سيڪشن: شاعري

ڪتاب: من اندر جي موسم

باب:

صفحو:1

 

من اندر جي موسم

مرتب: سوز هالائي

ڇپائيندڙ پاران

 

شاعري، اُمنگن ۽ احساسن جي عڪاس آهي، جيڪا اندر جي آواز کي لفظن جو روپ ڏئي، سونهن ۽ سرهاڻ جا نت نوان رنگ ظاهر ڪري ٿي. هيءُ شعري مجموعو ”مَنَ اندر جي موسم“ هالا جي ڀلوڙ شاعر سوز هالائيءَ جي خوبصورت شاعراڻي زندگيءَ جو هڪ نئون سنگ ميل آهي، جنهن ۾ سونهن، سوڀيا، سڳنڌ ۽ سرهاڻ جي شاعري موجود آهي.

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي اهڙن علمي ۽ ادبي شهپارن کي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ شروع کان ڪوشان رهندو پيو اچي. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.
سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان اڻڇپيل مسودا اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽي جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا وياآهن.

سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌي شاعريءَ جا معياري ڪتاب شايع ڪرڻ جي ڏَس ۾ سائين سوز هالائيءَ جو هيءُ مجموعهء ڪلام ”من اندر جي موسم“ به اِن سلسلي جي ڪڙي آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي ايامڪاري ۽ رهنمائيءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، هيءَ ڪاوش شاعريءَ سان دلچسپي رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.

 

18- ربيع الاول 1442هه سيد سڪندر علي شاهه

04- نومبر 2020ع                                         سيڪريٽري

 

ارپنا

 

نرمل نصير مرزا جي نــانءُ

جنهن جي تحريرن ۽ تقريرن ۾

هڪ الڳ رنگ ۽ سڳنڌ آهي.

 

مهاڳ

 

غزليات جي زمين ۾ گيتن جو گلستان

 

دوستي آهي ڪچي ڌاڳي جيان،

شڪر آهي، جو ڇنو مان ناهيان.

رسول حمزه طوف پنهنجي هڪ شعري مجموعي Selected Poems ۾ ”ٻه اکر پاڻ بابت“ ۾ لکيو آهي ته:

”ماڻهن کي پاڻ بابت ۽ پنهنجي دور بابت ٻڌائڻ لاءِ پنهنجي روح جي گهِرن احساسن، خيالن ۽ جذبن کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ شاعر ڪتاب لکن ٿا.“ (ص11)

۽ ”سوز“ به اهڙي ئي ڪنهن احساس هيٺ هي شعري ڪتاب ”من اندر جي موسم“ اسان کي ڏنو آهي.

رسول حمزه طوف اهو به لکيو آهي ته ”مون پهرين منهنجو داغستان بابت ڳالهايو آهي، پر هاڻي آئون منهنجو روس، منهنجي جارجيا ۽ منهنجو اپگرهه بابت ڳالهائيندس“ ۽ هن ڳالهايو به. پنهنجي شاعريءَ ۽ پنهنجي نثر ۾. پر هاڻي خود روس، جارجيا ۽ اُپگرهه جو جيڪو حشر نشر ٿي چڪو آهي، اهو رسول حمزه طوف نه ڏٺو! پر اسان واري خطي جو ۽ سنڌ جو جيڪو حشر نشر ٿيو آهي، اهو اسان سڀني ڏٺو.

سوز“ جي شهر ”هالا پراڻا“ کي جيڪڏهن ماڊل ڪري کڻجي ته سنڌ جي سمورن شهرن جي تصوير اسان جي آڏو اچي ويندي. سوز ”هالاپراڻا“ جي ماضيءَ ۽ حال تي ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو آهي، پر ”من اندر جي موسم“ ۾ به سندس هڪ نظم ”شاه دريا (پورالو دريا)“ سنڌوءَ تي هڪ نوحو ته آهي ئي، ساڳئي وقت اهو ”حال“ جو به نوحو آهي ۽ ان ۾ ”ماضي“ جو حوالو به موجود آهي:

جتي ڪالهه ڪشتين قطارون ڏٺيوسين،

پلن ۽ مڇين جون بزارون ڏٺيوسين،

۽ نورين جون نيڻن نهارون ڏٺيوسين،

ملاحن جون وڏيون ڄمارون ڏٺيوسين،

اتي هاڻ واريءَ جي ورکا ڏسان ٿو،

جلي جيءُ ٿو آءٌ پڄران لڇان ٿو.

