سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو

 

صفحو:17 

پڄاڻي ۽ نتيجا

 

v  غلام رباني آگري جي شخصيت ۽ ان جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن تي روشني وجهڻ ۽ ان جو لکڻيون جيڪي سنڌي ادب لاءِ حقيقت کي پيش ڪري اهم جاءِ والارين ٿيون، هن مقالي ۾ اها ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، سنڌي ادب جي نالي واري شخصيت جون علمي ۽ ادبي خدمتو پڙهندڙن اڳيان پيش ٿين. هن موضوع جي اڀياس ۾ اهم مقصد ذهن ۾ رکي نتيجا پيش ڪيا ويا آهن.

v  غلام رباني ۽ سندس خاندان جو تعارف

v  سنڌي ادب لاءِ مختلف موضوعن تي ان جي لکيل ڪتابن ۾ پيش ڪيل مسئلن جي حقيقت معلوم ڪئي وئي آهي.

v  غلام رباني جي لکيل ڪتابن ۾ موضوعن ۽ ان ۾ مونجهارن کي معلوم ڪيو ويو آهي.

v  غلام رباني جي ڪهاڻين، موضوعن، سوانح عمرين، سوانح خاڪن، سفرنامن، ترجمن لاءِ اصولن متعين ڪيا ويا آهن.

v  غلام رباني آگري جي لکڻين کي نالي وارن محققن جي ڪيل تحقيق جي آڌار تي ڪي اصول رکي راءِ ڏني وئي آهي.

v  منجهيل نڪتن کي تحقيق جي اصولن تي رکي تن کي چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽ ان لاءِ سنڌ جي ناميارن محققن ۽ نقادن جي راين کي اهميت ڏئي تن جي روشني ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪئي وئي آهي. مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري مواد کي ترتيب وار رکي ۽ گذريل تحقيق کي نئون رنگ ڏئي ان مان ڪجهه نتيجا ڏنا ويا آهن، ۽ ان جي پڻ تشريح ڪري معنوي پهلوئن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

v  غلام رباني آگري ويهن سالن جي ڄمار ۾، لکڻ جي شروعات ڪئي سڀ کان پهرين هن افسانه نگاري جي صنف تي قلم کنيو. افسانه نگاري واري فن سنڌي ادب جي ميدان ۾ بلندين تائين پهچايو ۽ ان ۾ ڪيتريون ڪاميابيون مليون. انهن افسانن ۾، جن ڪردارن جي چونڊ ڪري افسانه لکيائين تن ۾، ڪمال جي زبان ۽ اسلوب بيان واري ادائگي سان پڙهندڙن کي گرفت ۾ آڻيو ڇڏي. جن ڪردارن جي چونڊ ڪري ٿو سي پنهنجي پنهنجي عمل ۾ سهڻا ۽ من کي موهيندڙ رخن سان نروار ٿي بيهن ٿا. ٽيويهن ئي ڪهاڻين ۾ سادا سودا پلاٽ گهڙيا اٿس ۽ ان ۾ تاثير پيدا ڪيل آهي. فن ۽ موضوع جي لحاظ کان ربانيءَ جون ڪهاڻيون پنهنجن همعصرن ۾ زيادهه ڪامياب آهن.

v  غلام رباني جون ڪهاڻيون هونداسي حيات“، ”پن ٻوڙين پاتال ۾“، ”شيدو ڌاڙيل“، ”بُري هن ڀنڀور ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي عڪاسي ڪيل آهي. جاگيرداراڻا نظام جنهن صدين کان مظلوم عوام جو رت پيتو آهي تن جي ظلمن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. غلام رباني آگري جا موضوع  ٻين ڪهاڻيڪارن جا پڻ اهڙا موضوع ملن ٿا، پر غلام رباني خود ٻهراڙيءَ جي حالتن کان پوري طرح واقف هو، تنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ نفسياتي پهلوئن ۽ اقتصادي بد حالين جي صحيح  نقشو ڪڍي پيش ڪيو آهي. جنهن ڪري سندس ڪهاڻيون تمام گهڻو اثرائتيون ۽ صحيح صحيح رخن ۾ بيان ڪيل آهن. سندس ڪهاڻين جا اڪثر موضوع جهالت، بي روزگاري، غربت انهن ۾ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي پسماندگيءَ جا نقش اجاگر ڪيل آهن.

