سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:19

عبدالقيوم صائب

آغا سليم: چنڊ جو تمنائي

آغا جو لاڳاپو شڪارپور، جي مردم خيز سرزمين سان آهي. هو سرنديءَ واري ۽ بيٺل خاندان جو سپوت آهي. هن جا ويجهڙائيءَ وارا مائٽ چڱن چڱن سرڪاري عهدن تي رهيا آهن. هن کي جي سونن چمچن سان سُتيون نه وڌيون ويون آهن ته چانديءَ جي چمچن کي جهل ئي ڪانهي. هن پڙهيل ڪڙهيل ۽ کائيندڙ پيئندڙ، خوشحال نوڪري پيشا گهراڻي واري ماحول ۾ جنم ورتو، وڏو ٿيو ۽ تعليم پرائي هن هڪ با شعور فرد جي حيثيت ۾ پنهنجي پسگردائيءَ جو پورو پورو اڀياس ڪيو آهي ۽ اهوئي ماحول پنهنجي افسانن ۾ اجاگر ڪيو آهي؛ تنهن ڪري هن جا افسانا ڪامياب ۽ اثرائتا آهن.

’نيٺ بهار آيو‘ ۾ ٻن اهڙن ڀائرن جي زندگيءَ جو نقش چٽيو آهي، جن مان هڪڙو معاشي طرح وڌيڪ سکيو ستابو ۽ ٻيو پوري پني زندگي گذارڻ وارو سلهه جو مريض آهي پهريون هڪ ڪامياب انسان آهي ته ٻيو مايوسين جو گهر، جيڪو زندگيءَ مان اهڙو ته ڪڪ آهي جو جيئڻ به نٿو گهري. هن کي ڪنهن رفيقِ حيات يا ساٿڻ جي ضرورت آهي، جا به کيس ميسر نٿي ٿئي. نيٺ هو پنهنجي انا کي آٿت ڏيڻ لاءِ هڪ مزدور ڪڇياڻي جنهن کان عام طور تي پڙهيل ڪڙهيل طبقي کي بڇان وٺندي آهي جي ذات ۾ پناهه وٺي ٿو؛ پر جلد ئي هن جو هڪ تعليم يافته پيءُ جي نياڻي سان واسطو پوي ٿو جا ڳالهه سندس سکئي ستابي ڀاءُ کي نٿي وڻي ۽ هو ڀاءُ جي رستي ۾ آڏو اچي وچان ئي پاڻ ٿو شادي رچائي. نتيجي طور معاشي نقط نظر کان ڪمزور ڀاءُ موٽي وڃي ساڳئي ڪڇي مزدورڻ جي جهوليءَ ۾ پناهه ٿو وٺي ۽ نيٺ ان سان شادي ٿو ڪري ۽ اها آهي آخري بهار جيڪا اسان جي معاشي ناهموارين واري سماج ۾ ڪنهن ڪمزور ڀاءُ کي حاصل ٿئي ٿي .

هن افساني ۾ ٻن اهڙين شخصيتن جو ڪردار چٽيو ويو آهي، جيڪي سماج جي ٻن طبقن جي نمائندگي ڪن ٿيون. هڪ سکيو ستابو هئڻ ڪري زندگيءَ جي شاهراهه تي ڪامياب ته ٻيو ويچارو معاشي طرح ڪمزور هئڻ ڪري اصلي خوشيءَ کان سدائين محروم رهي ٿو . هو پنهنجي ازلي اُڃ اجهائڻ لاءِ صاف ۽ شفاف پاڻي پيڻ جي بدران، نيٺ رواجي دٻي جو ميرانجهڙو پاڻي پي، پاڻ کي تسڪين ڏئي، ان کي بهار سمجهي ٿو، افسانه نگار ان جو ذڪر هيئن ٿو ڪري: ”هري ڪنهن تلاءُ جو بيٺل ميرانجهڙو پاڻي هئي ته نسرين آب زمزم “.

انسان بذات خود ڪيڏو ته ڪمزور ۽ هيڻو آهي ؟

(2)

واقعي اسين خوابن جا سوداگر آهيون. اسين گلن جا خواب ڏسندا آهيون، ۽ گل چونڊڻ لاءِ نين ماٿرين ڏانهن هلندا آهيون پر اسين سڃن ريگستانن ۾ وڃي پهچندا آهيون ۽ گلن جي بجاءِ رُڃ، سُڃ ۽ اُڃ کڻي موٽي ايندا آهيون. اهو آهي ’خوابن جا سوداگر‘ جو تت،

آغا هن افساني ۾ انهن آدرشي نوجوانن جي بي راهه رويءَ ڏانهن اشارو ڪيو آهي، جيڪي ڪجهه محسوس ڪرڻ کانپوءِ، ڪا ڳالهه کڻي هڙ ۾ ٻڌندا آهن. هو ان ڳالهه جو پورو علاج سوچڻ کانسواءِ ڌوڪي پوندا آهن اڳتي، ۽ پوءِ تانگهي ۾ ٿپ ٿپ ڪري موٽي ڪناري تي اچي چوندا آهن ته اسان ته هي سڌارو آڻڻ ٿي گهريو پر اڳلو به ڪو سڌري. حالانڪه ان لاءِ سندن رٿابنديءَ جي ڪمزور ئي اصل ۾ جوابدار ٿئي ٿي. نرو جذباتي ٿي اڳتي وڌڻ مان نڪي نانگ ئي مرندو ۽ نه وري لٺ ئي بچندي، البت نوڙيءَ مان سو نانگ ٿي پوڻ جو انديشو رهي ٿو .

(3)

’سڄڻ نت سوجهرو‘ ۾ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جو ڪردار چٽيو ويو آهي جيڪا پنهنجي انا کي قائم رکڻ لاءِ، هڪ وڏيءَ عمر واري بدصورت پروفيسر سان شادي ڪري ٿي. هن مان افسانه نگار هي منطقي نتيجو ڪڍيو آهي ته سونهن اصل ۾ ڪابه شي نه آهي ۽ سڀ ڪجهه انسان جي ’انا‘ آهي، جنهن جي اطمينان لاءِ ڪي نظريا گهڙيا ويا آهن: جن ۾ سونهن ۽ سچائي، عمرين جو تفاوت، حسد ۽ ساڙو سڀ ڪجهه اچي وڃي ٿو پر اصل ۾ اهي شيون ڪوڏي به ڪين لهن: اسين ئي آهيون جي قدرت جي خالي پيالن ۾ سونهن جي مڌ اوتيون ٿا. اسين پاڻ ئي سونهن آهيون ۽ پاڻ ئي سونهن جا سودائي.

انسان جي لاءِ اونچي ۾ اونچو آدرش آهي پنهنجي انا کي برقرار رکڻ ۽ شيرين به پنهنجي انا کي برقرار رکي اهڙوئي قدم کنيو آهي.

(4)

’ڊڄڻي‘ جو پلاٽ پراڻو ۽ گٺل آهي؛ جنهن ۾ عورت پنهنجي انا کي ختم ڪري مائٽن جي انا تان قربان ٿئي ٿي ۽ اهڙي ريت وري به پنهنجي اناکي برقرار رکي ٿي.

نسيم، زندگيءَ جي ٻواٽي تي اچي ٿي بيهي ۽ طاغوتي قوتون احمد جي صورت ۾ هن کي برغلائين ٿيون ۽ هن جي جيءَ اندر جنگ جاري ٿئي ٿي، جنهن ۾ آخر ڪار عزت، ناموس ۽ ننگ جي سوڀ ٿئي ئي ٿي،

هن افساني ۾ آغا پنهنجو بنيادي نظريو دهرايو آهي ته رنگ ۽ روپ ڪابه شي نه آهي پر اصل شي پيار ۽ قرب آهي. هو ’سڄڻ نت سوجهرو‘ ۾ چوي ٿو ته اسين پاڻ ئي سونهن آهيون ۽ پاڻ ئي سونهن جا سودائي. اسين آهيون جيڪي قدرت جي پيالن ۾ سونهن جي مڌ اوتيون ٿا. خوبصورتي ۽ بدصورتي فقط نفسياتي ڪيفيتن جا نالا آهن.‘ جنهن مان ڏسبو ته اصل چيز آهي انسان جي انا، جنهن کي جتان آٿت ملي ٿي، اتي ئي ريجهيو وڃي. هي ننگ ۽ ناموس، هي نفسياتي الجهنون، هي سونهن سوڀيا ۽ جماليات جا نظريا، سڀئي انسان جي انا کي برقرار رکڻ جا ذريعا ۽ وسيلا آهن.