اهو درد جيڪو ان نظم جي سِٽن ۾ ڇُلي رهيو آهي، ان درد کي اهي وڌيڪ محسوس ڪري سگهندا جن جا شهر/ڳوٺ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آهن! منهنجو ڳوٺ ٽکڙ به سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي. ”سوز“ جي انهيءَ نظم ۾ نه رڳو ”هالا پراڻا“ ۽ ”ٽکڙ“، پر پوري سنڌ کي اسين ڏسي سگهون ٿا ۽ اسان جو حال به نظم جي مٿئين بند جي آخري سٽ وارو ئي هوندو.

جلي جيءُ ٿو  آءٌ پڄران لڇان ٿو

اتفاق اهڙو آهي جو ”سوز“ جو ڪتاب ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۽ هن جي شعري مجموعي ”من اندر جي موسم“ جو ڪمپوز ٿيل مواد، هڪ ئي وقت مون کي مليا ۽ مون ٻنهي کي پڙهيو. شاعريءَ تي مارڪنگ به ڪيم. ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ هن پنهنجي ناني حليمت بابت لکيو آهي جيڪا هڪ سگهڙ خاتون، شاھ لطيف جو رسالو ساڻ رکندڙ ۽ رسالي جي حافظه هئي ۽ پڻ پنهنجي ماءُ شريفت (شريفه) جو ذڪر به ڪيو آهي جيڪا شاھ جي ڪلام جي زبردست ڄاڻو ۽ حافظه هئي. ”سوز“ اڃا پيٽ ۾ ئي هو ته سندس پيءُ گذاري ويو ۽ هو يتيم ٿي ناناڻن ۾ پليو نپنو. ماءُ کان ڪهاڻين/آکاڻين ٻڌڻ جي هير پيس. ڪملا سان ننڍپڻ کان ئي نينهن لڳس. ڳائڻا، وڄتا، لطيف جي ڪلام جا ڄاڻو سندس پنهنجي شهر ۾ موجود هئا. ”هالا پراڻا“ هڪ سکيو ستابو شهر هو. ان جو واتاورڻ، لوڪيشن، ڪلچر، هنر اهي سمورا آڻا ٽاڻا، هڪ شاعر کي جنم نه ڏين ها ته پوء حيرت جهڙي ڳالهه ٿئي ها! ان سان لڳ هالا نوان، قبله طالب المولى سائين جي هستي ۽ مشاعرا، راڳ رنگ جون محفلون ۽ انهن سڀني جو الهه ڏنو جيڪو اڳتي هلي ”سوز“ بڻيو اکين ڏٺو شاهد آهي ۽ هن اهڙو سڄو پوتا ميل ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ ڏنو آهي، پر مون کي هن جي شاعريءَ بابت ڳالهائڻو آهي، جنهن لاءِ نصير جي لکت موجب ”سوز هالائي جي آخري خواهش آهي ته آئون سندس هن مجموعي جو مهاڳ لکان“ هڪ شاعر جي آخري خواهش کي مانُ ڏيڻ ته مون تي لازم آهي ئي آهي، پر نصير جنهن مخصوص جهيلار سان ان آخري خواهش کي زباني به ورجايو ته پوءِ اهو ڄڻ مون لاءِ ”دو آتشه“ ٿي ويو!