v  غلام رباني جي ٽيويهن ئي ڪهاڻين ۾، جا ڪشش ۽ لفظن جي چونڊ ۽ موضوع هرلحاظ کان ڪردارن کي سونهن ٿا. انسانذات جي ڀلي لاءِ ڪي ئي واٽون رستا ۽ ڇوٽڪارا ڏکين حالتن کان گذري پاس پوڻ جا رهنما اصول پڻ ٻڌايا ويا آهن، پر ڪٿي ڪٿي سندس ڪهاڻين ۾ مافوق الفطرت ڪردارن ۾ سجايل آهن، جيڪا جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڄڻ ته هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه پڙهندڙ جي ذهن کي گهٽ مطمئن ڪري ٿي، پر ان ۾ اهڙا رنگ ڀري رباني حقيقت طرف آڻي نتيجو ڪڍي ٿو، جنهن جو مثال “آب حيات”ڪهاڻي آهي، ان جي پڇاڙيءَ ۾ به عميق اثر ۽ انسانن جي ڀلائي جو فلسفو عاليشان طريقي جو آهي.  تڪيل توريل خيال ليکڪ جي عظمت جي گواهي ڏين ٿا، بهرحال رباني وٽ جيڪو ڪهاڻي جو انداز هو، اهو مقصد کان خالي ناهي اٻوجهه، بي سهارا، ماريل طبقي کي شعور ڏيڻ جي سندس ڪهاڻين ۾ جا تربيت شامل آهي. اهو پروگرام ۽ مقصد ان وٽ ڪردارن وسيلي تربيت جو ڏس هو ۽ ترغيبون هيون. غلام رباني آگري وٽ تخليقي ادب ۾ نون تجربن ڪرڻ، نئين سوچ ويچار ڪرڻ با مقصد ادب تخليق ڪرڻ جي واٽ هئي. وٽس سنڌي ادب کي ترقي ڏيڻ وارو پروگرام هو. رباني جيڪي سفرناما لکيا آهن. اهي ظاهر ۾ ننڍڙا سفرناما آهن، پر ننڍن سفرنامن ۾ وڏيون ڳالهيون سمجهائي ويو آهي، ۽ انهن سفرنامن ۾ ڪٿي ڪٿي فني کوٽ به نظر اچي ٿي، انهن سفرنامن ۾ سفرنامن جي لوازمات واريون شيون گهٽ پر ڪهاڻي وارو رنگ غالب نظر اچي ٿو. ۽ عنوانن مان به، اهڙي ڳالھ نظر اچي رهي آهي. مثال: ”ڪوهه قاف جون پريون“ ڄڻ ته ڪهاڻي لکيل آهي، پر سندس ٻيا لکيل سفرناما انهيءَ کوٽ کي پورو ڪري ڇڏين ٿا. جيئن ذڪر ڪيو اٿم ته رباني وٽ تخليقي ادب ۾ نئين سوچ ويچار جو پروگرام هو. سندس نون بنيادن جي اوسر ڪئي وئي آهي. سچي ۽ جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪرڻ نون ليکڪن جي همت افزائي ڪيل آهي. انهن کي نه لوئڻ ۽ عالمن، اديبن، ڏاهن، سگهڙن، سياڻن ۽ سخنورن، راڄ جي چڱن مڙسن، بزرگن جي يادگيرين جا خاڪا نويسي ڪري ايندڙ نسل کي پڻ روشناس ڪرايو آهي. ٻين ٻولين مان ترجما ڪري مثال قائم ڪيو آهي. منهنجو هن موضوع تي ڪم ڪرڻ به، هڪ نيڪ خواهشن ۾ شامل آهي. غلام رباني جي ادبي خدمتن تي تنقيد ڪرڻ سج کي ڏيئي ڏيکارڻ برابر آهي. هڪ طالب علم جي حيثيت ۾ پنهنجي فرض جي ادائگي ۾ بهرو ورتو آهي. غلام رباني آگري جي شخصيت فن توڙي فڪر جا ڪي ئي روشن پهلو آهن، انهن کي عوام اڳيان آڻڻ زندهه قومن جي نشاني آهي. تاريخ جي تسلسل کي جاري رکڻ ماضيءَ جي روايتن کي حال ۾ آڻي مستقبل لاءِ راهون پيدا ڪرڻ جو هي هڪ اهڙو رستو آهي، جيڪو ايندڙ وقت لاءِ اميد ته ڪارائتو ئي رهندو. ٿي سگهي ٿو اسان کان ڪن بنيادي شين کي بيان ڪرڻ ۾ ڪا سَهَو ٿي هجي، اها ايندڙ وقت ۾ ڪو محقق پيدا ٿئي جو انهن ڳالهين تي باريڪ بينيءَ تي سوچي ۽ نشاندهي ڪري هن ڪم ۾ وڌيڪ اضافو آڻي ۽ جيڪي شيون هن تحقيق ۾ رهجي ويون آهن تن جو پوراءُ ڪري. اميد آهي ته، ايندڙ نسل ايئن ضرور ڪندو.