’ڊڄڻي‘ جي هيروئن نسرين، پنهنجي سهيليءَ کي خط ۾ لکي ٿي، جيڪڏهن تون پڙهيل نه هجين ها ته توکي انفراديت لفظ جي معنى به ڪانه اچي ها. پڙهڻ کانپوءِ تو ڪنهن مغربي ليکڪ جي لکڻين جي اڀياس مان اهو ته پرايو ته اسان عورتن کي پنهنجي انفراديت ته قائم رکڻ گهرجي، پر تو اسان جي سنڌ جي سورمين جي ڪهاڻين مان ڪابه سکيا ڪانه ورتي. ڏسو ته مشرقي عورت پنهنجي پيار ۽ قرب کي ڪيئن نه اهميت ٿي ڏئي ۽ پنهنجي انا کي قائم رکي. اهائي آهي ’انانيت‘ جنهن جو پڙاڏو آغا جي افسانن ۾ هر هنڌ ٿو ٻڌجي.

(5)

تن ڏينهن آءٌ، مهاجر آبادڪاريءَ جي ضلع آفيس ۾ ڪم ڪندو هوس ته هڪ ڏينهن صبح جو هڪ سر و قد، سنهڙي سيپڪ، فئشن جي کاڻ ۽ سونهن جي ٻاڻ، اچي منهنجي آفيس واري ميز اڳيان بيٺي، هن مون کان پڇيو، ”آغا صاحب ڪٿي آهي؟“

آغا جو نالو ٻڌي ڪاغذن مان ڪنڌ مٿي کنيم، ڏٺم ته هڪ عورت جنهن جي رڳ رڳ ۽ نس نس سينگاريل هئي، جنهن جي تريءَ تي ميندي ۽ هٿ جي پٺ تي ٻهڪندڙ گلابي ننهن پاليش سان ٽٻڪڙا نڪتل هئا، چادريءَ ته روبند جو هڪڙو تهه چراغ رخ زيبا تي پيل، ڍڪيل سونهن کي وڌيڪ زيبائتو ۽ حسين بڻائي رهيو هو، پنهنجي تمام رعنائي ۽ نسوانيت سان، مجسم سوال ٿيو بيٺي هئي.

اڌ ڪلاڪ کن اڳ، آغا برابر مون وٽ آيو هو ۽ اسين ٻئي آفيس مان نڪري، ڪيفي ٽيريا ۾ چانهه جي دور تي پٽ شٽ هڻي رهيا هئاسين. هو تن ڏيهين دادوءَ ۾ مهاجر آبادڪاريءَ ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو.

مون کي ماٺ ڏسي، ان عورت وري پنهنجو سوال دهرايو. مان آغا صاحب بابت پڇي رهي آهيان.

چيو مانس ته آغا اڌ ڪلاڪ کن اڳ مون سان گڏ هو پر پوءِ موڪلائي پنهنجي جاءِ تي هليو ويو ۽ پوءِ اها عورت آغا جي جاءِ جو ڏس پتو پڇي هلي ويئي ۽ آءُ انهيءَ خيال ۾ رهجي ويس ته آخر هن عورت اهڙي بيباڪيءَ سان، سڌو اچي مون کان ڇو سوال ڪيو؟ ان ڳالهه حيرت ۾ ان ڪري وڌم جو آغا ته مون سان گڏ هو. خير اهو ڇا هو سا ڳالهه وسري ويم. پر اڄ جڏهين آغا جي افسانن پڙهندي، ’ماريم پنهنجي پرينءَ کي‘ پڙهيم ته پڪ ٿي ويئي ته اها عورت هن افساني جو مکيه ڪردار هئي. اها عذرا جمال هئي جنهن کي آغا واقعي ماري ڇڏيو هو.

هن افساني جو مکيه ڪردار هڪ مهاجر عورت آهي جيڪا پنهنجي ڪليم(Claim) تي زمين حاصل ڪرڻ ٿي اچي. هوءَ هڪ وڏ گهراڻي آهي ۽ زوردار سفارش به اٿس. هوءَ زمين ته سٺي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي پر ان کان به قيمتي چيز عصمت وڃائي ٿي ويهي، جنهن جو کيس احساس به ڪونه ٿو ٿئي، ويتر پاڻ کي سوڀياري ٿي ڄاڻي پر پڇاڙيءَ ۾ هن کي پنهنجي شڪست جو احساس ٿئي ٿو.

آغا جي هڪ فني خوبي، جنهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، سا هيءَآهي ته افساني ۾، جيڪو مرڪزي خيال هوندو آهي تنهنجو ذڪر ڪٿي نه ڪٿي ڪري ڇڏيندو آهي. هو ٻڌائي ٿو ’هڪ ته اسين ٻين جي ڪمن ۾ رنڊڪ وجهي ٻين کي تڪيلفون ڏيئي هنن تي ثابت ڪرڻ گهرندا آهيون ته اهو ڪم رڳو اسان کان ئي ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسين پنهنجي انا کي مطمئن ڪندا آهيون. ٻيو ته اسان لاءِ اخلاقي قدرون ڪابه حيثيت ڪونه ٿيون رکن.

’اڄڪلهه هر شيءَ کي اٽي ۽ لٽي جي تارازيءَ ۾ توريو ٿو وڃي، جنهن وٽ انهن ٻنهي شين جي مهيا ڪرڻ جا اسباب ضرورت کان وڌيڪ آهن اهو شريف به آهي۽ با اخلاق به.‘ ڪيڏي نه ڀرپور طنز آهي هنن جملن ۾.

هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته آغا انهيءَ مرڪزي خيال کي نڀايو آهي يا نه، سو آئون ائين چوندس ته نڀايو اٿس.

ڪمن ۾ رنڊڪ وجهڻ لاءِ افساني ۾، آفيس جي معمولي ڪارڪن پٽيوالي جو ڪردار چونڊيو ويو آهي جيڪو ڪوبه ڪاغذ، عرضدار کان وٺي اندر آفيس تائين پهچائڻ لاءِ تيار ڪونهي حالانڪه اهو هن جي فرض آهي، پر جي ساڳئي وقت مٺ ٿي گرم ٿئيس ته ان تي چار ڪوڙ ڪيو آفيسر کي سفارش به ڪريو ڇڏي.

ناڻي وارن جي اخلاق جو جيڪو نقشو آغا جي افساني ۾ چٽيو آهي سو حقيقت جي نقاشي به آهي ۽ حقائق تي طنز ۽ تنقيد به. هڪ ناڻي واري شرافت جو چولو پائي، زمين حاصل ڪرڻ اچي ٿي ۽ عصمت جهڙي چيز کي داغدار بڻائڻ کانپوءِ به ٿي رهي. اها آهي کوکلي شرافت، اهو آهي ناڻي جو گهمنڊ. ڏسو ته ڪيئن نه سماج جي سهڻن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ، پنهنجي اعلى اخلاقي معيار جو ڍنڍورو ٿا ڏين؛ خاص ڪري اها ساڳي عورت جڏهين پاڻ ٿي چوي، ’پر حليم صاحب! دنيا ۾ ناڻو ئي سڀ ڪجهه نه آهي، آخر شرافت به ڪا شيءِ آهي.‘

هتي مون کي الهه بخش ٽالپر جي ناول پرديسيءَ جو پيار جي هيروئن ياد ٿي اچي جيڪا پيار ته ڪري ٿي پر پنهنجي عصمت جو سودو نٿي ڪري.

اسان ۾ جيستائين عزت نفس جو احساس پيدا نه ٿيندو تيستائين اسان جو سماج عزت جي لائق بڻجي نه سگهندو ۽ نه وري اسين ڪو قومي ڪردار پيدا ڪري سگهنداسين. اهو سبب آهي جو اديب کي حقيقت نگاري کي اڳيان رکندي قومي ڪردار جي ٺاهڻ ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي ورنه سندس ادب، ادبي شاهڪار ته ليکي سگهبو پر ادب جي حقيقي منصب ۽ ڪارج افاديت جي لحاظ سان ان جي ڪابه وقعت باقي نه رهندي .

(6)

’جڳن جا جڳ ٿيا ۽ هڪ اديب پنهنجي زندگي جي خوشنما ۽ بهترين لمحن جي ياد ۾، ڪنهن گوشي ۾ ويهي، تصوارت جي دنيا ۾ ٻڏل نظر اچي ٿو ۽ گذريل حقيقتون، هڪ هڪ ئي هن جي تصور جي پڙدي تي کيل جي نقشن وانگر هڪٻئي پٺيان نمايان ٿينديون ٿيون وڃن. هن افساني کي ’ماريم پنهنجي پرينءَ کي ‘ جي روشنيءَ ۾ پڙهڻ گهرجي .

(7)

’ٽهڪ ۾ هڪ اهڙي عورت جو ڪردار پيش ڪيل آهي جيڪا انتهائي بدصورت آهي جنهن کان گهر جا سڀ ڀاتي سواءِ وحيد جي نفرت ڪن ٿا. وحيد به شادي ڪرڻ کانپوءِ، ٻين وانگر هن کان ونئن ٿو وڃي.