”من اندر جي موسم“ جي آخري ٻن صفحن تي منهنجي راءِ سان گڏ ”سوز“، رسول بخش پليجي، قاضي حفيظ قريشيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويي ۽ تنوير عباسيءَ جا رايا ڏنا آهن، انهي سڀني ”سوز“ جي شاعريءَ جي ساراهه ئي ڪئي آهي. هڪ شاعر ٻيو مڱي به ڇا ٿو؟ هو جويي صاحب جي هڪ خط مان اُتساهه وٺي ٿو ۽ ”ڪويءَ جي ڪٿا“ سنڌي ادب کي ڏئي ٿو. ”سوز“ ڏاڍي سِڪَ اڪير سان طالب المولى سائين، استاد بخاري، تنوير، عرفان مهديءَ، انور، اياز، سائل، نورجهان، وحيد عليءَ، فيروز، يوسف، جمن، ڍول کي ساريو آهي پنهنجي ڪوتا ۾. سوز کي سندس چواڻي ته سُر سواد جي ڄاڻ آهي، جيئن هن پنهنجي ڪافين هيٺان راڳ/راڳڻيون ڏنيون آهن، جن تي اهي آڌارڪ آهن يا جيئن هڪ ڳيچ هيٺان لکيل آهي ”دل ايندو لٽڻ اڄ ڍولڻو“ جي طرز تي لکيل. سنڌ ۾ ته عام ماڻهو به ڪنهن لاءِ ”سريلو“ يا ”بي سرو“ جهڙا محاورتي لفظ ڪتب آڻيندو آهي ۽ انهن ٻن لفظن سان ئي ان ماڻهوءَ جي سڄي پرک ٿي ويندي آهي! ۽ ”سوز“ ته وري به شاعر آهي. هن جويي صاحب جي ان ڳالهه ته ”سوز جي غزل تي اڪثر گيت جو اثر غالب آهي“ کي پنهنجي حساب سان ڳڻيو آهي ته ”نه رڳو منهنجي غزل تي، پر وائي، ڪافي ۽ نظم تي به گيت ۽ سنگيت جو اثر نمايان آهي“. جڏهن ته جويي صاحب واضح طور موضوعاتي تسلسل جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي ته ”غزل ۾ هتان هُتان جي موضوعن بدران ڪنهن هڪ موضوع جو انتخاب ڪيل آهي جيڪو آلاپڻ لاءِ مناسب آهي“. جڏهن ته غزل ۾ موضوعاتي تضاد کي جويو صاحب هتان هُتان جا موضوع چئي ٿو- هوندو آهي اهو تضاد ئي ته غزل کي ٻين صنفن کان ڌار ڪري ٿو يا اها به غزل جي هڪ مکيه وصف/ سڃاڻپ آهي.

هڪ ٻيو هالائي شاعر حميد شهيد اهڙي ڪنهن غزل کي غزل مڃڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن ۾ موضوعاتي تسلسل آهي! ۽ سوز جي شاعريءَ جو سندس چوڻ موجب ”وڏو حوالو شايد غزل آهي“.

سڄڻ جي سار ۾ ڪافيون، غزل ۽ گيت ڳاتاسين،

سڃاڻپ ”سوز“ جي ليڪن غزل آهن، غزل آهن.

(شاعر جي پاران)

حميد شهيد ته مسلسل غزل ۽ تاجل بيوس جي ڪافي نما غزل کي به مڃڻ لاءِ تيار نه آهي. ساڳئي وقت حميد شهيد ”تغزل“ جي شاعريءَ جي هر صنف ۾، موجودگيءَ جي ڳالهه پڻ ڪري ٿو. ان حوالي سان حميد شهيد يا ٻين دوستن جي شعري مجموعن ۾ ڪافي بحث موجود آهي. شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي ڄاڻ جي به اها معنى پٽيءَ ڪينهي ته شاعر لازمي طور لسانياتي ماهر به هجي. بلڪل ان ريت سنگيت يا سُر سواد مان شاعريءَ جي حوالي سان، اها مراد قطعي نه آهي ته شاعر ڪو ڳائڻو/گويو هجي! گيت، ڪافي ۽ وائي سريليون (Lyrical) صنفون آهن. سنڌي شاعريءَ جي روايت به سريلي شاعري واري ئي آهي. ”سوز“ موسيقي، عشق ۽ الهام جي به ڳالهه ڪري ٿو. هن کي شايد اها به خبر هجي ته اهو سڀ ڪجهه هن کي پنهنجي شاعريءَ مان ئي ثابت به ڪرڻو آهي، جنهن جو واحد وسيلو ٻولي آهي، لفظ آهن ۽ شاعريءَ ۾ نغمگي، ميٺاج، رس چس، رواني- لفظن جي گهڙت ۽ جڙت تي مدار رکي ٿي. ان ڪري هڪ شاعر جي بنيادي ذميواري ٻوليءَ جو بچاءُ ۽ ڦهلاءِ آهي.