غلام رباني آگري جو سنڌ ادب لاءِ گهڻي کان گهڻو ۽ معياري ڪم ڪيل آهي انهيءَ معيار کي قائم ڪرڻ لاءِ تحقيق ۽ تنقيد وارو عمل شين کي اجاريندو آهي ۽ اها ٺاھ ٺوھ ٺوس بنيادن تي ٿيڻ گهرجي. غلام رباني آگري جي علمي ۽ ادبي ڪم جي وڏي اهميت محسوس ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ اڃا به ڪم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. جن صنفن تي غلام رباني آگري سنڌي ادب ۽ ٻولي بابت خدمتون سرانجام ڏنيون آهن تن صنفن تي وري وري ڌيان ڌري مفيد معلومات وارا نڪته ڳولي هٿ ڪري انهن جي  تشريح ڪئي وڃي.  مون پنهنجي مقالي ۾ غلام رباني جي ادبي خدمتن کي آڏو آڻي هڪ راءِ ڏيان ٿو ته، اهو واقعي سنڌي ادب جي دنيا جو وڏو ڄاڻو اديب هو. تڏهن سنڌ ۽ دنيا جي ناميارن عالمن به سندس لکڻين کي پڙهندي پنهنجي راءِ قائم ڪئي آهي، ته رباني جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ نثر نويسن ۾ ٿئي ٿو. مون هن مقالي ۾، سندس شخصيت ۽ ان جي فن فڪر تي تحقيق ڪري ان جي لکڻين کي ظاهر ڪري پڙهندڙن اڳيان آنديون آهن. هن جي خوبين توڙي خامين ۽ ان جي صلاحيتن جي معنيٰ کي پيش ڪيو آهي. الله سنڌ ۾ ساڃهه مند ماڻهو پيدا ڪري،  جيئن سنڌ ۾ سجاڳي جي لهر پيدا ٿئي، انهيءَ لهر جي روشني پوري دنيا تائين پهچي. جڏهن سنڌ جا ادب دوست پنهنجن محسنن کي ياد ڪرڻ جي پاڻ شناسائي پيدا ڪندا ته، هڪ نئون جهان اڏجي پوندو. جيئن سنڌ ۾ ٻيو ڀٽائي پيدا ڪونه ٿيندو، سچل، سامي، بيدل، بيڪس، شيخ اياز توڙي استاد بخاري نه ڪي علامه آءِ.آءِ قاضي پيدا ٿيندو، نه ئي سنڌ ۾ وري ٻيو غلام رباني آگرو پيدا ٿيندو ان تي هي تحقيق ڌيان طلب آهي. هي تحقيق غلام رباني جي زندگي، علمي ادبي پورهي کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ هن مقالي جو مقصد آهي. هاڻ عوام تائين ڇڏيل آهي ته ان جو قدر ڪيئن ٿو ڪري.

v  منهجي مقالي مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي ٻهراڙين جي ڪُک مان جنم وٺندڙ ماڻهن سنڌ کي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ مانوس ڪيو آهي.

v  غلام رباني آگرو نثر جي دنيا جو هڪ يگانو ليکڪ هئو. جنهن جي قلم هر شعبي جي مکيه صنفن تي جوهر ڏيکاريا. جهڙوڪ: افسانو، مضمون، خط نويسي، سفرناما، سوانحي خاڪا وغيره.