ان بدصورت عورت جنهن جو نالو ڪاري آهي، تنهن جي ڀيٽ ۾ وري وحيد جي زال عائشه هڪ سهڻي ۽ سلڇڻي ٻهڳڻ ڏيکاري وئي آهي جا وري به ڪاريءَ کي ڀانئي ٿي. اهڙي طرح افساني کي اُڀاري عروج تي پهچائڻ لاءِ، عائشه کي باهه ۾ ساڙيو وڃي ٿو ۽ اها باهه وري ڪاريءَ جي لاشعوري گينواريءَ جي ڪري لڳي ٿي، جنهن ۾ هن جو ذري جيترو به ڏوهه ڪونهي.

عائشه علاج بعد اسپتال مان موٽي ٿي پر پنهنجو رنگ روپ، سونهن ۽ سوڀيا سڀ ڪجهه باهه جي نذر ڪري ٿي ويهي. اهو حال ڏسي ڪاريءَ جي اندر ۾ خوشي جي لهر اڀري ٿي ۽ هن جي انا کي آرام اچي ٿو، جنهن ڪري هن کان بنا سوچئي سمجهي ٽهڪ نڪري ٿو وڃي ۽ گهر وارا سمجهن ٿا ته چري ٿي پئي آهي، حالانڪ اهو ٽهڪ اصل ۾ خالق جي انهيءَ تخليق جنهن کان سموري پسگردائيءَ کي بڇان ٿي ٿي وڃي جي ضربيل ضمير ۽ ڌڪيل و ويڪ جي آٿت غماز آهي تاهم اڳلا ٿا سمجهن ته اها چريائيءَ جي کل آهي ۽ بس.

افساني جو فني ڪمال اهو آهي جو هڪ انتهائي بدصورت عورت جي مقابلي ۾ سهڻي ۽ سلڇڻي عورت کي پيش ڪري، ٻنهي کي هڪ هنڌ تي رکي، بدصورتيءَ جي احساس کي اڀاريو ويو آهي ۽ پوءِ ان سهڻي صورت کي ان ڪري ساڙايو ويوآهي ته جيئن سونهن ۽ بدصورتي جو احساس اڃا به مٿي اڀري اچي، ان طرح هڪ بدصورت عورت جي اناکي آرام ڏيئي عورت جي نفسياتي ڪردار نگاري جو عمدو مثال پيش ڪيو ويو آهي. فن جو ڪمال اهو به آهي ته جيڪي ڪجهه پيش ڪرڻو هجي سو سڀ ڪردارن کان لاشعوريءَ ۾ ادا ٿي وڃي ۽ ڪوبه ٻئي کي ٿيل واقعن لاءِ ڏوهه ڏيئي يا ذميدار بڻائي نه سگهي.

(8)

’خوني‘ ۾ رشيد وٽ سندس دوست احمد پنهنجي زال عابده سوڌو اچي ٿو رهي. ٿوري گهڻي ڏينهن واحد بيمار ٿي پوي ٿو جنهن کي دوا جو وڌيڪ وزن ڏيئي رشيد ماري ٿو وجهي، فقط انهيءَ لاءِ ته هو عابده کي حاصل ڪري. پوءِ عابده ۽ رشيد جي شادي ٿي وڃي ٿي مگر ان شاديءَ کان اڳ توڙي پوءِ رشيد تي، عابده جو رعب تاب اهڙو ٿو رهي جو هو ان جي ويجهو به وڃي نٿو سگهي ۽ حياتيءَ جا باقي ڏهاڙا، ڪيل ڪڌي ڪارنامي جي پڇتاءَ طور گذاريندو رهي ٿو.

هن افساني ۾ اهو ڏيکاريو آهي ته انسان کي پنهنجو اندر ڪيئن نه کائيندو ٿو رهي ۽ ظاهري طرح خوش نظر ايندڙ حياتي اندر ۾ ڪهڙي نه ڪوڙي ۽ تلخ ٿئي ٿي.

مون اڳيئي چيو آهي ته آغا پنهنجي افساني ۾ مرڪزي خيال جو ذڪر ڇڏيندو آهي سو هن افساني ۾ به چوي ٿو ’نه رڳو ايترو پر مان ته ان حد تائين مڃيندو آهيان ته ذهن ۾ پيدا ٿيل خيال جي قوت جون لهرون، ٻئي جي خوشيءَ ۽ غم، حيات ۽ موت جو سبب بڻجن ٿيون.‘ خونيءَ ۾ رشيد جي ذهن ۾ عابده کي حاصل ڪرڻ جو جيڪو خيال پيدا ٿئي ٿو سو ئي سندس دوست واحد جي موت جو سبب بڻجي ٿو.

(9)

’چنڊ جا تمنائي‘ اهو افسانو آهي جنهن جي سرخي، پوري مجموعي جو عنوان آهي، تنهن ڪري ان وڌيڪ ڌيان لهڻو. هن افساني ۾ آغا پنهنجو مرڪزي خيال هي رکيو آهي ته اسين ننڍڙن وانگر اصل جو اولڙو ڏسيو راضي ٿيو وڃون. هتي پڻ افسانه نگار، انسان جي انا کي آٿت اچڻ واري نظريي کي دهرايو آهي. هو راجڪمار رام جي تميثل پيش ڪري چوي ٿو ته ’اسين سڀئي ننڍڙا راجڪمار رام آهيون ۽ چنڊ جا تمنائي. اسين چنڊ جي چاهه ۾ چريا ٿي روئندا ۽ رڙندا آهيون پر پوءِ ان چنڊ جي اولڙي کي ڏسي لڙڪ بند ٿي ويندا آهن ۽ اکيون مرڪڻ لڳنديون آهن.‘ مطلب ته انسان کي گهرج ڪهڙي به کڻي هجي پر وقت سر جنهن به شي مان آٿت اچيو وڃيس، هن لاءِ، سائي سڀ ڪجهه آهي.

هن مجموعي جي پهرئين افساني ’نيٺ بهار آيو‘ جو هيرو گهري ته گهڻو ٿو پر هڙ حاصل ’هري‘ ٿي ٿئيس ۽ هن کي ان تي ئي اڪتفا ڪرڻي ٿي پوي ۽ آخري افساني ’چنڊ جا تمنائي‘ جي تان به ساڳئي هنڌ ئي اچي ٿي ٽٽي: چي اسين چنڊ جي چاهه ۾ روئندا رڙندا آهيون پر پوءِ ان چنڊ جي اولڙي کي ڏسي لڙڪ بند ٿي ويندا آهن ۽ اکيون مرڪڻ لڳنديون آهن. مطلب ته آغا جتان هليو هو، ڦري گهري اتي ئي اچي ٿو بيهي. هن کي حشر جو ميدان به قاتل جو پاڙو پيو ڀاسي.

آءٌ، آغا جي سڀني افسانن جو تعارف ڪرائڻ بعد ايترو چوندس ته هو هڪ ڪامياب افسانه نگار آهي، هن جي رٿا نهايت سهڻي ٿئي ٿي ۽ ڪردار پنهنجو پارٽ اهڙي ته قدرتي ۽ فطرتي نموني ۾ ادا ڪن ٿا جو سندن انا کي آٿت به اچيو وڃي ۽ مٿن ڏوهه به نٿو مڙهي سگهجي. سچ پچ اهڙو ڪامياب ۽ چابڪ دست افسانه نگار مون ته سنڌيءَ ۾ سواءِ جمال ابڙي ۽ سيد حيدر شاهه جي ڪونه ڏٺو. پر رٿا ۾ آغا، انهن ٻنهي کان ڪرکنيو بيٺو آهي ۽ اردوءَ جي مشهور اديب منٽوءَ جا ماٽا پيو ڀڃي .

ٻي خاص خوبي جا هن جي لکڻين ۾ آهي سا هيءَ ته آدرش سان گڏ ادبي چاشني ۽ چهراڻ به اهڙي ٿو ڀري جو وقتي ته اصل افسانو به وسريو وڃي ۽ فقط ادبي چاشنيءَ جو اثر وڃيو رهي. ’جڳن جا جڳ ٿيا‘ ۽ ’ماريم پنهنجي پرينءَ کي‘ ۾ قاريءَ سان اها ڪار ٿئي ٿي. اها اديب جي ٻوليءَ تي دسترس ته چئبي پر هڪ آدرشي اديب جو نقص پڻ آهي جو قاري آدرش جي بدران ادبي روايات ۽ ٻوليءَ جي چهراڻ ۾ گم ٿيو وڃي ۽ اصلي مقصد گهڻو پوئتي رهجي ٿو وڃي.

آغا تشبيهون ۽ استعاره وغيره به سهڻا آندا آهن پر ڪنول، رابيل، رت جي ڳاڙهاڻ جي دائري مان نڪري نه سگهيو آهي، جنهن جو احساس کيس به آهي ۽ هن جي انهيءَ احساس جو نمائندو، جاپاني گيت جو اهو ٽڪرو آهي جيڪو هن ’نيٺ بهار آيو‘ جي منڍ ۾ ڏنو آهي؛ جنهن ۾ آهي ته ’مون کي کوهه جو ڏيڏر سڏيو سچ پچ ته آغا جون تشبيهون محدود ته ضرور آهن پر اڌاريون ورتل ڪين آهن پر سندس مشاهدي جو عڪس آهن. جو شڪارپور ۾ رابيل جي گل کي سماجي حيثيت حاصل آهي، جنهن جو آغا جي ذهن تي به ڪافي اثر آهي، جنهن جي ڪري هن رابيل کي پنهنجي افسانن ۾ آڻي هڪ مقامي رنگ کي ملڪ گير حيثيت ڏيئي ڇڏي آهي.

