سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:35

 

مهاڳ

 

آغا سليم جي مهاڳن ۾ به شڪارپور جي چيڪي مٽيءَ، حيدرآباد جي هيرن جو هڳاءُ ۽ ڀِٽَ

جي واريءَ جا تجلا جا حسناڪي پيدا ڪن ٿا، سا پنهنجو مثال پاڻ آهي.

 

گيت اُڃايل مورن جا

جڏهن به ڪو اديب پنهنجو ادبي سفر شروع ڪندو آهي، ته پهرين پنهنجي پيشروئن جا پيرا کڻي اڳتي وڌندو آهي ۽ اڳڀرو هلي پوءِ پنهنجي لاءِ جدا پيچرو ٺاهيندو آهي، پر جڏهن ثميره زرين پنهنجو ادبي سفر شروع ڪيو، تڏهن هن جي پيشروئن جا پيرا ورهاڱي جي ڪري لٽجي چڪا هئا. هوءَ پاڻ ئي پنهنجي پيشرو هئي ۽ پاڻ ئي پنهنجي پوئلڳ! ان سفر ۾ هوءَ اڪيلي نه هئي، پر اديبن جو پورو نسل هن جو همسفر هو. هن جي همسفر مان ڪي تکيون تکيون وکون کڻي اڳتي وڌي ويا پر جلدئي ٿڪجي پيا ۽ ساهه پٽڻ لاءِ ويٺا ته وري نه اٿيا. ڪي وقت جي واچوڙن ۾ وچڙي دڳ وڃائي ويٺا ۽ ڪي وري ڦري گهري اتيئي موٽي آيا، جتان هنن پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو هو. پر ثميره اڳتي وڌندي رهي ۽ پنهنجي لاءِ نئين راه ۽ نئين منزل ڳولهي لڌائين.

اديب وقت جو ضمير آهي. روشنيءَ جي اهڙي لاٽ آهي، جنهن کان اونداهيول ڊنل ۽ هراسيل آهن. هو پنهنجي دور جي سچائي آهي. سقراط رڳو زهر جو پيالو پيتو هو، اديب ساري ڌرتيءَ جو زهر پيئندو آهي ۽ موٽ ۾ امرت ڏيندو آهي. اونداهيون هن تي الرون ڪنديون آهن، وقت وار ڪندو آهي. هو هر وار سيني تي سهندو آهي، پر ڪڏهن به مات نه مڃيندو آهي. هو ٻين جا عذاب سهندو آهي. ٻين سان گڏ جيئندو ۽ مرندو آهي ۽ ٻين کي ڏکن ڏولاون، مرڪن ۽ لڙڪن جون ڪهاڻيون لکندو آهي. فرانس جي جڳ مشهور ناول نويس فلابيئير پنهنجي ناول ”مادام بواري“ جي هيروئن بواريءَ لاءِ چيو هو ته: ”مان پاڻ مادام بواري آهيان“. هي اهو مقام آهي جتي ذات ۽ ڪائنات، خالق ۽ تخليق جا ويڇا ختم ٿي ويندا آهن ۽ جڳ بيتي آپ بيتي ٿي ويندي آهي. ثميره جون ڪهاڻيون به جڳ بيتيون آهن، پر انهن جڳ بيتين کي هن فلابيئر واري جذبي جي اهڙيءَ ته سچائيءَ سان لکيو آهي، جو هر جڳ بيتيءَ تي آپ بيتي جو گمان ٿو ٿئي.

سعادت حسن منٽو چيو ته: ادب لاش نه آهي جنهن کي ميز تي رکي ڊاڪٽر ۽ سندس ٻه چار شاگرد ان جي چير ڦاڙ ڪن. ادب بيمار نه آهي پر بيماريءَ جو رد عمل آهي. ادب دوا به نه آهي، جنهن جي استعمال لاءِ وقت ۽ مقدار جي پابندي عائد ڪئي وڃي. ادب ته ملڪ ۽ قوم جو ٽيمريچر آهي، جنهن مان ملڪ ۽ قوم جي بيماريءَ جو پتو لڳائي سگهجي ٿو.... ثميره جون ڪهاڻيون اسان جي سنڌي سوسائٽيءَ جو ٽيمپريچر آهن. اوهان جو ۽ منهنجو ٽيمپريچر آهن، جنهن مان اسين پنهنجي پنهنجي صحت ۽ بيماريءَ جو پتو لڳائي سگهون ٿا.

هر اديب کي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو پنهنجو انداز ۽ پنهنجي اسٽائيل هوندي آهي، جيڪا هن جي پنهنجي شخصيت جي سچائي مان ڦٽندي آهي يا ائين چئجي ته هر اديب جي شخصيت سندس اسٽائيل ۾ کڙي بيهندي آهي. جيتري اديب جي پنهنجي شخصيت ۾ انفراديت هوندي آهي، اوتري ئي هن جي اسٽائيل ۾ به انفراديت هوندي آهي. آسڪروائيلڊ کي پنهنجي دؤر کان شڪايت هئي ته سندس دؤر جي ماڻهن ۾ سڀ کان وڏي ڪمي انفراديت جي آهي. سڀ ماڻهو هڪ ٻئي جو نقل آهن. ايتريقدر جو سندن جذبا ۽ احساس به ٻين جا اقتباس آهن. پر پنهنجي ڏات جي اڏول لاٽ سان ادب ۾ هڪ نئين راه ۽ نئين منزل ڳولهي لهندڙ ثميره جي شخصيت ۾ انفراديت به آهي ته سندس احساس ۾ سچائي به. اهو ئي سبب آهي جو هن جو آواز (”ايمرسن“ اديب جي اسٽائل کي هن کي ذهن جو آواز سڏيو آهي) پڙاڏو نه پر سڏ آهي ۽ سندس آواز کي آوارن جي انبوه ۾ به سڃاڻي سگهجي ٿو. ثميره جي اسٽائيل روان دوان، نرم ۽ لطيف آهي. هن ۾ طوفان وارو شور ڪونهي پر صبح جي ٿڌڙي هير وارو هڳاءُ آهي. جيڪڏهن هوءَ ڪنهن تي طنز به ڪري ٿي ته ڏاڍي لطف ۽ شسته انداز ۾ ڪري ٿي ۽ زور ۽ زوراوريءَ جي خلاف آواز اٿاري ٿي، ته منبر تي بيهي وڏي واڪي رڙيون ڪرڻ جي بجاءِ، اهڙو ته نرم لهجو اختيار ڪري ٿي، جو سندس ڳالهه سڌو سنئون دل کي ڇهي ٿي.