v  رباني سنڌ جي انهن تمام ٿورن نثر نويسن مان هڪ آهي، جن فقط نثر تي توجھ ڏنو، ۽ شاعري يا نظم جي ميدان ۾ اجايو پاڻ مڃرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.

v  رباني بحيثيت افسانه نگار تمام سگهارو ليکڪ آهي ۽ فن خواهه فڪر جي حوالي سان ٻين تي اثر انداز ٿيو آهي.

v  رباني نه فقط افسانه جي صنف ۾ پر سفرنامن لکڻ ۾ به نُدرت ۽ نواڻ ڏني.

v  رباني سوانحي خاڪن لکڻ جو هڪ نئون ۽ منفرد فن مانوس ڪرايو. اهي پڙهڻ سان جهڙوڪ شخصن سان ملاقات ٿي وڃي ٿي.

v  رباني پنهنجي دور جو مثالي نثر نويس، باڪمال ڪهاڻيڪار ۽ پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ جو ليکڪ هو.

v  سندس قلمي خدمتن جي تقاضا آهي ته هن تي وڌيڪ تحقيق ڪئي وڃي.          

 

مـددي ڪــتــاب

 

1.                 ابڙو جمال آءُ جاڳي پوندس، سهيڙيندڙ: بدر ابڙو، پهريون ڇاپو، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2009ع.

2.                الانا غلام علي ڊاڪٽر سنڌي افساني جي اوسر چونڊ سنڌي افسانا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1976ع.

3.                الانا غلام علي ڊاڪٽر سنڌي نثر جي تاريخ ڇاپو ٻيو، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي سنڌ 1977ع.

4.                امر جليل امرجليل جون اوائلي ڪهاڻيون چونڊ ۽ ترتيب: ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، ڇاپو پهريون، 2009ع.

5.                آڏواڻي ڀيرومل مهرچند قديم سنڌ، (ڇاپو ٽيون)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو/ حيدرآباد سنڌ، پاڪستان، 1992ع

6.                آگرو غلام رباني آب حيات، زندگي پبليڪيشن 1959ع.

7.                آگرو غلام رباني، ”ادب ۾ ترجمي ڪِي افاديت“ ڪتاب: “ادبي زايَي- ڪل اهلِ قلم ڪانفرنس 1983ع ڪَي مقالات ڪا مجموعه“، اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، سال اشاعت 1984ع.

8.                آگرو غلام رباني سنڌ جا بر،  بحر ۽ پهاڙ ڇاپو ٻيو - سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، اپريل، 2005ع.

9.                آگرو غلام رباني جھڙا گل گلاب جا (پهريون حصو)، - ڇاپو ٻيو: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2007ع.

10.           آگرو غلام رباني جھڙا گل گلاب جا ٻيو حصو- ڇاپو ٻيو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2007ع.

11.            آگرو غلام رباني خط غبار غلام رباني آگري جا خط حڪيم اعجاز ڏانهن- سانڍيندڙ ۽ ساريندڙ- حڪيم اعجاز حسين چانڊيو- ڇاپو پهريون C روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ، 2010ع.  

12.           آگرو غلام رباني آب حيات- ڪهاڻي- ڪليات، سهيڙيندڙ: الطاف آگرو ۽ نصير مرزا - ڇاپو پهريون C روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو سنڌ 2011ع.

13.           آگرو غلام رباني، سنڌي ڪلچر، }پس منظر - پيش منظر{ سهيڙيندڙ - الطاف آگرو۽ نصير مرزا، (ڇاپو پهريون)، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، 2011ع.

14.           آگرو غلام رباني، آبِ حيات، (ڪهاڻي- ڪليات)، (ڇاپو پهريون)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2012ع.

15.            آگرو غلام رباني هنگلاج ۾ چانهه، ( سفرناما) سهيڙيندڙ- الطاف آگرو ۽ نصير مرزا ڇاپو پهريون- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، 2012ع.

16.           آگرو غلام رباني ماڻهو شهر ڀنڀور جا، (ڇاپو پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو - سنڌ 2012ع.

17.           آگرو غلام رباني ٿيا قلب قرار، سهيڙيندڙ: الطاف آگرو ۽ نصير مرزا چاپو پهريون- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، 2013ع.