ايڪهتر سالن جي ڄمار جو ”سوز“ گهڻو حصو اهڙي ئي رياضت/مشق ۾ صرف ڪيو آهي ۽ آخر ۾ هن جيڪا مکيه ڳالهه ڪئي آهي، سا اهائي ڳالهه آهي ته:

جهڙو حال حبيبان، تهڙو پيش پريان!

هي جيون، هي زندگي ڏاڍي مختصر آهي ۽ ان ۾ هڪ شاعر جون ذميواريون تمام گهڻيون آهن ۽ اهي هو تڏهن ئي نڀائي سگهي ٿو جڏهن هن جي پهرين ترجيح شاعري هجي ۽ من ۾ سچائي هجي:

سريلو نه سڏبو ۽ چارڻ نه چئبو،

سرن ساڻ جنهن جي سچائي نه آهي.

هڪ شاعر کي جيڪي ڪجهه ڪرڻو آهي، اهو اڄ ئي، بلڪ هاڻ ئي ڪرڻو آهي!

جو ڪرڻو اٿو ”سوز“ اڄ کان ئي ڪريو،

سڀاڻي جو سورج ڀلا ڪنهن ڏٺو آ.

”سوز“ اڄڪلهه جنهن دور مان گذري رهيو آهي، ان ۾ شهر جو شور به آهي ۽ ڳوٺ ڏانهن موٽڻ جي خواهش به ۽ پنهنجي ڳوٺ جو خاص ذڪر هن ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ بيان ڪيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ”ياد“ ئي هن لاءِ تازي هوا وانگر آهي!

ياد تازي هوا کڻي آئي،

ڇا ته خوشبوءِ ڪا کڻي آئي.

سارون ڪنهن وير جان ورن ٿيون ۽ هن کي پاڻ سان لوڙهي ٿيون وڃن.

سار تنهنجي پرين ٿي وري وير جان،

بانسريءَ جي سُرن تي وڄي ”هير“ جان.

ان شعر جي مصرع ثانيءَ ۾ وارث شاھه جي ”هير“ جو حوالو آهي. ”هير“ هڪ مخصوص سُر ۾ ڳائي وڃي ٿي. جيئن ”ماهيا“،

”سورٺ“، ”راڻو“ مخصوص سُر آهن. ڪو ساز ڇيڙڻ کان سواءِ چپ هوندو آهي، بي جان هوندو آهي، لفظ به ايئن آهن.

آڱرين جي ڇهاءُ سان جي ڇڙن،

لفظ ڀي ڄڻ ستار جان آهن.

جويي صاحب غزل جي ”هتان هُتان جي موضوعن“ واري جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، اها غزل جي خامي به آهي ته خوبي به ۽ تضادي موضوعاتي غزلن ۾ به نغمگي آهي ته رواني به- ۽ اهي ڳائي به سگهجن ٿا، ڳايا به ويا آهن ۽ ڳائجن پيا. موضوعاتي تسلسل/تضاد جي آڌار تي ڳائي سگهجڻ جي ڏس ۾، ڪڏهن به ڪو مسئلو پيدا نه ٿيو آهي. ۽ ٻي ڳالهه ته اسين جڏهن به ڪا صنف – غزل، نظم، وائي، ڪافي، نثري شاعري يا آزاد پڙهون ٿا تڏهن ڪنهن ڌن، طرز يا موسيقيءَ جي بندش کان سواءِ پڙهون ٿا، توڙي جو اها کڻي جهونگاري/ڳائي چئي وئي هجي! بلڪ هيئت ۽ Style جي ڪري، ان ۾ پيٽيل سُر ۽ آهنگ کان ئي متاثر ٿيون ٿا. ان سان گڏوگڏ ان ۾ جيڪو Thought آهي، ان کان متاثر ٿيون ٿا، جيڪڏهن ڪوبه شاعر موسيقيءَ جو شغف/ڄاڻ رکي ٿو ته اها سون تي سهاڳي وانگر آهي. بنيادي ڳالهه وري به اهائي آهي ته تخيلقي سطح تي هن ان کي شاعريءَ ۾ ڪيئن ۽ ڪيترو ورتايو آهي! ان ڏس ۾ ڪافي گو شاعرن جو مثال اسان جي آڏو آهي. ان ڪري به ته ”ڪافي“ هڪ اهڙي صنف آهي، جيڪا سُر کان سواءِ معرض وجود ۾ نٿي اچي سگهي! ”سوز“ صاحب جون ڪافيون به ”من اندر جي موسم“ ۾ آهن، پر پهرين سندس غزل، جيڪو هن جي چواڻي، هن جي شاعريءَ جو ”وڏو حوالو شايد غزل آهي“.