ثميره کي زندگيءَ سان پيار ۽ اسان جهڙن عام ماڻهن جي رواجي ڏکن ۽ خوشين لاءِ احترام آهي. اهوئي سبب آهي جو هوءَ غير معموليءَ ڇرڪائيندڙ ۽ سنسني خيز واقعن جي بدران زندگيءَ ۾ روز پيش ايندڙ عام ۽ ننڍڙن واقعن کي ميڙي چونڊي پنهنجي ڪهاڻين ۾ پوئيندي آهي. سندس ڪردار غير معمولي انسان نه، پر اسان جهڙا عام انسان آهن ۽ سندس ڪهاڻيون اسان جي ئي ننڍڙين ننڍڙين خوشين، ڏکن، ڏولاون، محبتن ۽ نفرتن جون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ڪٿي اسان جي لڙڪن جا ميگهه ملهار آهن ته ڪٿي اسان جي مرڪ جي باک ٿي ڦٽي!

ثميره ورجينا وولف وانگر احساسن جي ليکڪا آهي. هوءَ ڪردارن جو صرف مٿاڇرو ۽ ظاهري ڏيک ويک بيان نه ڪندي آهي، پر ڪردارن جي لطيف، نفيس ۽ نازڪ احساسن کي اهڙي انداز سان چٽيندي آهي، جو سندس ڪهاڻي جيئرن جاڳندن احساسن جو جهان بڻجي ويندي آهي. هن لاءِ ڪوبه انسان ڇنل، ڌار ٿيل اڪي نه آهي. پر ٻين انسانن سان احساساتي لاڳاپن سان اهڙو ڳنڍيل آهي، جو جيڪڏهن هڪ انسان جي اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچن، ته ٻين انسانن جو هنيانءُ به ڀرجي ٿو اچي. اهو ئي سبب آهي جو ثميره جي ڪهاڻي ڪنهن هڪ ڪردار جي ڪهاڻي نه آهي، پر هڪڙي پوري ڪٽنب، پوري طبقي ۽ پوري دور جي ڪهاڻي آهي.

ثميره گهڻو ڪري زندگي جي هر موضوع تي ڪهاڻي لکي آهي ۽ سندس ڪردار زندگيءَ جي هر طبقي جي نمائندگي ڪن ٿا. ڪاليجي ڇوڪريون، مالوندا شيدي ڳوٺاڻا، غريباڻا گهرڙا، مٿاهين طبقي جي ڪوڙي ۽ ڏيکاءَ واري زندگي، غير سنڌي نالا، سندن اوپري، مٿاڇري ۽ اڇاتري گفتگو، ۽ ان مان ليئا پائيندڙ زندگيءَ جا ڏک ۽ سور. هر ڪهاڻي ۾ عورت جو ڪونه ڪو روپ چٽيل آهي ۽ ثميره جي ڪهاڻين جي عورت سندس ڪهاڻين ۾ پنهنجو پاڻ کي ڳوليندي نظر اچي ٿي. ڪٿي هوءَ اکين ۾ زندگيءَ جا حسين خواب سينگاري جيئندڙ ڪاليجي ڇوڪري رابعي آهي، جيڪا پنهنجي جذبن جي پوري سچائي ۽ معصوميت سان پيار ڪري ٿي ۽ موٽ ۾ پيار نه پائي پنهنجي ئي جذبن جي سچائي ۽ معصوميت هٿان شهيد ٿئي ٿي. (کجور جو وڻ)، ته ڪٿي ان پيار جي محروميءَ جي ڪري نسوري نفرت، ڌڪار ۽ ڪروڌ جو روپ ڌاري ٿي (ٿوهر)، ڪٿي هوءَ اها روايتي مومل آهي، جنهن جي زندگي وڇوڙي جي شب ۾ شمع انتظار بڻجي پنهنجي راڻي جي راهه ۾ جلندي، پگهرندي وسامي وڃي ٿي (شمع ٻاريندي شب)، ته ڪٿي وري هوءَ اڄ جي دؤر جي مومل آهي، جنهن جي حسن ۽ جوانيءَ کي سندس ماءُ پيءُ سون جي ڪاڪ ٿا سمجهن پر ڪوبه راڻو اها ڪاڪ اورانگهي نٿو اچي (مومل جو ڏهاڳ)، ڪٿي هوءَ پنهنجي ڪاري ڪوجهي شڪل کان شرمسار آهي (پلئه پايو ڪچ)، ته ڪٿي هوءَ مٿاهين طبقي جي گليمر گرل آهي ۽ بيچ لگزري هوٽل ۾ نوٽيڪونو جون ڌنون ٻڌي رهي آهي. پر اها صدين جي ڪوٽن مان نڪري بيچ لگزري هوٽل ۾ ويٺل عورت اڄ به اهڙي ئي مجبور آهي، جهڙي هوءَ صديون اڳ هئي. هن جي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ جا ونجهه پراوِن هٿن ۾ آهن ۽ هوءَ پنهنجي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ کي ڪنَ ۾ ڪرندو ڏسي ٿي، پر لڙڪ هارڻ کان سواءِ ڪجهه به ڪري نٿي سگهي (رمندا بادل). ائين ثميره جي ڪهاڻين جي عورت مرندي، جيئندي، زندگيءَ جا عذاب سهندي پنهنجو پاڻ کي ڳوليندي نظر اچي ٿي ۽ آخر ۾ هوءَ ”سوريءَ سزا وار“ ڪهاڻيءَ جي فرزانه جي روپ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڳولي لهي ٿي. فرزانه اسان جي نئين دور جي نئين عورت آهي خود اعتماد، خوددار پنهنجي قسمت جي پاڻ مالڪ ۽ شايد اسان آڏو ”سوري سزا وار!“

 

خوشبو جو سفر

 

ترگنيف جي پهرين نظم ڇپي ته سندس ماءُ کيس خط لکيو:

”بيشڪ مون کي تو ۾ ذهانت نظر آئي، مان پوري سنجيدگيءَ سان ٿي لکان ته تنهنجي هيءَ نظم شاندار آهي. مون کي هينئر تازيون اسٽرابريون کائڻ لاءِ مليون آهن. اسين ڳوٺاڻا اصل ۽ نِجُ شين جو قدر ڪري ڄاڻون، مون کي تنهنجي هن نظم مان تازن اسٽرابرن جي خوشبوءِ آئي.“

مون کي خبر نه آهي ته اسٽرابن جي خوشبوءِ ڪهڙي ٿيندي آهي، پر مون جڏهين ماهتاب جون لکڻيون پڙهيون ته مون کي پڪ ٿي ته اصل ۽ نج شين جو قدر ڪرڻ واري ترگنيف جي ماءُ کي، ترگنيف جي پهرين نظم مان اهڙي ئي خوشبو آئي هوندي جيڪا مون کي ماهتاب جي لکڻين مان آئي.

ماهتاب جون لکڻيون اسٽرابرن جي خوشبوئن جهڙيون اصل ۽ نِجُ آهن.

ماهتاب زندگيءَ جي ليکڪا آهي. زندگي جي خوبصورتين ۽ بدصورتين جي ليکڪا آهي. ماڻهو جيئن آهن، جهڙا آهن تيئن ۽ تهڙا سندس ڪهاڻين ۾ ساهه ٿا کڻن. هوءَ زندگيءَ کي ۽ زنده رهڻ وارن کي ڊسٽارٽ Distort نٿي ڪري، پر زندگيءَ جي وهندڙ ڌارائن مان ٻُڪ ڀري ڪاغذ تي پيٽي ٿي ڇڏي. ڪٿي پاڻي گدلو آهي ته ڪٿي اڇو اُجرو ۽ آب زمزم جهڙو! اِهائي زندگي آهي ۽ ماهتاب زندگيءَ جي ليکڪا آهي. هن جون لکڻيون سندس سڀاءُ ۽ شخصيت جهڙيون ساديون، سچيون، پُرخلوص ۽ زندگيءَ سان ٽمٽار آهن.

ماهتاب جو هيءُ سفر نامون ”سرهي سرهي سار“ سارن ۽ سڪن جي سُرهاڻين جو سفرنامون آهي جنهن ۾ بي غرض محبتن جون چانڊوڪيون کڙيل آهن. ڪٿي محبت جون مينهن ڦڙيون آهن ته ڪٿي درد جون ميرانجهڙيون جهڙياليون. هن جو سفرنامون بمبئي شهر جي پکيڙ، رستن، گهٽين، شاپنگ سينٽرز ۽ آدم شماريءَ جو ”شهر سونهون“ نه آهي پر شهر جو احساساتي عڪس آهي.

سياح ڏورانهان ڏيهه گهمڻ ويندا آهن، تاريخي شهر ڏسندا آهن. نون ماڻهن، نئين تهذيب ۽ نئين ڪلچر جا سفرنامان ۽ سياحت نامان لکندا آهن. ماهتاب دلين جا ديس گهمڻ وئي هئي، محبتن جا شهر ڏسي آئي ۽ پيار جي تهذيب ۽ ڪلچر جو سفرنامون لکيائين. گوبند پنجابيءَ جڏهن کيس دهلي ۽ آگري جهڙن تاريخي شهرن جي سير لاءِ چيو تڏهين هن سوچيو:

”تاريخي جايون ڏسڻ جي مون کي هروڀرو ايڏي سڪ نه هئي جو تاريخ جا تڙيل، موهن جي دڙي جي ڀتين جيان هوريان هوريان ڀرندڙ جهرندڙ، وطن کان وڇڙيل زنده انسان، انهن بيجان مورتين ۽ عجوبن کان منهنجي نظرن ۾ تمام گهڻو اهم هئا. هنن جي بي مثال سڪ منهنجي ارد گرد قربن جو اهڙو ته گهيرو ٻڌي ڇڏيو جو کين ڇڏي ٻئي پاسي وڃڻ في الحال ممڪن ئي نه هو.“

هي سفرنامون تاريخ جي تڙيلن ۽ ثقافتي لساني طرح مُنهن جي دڙي جيان ڀرندڙ ۽ جهُرندڙ ماڻهن جي محبتن جو سفرنامون آهي جنهن کي پڙهي هن بي ويساهي دور ۾ به ماڻهو ۽ ماڻهوءَ جي مستقبل تي ويساهه اچيو وڃي... لکڻيءَ ۾ عجيب رواني، سادگي ۽ بي ساختگي ڄڻ ڪو چشمون پنهنجو پاڻ ڦاٽ کائي پيو وهي، اکرُ اکرُ سان ڳنڍيل، لهر لهر سان جڙيل، زندگيءَ جيان روان ۽ دوان!

سفرنامي جي شروعات خطن جي انهن اقتباسن سان ٿي ٿئي جيڪا بي نانءُ رشتن ۽ بي غرض محبتن جا احساساتي دستاويز آهن. تنهن کان پوءِ سڪ جو سفر شروع ٿو ٿئي. منظر بدلبا ٿا رهن، ڏيک مٽجندا ٿا رهن. هڪڙو هڪڙو منظر صاف، چٽو اُجرو ۽ جيئرو جاڳندو آهي ۽ پڙهڻ وارن اُن ۾ Live ڪرڻ ٿو لڳي.

ڪراچي ايئرپورٽ... جهاز جو سفر، ڪي اڻ ڄاڻا انديشا ۽ انومان... بمبئي ايئرپورٽ. چوڌاري چهرا ئي چهرا، چنڊ ئي چنڊ، محبتن جون چانڊوڪيون، پيار جون روشنيون، نور ئي نور! شايد ڪو خواب يا ڪنهن ڊگهي خواب جي تعبير شل نه ڪو ڌرتيءَ ماءُ کان وڇڙي. اڄ ڄڻ سنڌ ماءُ پاڻ هنن وٽ آئي هئي ۽ سڀني جي اکين ۾ اها ئي آس ته هوءَ منهنجي اڱڻ ۾ پير پائي... ڪي ڪي ته يقين نه ڪرڻ جهڙا جذباتي ۽ ميلو ڊرامائي منظر. مثال ڊاڪٽر ڪنيي جو ”ادا! اوهان!؟“ ٻڌڻ سان سڏڪڻ ۾ پوڻ ۽ هري موٽواڻيءَ جو هٿ منهن ڌوئڻ کان روڪڻ ته:

”ڀائي! ڀل ته سنڌ جي مٽي لڳل هجين. اسان کي ان مٽيءَ مان سڪ ته لاهڻ ڏيو.“

محبتن جو ست رنگي انڊلٺ ۽ احساسن جي خوابناڪ ڌُنڌَ مان ليئا پائيندڙ بمبئيءَ جو ڪارو ڪوجهو شهر...