18.           آگرو غلام رباني سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر، (ڇاپو پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2013ع.

19.           جامي چانڊيو: مرتب: سنڌي ادب ۾ تنقيد- اينٿالاجي- حصو ٽيون- افسانوي ۽ فڪري ادب“- پهريون ڇاپو سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2007ع.

20.          جتوئي ادريس جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي، (ڇاپو پهريون)، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌي ادبي سنگت- نوان جتوئي، 2005ع.

21.           جويو تاج سنڌي ٻولي جو درست استعمال، مرتب: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ڇاپو پهريون، جنوري، 2009ع.

22.          جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، (ٽيون ايڊيشن)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو سنڌ 1994ع.

23.          جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر شيخ اياز هڪ مطالعو (ڇاپو پهريون)، شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس - نومبر، 1999ع.

24.          جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو مطالعو، گنج بخش ڪتاب گھر حيدرآباد 2001ع.

25.           جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر سنڌي ادب جي تاريخ، (جلد ٽيون)، ڇاپو پهريون: سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ، 2006ع.

26.          جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر سنڌي ادب جي تاريخ، (جلد ٽيون)، ڇاپو پهريون:، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ 2006ع.

27.          چونڊ آمريڪي مختصر افسانا (مترجم) سراج ۽ رباني، (پهريون ايڊيشن)، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، حيدرآباد سنڌ، 1958ع.    

28.          پليجو رسول بخش سندي ذات هنجن سنڌي ساهت گھر حيدرآبا سنڌ، 2004ع.

29.          پيرزادو انور جديد سنڌي ادب انور پيرزادو اڪيڊمي- جنوري، 2010ع.

30.          سڏ پڙاڏو- جھڙا گل گلاب جا، ڪتاب تي ٽيليويزن، ريڊيائي، اخبارن ۽ رسالن ۾ اديبن دانشورن جا تبصرا ۽ پڙهندڙن جا خط- مرتب- نصير مرزا مددگار نفيس احمد شيخ، احمد سولنگي ۽ الطاف حسين آگرو. (ڇاپو پهريون)، شاهه عبداللطيف سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي 1993ع. 

31.           ساهتي پرڳڻي جو وهائو تارو- ڊاڪٽر حامد علي قريشي خانائي- سوانح حيات، علمي ۽ ادبي خدمتون/مرتب- بشير احمد هيسباڻي- ڇاپو پهريون C ساهتي ادبي اڪيڊمي نواب شاهه سنڌ 2011ع.

32.          سومرو ادل ڊاڪٽر، پاڪستاني ادب 1947ع کان 2008ع چونڊ سنڌي ڪهاڻيون اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، پاڪستان، 2010ع.

33.          سنڌ ۾ پکين ۽ جانور جو شڪار، محمد اسماعيل عرساڻي ۽ غلام رباني آگرو- (ڇاپو پهريون)، سنڌ ادبي بورڊ پوسٽ باڪس نمبر 12، حيدرآباد سنڌ، 1997ع.

34.          سنڌي يوسف، سنڌي ادب- هڪ سؤ سنڌي اديبن جا سوانح ۽ ڪم جو جائزو سچائي اشاعت گھر- دڙو، 2011ع.

35.           شيخ محمد ابراهيم خليل ڊاڪٽرادب ۽ تنقيد، مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، (ڇاپو ٻيو)، آڪٽوبر، 2010ع.

36.          عباسي شمس مسز، مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي شخصيت علمي ادبي ۽ سياسي خدمتون، (ڇاپو پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/ حيدرآباد سنڌ 1988ع.   

37.          عرساڻي شمس الدين، ڊاڪٽر، سنڌي ادب ۾ تنقيد، (ڇاپو ٻيو)، اوسر اشاعتاڻو حيدرآباد، سنڌ، 2010ع.

38.          عرساڻي شمس الدين آزادي کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، (ڇاپو پهريون)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، سيپٽمبر، 1982ع.

39.          عرساڻي محمد اسماعيل، چار مقالا، (ٻيو ايڊيشن)، سنڌي ادبي بورڊ -ڄام شورو سنڌ 1983ع.

40.          فهميده حسين ڊاڪٽر، ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ، (ڇاپو پهريون)، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1997ع.