پيار جو هڪڙو پل ڪافي آ،

سالن ۾ ڇا رکيو آهي.

هڪ شاعر، زندگيءَ جي اهڙن ئي پيار جي پلن کي لفظن جي لڙهيءَ ۾ پوئي، اسان جي آڏو پيش ڪري ٿو. نقادن آڏو اهو سوال سدائين جواب طلب رهيو آهي ته اهميت تخليق کي آهي يا تخليقڪار کي؟ پر هڪ تخليقڪار جو ڪم ”سپ“ وارو ئي آهي. مينهن جي بوند جهٽي موتي ڪرڻ وارو ڪم. ان جو ملهه ڪٿڻ جوهريءَ جو ڪم آهي!

سپيءَ جو جسم پيو آهي سمندر جي ڪناري تي،

نمائش لئه مگر موتي رکيل آهن اڃا تائين.

”سوز“ جي مجموعي ”من اندر جي موسم“ ۾ تجرباتي غزل (ڪونه ايندو، ڇو نه ايندو....) به آهي، ته سهرائي غزل (ثاقب ابڙي جو سهرو....) به آهي ته طرحي ۽ في البديهه طرحي غزل (سوز، انور هالائي ۽ عرفان مهديءَ جي تخليق) به آهن. دعا اها ئي آهي ته ”سوز“ جي گهر تي ”الهام جي بارش“ وسندي رهي ۽ هو ”غزليات“ جي زمين ۾ سنگيت مئه ”گيتن جو گلستان“ اپائيندو رهي.

منهنجي گهر تي ٿي جڏهن الهام جي بارش وسي،

ٿو ائين محسوس ٿئي ڪو گلستان گيتن جو آ.

”سوز“ جي هن مجموعي ”من اندر جي موسم“ ۾ غزل، گيت، وائي، ڪافي، نظم، آزاد نظم جون صنفون آهن. واين ڪافين ۾ به ڪجهه عروض تي آڌارڪ آهن. گيتن ۾ به ڪجهه عروض تي آهن، ڪي ڪي گيت ردم وارا به ملن ٿا. شايد ڌن يا طرز جي آڌار تي ايئن ڪيو ويو هجي! گيتن ۾ وري ٻارن جا، وطن جا، وهانءُ/ثقافتي، هجر وصال جي ذيلي عنوان سان گيت ڏنا ويا آهن.

چانڊوڪيءَ جي وسڪاري ۾، چاندي جهڙا ٿي پونداسين،

آلي ڌرتيءَ جي سيني تي، مينهن وساڙن جان لڳنداسين.

 مون به چيو هو.

”ڪافي“ هڪ اهڙي، سنڌي شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪا سُر جي ڄاڻ کانسواءِ نٿي چئي سگهجي. سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافيءَ جو هڪ الڳ ۽ شاندار اتهاس آهي ۽ ڪافي گو شاعرن هڪ الڳ سريلي روايت قائم ڪئي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ”ڪافي/قافي“

جا ٽي ضخيم جلد، ڪافي گو شاعرن جي انهيءَ اتهاسڪ ڪارنامي جو ثبوت آهن. ”سوز“ جون ڪافيون عروض تي به آهن:

ڪئين راتيون ڪٽيوسين، ڪئين ڏينهن گذارياسين،

سي سڀ وساري ڇڏيم، تون يار ياد آئين.

اهڙين ڪافين ۾ ”سوز“ عروضي رعايتن کان به ڪم ورتو آهي، جهڙوڪ اکر حذف ڪرڻ، جڏهن ته سنڌي شاعريءَ جي روايت ۾، جيڪا سريلي روايت پڻ آهي، اکر بدران سُر حذف ڪرڻ ٿين ٿا.

جيڪر محب ملن ته چوانِ، دل جا دفتر کولي کولي،

واري ڪافي شايد ڪريم پليءَ جي هن مشهور ڪافيءَ کان متاثر ٿي چئي وئي آهي:

هيڪر جي گڏجن ته چوانِ، سور اندر جا ساري ساري.