”دٻلين جهڙيون موٽر ڪارون، ڪاراٺيل بلڊنگون، مرهٽڪا مهانڊا، ڦٽڦٽيون هلائيندڙ ڦيڦيون عورتون ۽ چوڦير ڌپير علائقا، بلڊنگن ۽ ٽريفڪ سان سٿيل ۽ ٻوساٽيل شهر!“

ڪيڙن ماڪوڙن جيان جيئندڙ انگ اُگهاڙا انسان، ڦر مار، کيسي ڪٽ، هٿ مان پرس ۽ گلي مان سوني چين جون سٽون، ٿرڊ ورلڊ جو ڊي هيومنائيزڊ شهر!

هي سفرنامون پڙهندي مون کي ايئن لڳو ڄڻ مان روشن ۽ ننڊاکڙي ڌُنڌ ۾ ويڙهيل ڪنهن آرٽ گيلري ۾ پيو گهمان جتي جيئرن جاڳندڙ انسانن جون جيئريون جاڳنديون تصويرون آهن ۽ هر تصوير مون سان هم ڪلام آهي.

هي پروفيسر رام پنجواڻي آهي جنهن جي نالي وٺڻ سان ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ”جهولي لعل“ جون صدائون ٿيون اچن. گهَڙي، يڪتاري ۽ چپڙن جا آواز ٿا اچن ۽ پروفيسر رام پنجواڻي حدان حد جي وچ۾ رقص ٿو ڪري. اهڙو ليکڪ جنهن منهنجي نسل جي ليکڪن کي لکڻ سيکاريو. عالم فاضل، صوفي ويدانتي، خوش گفتار، خوش مزاج، مڻيادار. مُنهن تي مُرڪ جنهن ۾ ڪائنات جي رازن سان گڏ مشاهدن جون شوخيون ۽ تجربن جون وسعتون تيز نهار سان انسان جو اندر پرکڻ وارو، انفراديت ايڏي جو سڀ ۾ نمايان هندستان جي سنڌين جو ثقافتي گاڊ فادر، وقت جي بي رحميءَ آڏو اڏول ۽ ايج ليس!

هي گوبند پنجابي آهي، منهنجو ڳوٺائي، جنهن جي لکڻين به منهنجي ادبي ۽ ذهني پرورش ڪئي. سنڌ جو اوائلي ترقي پسند ليکڪ، فرسٽ جينٽلمين! پاڻ کان مطمئن، زندگيءَ کان مطمئن، ويندي موت کان مطمئن. ذهني طور ڪالهه ۽ اڄ کان وڌيڪ سڀاڻ ۾ جيئڻ وارو. سڀاڻ جيڪو نون نسلن جو آهي ۽ روشن آهي. اهو سڀاڻ ضرور ايندو جڏهين رنگ، نسل، اميري ۽ غريبيءَ جا سڀئي ويڇا ختم ٿي ويندا.

سمارٽ، ماٺيڻو، بردبار ۽ آدرشي خيالن وارو ارجن شاد، جنهن جو ماڻهوءَ ماڻهوءَ کي پرکڻ جو پنهنجو انداز آهي، جنهن جي سڀاءَ ۾ تهذيب ۽ شائستگي ائين سمايل آهي جيئن گلن ۾ خوشبو!

پنهنجي انداز سان جيئڻ وارو موهن ڪلپنا، جنهن وٽ ريڊيو تي نه وڃڻ ۽ سرڪاري انعام نه وٺڻ جا پنهنجا دليل آهن ۽ پنهنجن انهن دليلن کي رد ڪرڻ جا به پنهنجا دليل آهن.

سڀ ڪجهه ٿڏي زندگيءَ ۾ نظرين، اصولن ۽ ڪمٽ مينٽ جي چونڊ ڪري ان سان سچائيءَ سان جيئڻ وارو اُتم جيڪو ڀانئين ته ساري دنيا، سارا انسان رڳو سندس دماغ سان سوچن ۽ سندس ئي دل سان محسوس ڪرن، جيڪي ايئن نٿا ڪرن سي سڀ غلط آهن.

ڪيتريون ئي تصويرون آهن، ڪيترائي نقش آهن، ڪيترائي چٽ آهن. کلندڙ ڳالهائيندڙ تصويرون، مرڪندڙ ۽ ٽهڪ ڏيندڙ چٽ، پر هر هڪ تصوير، هر هڪ چٽ ۽ هر هڪ نقش جي مرڪن ۽ ٽهڪن مان ڌرتيءَ کان وڇڙڻ جو ايذاءُ ٿو جهلڪي ۽ لڙڪ ٿا ليئا پائن.

ماهتاب جو هي سفرنامون نه رڳو سارن ۽ سڪن جي سرهاڻين جو سفرنامون آهي، دلين جي ديسن ۽ محبتن جي شهرن جو سياحت نامون آهي پر انهن انسانن جي عزم جو آئينو به آهي جيڪي تاريخ جي جبر جو شڪار نه ٿيا پر تاريخ جي جبر جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايائون ۽ جيڪي پنهنجو ثقافتي وجود اڃان قائم رکندا پيا اچن.

