئي، ۽ ان ڏينهن جي بجاءِ شام جو اچڻ جو حڪم ڏنائون ۽ اهو ٽائيم شام کان رات تائين به ٽي ڪلام ويهڻ ٿيو. اهي بيمثال يادگار ڏينهن هئا. 11 جنوري 1993ع 17 رجب 1413هه تي قبلا طالب الموليٰ سائين جن جو وصال ٿيو. هتي قبله طالب الموليٰ سائين جن جي يادگيرين جو خاص ذڪر ڪيو اٿم، اڃان به سندن ڪافي يادگيريون مهربانيون ۽ نوازشون رهيون ۽ اهي مهربانيون عنايتون ۽ نوازشون قبله مرشد مخدوم امين فهيم سائين، قبلا مرشدنا جميل الزمان سائين ۽ سائن جي خاندان جي سڀني فردن جون درگاهه شريف سان ۽ هن فقير سان هميشه رهيون آهن ۽ انشاءُالله رهنديون. اهو سڀ الڳ الڳ تفصيل سان ذڪر ڪبو ته پوءِ هيءُ ڪتاب شاعريءَ بجاءِ نثر جو ٿي ويندو، انشاءُالله وري مهل موقعي سان اهو به تفصيل سان ۽ الڳ الڳ ذڪر ڪبو.

قبلا طالب الموليٰ سائين جن جي وصال بعد مون ارادو ڪيو ته هاڻ شاعري ڪانه ڪبي ۽ تخلص ملڻ کان اڳ جي ڪلامن ۾ به ترميم ڪري تخلص آندو ويو ۽ ائين شاعريءَ جو سلسلو اتي ئي رڪجي ويو. نيٺ وري اهڙو موقعو آيو جو وري شاعري شروع ڪرڻي پئي.

بابا سائين جن جي ورسيءَ جي موقعي تي 25 رجب  1420هه 4 نومبر 1999ع خميس ڏينهن ڪاروانِ ادب سنڌ ڪاس ۽ منٺار فقير اڪيڊمي طرفان گڏيل آل سنڌ اردو سنڌي مشاعرو رکيو ويو، طرح قبله جميل الزمان سائين جن کان ملي جيڪا سندن بقول ته ڏنل محبوب سروري جي هئي، پر قبله طالب الموليٰ سائين جن جي پسنديده طرحن مان هئي.

طرح: منهنجا موليٰ قرب جو هي قافلو هلندو رهي.

انکي اردو ۾ ڪيوسون ته: میرے مولیٰ چاہتوں کا، کاروان چلتا رہے۔

ڪاس جي چيئرمين پير غلام مجدد سرهنديءَ جي ڪوششن سان تمام ڪامياب ۽ يادگار مشاعرو ٿيو، سڄيءَ سنڌ مان اردوءَ ۽ سنڌيءَ جا شاعر آيا. ان موقعي تي وري شعر لکڻ جي شروعات ٿي. ۽ هاڻ اهو سلسلو هلندو پيو اچي. منهنجي شاعريءَ جو گهڻو حصو ڪافيءَ تي مشتمل آهي ۽  ان بعد غزل باقي جن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿم، تن ۾ نظم، بيت، ڏهر، قطعا ۽ مثنوي شامل آهن. هيءُ رسالو فقط ڪافين تي مشتمل آهي. هن رسالي ۾ ٻه سؤ 200 ڪافيون شامل ڪيون ويون آهن، باقي شعر محفوظ آهن، وري انشاءالله ٻي موقعي تي ڇپبو.

منهنجي شاعريءَ جو پهريون دور 1989ع کان 1993ع تائين ۽ ٻيو دور 1999ع کان هن مهل تائين آهي.

منهنجا ڪجهه شعر نموني خاطر فقير منٺار سائينؒ جي رسالن خدائيءَ، رهنمائيءَ ۽ مرتضائيءَ ۾ اردو ۽ سرائڪيءَ جا شعر سندن اردو رسالي ۾ ڇپيا آهن. ۽ فقير سائين جي رسالن جي ناياب ٿيڻ سبب ٻه دفعا ميلن تي چونڊ ڪلام جي نالي سان ڪتاب ڇپيو، ان ۾ فقير منٺار سائينؒ، فقير ولي بخشؒ سائين ۽ منهنجا شعر شامل هئا.

مون ٽن ٻولين سنڌي، اردو ۽ سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، هن رسالي ۾ سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون شامل ڪيون ويون آهن. مون کي پنج پٽ ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي.

منهنجي فرزندن جا نالا: (1) فقير ولي بخش، (2) فقيرولي محمد، (3) فقير اعجاز علي، (4) فقير فياض علي ۽ (5) فقير محمد طلحٰ آهن، منهنجا ٻه ڀائر آهن: فقير لطف علي ۽ فقير خادم علي. ٻئي صاحبِ اولاد آهن، آخر ۾ آئون پنهنجي هڪ ڪافيءَ جي نالي مصرع لکندس ته:

ضآمن تنهنجو آهي سرور، پرچي توسان پوندو پرور،

پوءِ ڀل هام هڻي تون هيڪر، اڳيان سڀن جي اچ.

فقير محمد بخش ضآمن

درگاهه حضرت منٺار فقير

25 صفر 1444هه خميس

22 سيپٽمبر 2022ع

03303084432

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org