41.           قاضي خادم ادب ۽ روايتون“، (ڇاپو پهريون)، سنڌي ساهت گھر، حيدرآباد سنڌ 1992ع.

42.          گرامي غلام محمد مرتب- تاريخي افسانا ۽ ڊارما، (پهريون ايڊيشن)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ 1977ع.

43.          لڇاڻي جڳديش، سنڌي ڪهاڻي جي اوسر، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد سنڌ 1996ع..

44.          لغاري عبدالجبار عابد ڊاڪٽر، ڄامن سندو ڄام- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سوانح ۽ علمي ادبي خدمتون (دفعو پهريون)، مهراڻ اڪيڊمي واڳڻو در شڪارپور- مارچ، 2010ع.

45.           ملڪاڻي منگهارام سنڌي نثر جي تاريخ، (ٽيون ايڊيشن)، روشني پبليڪيشن حيدرآباد/ ڪنڊيارو، اپريل 1993ع.

46.          مهر خادم، تنوير عباسيءَ جون علمي ادبي خدمتون، (ڇاپو پهريون C)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو سنڌ 2011ع.

47.          مير علي شير قانع، تحفة الڪرام، (ڇاپو ٻيو)، مترجم: مخدوم امير احمد، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ، پاڪستان، 1976ع.

48.          ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو تاريخي جائزو (ڇاپو پنجون)، عجائب اسٽورز فريئر روڊ، سکر سنڌ، 1992ع.

49.          ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس،  (پهريون ايڊيشن C)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ضلع نوشهروفيروز سنڌ، جنوري، 1996ع.

 

روزاني سنڌي اخبارن ۽ ماهوار ٽماهي رسالن جا حوالا:

1.     آگرو غلام رباني، فتويٰ ماهوار نئين زندگي، (آزادي نمبر8،) جلد 8، ايڊيٽر: عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، 1955ع

2.    شيخ راز، 1955ع جي مختصر افساني جو جائزو، ماهوار نئين زندگي، نومبر، ڪراچي 1956ع.

3.    عادل حسين، ربانيءَ جي افسانا نگاري، ماهوار، نئين زندگي“، مئي، 1961ع.

4.    غلام رباني آگرو هونداسي حيات“، ڪهاڻي، ماهوار نئين دنيا، سنڌ پرچو نمبر 4، سال 20 هون، 9 بمبئي، اپريل، 1967ع.

5.    چانڊيو امير علي،ڪهاڻي ۽ ان جا ترڪيبي جزا (مقالو)، سه ماهي مهراڻ، نمبر 1 ۽ 2، جلد 29 جنوري - جون 1980ع.

6.     آگرو غلام رباني، سنڌالاجي سنڌ جي ثقافت جو امين ادارو“ (مقالو)، ٽماهي مهراڻ، نمبر1 ۽ 2، جلد 37، سنڌي ادبي بورڊ، جنوري- جون 1988ع.

7.    شاد بشير احمد،سنڌي افساني ڪهاڻي جا 36 سال 1947ع کان 1982ع، ٽماهي سنڌ“- سيارو- مرتب- انور جوکيو حيدرآباد سنڌ- سنڌ اسٽيڊيز سينٽر، 1983ع.

8.    مفتي تهمينه ڊاڪٽر، سنڌي ڪهاڻي جو سماجي ڪارج،  ٽماهي مهراڻ نمبر3، جلد 45 جولاءِ - سيپٽمبر سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 1994ع.

9.    آگرو غلام رباني، سنڌ جا ٻرندڙ جبل، (مضمون)، سنگم پبليڪيشن پوسٽ باڪس نمبر 89 حيدرآباد سنڌ.

10.           آگرو غلام رباني، سامي سنک وڄائي واٽ ٿيا- ڊاڪٽر مهڪري جي ياد ۾ (ڪالم) ٽماهي مهراڻ، نمبر 4،  جلد 44، آڪٽوبر- ڊسمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 1995ع.

11.آگرو غلام رباني، پير حسام الدين راشدي احوال ۽ احباب، ٽماهي مهراڻ، نمبر 2، جلد 46، (سيد حسام الدين راشدي نمبر)“، اپريل- جون، سنڌ ادبي بورڊ ڄام شورو، 1997ع.

