سيڪشن: شآعري

ڪتاب: پرين تنهنجي پياس ۾

باب:

صفحو:1

پرين تنهنجي پياس ۾

(ڪلام فقير ولي بخش راڄڙ)

مرتب: فقير محمد بخش ”ضامن“

ارپنا

آئون هي رسالو وڏي عقيدت سان

قبله مرشد مخدوم محمد امين فهيم سائين

جن سان منسوب ڪريان ٿو جو هي سموريون عنايتون سندن ئي

نظر ڪرم جي طفيل آهن جا هميشه رهندي آئي آهي ۽ رهندي اچي.

هي حقير وري به عرضدار آهي.

فقير محمد بخش راڄڙ ”ضامن“

ٻهاريدار درگاهه منٺار فقير راڄڙ کاڻي

 

ڇپائيندڙ پاران

 

هيءُ ڪتاب ”پرين تنهنجي پياس ۾“ سنڌ جي نامياري شاعر فقير ولي بخش راڄڙ جي ڪافين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ الله جل جلاله جي واکاڻ ۽ پنجتن پاڪ جي ثناخواني بيان ڪيل آهي. هيءُ ڪتاب فقير محمد بخش ضامن ترتيب ڏنو آهي. فقير ولي بخش راڄڙ جي ڪلام ۾ الهامي شاعريءَ جي جھلڪ نظر اچي ٿي. سندس شاعريءَ جي ٻولي نهايت ئي سهڻي ۽ سادي آهي. جنهن کي هر خاص و عام آسانيءَ سان سمجهي ۽ پڙهي سگهي ٿو.

فقير ولي بخش راڄڙ جي ڪافين جو هيءُ مجموعو ”پرين تنهنجي پياس ۾“ سال 1999ع ۾ منٺار فقير اڪيڊمي طرفان شايع ٿيو. هِن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي پرکيندي، بورڊ طرفان ان کي ٻيهر شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل مختلف موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن.

عزتمآب جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن طرفان شروع ڪرايل ڏيڍ سؤ صحفن واري اشاعتي اسڪيم تحت هيءُ ڪتاب ”پرين تنهنجي پياس ۾“ پڻ اِن سلسلي جي ڪڙي آهي. جنهن جو هيءُ پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي نگرانيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش شاعريءَ سان چاهه رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.

 

19- جمادي الثاني 1444هه           سيد سڪندر علي شاهه

12- جنوري 2023ع                          سيڪريٽري

 

مهاڳ

 

فقير ولي بخش تاريخ 24 ذوالقعد 1331هجري تي ڄائو، سندس والد پير بخش فقير ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويو، جنهنڪري سموري تعليم و تربيت سندس ڏاڏي منٺار فقير ڪئي. هو هر وقت فقير صاحب جي حاضريءَ ۾ رهندو هو ۽ فقير صاحب جو ڪلام نقل ڪندو هو.

فقير ولي بخش راڳ جو تمام گهڻو شوقين هو، ان شوق ۾ هن اڳتي هلي سٺي مهارت حاصل ڪئي.

فقير ولي بخش، مرشدنا حضرت مخدوم غلام محمد صديقي و قريشي (گل سائين) جن جي حاضريءَ ۾ گهڻو عرصو رهيا. کانئن فيض ۽ دعا حاصل ڪيائين. هو سهروردي طريقي جي ذڪر، فڪر، سماع ۽ ڏهرن جو ڄاڻو هو ۽ صبح و شام ورد هوندو هوس.

فقير جو ڪلام گهڻو ڪري ڪافيون ۽ بيت آهن. ڪافين جو تعداد اندازاً هڪ سؤ کان مٿي آهي ۽ ڪجهه قدر بيت پڻ آهن. سندس ڪافيون سنڌي موسيقيءَ جي معيار تي صحيح طور پرکي سگهجن ٿيون.

فقير ولي بخش جو هي ڪتاب، سندس فرزند فقير ولي محمد ڇپايو آهي، ساڻس تعاون پياري خان شر، سيد گل شاهه، حاجي فيض محمد هنڱورجي ۽ سرفراز راڄڙ ڪيو آهي.

اها نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو منٺار فقير جي ڪلام جا ٽي ڪتاب ۽ فقير ولي بخش جو هي ڪتاب هڪ ئي وقت سال 1984ع ۾ شايع ٿي رهيا آهن.

فقير ولي بخش سان منهنجون ڪچهريون به ٿينديون رهيون آهن، هو سٺي ادبي سوچ ۽ سمجهه رکڻ وارو شخص هو ۽ کيس پنهنجي مرشد ۾ وڏو ويساهه ۽ ڀروسو هو، سندس وفات 29 محرم 1404هجري مطابق 5 نومبر 1983ع ڇنڇر رات ٿي. اهو به عجيب اتفاق آهي ته هو ڇنڇر ڏينهن ڄائو ۽ ڇنڇر رات گذاري ويو. سندس عمر هجري سال جي حساب سان 73 سال هئي، کيس منٺار فقير جي وصيت موجب سندس مزار جي اولهه طرف دفن ڪيو ويو آهي.

اميد آهي ته فقير ولي بخش جي ڪلام جو هي مجموعو سڄي سنڌ ۾ ڪامياب ۽ مقبول عام ٿيندو.

 

هالا

20 سيپٽمبر 1984

 

قبله حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جن طرفان 1984ع ۾ فقير ولي بخش سائين جن جي رسالي جي ڇپائڻ لاءِ ٿيندڙ تيارين جي سلسلي ۾ لکيل مهاڳ.

-----

   ان وقت فقير ولي محمد سائين جن جي اوچتي وصال سبب اهو ڪم رڪجي ويو.

(حضرت مخدوم طالب الموليٰ جو خط فقير ولي بخش ڏانهن)

فقير ولي بخش سائين ڏي قبلا طالب الموليٰ سائن طرفان لکيل يادگارخط سندن صحت معلوم ڪرڻ لاءِ

 

(حضرت مخدوم طالب الموليٰ جو خط فقير ولي بخش ڏانهن)

قبلا طالب الموليٰ سائين طرفان منٺار فقير سائين جن جي ڪلام ڇپائڻ جي سلسلي ۾ خط
 

(حضرت مخدوم مولوي غلام حيدر سائين جن طرفان مرشد نوح فقير رحمت الله عليه جن جي ملفوظات شريف جي قلمي نسخي جي هڪ صفحي جو عڪس جيڪو 1939ع ۾ فقير ولي بخش سائين جن ڏانهن لکرائي موڪليو)

مخدوم مولوي غلام حيدر سائين جن طرفان ملفوظات شريف جي لکرائي موڪليل حصي جي باري ۾ سندن خط

(حضرت مخدوم مولوي غلام حيدر جو فقير ڏانهن لکيل خط)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org