 

مُنهنجو يروشلم

 

شڪارپور منهنجو پهريون عشق هئي. شڪارپور هئي به عشق ڪرڻ جهڙي. عجيب دلبري ۽ دلربائيءَ وارو شهر! شاهي باغ جا قرني، رابيل ۽ گلاب جا گل جيڪي مون آغا صوفيءَ جي غزلن ۾ کڙندا ڏٺا ۽ انبن جو کٽڙو ٻور جنهن جي کٽڙي خوشبو مون اياز جي شاعريءَ ۾ محسوس ڪئي. شڪارپور جا هانڊا ۽ مانڊا، هاٿي در وارو غلام حسين جُهلڻ چوندو هو ته سائين ايڪٽر اهو جيڪو ڊرامي ۾ ڳالهائي ته سندس آواز، بنا مائيڪروفون جي، لکي در تي ٻُڌڻ ۾ اچي. پاڻ جڏهن به ڊرامي ۾ ڳالهائيندو هو ته لڳندو هو ڄڻ ان زماني ۾ لئنسڊائون پل جي هيٺان درياهه پيو ڌڌڪا ڪندو لنگهي. شڪارپور جي هانڊن لاءِ هندستان جي مشهور ڳائڻي ۽ موسيقار مناڊي، مون کي بمبئيءَ ۾ ٻڌايو هو ته سڄو راڳ مون شڪارپور جي هانڊن ۾ ٻڌو ۽ اڄ به موسيقي، هن ساري ننڍي کنڊ ۾، رڳو سنڌ ۾ آهي. شڪارپور جي ڀائيبندن، استاد منظورعلي خان جي وڏن، خانصاحب گامڻ خان ۽ بيبي خان کي گواليار مان لڏرائي شڪارپور ۾ آڻي رهايو. هڪ دفعي هڪڙي شڪارپوريءَ راڳ ٻڌندي ڳائڻيءَ لاءِ چيو، ”بي سُري آهي.“ پڇيومانس، ”توکي ڪهڙي خبر.“ چيائين، ”شڪارپوري آهيان. ايتري سمجهه به نه هوندي.“

شڪارپوري کائڻ، پائڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ وڏا نفاست پرست، ”مون چيو“ کي ’ماتو‘ چوندا. پهريان اهي لفظ مهمل سمجهيا ويندا هئا. پر پوءِ ڪاڪي ڀيرومل ٻڌايو ته ’ماتو‘ اصل ۾ ”مان اُتو“ آهي؛ جنهن جي معنيٰ آهي؛ ”مون چيو“. شڪارپور جي ’ڀئين‘ لفظ کي مان بي معنيٰ سمجهندو هيس. پرپوءِ پنجابي ٻوليءَ ۾ ’ڀئي‘ لفظ ٻڌم ته سمجهيم ته اهو لفظ شڪارپوري ۽ لفظ ’ڀئين‘ جي بدليل صورت آهي ۽ ان جي معنيٰ آهي ’ته‘، ادڙا، منڙا ، مٺڙا..... ڳالهائيندا ته لڳندو ماکيءَ جي لار پئي وهي.... شڪارپور جون گرميون، جهولا ۽ ٻُوسٽ، سياري جون قنڌاري هوائون ۽ پارا، هر مند جو پنهنجو ڪلچر. چيٽي چنڊ جو پلو مرندو ته ساٽياڻيون پلا کڻي اينديون، ڀاڄيءَ جي نئين وٽ ۽ شاهي باغ جا گل لهندا ته آرائين سوکڙيءَ ۾ آڻي ڏيندا. ان سوکڙيءَ جو ملهه نه هو، جيترو وڏو اوترو ٿورو. اياز وٽ به عشق، شاهي باغ جي آرائينءَ وانگر جهول جهلي آيو هو، جو چيو هئائين ته:

”عشق اسان وٽ آرائين جيئن، آيو جهول ڀري،

ڪوئي ڪيئن ڪري!“

ڪاسائي سٺو گوشت ڪندو ته گهر تي پڄائي ويندو. گهرج هجي نه هجي، موٽائڻو ناهي. هادي بخش پهلوان وڏو گوشت ڪندو هو. کيس هادو پاڏو چوندا هئا. هن لاءِ مشهور هو ته هُو ڇري ڏندن ۾ جهلي، پاڏي کي ٻنهي سڱن کان وٺي، اڪيلي سر هڪ ئي سَٽ سان ڪيرائي، مٿس  ڪاتي وهائيندو هو. وهڙو ڪُهندو ته نوڪر جي مٿي تي کاري ۾ گوشت اڳيان، پاڻ ڪڙو کڙڪائي گوشت ڏيندو، ڪير کيس موٽائي. اسان جي پاڙي ڪڙي عطا محمد خان ۾ جاٽن جا واڙا هئا. ڪو خوشيءَ جو ڏينهن ٿيندو هو ته سندن سڄي برادري گڏ ٿيندي هئي. رات جو گڏجي لوٽو ڳائيندا هئا. وڏيون گهيريدار وڏ پائنچيون سٿڻان/ شلوارون، ڊگها چولا، ڪلهن تي انگوڇا، مٿي تي اڇيون پڳان، گول دائري ۾ ناچ ڪندا. وچ ۾ دهلاري. لوٽو ماکي آڻي ڏي. دنگ دارونءَ جو ڏيانءِ!

شيشو شراف جو ڏيانءِ منهنجي ، کير پيئڻ جو لوٽو!

جيئن ئي بند ختم ٿيندو، سڀئي انگوڇو ڪلهن تان لاهي ڌرتيءَ ڏي جهڪي ها..! چوندا اندر راڳ جو هڪ بند مون کي اڄ به ياد آهي.

سونيءَ صندليءَ ويهه ڙي، سونيءَ صندليءَ ويهه

ڏندڻ ڏيانءِ ۽ ته گلاب جو، ڙي لوٽو....

ڪو شڪارپوري ئي محبوب کي سوني صندليءَ تي ويهاري، گلاب جو ڏندڻ ڏيئي سگهي ٿو! شام جو تيل ڦليل ڪري، لکي در جو طواف ڪرڻ، ٺاڪر جي قلفي ۽ فالودو کائڻ ۽ لمليٽ پيئڻ ۽ راڌي جون چاپان ۽ ڪنڊا وٺي گهر موٽڻ ڄڻ ته هر شڪارپوريءَ جو ثقافتي فرض هوندو هو، نياز همايونيءَ وارا شڪارپور جا ڏنگا ڇورا، ململ جا ڀريل چولا، ريشمي گوڏيون، جن جا پاسن کان پلو پيا لڙڪندا، ڳچيءَ ۾ رابيل جون ڪنڊيون، ڪرائين ۽ ڏورن ۾ ريشمي رومال ٻڌي پيا گهمندا. انهن لاءِ نياز همايوني ساهيو لکيو هو ته:

ڏنگا ڇورا شڪارپور جا

پائي قرب ڪنڊيون، ڏين چڪر لکي در جا.