ڪافيءَ ۾ قافين جو عجيب جنسار هوندو آهي. ”سوز“ جي ڪافين ۾ اندروني قافين جو مانڊاڻ به آهي ته ٻٽا قافيا به آهن:

ساڄن اوطاقون ڪري، پئڙا رات رهي،

ڀاڳ ورياسون،

ڪاڄ سرياسون.

(جي) رنگ پريان جي رتيون رتيون،

سي عشق اجاري وتيون وتيون.

”ڪملا جي نانءُ ڪويتائون“ جي عنوان سان ”من اندر جي موسم“ ۾ هڪ الڳ ڀاڱو رکيو ويو آهي. جيڪو ”ٻالاپڻ رو نينهن“ جي حوالي سان آهي. انهن ڪويتائن ۾ وڇوڙي جو درد آهي انهيءَ سانوري الهه ڏني جو، جيڪو انهيءَ فراق جي الفي پائي شاعر ”سوز“ بڻجي چڪو آهي، جنهن جي سڄي ڄمار هجر جي ڪاري رات ۾ گذري آهي (اهڙي ڳالهه ”ڪويءَ جي ڪٿا“ ۾ به لکي آهي)

هجر جي سا رات ڪيڏي،

ڀونءِ تي ڀاري لڳي.

پرهه جنهن جي ڪانه هئي

صبح جنهن جو ڪونه هو

دردمندن جي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪانه ٿي

هجر آ جاري اڃا

سفر آ جاري اڃا

هو ته رڳو اهو ٿو چاهي ته هُن جا اهي گيت، جيڪي ڪملا لاءِ رچيا ويا آهن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجي رهيا آهن، ريڊيو ۽ ٽي-وي تي به نشر ٿي رهيا آهن، ڪملا تائين به پهچن. ”لاپته ماڻهن جو ليک“ به اهڙي ئي هڪ درديلي رچنا آهي. جنهن ۾ ”سوز“ سڀني ڌرين-رسالن جي ايڊيٽرن، چئنلن جي مالڪن کي اهائي وينتي ڪئي آهي ته اها رچنا ڇاپي وڃي، نشر/ٽيليڪاسٽ ڪئي وڃي ۽ هن کي به ڪملا جو ڏس پتو ملي:

جي اوهان کي آھ ڪوئي ڏس پتو،

”سوز“ کي ”هالين پراڻين“ موڪليو،

هڪڙي شاعر کان دعا جا گل وٺو!

”سوز“ انهي رچنا ۾ توڙي جو پنهنجي ذاتي دکدائڪ وارتا بيان ڪئي آهي، پر ان جو ڪئنواس ڏاڍو وسيع آهي.

ٻاهر جي موسم-اندر جي موسم! خارجيت-داخليت! سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن“ سو نوڪريءَ کان آجائي، اڇا وار، اکين تي عينڪ، ڏٻرو جسم، خالي هٿ کڻي ”سوز“ واپس اتي پهتو آهي، جتان هو هليو هو، پر شاعر جو پنڌ ڪڏهن نٿو کٽي! منهنجي هن ٽيڙو وانگي:

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ،

ماڳ اچي ته به کٽي نٿو،

پانڌيئڙن جو پنڌ.

ٻاهر جو سفر يا اندر جو سفر - مون کي پتو ناهي ته ٻنهي مان ڏکيو ڪهڙو آهي؟ موسمون ڪهڙيون سخت آهن؟ داخلي يا خارجي پر لطيف سائينءَ فرمايو آهي ته

کرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين!

سو هڪ شاعر لاءِ هن جي شعرن جون سٽون سندس (خالي) هٿن جون ليڪون بڻجي ٿيون وڃن. هن جي ظاهر اکين تي ڀلي کڻي ٿلهن ڪاون واري عينڪ هجي، پر هن جون باطني اکيون سدائين روشن رهنديون آهن. مخدوم نوح﷥ جو هي بيت هانوَ تي هُري آيو اٿم:

اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،

آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي!

سو ”نائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو!“ ۽ ڪملا جو ڏس پتو به اهو ئي آهي. هوءَ ته ڪيڏانهن وئي ئي ناهي! اتيئي من ۾ رهجي وئي آهي. دلبر جي ديري جو دڳ دل مان ئي نڪري ٿو. اهو آءٌ نه، لطيف سائين چئي ٿو:

اڃا تون اَواٽ، واٽان پاسي ويسري،

سونهي ٿي سواٽ، ته منجهان دل دڳ لهين!