اديبن جون حياتيون پڙهون ته اهو اڪثر ڏسبو ته انهن مان ڪي شراب جي نشي ۾ مدهوش نظر ايندا ته ڪي آفيم جي لذت ۽ ڪيف ۾ ورتل پر آغا وري مولانا ابوالڪلام آزاد وانگر چانهه، خاص ڪري چيني چانهه جو دلداده ٿو ڏسجي، اهو ڇو؟ ان ڪري جو هو ڪراچيءَ ۾ به رهيو آهي ۽ اتي ايلفنسٽن گهٽيءَ واري چائنيز ڪيفي ۾ اهڙي ڪا عمدي هٻڪار واري لذيذ چانهه پيتي اٿس جو اڄ به سندس دماغ ۾ ان جو هڳاءُ برقرار آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن جي افسانن ۾ اڪثر ڪري چانهه جو ذڪر ٿو اچي.

آغا جا افسانا پڙهڻ کانپوءِ اهو احساس ٿو اڀري ته هن ۾ مشاهدي جي قوت ڏاڍي ڪا ڀريل آهن ۽ هن خاص ڪري عورت کي مختلف روپن ۾ ڏٺو، ۽ انهن روپن جي ڌار ڌار افسانن، ۾ اهڙي ته چابڪدستيءَ سان ڪردار نگاري ڪئي آهي جو سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي. هو ڊڄڻيءَ ۾ نسيم کي هن طرح پيش ڪري ٿو :

’شاديءَ کان اڳ عورت جي محبت هن جي پنهنجي وجود ۾ ئي قيد هوندي آهي پر شادي کانپوءِ هن جي انا هڪ ٻيءَ انا ۾ مدغم ٿي ويندي آهي. هن جون ساريون خوشيون، ويڙهجي سيڙهجي، ان شخصيت جو روپ اختيار ڪنديون آهن، جيڪا هن جو هٿ هٿ ۾ وٺي، هن کي ڪنوارپ ۽ عورت جي وچ واري چانئٺ ٽپائيندي آهن.‘

’شادي کان اڳ مان قيمتي ڪپڙا پائي خوش ٿيندي هيس، هينئر پنهنجي قيمتي رئي جي پلاند سان مڙس جا بوٽ صاف ڪرڻ ۾ مسرت محسوس ڪندي آهيان .‘

اهڙي طرح ڏسبو ته هن عورت جي مختلف روپن جي اهڙي ته ڪردار نگاري ڪئي آهي جو هن جي افسانن ۾ عورت کي وڏي اهميت حاصل ٿي وئي آهي، آءُ پڇاڙيءَ جو ائين چوندس :

آغا پنهنجي افسانن ۾ ڪٿي آدرشي اديب ته ڪٿي ادب براءِ ادب جو قائل ۽ لفظن، تشبيهن ۽ استعارن وغيره جو کيڏاري، ته ڪٿي نظرين جو مالڪ، مفڪر نظر اچي ٿو. هن جي هر هڪ لکيت ۾ شاعراڻو نثر ڪتب آندل آهي. ڪٿي ائين ته نه آهي ته هن ويهي نثر ۾ شاعري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي !

[ڪهاڻي ڪتاب چنڊ جا تمنائي جو مهاڳ 13.01.1963ع]

نــاول
 

ناول چئبو ئي نئين شيءِ کي آهي. آغا سليم جو ناول سنڌي ناول جي تاريخ ۾ نئين شيءِ آهي. اهڙو ناول نه اڳ لکيو ويو نه پوءِ! کانئس پوءِ به جي ڪو اهڙو ناول لکيو ويو ته اهو آغا جي ئي فن ۽ فڪر جو پڙاڏو هوندو.

اونداهي ڌرتي روشن هٿ

                                                      ]ناول جو آخري باب[

چوڏهين آگسٽ تي سارنگ جيل مان ڇُٽو. ڄڻ مڙدو قبر مان نڪتو.