شڪارپور جا ٽانگا ۽ چوچاڪيون بگيون. هوند وارن وٽ ذاتي بگيون هونديون هيون. مالڪ اڳيان رينان جهلي بالم بڻجي ويهندو، نوڪر سيٽين جي وچين تي انگو ڇو ٻڌي، ان کي جهلي پوئتي هودي ۾ اُڀو بيهندو. سندس هڪل پئي پوندي. ابا پاسي، مردين، لتاڙبين، کائيندوءِ.... گهوڙي سان ائين ڳالهائيندا ڄڻ محبوب سان هم ڪلام هجن.

شڪارپوري ڳالهائڻ ۾ مٺا، جيءَ ۾ جايون ڏيندا، اصل قربن جا ڪوٽ اڏي ڇڏيندا، پر ڪنهن اڙي ڪين ته چاقو پٽجي ويندا ۽ ڪهاڙيون اُڀيون ٿي وينديون. اهو ڏاڍ مڙسيءَ جو رومانس هو. اسان جي ڪڙي عطا محمدخان جو غوثو خان وڏو پهلوان هو، ڳاڙهو جهڙو انب قداور شهتير جوان افغانستان جي شاهي خاندان مان هو. خوشحال ماڻهو هو، پر ڏاڍ مڙسي لاءِ ڪنهن به شهر ۾ ويندو ته اُتان جي وڏن شودن ۽ بدمعاشن ۽ جو پتو ڪندو ۽ سندن مٿان وڃي ڪڙڪندو، پنهنجو نالو ائين گهڻو ڄڻ ڪنهن ٻئي جو نالو ٿو کڻي! ”غوثو خان شڪارپوريءَ سان ميدان ڪر يا سندس خرچ ڀر.“ ڪوئٽه جي وڏي خوني بدمعاش منان خان خنجر ڪڍي مٿس چڙهي آيو. غوثو خان جبل جيڏو جوان. ڳٿڙ کان جهلي کڻي مٿي کنيائينس. منان خان بان ڪئي. بمبئيءَ ويندو ته اتان جي مڙني بدمعاشن ۽ داداگيرن کي زير ڪري، سندن خرچ تي رهندو.

شڪارپور ۾ علم جي اهڙي ته اڃ هئي، جو اُجهامڻ جي ئي ڪانه هئي، منهنجو ڏاڏو خانبهادر قادرداد خان جيڪو انگريزن پاران خيرپور جو پهريون وزيراعليٰ ٿيو. تعليم جي واڌاري لاءِ سنڌ جو سر سيد هو. سنڌ جو مشهور شاعر تنوير عباسي خيرپور جو هو. خانبهادر، تنوير جي ڏاڏي کي چيو ته، پٽ کي نه پڙهائيندين ته جيل ۾ وجهندوسانءِ.“ خانبهادر کيس پڙهايو ۽ هو ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو، اسان جي پاڙي جو آغا محمد يعقوب هاڻ سي.ايس. پي هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ شاهه جو سارو رسالو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. ننڍي لاءِ کان پڙهڻ ۾ هوشيار هوندو هو ۽ پهرين نمبر ۾ پاس ٿيندو هو. هڪڙو هندو ڇوڪرو پهرين نمبر ۾ اچڻ لاءِ سدائين ساڻس مقابلو ڪندو هو، پر آغا صاحب سدائين نمبر کڻي ويندو هو. آغا صاحب ننڍي لاءِ کان نمازي هو. هڪڙي ڏينهن هندو ڇوڪري چيس: ”مان به ٿو نماز سکان. تون نماز جي ڪري ٿو مون کان نمبر کڻين، نه ته مون کان هوشيار نه آهين.“

ڊاڪٽر عبدالقدير افغان جيڪو وڏو قوم پرست هو ۽ سنڌي انجنيئرن جو هڪڙو پورو نسل تيار ڪيائين، اسان جي پاڙي جو هو. گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ سدائين پهريون نمبر ايندو هو. هو پفل اڪيڊمي جو هندو هيڊماستر سندس والد صاحب کي ايلاز ڪندو هو ته پنهنجو  ڇوڪرو منهنجي اسڪول ۾ داخل ڪراءِ. هڪڙي ڏينهن اسان جي پاڙي جي مسيت جي ٻاهران دڪاڻيءَ تي ويهي رهيو. شام جو سندس والد صاحب ٻاهر نڪتو ته هن جو اڳ کڻي جهليائين ته پنهنجي پٽ جي ٻانهن مون کي ڏي. ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجي آفيس ۾ ميز ڪرسي رکائي ڏنائين ته جيئن سندس نظرداريءَ ۾ پڙهي ۽ پهريون نمبر کڻي ۽ سندس اسڪول جو نالو ٿئي.