پر اهو سڀ تڏهن ئي ٿئي ٿو جڏهن ”آءٌ – تون“ جو فرق ختم ٿي وڃي ٿو!

پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هو لههُ،

تهان ڌار نه سپرين، مند منجهئين پاءِ.

 (قاضي قادن)

پر اهڙو مرحلو پنهنجي وقت تي ايندو. سو شايد اڃان نه آيو آهي يا شايد اچي چڪو آهي.

امداد حسيني

ڄام شورو، سنڌ

11 ڊسمبر 2008

شاعر جي پاران

 

من اندر جي موسم

 

(پنجين ورکا)

 

”من اندر جي موسم“ منهنجو ٽيون شعري مجموعو ۽ مجموعي طور پنجون ڪتاب آهي، جيڪو ”رنگ رتا پيچرا“ ۽ ”درشن ڌارو ڌار“ جو تسلسل آهي. هيءُ مجموعو منهنجن ٻين مجموعن وانگر تاخير جو سبب بڻيو آهي ۽ لڳاتار پندرنهن سال سفر در سفر رهيو آهي. البت ان عرصي دوران ٻه نثري ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام“ ۽ ”ڪويءَ جي ڪٿا“ شايع ٿي سگهيا آهن.

هڪ شعري مجموعي لاءِ ڏهن پندرنهن سالن جو عرصو وڏو عرصو آهي، ان دوران گهڻو ڪجهه بدلجي ويندو آهي، سو ان عرصي دوران به گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي. منهنجي سنڌ جون سماجي ۽ سياسي حالتون ڇا بدليون آهن ڄڻ ته زمانا بدلجي ويا آهن، انهن حالتن سان گڏ منهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به نمايان تبديليون آيون آهن. جواني ديواني جون حدون پيرسنيءَ جي سرحدن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، اکين تي چشمو چڙهيل آهي ۽ وارن تي چاندي لهي آئي آهي، ملازمت کان فراغت ملي آهي ۽ مان خالي هٿ ۽ ڏٻرو جسم کڻي ماڳ تي موٽيو آهيان ۽ ان جاءِ تي آهيان جتان سفر جو آغاز ڪيو هوم. ڄڻ ته ماضي حال بنجي آيو آهي.

هيءَ شاعري به عجيب شيءَ آهي، پرتل سرتل آهي ته وڏڦڙي مينهن وانگر وسندي آهي ۽ جي رٺل هوندي آهي ته ڪيتريون ئي موسمون بي ثمر گذري وينديون آهن، چاهي اهي موسمون هجر ۽ وصال جون هجن يا من اندر جون.

مان پنهنجي شاعريءَ جي اثر هيٺ رهيو آهيان، منهنجي شاعري نه رڳو مون لاءِ پناه گاه آهي پر ذوق سليم جي تسڪين جو سامان ۽ اظهار جو وسيلو به آهي.

چئن عام موسمن کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي موسمون آهن جي شاعر جي من اندر موجود آهن. اهي موسمون جيتوڻيڪ تبديل ٿينديون رهن ٿيون پوءِ به پنهنجا اثرات ڇڏي وڃن ٿيون ۽ سدائين شاعر جي ذهن تي حاوي ۽ غالب آهن ۽ بلاشڪ ته مون پنهنجي شاعريءَ جو مواد اڪثر اهڙين موسمن کان حاصل ڪيو آهي.

   هي وقت به وڏي وٿ آهي ۽ ڪنهن جي هٿ وس ڪونهي توڙي جو سندس Duration رڳو هڪ لمحو آهي.

جو به گذري ويو سو ماضي آ،

هڪڙو لمحو آ حال جي موسم.

زمان حال کي توڙي جو هڪ لمحو ميسر آهي پوءِ به ان کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ اهو لمحو ماکيءَ جي لار جيئن ٽيپو ٽيپو ٿي صدين ۽ جڳن تي محيط رهيو آهي. هي ڪلمات لکڻ جي آغاز کان اختتام تائين الاجي ته ڪيترا لمحا ماضي جي نذر ٿي چڪا آهن ۽ الاجي ته ڪيترا لمحا صرف ڪري مون پنهنجي شاعريءَ جو آشيانو جوڙيو آهي. من اندر جي موسم جي هن ڪتاب ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کانسواءِ اهڙين موسمن جو به تذڪرو موجود آهي، جن کي شعري صورت ڏيئي منظر عام تي آڻڻ ضروري ٿي پيو آهي، سو اهڙو انداز اختيار ڪري پنهنجي من جي شاعر کي راضي ڪيو اٿم.