ساري بت تي هيڊ هاريل، اکيون اجهاميل، هڏا نڪتل، ڄڻ سندس جسم تان ڪنهن ماس ڪوري ڇڏيو هو. ڄڻ سندس رڳن مان ڪنهن سارو رت ۽ ست چوسي ڇڏيو هو ۽ رڳو هڏاؤن پڃرو هو. سارنگ پنهنجي ڳنڍڙي سنڀالي جيل مان نڪتو. جيل کان ٻاهر زندگي اڳ جيان روان دوان هئي. اُس ۾ ساڳي گرمي ۽ روشني هئي ۽ آسمان ۾ پکي ٿي اُڏاڻا. هن اکيون کڻي ڪنهن ڄتل سڃاتل چهري کي ڳولهيو، پر هر طرف اجنبي ۽ اوپرا چهرا هئا. هن کي ڪوبه وٺڻ نه آيو هو. مَڇ مان هن کي ڪراچي جيل ۾ بدلي ڪري رکيو ويو هو ۽ ڪراچيءَ جي جيل مان هن ان چئن ساٿين کي خط لکيا هئا، پر ڪوبه ساڻس ملڻ لاءِ نه آيو هو. رڳو هڪڙو ٻيڙيون ٻڌڻ وارو ساٿي ساڻس ملڻ لاءِ آيو هو. هن جي حالت کي ڏسي ڊڄي ويو هو ۽ هن پنهنجي ساٿيءَ هن کي سڀني ساٿين جو احوال ٻڌايو. علي ۽ زينب جي هن کي پهرين ئي خبر هئي. ساٿي ڏاڍو مايوس هو. پر هن جي دل ۾ اڃا اميد جو ڏيئو روشن هو. مان بيماريءَ مان ٺيڪ ٿيندس. وري وسايل شمعون ٻارينداسين. مايوسين جون اونداهيون راتيون اينديون آهن ۽ وهامي وينديون آهن، وري اميد جي باک ڦٽندي آهي. نوان ساٿي ساماڻا هئا، جن منزل ڏانهن وک وڌائي هئي. سارنگ ان ساٿيءَ کان عليءَ جي ائڊريس ورتي ۽ پوءِ موڪلائڻ مهل ساٿيءَ سان ڀاڪر پائي مليو ته ساٿي روئي ويٺو. ڪيترو نه پيار. ڪيترو نه خلوص ۽ ڪيتري نه سِڪ هئي هن جي لڙڪن ۾. سارنگ ڳنڍ ڪلهي تي رکي، کيسي مان عليءَ جي ائڊريس ڪڍيائين ۽ رڪشا تي چڙهي عليءَ جي گهر ڏانهن روانو ٿيو. رڪشا ۾ سندس هڏ هڏ ٿي ڏکيو. ڏس پتا پڇائيندو هو عليءَ جي بنگلي جي سامهون لٿو. بنگلي جي ٻاهران ٽرڪ بيٺي هئي ۽ مزورن قناتون ۽ ڪرسيون ٿي ڍويون، شايد رات ڪو فنڪشن ٿيو هو. هن رڪشا تان لهي رڪجي ويو. هو ٿوري دير اتي ئي ڪنڌ جهڪائي بيٺو رهيو ۽ پوءِ موٽي اچي رڪشا تي ويٺو ۽ اسٽيشن ڏانهن روانو ٿيو. اسٽيشن تي ٽڪيٽ وٺي هو ريل تي چڙهيو ته اچي بخار نڪتس ۽ کنگهه جو دورو پئجي ويس، سڀئي مسافر بيزار ٿيڻ لڳا. ساري واٽ بخار ۾ سڙڪندو، کنگهندو رت اوڳاڇيندو هو شام جو شڪارپور پهتو. اسٽيشن کان ٻاهر ٽانگي وارن جون دانهون ٿي پيون، ڀوتار هيڏي، ڀوتار هيڏي. هل لکي در، هل هاٿي در. پريان ڪاڪو لڌو ٽانگو جهلي بيٺو هو. ڀڳل ٽانگو، ڇنل سنج، ڏٻرو گهوڙو. ڪاڪو لڌو پاڻ به ڏٻرو ٿي ويو هو. اڇا وار، منهن ۾ گهنج، ميرا ڪپڙا، پيرين اگهاڙو. هو سڀني ٽانگي وارن کان پاڻ بچائيندو ڪاڪي لڌي جي سامهون اچي بيٺو. ڪاڪي لڌي صفا نه سڃاتس. ڀوتار انڌو ٿئي، کامي ۾ هڻندو. پٺيان هڪڙي ٽانگي واري رڙ ڪئي.. هل ماءُ جا __ ڀوتار ڇا ڪندين هنن ماءُ... هل ته وٺي هلان، ڪاڏي هلندي، ڪاڪو لڌو واقعي اکين کان ويهي ويو هو ۽ سارنگ کي صفا سڃاڻي نه سگهيو. سارنگ به الائي ڇو ساڻس سڃاڻپ نه ڪرائي ۽ ٽانگي تي چڙهي ويٺو. ٽانگو هليو. ڪاڪي لڌي رڳو ڌپي تي ٽانگو ٿي هلايو، هينئر ٽانگو شڪارپور کان خانپور ويندڙ روڊ تي چڙهيو. پريان سائين سائين ٻنين جي وچ ۾ سارنگ جو ڳوٺ هو. سارنگ اکيون کڻي ڳوٺ ڏانهن نهاريو ۽ هن کي اهي گيت ياد پيا، جيڪي اڻ ڳاتا رهجي ويا، اهي ڪهاڻيون، جيڪي اڌوريون، رهيون، اهي محبتون جن کي منزل نه ملي. اڄ اهي سڀئي اڻ ڳاتل گيت، اڌوريون ڪهاڻيون، بي منزل محبتون، پل، پهر، ڏينهن ۽ سال جلوس جي صورت ۾ پريان ڳوٺ کان ٿي آيا، سڀني جي ڪلهن تي يادن جا تعزيا هئا، هٿن ۾ درد جا علم، سڀئي ماتم ڪندا ٿي آيا، اڳيان اڳيان ڏاند گاڏي هئي. ڏاند جُهلون جهلائيندا، ٽليون وڃائيندا ٿي آيا. سانوڻ اکين ۾ خواب سجائي، ڏاندن جون واڳون جهلي ويٺو هو. هن کي ٽوپي پئي هئي. بوسڪيءَ جي قميص، راڻي ڇاپ ڪمرڪ جي سٿڻ ۽ چيچاٽن وارو انگريزي بوٽ هو. ڏاند گاڏي ڦاٽڪ وٽ بيٺي ريل زوزاٽ ڪندي لنگهي وئي، اها ريل ان ٻارڙي کي ڪهڙي منزل تي ڇڏي وئي هئي. ٽانگو ڦاٽڪ ٽپي اڳتي وڌيو. ساڳيو قافلو قلعو، عمر واه، انبن ۽ ليمن جا واڻڪا باغ. انڌي کوهيءَ جو سينواريل تلاءَ، پٺاڻن جو ڳوٺ، سُڪ پل، هاٿي در وٽ مامي جي گهر جي اڳيان ٽانگو بيٺو. ڪاڪي لڌي هينئر به سارنگ کي نه سڃاتو. سارنگ ڪاڪي لڌي کي ڀاڙو ڏئي مامي جي گهر جي چائنٺ ٽپيو. ساري گهر ۾ ويراني ڇانيل هئي. مامي ڪڏهن جو مري وئي هئي، مامون ٻاهر ويل هو ۽ سڪينه، اڪيلي بورچي خاني ۾ ويٺي هئي. سڪينه سارنگ کي ڏٺو ته ٽپ ڏئي اٿي بيٺي. سارنگ ٻئي ٻانهون ڊگهيري سڏ ڪيس ”سڪينه!“
هوءَ هٽڪي، هٻڪي ۽ پوءِ ڊوڙي اچي سارنگ کي سهارو ڏنائين. ان سهاري لاءِ ته هو ساري حياتي سڪندو رهيو هو. زندگيءَ کيس ان سهاري ماڻڻ جي فرصت ئي ڪانه ڏني هئي ۽ اڄ جڏهن هن کي فرصت ملي هئي ته زندگي پاڻ سڀ سهارا ٽوڙي، سڀ ناتا نهوڙي هن کان موڪلائڻ واري هئي. سڪينه هن کي کٽ تي آڻي ليٽايو ته هن کي کنگهه جو دورو پيو. کنگهي کنگهي ساڻو ٿي پيو. رت اوڳاڇيائين ته ساهه ۾ ساهه پيس. هن هٿ وڌائي سڪينه جو هٿ، هٿ ۾ جهليو ۽ سڪينه جي منهن ۾ نهارڻ لڳو. هن کي اها چيڙاڪ ۽ چلولي، ڳاڙهي ڳاڙهي ڳٽولي ۽ جهنڊولي سڪينه ياد پئي. جنهن سان هو سامهون نم جي وڻ هيٺان رانديون ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن هن اکيون کڻي سڪينه ڏانهن نهاريو ۽ سڪينه جو رنگ پگهريل سون جهڙو ٿي ويو. ۽ سندس جهنڊولا وار چيلهه جيڏا چوٽا ٿي ويا هئا. سندس جسم تي جوانيءَ جا گل گؤچ ڦٽي آيا هئا. اڄ اهي گل گؤچ ڪوماڻيل ٿي لڳا. سندس رنگ ڪاراٽجي ويو هو. چيلهه جيڏن چوٽن ۾ اڇا وار چانديءَ وانگر ٿي چمڪيا ۽ سندس ٽڙيل گلاب جهڙي چهري تي هلڪا گهنج پئجي ويا هئا. وقت چوي مان بادشاهه، پوڙهن جي پيشانيءَ ۾ پيرا مون پسجن. سڪينه، سارنگ جي حالت تي گونگا ڳوڙها ٿي ڳاڙيا. سارنگ هٿ وڌائي رئي جي پلاند سان سندس لڙڪ اگهيا ته سڪينه سڪ جي ڇهاءُ سان ڦسي پئي، اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.

”سڪينه مون کي معاف ڪر. مون توکي ڏاڍو انتظار ڪرايو. هاڻي مان موٽي آيو آهيان. هاڻي اسان شادي ڪنداسين تون امان وارو کهنبو وڳو ۽ ڳهه پائي ڪنوار ٿيندين ۽ مان گهوٽ ٿي گهوڙي چڙهندس... هو ٻُڌ. شهنايون ۽ دهل پيا وڄن. سڪينه ڪنوار ٿي آهي. سارنگ گهوٽ ٿي گهوڙي چڙهيو آهي. بابا اڳيان اڳيان جهمريون وجهندو، نچندو ڳائيندو ٿو هلي. سڀئي بکيا ڏکيا، انگ اگهاڙا انسان ابا سان گڏ نچندا پيا هلن. هنن جي ناچ ۾ شفق جون لامون ٿيون لڏن، ڪنواريون ڪر ٿيون موڙين، سهاڳڻين جو سهاڳ ٿو ڦٽي. سڀني کي زربفت جون قبائون پهريل آهن... مان... ڪڏهين نه مرندس، مان انهن بکين ڏکين ۽ انگ اگهاڙن جي ان ناچ ۾ سدا جيئرو رهندس. ها سڪينه... مان ڪڏهين نه...“ رت جي گرڙي هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي ۽ هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳ. تارا ڦوٽارجي ويس سارو بت تنبوري جي تارن وانگر تاڻجي ويس. هن زور سان سڪينه جي هٿ کي جهليو. سندس نڙيءَ مان عجيب آواز ٿي نڪتا. ڄڻ سندس ساهه بت مان ڇڏائجي لُڪيءَ ۾ اچي اٽڪيو هو. موت ۽ حياتيءَ جي جنگ جوٽيل هئي. موت حياتيءَ کي نڙگهٽ کان جهليو هو ۽ حياتيءَ ڦٿڪا ٿي ڏنا. آخر حياتيءَ هارايو. نڙيءَ مان رت جو گرڙو نڪتو ۽ سندس واڇن مان وهڻ لڳو. سارو بت ڍرو ٿي ويو ۽ ڪنڌ هڪ پاسي لڙڪي پيو. سڪينه دانهن ڪري هن جي لاش مٿان ڪري ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳي.

ٻاهر چوڏهين آگسٽ جو جشن ملهايو ٿي ويو.

                            (ناول جي اشاعت جو سال : 1978ع)

 

همَه اوست

]پهريون باب[                                 

 

شام لٿي ۽ نيڻ نهار تائين پکڙيل ٻيلو شفق جي رنگن ۾ جرڪڻ لڳو.

ٻيلي جي پاسي کان وهندڙ سڌوءَ جي ميرانجهي پاڻيءَ ۾ شفق جا رنگ پئجي ويا.

هوا جو تيز جهوٽو لڳو ۽ ڪپر سان بيٺل ٻيڙن جا اڇا اڇا سڙهه شفق جي ڳاڙهاڻ ۾ ڦڙڪڻ لڳا.

آسمان ۾ ڪنگن جي قطار لنگهي.

ابابيل اڏاڻا ۽ ڪا ولر کان وڇڙيل ڪونج ڪُرڪي.

وچ سير ۾ ترندڙ ٻيڙيءَ ۾ ڪنهن راڳ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سندس ڏکويل آواز زخمي ڪونج وانگر ڦٿڪڻ لڳو.