12.           آگرو غلام رباني، حسام الدين راشدي منهنجو دوست، ٽماهي مهراڻ، نمبر (حسام الدين راشدي نمبر)، سنڌي ادبي بورڊ، 1997ع

13.           آگرو غلام رباني، پير علي محمد راشدي، (مقالو)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، جنوري- مارچ، 1997ع.

14.           آگرو غلام راباني، اکڙيون مينگهه ملهار، (مضمون تاثرات)، ٽماهي مهراڻ، (تنوير عباسي نمبر)، نمبر 1،2، جلد 50، جنوري- جون، 2000ع.

15.             آگرو غلام رباني، قرآن شريف جا ترجما ۽ جتوئي صاحب وارو انگريزي ترجمو (مقالو)، ٽماهي مهراڻ، نمبر 1، جلد 51، جنوري- مارچ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2001ع.

16.           آگرو غلام رباني، رني ڪوٽ، ٽماهي مهراڻ، (رني ڪوٽ نمبر) ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2006ع.

17.           آگرو غلام رباني، نورالدين سرڪي، (ذاتي تاثرات)، ٽماهي مهراڻ نمبر 3-4، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2007ع.

18.           آگرو غلام رباني، ريکون ٿي رهيا سڄڻ سوني تند جيان، ٽماهي، ”مهراڻ“ نمبر1، 2، جلد57، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2007ع.

19.           آگرو غلام رباني، همسفر،  (ڪهاڻي)، ٽماهي مهراڻ نمبر 4، جلد 58، سنڌي ادبي بورڊ سنڌ ڄام شورو، 2008ع.

20.          آگرو غلام رباني چين جو سفر، (سفرنامو)، ٽماهي ”مهراڻ“ نمبر1، جلد 59 جنوري، مارچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2009ع.

21.           آگرو غلام رباني، ڪوهه قاف جون پريون (سفرنامو)، غلام رباني آگرو- (مضمون) ۽ تاثرات، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2009ع .

22.          انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا- جلد پهريون-الف/ب سنڌي ليئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ، 2009ع.

23.          مرزا نصير، ”آگرو صاحب جيئن مون ڏٺو، (خاص مضمون)- سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، جنوري- مارچ، 2010ع

24.          سنڌي مدد علي، ڪاڪ ڇڏيائون ڪنڊ تي پاڻان ويا پري- سنڌي جي داستان گو اديب جو، (مضمون)، ٽماهي مهراڻ، جولاءِ- سيپٽمبر 2010ع.

25.           مرزا نصير، “صحبت سپريان جي”، ماهوار “امرتا”، جنوري - فيبروري 2010ع.

26.          شيخ اياز، ربانيءَ جو نالو سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو،  (مضمون)، سنڌي ادبي بورڊ 2010ع.

27.          عمراڻي گل محمد، جهڙا گل گلاب جا جو نفسياتي ۽ سماجي جائزو، ٽماهي ”مهراڻ“ 2010ع.

28.          لاکو غلام محمد، غلام رباني آگرو شخصيت جو هڪ پهلو، گوشئه رباني، ٽماهي مهراڻ، نمبر 2، جلد 60، اپريل- جون سنڌي ادبي بورڊ، اپريل - جون، 2010ع.

29.          قاضي جاويد، آگري صاحب جون ڪجھ يادون ساڳيو مهراڻ، 2010ع.

30.          سڪندري حافظ مهراڻ، آگري صاحب جو وڇوڙو ساڳيو مهراڻ 2010ع.

31.           سچاروي غلام حسين مشتاق“، ”سي لاهوتي لڏي ويا، ساڳيو مهراڻ 2010ع.

32.          ميمڻ نثار احمد، ”غلام رباني آگرو، ٽماهي مهراڻ ساڳيو، 2010ع.

33.          صديقي عبدالغفار، جوڳي ڇڏي ويا جوءِ، ٽماهي مهراڻ، ساڳيو:، 2010ع.

34.          لغاري محمد هاشم، غلام رباني آگرو جي جدائي“، ساڳيو مهراڻ 2010ع.

35.           پاٽولي اياز،ڪوڪو ماڻهو موتي داڻو، ساڳيو مهراڻ، سال، 2010ع

36.          راشدي امام، هن دنيا جي حياتي هڪ ڏينهن وانگر، ساڳيو مهراڻ  2010ع.