جنهن ديس ۾ ڪو پيار جو شاعر نه ٿو رهي،

ان ديس تي امن جو فرشتو نه ٿو لهي.

ڪجهه منهنجي شاعري بابت:

   منهنجي شاعريءَ جو وڏو حوالو شايد غزل آهي، مون غزل کان ئي Start ورتي آهي ۽ غزل مون کي مشهوري به ڏني آهي، ان جو اعتراف ڪجهه اهڙن لفظن ۾ ڪيو اٿم.

سڄڻ جي سار ۾ ڪافيون، غزل ۽ گيت ڳاتاسين،

سڃاڻپ ”سوز“ جي ليڪن غزل آهن غزل آهن.

منهنجي غزل بابت جناب محمد ابراهيم جويو صاحب جن جو خيال آهي ته ”منهنجي غزل تي اڪثر گيت جو اثر غالب آهي ۽ غزل ۾ هتان هتان جي موضوعن بدران ڪنهن هڪ موضوع جو انتخاب ڪيل آهي جيڪو آلاپڻ لاءِ مناسب آهي“.

جناب جويو صاحب جن جي ان راءِ کي اڳتي وڌائيندي اهو به چوڻ وارا چون ٿا ته نه رڳو منهنجي غزل تي، پر وائي، ڪافي ۽ نظم تي به گيت ۽ سنگيت جو اثر نمايان آهي ۽ گيت منهنجي پسنديده صنف سخن ٿيندو پيو وڃي.

منهنجو غزل مسلسل، ڪافي نما آهي يا مرڳو غزل ئي ڪونهي. اهو هڪ الڳ بحث آهي ۽ منهنجي نظر ۾ اهو اڄ جي غزل جو مسئلو ڪونهي. اڄ جي غزل جو مسئلو اهو آهي ته موجود غزل ڪيترو ديسي، عام فهم ۽ ڪيترو مترنم آهي. پوءِ ان جي شڪل صورت ڪهڙي به بيهي ۽ نالو ڪهڙو به هجي.

منهنجي هن شعري مجموعي ۾ ڪافيون، ڪافين نما وايون ۽ واين نما ٺمريون به آهن، جيڪي راڳن تي آلاپي لکيون ويون آهن. ان کان سواءِ مشاعرن وارا طرحي غزل، مختلف ڪيفيتن وارا گيت ۽ ساروڻيون به هن شعري مجموعي ۾ شامل آهن. بهرحال حال حبيبان، پيش پريان آهي.

منهنجو هي شعري مجموعو ورهين جي رياض، محنتن ۽ محبتن جو ثمر آهي، جو ڪڻو ڪڻو ڪري ڪٺو ڪيو اٿم ۽ ڪک ڪک ڪري آشيانو جوڙيو اٿم ۽ جن لاءِ لکيو اٿم، انهن جي سماعتن ۽ بصارتن تائين پهتو ته منهنجو هي پورهيو سڦلتا ماڻيندو.

ٿورا نه ٿورا

هن مجموعي جي سڀني مرحلن لاءِ جن به پيارن تعاون ڪيو تن سڀني جو ٿورائتو آهيان. مگر محمد سومار وفا ۽ محمد حبيب سنائي جن جو خصوصي طور احسان مند آهيان جن وقت بوقت غير معمولي سهڪار پئي ڪيو آهي ۽ يقيناً سندن تعاون کان سواءِ هي ڪتاب به منظر عام تي نه اچي سگهي ها.

مان جناب امداد حسيني صاحب جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب جو مهاڳ لکي منهنجي ديرينه خواهش کي پورو ڪيو آهي.

آخر ۾ اهائي رسمي گذارش ته پنهنجو رايو ڏيڻ نه وساريندا.

1 سيپٽيمبر 2010

سوز هالائي اسٽريٽ

   هالا پراڻا، سنڌ

سوز هالائي

0308-3908246

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org