آهستي آهستي رات پنهنجا پلوَ پکيڙيا ۽ ٻيلي سان لڳ وارياسي ميدان ۾ مچ، مشعلون ۽ فانوس ٻري پيا.

اڄ سجاول خان سمي، ٺٽي جي مغل نواب سيد لطف عليءَ کي پنهنجي شڪارگاهه ۾ شڪار لاءِ سڏايو هو ۽ درياءَ جي ڪپر کان پرڀرو، ٻيلي سان لڳ، وارپاسي ميدان ۾ ڄڻ ته شهر ٻڌجي ويو هو. منهه، ڇنا، تنبو. جُهلن وارا ڀٽارا ڏاند، سنجيل اٺ ۽ گهوڙا، ڍڳي گاڏيون ۽ ڇڪڙا، اچ وڃ ۽ چوٻول، ديڳيون ٿي دميون ۽ هرڻن جون سجيون ٿي تيار ٿيون. رکي رکي ٻيلي ۾ واءَ گهوگهٽ ٿي ڪيا، گدڙ اونائڻ ٿي لڳا ته زنجيرن سان ٻڌل شڪاري ڪتن ٻيلي ڏانهن رومڙ ٿي ڪئي ۽ پوءِ بيوس ٿي ڀونڪڻ ٿي لڳا. گهوڙن ٽاهه کائي، نرا کڻي هڻڪار ٿي ڪئي.

مَنهَن، ڇنن ۽ تنبن کان پرڀرو، درياهه طرف، نواب جو ڪاري رنگ جو ريشمي تنبو لڳل هو. تنبوءَ جي چئني ڪنڊن تي مشعلون ٿي ٻريون ۽ زره بڪتر بند سپاهين، ڀالا جهلي، پهرو ٿي ڏنو. مشعلن جي اُهاءَ ۾ پهريدارن جي زِرهن ۽ ڀالن چمڪاٽ ٿي ڪيا.

نواب جي تنبوءَ کان ٿورو پرڀرو سجاول خان سمي، سندس پٽ علي خان ۽ ڀائٽي سارنگ خان جا تنبو لڳل هئا.

نواب سارو ڏينهن ٻيلي ۾ هرڻن، ڦاڙهن، سوئرن ۽ تترن جو شڪار ڪيو هو. شام جو وچ ميدان ۾ سوئر ۽ رڇ ڪتي جي ويڙهه ڏٺي هئائين ۽ ملهن جي ميل ۾ ملهن کي انعام ڏنا هئائين. هاڻي ٻيلي ۾ شام لٿي هئي ۽ رات جي مانيءَ جي رڌ پچاءُ جون تياريون شروع ٿي ويون هيون.

چنڊ چڙهيو ته درياءَ ۾ چانڊاڻ وهڻ لڳي. ٿوريءَ دير اڳ اوندهه ۾ ويڙهيل ٻيلي تي چانڊاڻ وڇائجي وئي ۽ شاهي ٻيڙن جا اڇا اڇا سڙهه چانڊاڻ ۾ جرڪڻ لڳا. تنبوءَ جو ريشمي پڙدو هٽيو ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ اندر ليئو پاتو ڦوٽهڙي جي واءَ جا جهوٽا اندر گهڙي آيا. واءَ ۾ ڦوٽهڙي جي هٻڪار هئي جيئن ڪنهن ڪنواري بدن ۾ ڦٽندڙ جوانيءَ جي هٻڪار! نواب اونهون ساهه کنيو ۽ سندس اندر ڦوٽهڙي جي اڻ لکي هٻڪار سان هٻڪارجي ويو. هو پريان ٻيڙن جي سڙهن ۾ اٽڪيل چنڊ ڏانهن نهارڻ لڳو. چنڊ هن کي هميشه ڪنهن اڻ ڏٺي پرينءَ جا پار ڏيندو هو. اهڙو غم ۽ اهڙي اداسي ڏيندو هو جنهن جو ڪو سبب نه هو. دل ڄڻ سنگ مرمر جي اهڙي ويران مسيت جنهن ۾ نه قراتون نه آيتون ۽ نه ڪڏهن ڪنهن سجدو ڪيو هجي ۽ جنهن جي گنبدن ۽ منارن تي چنڊ چمڪندو هجي.

نواب لطف عليءَ چنڊ کي تاج محل تي چمڪندو ڏٺو هو. شاهي مسجد جي منارن کي چمندو ڏٺو هو. گنگا جي پاڻيءَ ۾ تاج محل جي اولڙي سان کيڏندو ڏٺو هو. پرسنڌ جي چنڊ ۾ عجيب اداسي ۽ سونهن هئي. چنڊ کي مڪليءَ جي مقبرن تي چمڪندو، سنڌوءَ جي سير ۾ لهرن ۾ لڙهندو ۽ ڪينجهر ۾ ڄام تماچيءَ جي ڊونڊيءَ وانگر ترندو ڏسي هن جي دل الائجي ڇو اداس ٿي ويندي هئي. هينئر ڦوٽهڙي جي چنڊ کي ليئو پائيندو ڏسي هن جي دل اداس ٿي وئي. هن ڳيت ڏيئي جام خالي ڪيو ۽ مسند جي ڀر ۾ ويٺل ڪنيز ڏانهن نهاريو. ڪنيز جو چهرو چنڊ وانگر ٿي ٻريو. هن کي سنهڙو ريشمي لباس پاتل هو جنهن مان سندس بدن جي چانڊاڻ جهلڪا ٿي ڏنا. نواب کي پاڻ ڏانهن نهاريندو ڏسي ڪنيز بند مکڙيءَ وانگر کڙي پئي. نواب جون نظرون ڪنيز جي زلفن سان وچڙنديون، ڳلن کي ڇهنديون، خمدار ڳچيءَ تان ترڪنديون، سندس ريشمي چوليءَ مان ڪني ڪڍندڙ چنڊن تي کپي ويون. ڪنيز يڪدم رسيل ميوي سان جهنجهيل ٽاريءَ وانگر جهڪي آئي ۽ نواب جو خالي جام ڀرڻ لڳي. نواب اونهون ساهه کنيو. ڪنيز جي زلفن مان مشڪ، لڱن مان صندل ۽ هٿن مان حنا جي خوشبو ٿي آئي. پر هن جي پنهنجي خوشبوءِ ڪٿي هئي. انسان ۾ پنهنجي به ته هٻڪار ٿيندي آهي، پنهنجي سڀاءَ جي سڳنڌ هوندي آهي. اهو اڻ ڏٺو پرين ڪٿي آهي جنهن جي بدن ۾ انبن جي ٻور جي کٽڙي کٽڙي خوشبوءِ هئي ۽ جنهن جا پار چنڊ ڏيندو هو.

نواب ڪنيز تان نظرون هٽائي، مسند جي ڀر ۾، بخمل جي قالين تي، ريشمي طول ويهاڻن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ميزبانن ڏانهن نهاريو. مسند جي ساڄي پاسي سجاول خان سمو ويٺو هو. قداور مڙس، منهن تي مڙساڻي ڏيا ۽ نهٺائي. اڇي ڏاڙهي، اڇي پڳ ۽ اڇو سوٽي وڳو. نواب هميشه ماڻهوءَ کي هن جي اکين مان پرکندو هو جو اکيون انسان جي روح جا روشندان هونديون آهن. سجاول خان جون اکيون وڏيون ۽ ڪاريون هيون. سندس اکين کي ڏسي اهڙي ڍنڍ ٿي ياد پئي جنهن تي ڪائي ڄمي وئي هجي.

ڪنهن زماني ۾ ان ڍنڍ جو پاڻي به نيرو ۽ اجرو هوندو. ان ۾ به ڪنول کڙيا هوندا ۽ چنڊ لهرن ۾ لڏيو هوندو، لهرن آسمان ۾ چمڪندڙ چنڊ ڏانهن اُلرون ڏنيون هونديون ۽ ڪنارن کان اٿلون کائي جهنگ بر ٻوڙيا هوندا. پر هاڻي ته ڪنڌيءَ جا ڪانهَه ٿي سڪا ۽ هر طرف چپ چپات هئي.

نواب جي کاٻي پاسي سجاول خان جو پٽ علي خان ويٺو هو. سهڻو، شهزادو، بهادر، خوش لباس، خوش گفتار ۽ خوش اخلاق، سندس ڳالهائڻ ٻولائڻ، اٿڻ ويهڻ صفا سجاول خان جهڙو هو. عليءَ کي ڏسي سجاول خان جي جواني ٿي ياد پئي. عليءَ جون اکيون به پيءَ جي اکين جهڙيون وڏيون ۽ ڪاريون هيون جن ۾ عجيب اطمينان هو. هن جي اکين کي دولت، شهرت يا اعلى رتبي جي ڪا بک ڪانه هئي. علي نواب جو منصبدار هو ۽ نواب هن جي ڪارڪردگيءَ کان خوش هو. پر جي هو نواب جو منصبدار نه به هجي ها ته به هن جي اکين ۾ اهڙو ئي اطمينان هجي ها. هن جي اکين ۾ اطمينان سان گڏ عجب لذت پرستي هئي، ڄڻ هن زندگيءَ مان سڀني لذتن کي نپوڙڻ ٿي گهريو. هينئر به هن رکي رکي ائين ٿي ڪنيز ڏانهن نهاريو جو سندس نگاهن ڪنيز جي سنڌَ سنڌَ کي ليمي وانگر ٿي نيپوڙيو.