37.          سنڌي ادب هڪ بي مثال قصاگو اديب کان محروم ٿي ويو ٽماهي مهراڻ ساڳيو، جلد 60، جنوري- مارچ سنڌي ادبي بورڊڄام شورو سنڌ، 2010ع.

38.          مرزا نصير،آگرو صاحب جيئن مون ڏٺو، (خاص مضمون)، ساڳيو ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، جنوري- مارچ، 2010ع.

39.          ڪاڪا نواب، غلام رباني آگرو جي افسانن جي ڪردارن جو جائزو، ڪارونجھر- جرنل آرٽ ۽ سوشل سائنس- شعبو سنڌي وفاقي اردو يونيورسٽي براءِ آرٽ ۽ سائنس ٽيڪنالاجي، جون، 2011ع.

40.          آگرو غلام رباني، سنڌي عورت“ (مقالو)،  ٽماهيمهراڻ، نمبر3، جلد 62، جولاءِ - سيپٽمبر، 2012ع.

41.           آگرو غلام رباني، دارا جا پويان ڏينهن، (تحقيق)، ٽماهي مهراڻ، نمبر4، جلد 62،  آڪٽوبر- ڊسمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، 2012ع.

42.          سنگت – ٽماهي، خاڪا نمبر، جولاءِ- آگسٽ ۽ سيپٽمبر، 2013ع.   

43.          ماهوار- شريعت- فيبروري- مارچ 40 ساله شريعت، جلد نمبر 41، شمارو 6 ۽ 8، سکر، 2014ع.

حاصل ڪيل مواد اخبارون

1.     روزانه عوامي آواز“، ڇنڇر 23 جنوري، 2010ع.

2.    روزانه ڪاوش- جلد 23 - خميس، بمطابق 7 محرم الحرام 1434 هه - شمارو 108 حيدرآباد، 22 نومبر، 2012ع.

3.    روزانه ”ڪاوش“، ”سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد نثر نگار، (مضمون)، آچر، 9 جون، 2013ع.

4.    روزانه ڪاوش، ”هفتيوار مئگزين: آچر، 9 جون، 2013ع.

5.    روزانه ڪاوش“، ماڻهو مُلهه املهه: غلام رباني آگرو، 1933ع کان 2010ع، آچر، 9 جون، 2013ع.

6.    روزانه سوڀ- سنڊي مئگزين- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران- ادبي انعام ڏيڻ واري تقريب جو احوال رپورٽ- وفا مولابخش قمبراڻي ۽ علي نواز آريسر، آچر، 01 سيپٽمبر، 2013ع.

اخبارون مدد گار

1- روزانه ڪاوش  آچر، 09 جون، 2013ع. 2- الوحيد

3- نواءِ سنڌ                          4- مهراڻ

5- نئين سنڌ                                6- عبرت حيدرآباد

7- روزانه تعمير وطن حيدرآباد              8- روزانههلال پاڪستان“

ڪراچي

9- روزانه عوامي آواز ڇنڇر، 23 جنوري، 2010ع

10- روزانه سوڀ سنڊي مئگزين، آچر 01 سيپٽمبر، 2013ع

        اردو اخبارين

1- روزانه جنگ کراچي

2- روزانه جسارت کراچي

3- روزانه نواءِ وقت کراچي

4- روزانه پاکستان کراچي

5- روزانه قومي اخبار حيدرآباد              6- هفتيوار کليم اردو

   سکر

7- هلال فوجي رسالو جي- ايڇ-کيو پنڊي   8- خبرنامه، اکادمي اسلام آباد

 

English

        01- Monthly Report Hyderabad                 

موضوع سان لاڳاپيل علمي ادبي رسالا

1-   ٽماهي، مهراڻ               2- نئين زندگي

3- سرتيون                       4- سهڻي

5- روح رهاڻ                      6- پيغام

7- ڪينجھر                      8- ڪارونجھر ۽ ٻين

                                   مخزنن جو جائزو ورتو ويو آهي.

ادارا

 1-  ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز

2_ سنگم پبليڪيشن

3-   انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو/ حيدرآباد

4-   سنڌي ادبي بورڊ   ڪراچي /ڄام شورو/ حيدرآباد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org