شڪارپور جي کنهباٽن جا رڱيل کهنبا ڪپڙا، ٺاٺارن جا ڪٽ جا وٽا، سُرهَن جو آچار، کير وڪڻڻ وارن هندو مندرن جون پتل جون گها گهريون جن تي کير جهڙيون اڇيون رابيل جون ڪنڊيون پيل.... سنڌ واهه جا ميلا. مندر مڙهيون ۽ ٽڪاڻا. سانجهيءَ جو جهانجهن جا آواز..... مون شڪارپور جو رڳو هڪ رخ ڏٺو هو. پر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو هي تحقيقي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ته شڪارپور ثقافتي شهر سان گڏ شعور جو شهر به هو. ماڻهن ۾ وڏي سياسي ساڃاهه، سماجي شعور ۽ نهايت ئي اعليٰ ادبي ذوق هو. شهر ۾ پريسون هيون ۽ ڪيتريون روزانيون، هفتيوار اخبارون، پنڌرهن روزه ۽ ماهوار رسالا نڪرندا هئا. انساني شعور جي ارتقا کي، وچين دور جي عالمن، ٽن دورن ۾ ورهايو آهي اوائلي دور، وچون دور جديد دور پر ڪارل مارڪس چيو آهي ته انساني شعور جي ارتقا جا رڳو ٻه دور آهن. هڪ جڏهن انسان خانه بدوشي ۽ شڪاري زندگيءَ کي ترڪ ڪري، هر هلائي ان اپائڻ سکيو، زرعي ڳوٺ اڏيا، ڪيترا قبيلا هڪ ٻئي ۾ ضم ٿيا ۽ زرعي سوسائٽيءَ جنم ورتو. دريائن جي ڪپن تي تهذيب جا، مهن جي دڙي جهڙا؛ شهر تعمير ٿيا. ٻيو دور جڏهن انسان ڪلون ايجاد ڪيون ۽ صنعتي انقلاب آيو. گهريلو صنعت جي جاءِ ڪارخانن واري صنعت ورتي ۽ ماڻهو صنعتي ثقافت واري جديد دور ۾ داخل ٿيو. يورپ جي ماڻهن ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ ۽ بارود ايجاد ڪيو. جن جي زور تي آفريقا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ بيٺڪي راڄ قائم ٿيو. 54- 1453ع ۾ ميگنيز شهر جي هڪڙي ڪاريگر جان گٽسبرگ پريس ايجاد ڪئي. پريس جي ايجاد کان اڳ علم تي هڪ خاص طبقي جي اجاره داري هئي. ڪتاب هٿ سان لکيا ويندا هئا ۽ ڪي ٿورا ماڻهو ئي خريد ڪري سگهندا هئا. پريس جي ايجاد سان ڪتاب سستا ٿيا. علم جي جمهوريت جنم ورتو ۽ ماڻهن، پادرين ۽ راهبن جي ڳالهين تي اکيون ٻوٽي ايمان آڻڻ جي بدران ، سندن ڳالهين کي عقل سان پرکڻ شروع ڪيو. اڪبر جي دور ۾ پورچوگيزن هندستان ۾ پريس کڻي آندي ۽ بادشاهه کان پريس هڻڻ جي اجازت گهريائون، پر بادشاهه کين پريس لڳائڻ جي اجازت نه ڏني. بادشاهه جو خيال هو ته پريس لڳائڻ سان ڪاتب بيروزگار ٿي ويندا ۽ ٻي ڳالهه ته پريس جي ڇپائيءَ ۾ ڪتابن وارو حسن نه هو. جيڪڏهن ان وقت بادشاهه پريس هڻڻ جي اجازت ڏئي ها ته اڄ هن ننڍي کنڊ جو مقدر ٻيو هجي ها.

انگريزن جي اچڻ سان هن ننڍي کنڊ ۾ نئين سماجي دور جو آغاز ٿيو. ريل گاڏي، پاڻيءَ جا جهاز، بندرگاهه، هوائي بندر، ٽپال جو نئون سرشتو ۽ پريس! ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي صاحب جي تحقيق مطابق سنڌ ۾ پهرين پريس 1844ع ۾ لڳائي ويئي، جا سرڪاري هئي ۽ سن 1855ع ۾ پهريون خانگي ڇاپخانو مرزا مخلص علي علوي قائم ڪيو ۽ سنڌ ۾ پهريون دفعو فارسي زبان ۾ اخبار ”مفرح القلوب“ ڪڍي پوءِ رڳو شڪارپور ۾ پريسون لڳي ويون. صحافت، صنعت جي صورت اختيار ڪئي. هن وقت جڏهن صحافت هيڏي ترقي ڪئي آهي ۽ سنڌين ۾ وڏو قومي شعور جاڳيو آهي، تڏهن به اسان وٽ اسان جي مسئلن جي ترجماني ڪرڻ واري ڪا انگريزي اخبار ڪانهي. جڏهن ته ورهاڱي کان اڳ، رڳو شڪارپور شهر مان ٻه انگريزي اخبارون نڪرنديون هيون ۽ ڪي وري اهڙيون اخبارون به هيون جيڪي سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ٿينديون هيون. هڪڙي اخبار هندي زبان ۾ به نڪرندي هئي. خبرن جو معيار ايڏو وڏو هو جو شڪارپور ۽ ان جي پسگردائي وارن شهرن، سنڌ ۾ هندستان جي خبرن سان گڏ ٻاهرين ملڪن جون خبرون به شايع ٿينديون هيون. هڪڙي اخبار لنڊن ۾ ٿيل چونڊن جي خبر ڏني ۽ ٻڌايو ته  ليبر پارٽيءَ کٽيو. مسٽر ائٽلس وزير اعظم ٿيو ۽ فلاڻا فلاڻا سندن ڪابينا جا وزير آهن.. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جرمن ۽ اٽليءَ جي جنگي حڪمت عملي ڪهڙي آهي؟... ٻارن جا رسالا، عورتون جا رسالا، پورهتين لاءِ اخبار، واپار ۽ ڪامرس لاءِ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ هفتيوار اخبارون ، صحت ۽ تندرستيءَ لاءِ اخبارون جن ۾ جنسي مسئلن تي به طبي مشورا ڏنا ويندا هئا. ’صوفي‘ نالي هڪڙو رسالو تصوف تي نڪرندو هو. جنهن ۾ تصوف ۽ ويدانت جي باري ۾ مضمون ڇپجندا هئا. نوجوانن  لاءِ رسالو، اسڪائوٽس لاءِ رسالو، هندو ڌرم جي تشهير ۽ اسلام جي ترويج لاءِ مذهبي ۽ ڌرمي رسالا.