عليءَ سان گڏ هن جو سوٽ سارنگ ويٺو هو. ڊگهو قد، سنهي چيلهه، ڀريل پٺا، ڪڻڪاؤن رنگ، هلڪي ڪاري ڏاڙهي جيڪا سندس منهن تي ڏاڍي ٿي سونهين. هن جون اکيون وڏيون ۽ عقابي هيون جن ۾ عجيب بي چيني هئي. هن جي اکين کي ڏسي ائين ٿي لڳو ڄڻ ٻه عقاب شڪار لاءِ ڇپ هڻي ويٺا آهن ۽ وارو ملڻ سان ڀڙڪو ڏيئي شڪار کي چنبن ۾ ڀڪوڙي چيري ڦاڙي ڇڏيندا. هن جي اکين ۾ شهرت، جاءِ پرستي ۽ عظيم ڪارناما انجام ڏيڻ جا عزم هئا. سارنگ کي منصبداري ڏيارڻ لاءِ سجاول خان، نواب کي شڪار لاءِ سڏايو هو. نواب، سارنگ کي ڏسڻ سان اندازو لڳايو ته سارنگ جهڙو اقتدار پرست ماڻهو هن لاءِ نهايت ڪارآمد ثابت ٿيندو.

نواب جي سامهون، چنڊ کي پٺي ڏيئي چارڻن جا ٻه ٽولا ويٺا هئا. سڀني کي ڪاريون پڳون ۽ اڇا وڳا پاتل هئا. سڀني کي ڪاريون ڀنڀيون ڏاڙهيون، رڳوسندن اڳواڻ سانوڻ چارڻ جي ڏاڙهي اڌ اڇي ۽ اڌ ڪاري هئي. سانوڻ جي اکين ۾ نهارڻ سان لڳو ٿي ڄڻ انهن اکين جي هن پار اهو ميدان هو جت دودي ۽ الادين جي جنگ لڳي هئي.

هوا جو جهوٽو لڳو. واءُ وڻن ۾ واڪا ڪيا، واءُ جي جهوٽي سان فانوسن جي وٽ ٿيڙ کاڌا، دهل تي ڌڪ لڳو ۽ چارڻن ڳالهه شروع ڪئي.

لک لڙيا لکنوءَ کان، لک اُلٽيا اوهيئڙا

پورڀ جئن پلٽي پيا، جئن واڪا ڪري واءُ

الادين به آئيو، جت آلا ڪاٺ ٻرن

پورڀي ۽ پڇمي، جتي ڪوهستاني به ڪڏن

ايران ۽ توران جا، کنا خوب کڙن

ڪڪا، ڪارا، ڪابلي، انت نه امرائن

نو لک، ڏهه ڇليون، اچي سنڌ وڪوڙي تن

دهل جو ڌڌڪو بند ٿيو. سانوڻ چارڻ واتين ويڻين ڳالهه شروع ڪئي. سندس گجندڙ آواز سانت ستي ۾ پڙاڏجڻ لڳو.

ننگريار سڏايا

يارن جا نمونا هوندا آهن

هڪڙا جاني يار

ٻيا وري ائين سنگت ۾ ٺلها يار هوندا آهن

ننگر اٿيو

تراڙ کڻي، ليڪو ڪڍي، تراڙ اڇلايائين ”ادا، هيءَ تراڙ آهي ننگ جي

هتي شهپر کير ۾ ٻوڙيو

سڀاڻي جنگ جي ميدان ۾ رت ۾

 زور نه آهي

جيڪو رضا خوشيءَ سان اچي“

۽ پوءِ جيڪي جاني يار هئا سي ٽپي پيا

ننگر پهلوان يار وٺي خوشيءَ وچان چاچي ڏي روانو ٿيو ننگر چاچي کي پارت ڪئي

ننگر پارت ڪري جيجل ماءُ جي

فقير بيت جو بيان ڪري

هي بيت شاعر ماڻهوءَ جي ڄمڻ جو ٺاهيو آهي.

صاحب لاوي سانوڻي، درس چڙهي درياهه

ٻيلا ٻڏن ٻوڏ ۾، واهڙ وهي واهه

ساري حضرت شاهه کي، هاري چاڙهن نار

ٻج ڇٽي ٻنيءَ ۾، ڪري اله توهار

سلا نپائجن ننڍڙا، هڙيا هڪلن جهار

ڪڏهين چونڪ ڍوڍي گل ڦاڙيا، سنگ نڪري ٿيا نروار، اچي پيڙن ڳاه فراق جو، ٿيا ڪڻا ڪڻي کان ڌار ڪونڌر هي ڪسندو وڃي، تنهن الادين اڳيان، تنهنجي جيجل جوڳياڻي ٿيندي، جنهن جو پٽ نڳو ڀاءُ

چنڊ کي اوچتو ڪاري ڪڪري ويڙهي ويئي، سنڌوءَ ۾ ڪنهن ڪڙڪا ڪيا. ٻيلي ۾ واءُ جا گهوگهٽ، چارڻن جو گجندڙ آواز.

وڙهيا ڪٽارين، ڪاتئين، بڙڇيون ڀال هڻن

مردن مٿان رڪ جون تاو تراڙيون ڪن

مر سي مائن ڄائيا، جي اورانگهيو به اچن

ڌڙ تنهين جا ڌوڙ ۾، سڀ لهنگ ٿا ليٽن

عضوا امرائن جا، لهوءَ منجهه لڙهن

هڻ وٺ وائي وات ۾، ٻولي ٻي نه ڪن

ننگر سنديءَ جنگ کان ٿا توبه توبه ڪن.

دهل جو ڌمچر، چارڻن جو عرش جي ڪونگرن کي ڪيريندڙ آواز، واءُ جا گهوگهٽ، فانوسن جي ڏڪندڙ وٽ، چارڻن جون ڏڪندڙ ڪاريون ڀنڀيون ڏاڙهيون، چمڪندڙ تارا ۽ منهن تي سندن اُڌمن جو اُهاءُ...! نواب کي ائين لڳو ڄڻ هو جنگ جي ميدان ۾ بيٺو آهي. چوڌاري تراڙن جا تاو، ڀالن جا ڀڀڪا، ڪونڌر پيا ڪڏن، ڪنڌ ٻيا ڪرن، للهنگ پيا ليٽن، رت جا ريلا، دانهون ڪوڪون ... ساري سنڌ جنگ جو ميدان هئي. هر طرف راتاها جنگيون، بغاوتون ۽ ماڻهن جو ڪوس! نواب لطف علي شاعر هو. هن جي دل ڪنهن سهڻي صورت کي ڏسي چنڊ ڏانهن الرون ڏيندڙ چڪور وانگر الرون ڏيندي هئي. هن به راتين جو چنڊ سان ريهاڻيون ڪيون هيون ۽ چنڊ کان پنهنجي اڻ ڏٺي پرينءَ جا پار پتا پڇيا هئا. ڪنيز جي چوليءَ مان چنڊن کي ڪني ڪڍندو ڏسي هن کي پنهنجو پرين ياد پيو هو، جنهن پرينءَ جا پڙلاءَ هن حافظ جي شاعريءَ ۾ ٻڌا هئا. دنيا ۾ انسانن جا رنگ روپ جدا آهن پر ڏک سک ساڳيا آهن. پوءِ هي رتوڇاڻ ۽ انساني ڪوس ڇا لاءِ؟ رڳو ڪنهن هڪڙي انسان جي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ اميرن امراون، سردارن، نوابن ۽ جاگيردارن جي رتبن کي دوام بخشڻ لاءِ، سنڌ ته آهي ٿي بيدادنگري. پراوا حاڪم، پرايون عدالتون، پرائي فوج، رڳو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ. جيترو لٽجي اوترو ٿورو. هر شيءَ تي ڳاٽي ڀڳا محصول. هڪ ڳوٺ سان ٻئي ڳوٺ ۾ وڃڻ لاءِ راهداري ۽ محصول. ٻنيءَ مان ان لهي نه لهي پر سڄي زمين تي ڍل. هڪڙي ڍل وري داڻي بندي جيڪا حاڪمن ۽ جاگيردارن هزارن جي حساب سان ٿي ورتي. جدا جدا پرڳڻا جاگيردارن کي ٺيڪي تي ڏنل هئا، جن پنهنجي مرضيءَ سان ماڻهن تي ڍل ٿي مڙهي. ماڻهو بيزار ٿي ڳوٺ ٻنيون ۽ گهر گهاٽ ڇڏي جبلن ۽ جهنگن ۾ هليا ٿي ويا ۽ اتان شاهي فوجن ۽ جاگيردارن تي حملا ٿي ڪيائون. هڪ بغاوت اقتدار لاءِ هوندي آهي ۽ ٻي بغاوت ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف احتجاج هوندي آهي. سنڌين جون بغاوتون ظلم جي خلاف احتجاج هيون. سرڪار انهن بغاوتن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر طرف ڪوس لائي ڏنو هو. نواب، سيد بايزيد جي ايام ڪاريءَ ۾، درٻيلي پرڳڻي ۾ راڄپرن، بهڻن ۽ سميجن بغاوتون ڪيون. مغل فوج ساڻن پڄي نه سگهي ته عيد جي ڏينهن جڏهن سڀني عيدگاهه ۾ نماز ٿي پڙهي تڏهن مغل فوج ”ڪافرن“ کي عيدگاهه ۾ نماز پڙهندي ڪٺو. هر طرف ظلم هو، ڏاڍ هو ۽ انياءُ هو. ظلم جڏهن حد کي رسندو آهي تڏهن ڪو مسيحا پئدا ٿيندو آهي. شاهه عنايت سنڌ جو مسيحا هو جنهن چيو هو ته زمين الله جي آهي ۽ اَنُ ان جو آهي جيڪو اُپائي ٿو. پر هرمسيحا سُوليءَ تي لڙڪندو آهي. شايد شاهه عنايت به سوليءَ تي لڙڪندو.