هاڻوڪي دور ۾ سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اخبارون نڪتيون جن مان گهڻيون بند ٿي ويون. انهن جي بند ٿيڻ جو سبب انتظامي بحران هو. اخبار جو يا ته ڪو اڪيلو مالڪ هوندو آهي، جيڪو اخبار کي پنهنجي جاگير ۽ ڪارڪنن کي ڪمدار ۽ هاري سمجهندو آهي.... يا وري ٻن چئن مالڪن جي ڀائيواري هوندي آهي، جن جي مفادن جي ٽڪراءَ ۽ غير جمهوري رويي جي ڪري اخبار بحران جو شڪار ٿي ويندي آهي. پر هندو جيئن ته واپاري ماڻهو هئا ۽ پئنچاتي سرشتو سندن سڀاءُ ۾ شامل ٿيل هو، ان ڪري هنن  جو رويو جاگيرداراني مالڪيءَ وارو نه پر پئنچاتي هو  ۽ جمهوري هو. ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب اسان کي ٻڌائي ٿو ته 1937ع ۾ جڏهن ”ٻالڪ مئگزن“ ٻيهر نڪرڻ شروع ٿيو ته ان جي ايڊيٽر اڳوڻي ايڊيٽر جي ڌيءُ، مس دياونتي ٿي. هن رسالي کي وڌيڪ معياري بنائڻ لاءِ شاگردن جي هڪ بورڊ آف ڊائريڪٽو قائم ڪئي ۽ ايڊيٽوريل بورڊ به ٺاهي، جنهن جي منظوريءَ کان پوءِ مواد شايع ٿيندو هو. هاڻي اهو حال آهي جوا دبي رسالن جا اڀڊيٽر آپي شاهه آهن. جن جي وڻين، تن جي ٽوپي لاهيو ڇڏين، وڌيڪ مهربان ٿيندا ته ڪچيون گاريون ڏيڻ کان به نه هٻڪندا. ورهاڱي کان اڳ رڳو شڪارپور مان ٻارن لاءِ چار رسالا نڪرندا هئا. پر پاڪستان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ به ٻارن لاءِ رسالو هلائي نه سگهيو.

ان دور جو ادبي ڪارنامو ’سنڌو‘ رسالو هو. ميان جي ڳوٺ جو هڪڙو زميندار هندو مسٽر بولچند راجپال هڙان خرچ ڪري ’سنڌو‘ رسالو ڪڍندو هو ۽ هن پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو اُن رسالي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ جي جديد سوچ وارن اديبن محققن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. راجپال صاحب ٻيو ڪارنامو اهو ڪري ڏيکاريو جو هن سنڌو رسالي پاران ”سنڌي ساهت سميلن“ ڪوٺايو. جنهن جي صدارت ڄيٺمل پرسرام جهڙيءَ هستيءَ ڪئي. سنڌوءَ ۾ مون آغا صوفيءَ جو مضمون پڙهيو هو. جنهن ۾ هن ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو ته عربيءَ جا اکر جيئن ص، ض، ظ ۽ ع وغيره اسان سنڌي ادا ڪري نه سگهندا آهيون، ان ڪري ڇو نه اهي اکرن کي سنڌي الف- ب مان ڪڍيو وڃي. هن اهو به مطالبو ڪيو هو ته بلوچستان جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهائي وڃي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بلوچستان ۾ بلوچن، بروهين ۽ پٺاڻن کان وڌيڪ به سنڌي رهندا آهن، جيڪڏهن ان وقت آغا صوفي صاحب جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته بلوچستان جي سنڌين جي حالت اها نه هجي ها جو اڄ هو پنهنجي مادري ٻولي به پڙهي نٿا سگهن.

اسان وٽ تاريخ جو تصور اهو آهي جو اسين بادشاهن جي جنگين، فتحن ۽ حاڪم گهراڻن جي حڪومت جي باري ۾ بيانن کي تاريخ سمجهندا آهيون، پر مان اخبار کي تاريخ سمجهندو آهيان. صحافي اهي گمنام تاريخ نويس آهن، جيڪي روزانن واقعن کي قلمبند ڪري روز جي تاريخ لکندا آهن. مثال ورهاڱي کان اڳ وارين شڪارپور جي اخبارن مان  خبر پوي ٿي ته شڪارپور ريلوي اسٽيشن تي ٻن ريلن جو دردناڪ حادثو ٿيو هو ، اهو واقعو اهڙي انداز سان رپورٽ ٿيل آهي، جو سارو منظر اکين اڳيان اچي وڃي ٿو.... شڪارپور جي ان دور جي مشهور فيشني بازار چبوتڙو، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي مڃيارڪا دڪان هوندا هئا. کي باهه لڳي. ان واقعي جي رپورٽنگ واقعاتي به آهي ته تحقيقي به آهي، انهن اخبارن مان اها به خبر پوي تي ته آزاديءَ جي جدوجهد جو حال ڇا هو ۽ انگريز حڪومت آزاديءَ لاءِ لکيل ايڊيٽوريل ۽ ليک لکڻ جي ڏوهه ۾ ايڊيٽر کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهندي هئي ۽ اخبارن تي  بندش پوندي هئي.

ڊاڪٽر انورفگار هڪڙي صاحب وڏي جفاڪشيءَ سان تحقيق ڪري هي ڪتاب لکيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته ڪهڙي اخبار ڪڏهن شايع ٿي. ڪڏهن ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري بند ٿي. ان جا ايڊيٽر ڪهڙا هئا. رسالي يا اخبار جي قيمت ۽ سرڪيوليشن ڪيتري هئي. اخبار جي پاليسي ڪهڙي هئي ۽ اُن ۾ ڪهڙي قسم جو مواد شايع ٿيندو هو. شڪارپور جي ان دور جي سياسي، سماجي ۽ ادبي شعور جو ثبوت اخبارن ۽ رسالن جي سرڪيوليشن جو انگ آهي. ان وقت شڪارپور جي آبادي ڪا ايڏي گهڻي ڪانه هئي، پر تڏهن به مقامي اخبارن ۽ رسالن جي سرڪيوليشن پنج سو کان هزار ٻن هزارن تائين هئي. اڄڪلهه جون ڪيتريون اخبارو جيڪي انفارميشن کاتي جي ’مهربانين‘ سان پيون هلن، انهن جي ساريءَ سنڌ ۾ به ايتري سرڪيوليشن ڪانهي. هي ڪتاب لکي ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي صاحب نئين نسل کي پنهنجي روشن ماضيءَ سان روشناس ڪرايو آهي. هي ڪتاب رڳو شڪارپور جي صحافت جي تاريخ نه آهي. پر ساري سنڌ جي سياسي ۽ سماجي بصيرت جي تاريخ آهي.  هَڪڙي صاحب هي ڪتاب لکي مون تي خاص ٿورو ڪيو آهي. جو اڳي مون کي رڳو شڪارپور جي ثقافت تي فخر هو. هاڻي ڊاڪٽر انورفگار هڪڙي صاحب مون کي شڪارپور جي سياسي، سماجي ۽ ادبي شعور تي به ناز ڪرڻ جو سبب ڏنو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org