اچي پيڙن ڳاهه فراق جو، ٿيا ڪڻا ڪڻي کان ڌار

ڪونڌر هي ڪسندو وڃي تنهن الادين اڳيان،

نواب هٿ جو اشارو ڪيو. دهل يڪدم بند ٿي ويو. چارڻن جو آواز سندن نڙيءَ ۾ گهٽجي ويو ۽ تنبوءَ ۾ سانت ڇانئجي وئي. نواب اشرفين جي ڳوٿري ساوڻ ڏانهن اڇلائي. ساوڻ ڳوٿري کڻي چمي اکين سان لاتي ۽ هٿ ٻَڌي، چيائين:

”سائين، جيئدان ملي ته هڪڙو عرض ڪيان.“

”چئه...“

”سائين اسان جو رواج آهي ته اسين دودي شهيد جي ڳالهه جي بخشش نه وٺندا آهيون. اهو ڏينهن اسان لاءِ ماتم جو هوندو آهي ۽ اسين ڪاريون پڳون پائي دودي شهيد جي ڳالهه کڻندا آهيون.“

”اسان توکي دودي جي ڳالهه ٻڌائڻ ڪري نه پر هونئن ئي بخشش ڏني آهي.“

ساوڻ، سجاول خان ڏانهن نهاريو. سجاول خان هن کي اشارو ڪيو سانوڻ ڳوٿري قبول ڪئي. سڀ چارڻ اٿي بيٺا ۽ هٿ ٻڌي، ڪنڌ نوائي، سلام ڪري، هڪ هڪ ٿي تنبوءَ کان ٻاهر هليا ويا. تنبوءَ ۾ سانت ڇانئجي وئي. اوچتو سانت ۾ پازيب ڇمڪيا ۽ عنايتي لنگهياڻي اندر آئي. هن هٿ ٻڌي نوڙي نواب کي سلام ڪيو ۽ قالين تي ويهي رهي. عنايتيءَ جو رنگ ڪڻڪائون ۽ بدن ماسيرو هو. سندس بدن کي ڏسي سارين جي اهڙي پڪل پوک ٿي ياد پئي جنهن ۾ اڃا لابارو نه پيو هجي. عنايتيءَ هلڪي کنگهڪار ڪري نڙي صاف ڪئي. سازن ساهه کنيان ۽ عنايتيءَ بيت ڏنا.

سر نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين،

مون تو ڪارڻ ڪانڌ! سهسين سُکائون ڪيون.

سَر لوهيڙا ڳڀيا، ڪُسر نِسريا،

تو ڪئن وسريا، ڍوليا! ڏينهن اچڻ جا.

بيت ٻڌي سڀني جي دلين ۾ اتر واءُ گهليو ۽ درد جا سَر نِسريا عنايتيءَ ڪافي شروع ڪئي:

آيل، ڪريان ڪيئن، منهنجو نينهن آپليو نه رهي

اُڏوهيءَ جيئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽي سينءَ

گوندر مٿان جندڙي، دريا دلين جيئن

منهنجو نيهن آپليو نه رهي.

ڪافي پوري ٿي ته سڀني جي دلين کي گوندر جون وليون وڪوڙي ويون ۽ ڏکڙا چوٽيءَ تائين چڙهي ويا. نواب هيري جي منڊي لاهي عنايتيءَ کي ڏني ۽ علي کان پڇيائين:

”هي ڪنهن جو ڪلام آهي؟“

”سائين هڪڙي نوجوان سيد زادي جو ڪلام آهي. چون ٿا ويراڳي آهي. جوڳين سامين سان جبل جهاڳيندو ٿو وتي. مخدوم معين وٽ ٺٽي ۾ ايندو آهي.“

”سيد زادي جي شاعريءَ ۾ ڪيڏو نه درد آهي.“

”چون ٿا ته مغل زاديءَ جي چيچ ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو ۽ سندس چيچ جهلي چيائين ته جنهن جي چيچ سيد جي هٿ ۾ تنهن کي لهر نه لوڏو.“

نواب سوچيو ته اهي به ڪهڙا نه خوش نصيب انسان آهن جيڪي چيچ ڏسي پرينءَ کي سڃاڻي ٿا وٺن. مان ته سهڻن سهڻن چهرن جي جهنگ ۾ ان چهري کي ڳوليندو ٿو وتان، جنهن جا پار چوڏهينءَ جو چنڊ ڏيندو آهي. سجاول خان عنايتيءَ کي اشارو ڪيو. عنايتي سلام ڪري ٻاهر هلي وئي. نواب تي اڃان سيد زادي جي ڪلام جا خمار هئا.

”اسان وڏن ڳائڻن کان وڏن وڏن شاعرن جو ڪلام ٻڌو آهي“. پر سيد زادي جي ڪلام جو انداز ئي نرالو آهي. سندس ڪلام ۾ سنڌ جي ساري سونهن ۽ سارا سور ٿا جهلڪن. اسين سيد زادي سان ملڻ ٿا گهرون.“

”اوهان جو حڪم اکين تي پر سائين چون ٿا ته خاڪ نشين گدڙي پوش درويش آهي ۽ ٺٽي جي مخدوم معين کان سواءِ ڪنهن سان نه ملندو آهي.“

”درويشيءَ تان ڳالهه ياد پئي. درويش شاهه عنايت جو ڇا معاملو آهي.“

”شاهه عنايت صوفي درويش آهي. درگاهه جي خرچ پکي لاءِ سرڪار جيڪي زمينون کيس عنايت ڪيون آهن، سي بنان بٽئيءَ جي هارين کي ٿو ڏي. تر جا هاري زميندارن کي ڇڏي شاهه عنايت جون زمينون ٿا کيڙين ۽ زميندارن کي هاري نٿا ملن ان ڪري بلڙيءَ جا سيد ۽ پليجا زميندار دانهين ٿيا آهن.“

”اسان ٻڌو آهي ته شاهه عنايت جي تحريڪ سياسي تحريڪ آهي. سارنگ! تنهنجو ڇا خيال آهي.“

”سرڪار مان شاهه عنايت جي باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهان پر اها حقيقت آهي ته هر سياسي تحريڪ مذهب جي مورچي ۾ ويهي هلائي ويندي آهي. مختار ثقفيءَ جي تحريڪ مهدوي تحريڪون، سکن جي تحريڪ ۽ اتر سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي درويشيءَ واري تحريڪ. اهي سڀ تحريڪون اقتدار حاصل ڪرڻ جون سياسي تحريڪون هيون جن تي مذهبي رنگ چڙهيل هو. منهنجي خيال ۾ اهڙي قسم جي ڪنهن به تحريڪ کي وڌڻ کان اڳ ختم ڪرڻ گهرجي.“

”ان معاملي ۾ دين ڇا ٿو چئي؟“

”دين سياست جي تابع آهي. امام حسين عه سياست کي دين جي تابع ڪرڻ ٿي گهريو ان ڪري شهيد ٿيو. نبي پنهنجي دور جي، غلط بنيادن تي قائم ٿيل معاشري جا بنياد ڪڍي، ان کي ڊاهي ان مان هڪ ڌوتل پوتل معاشرو ٺاهيندو آهي. نبيءَ جي قائم ڪيل معاشري ۽ ان جي ابتڙ معاشري ۾ رڳو تر جيتري وٿي هوندي آهي ۽ ڪو يزيد ان تر جيتري وٿيءَ کي ختم ڪري، ملڪيت ۽ ملوڪيت وارو معاشرو قائم ڪندو آهي. امام حسين کان وٺي شاهه عنايت صوفيءَ تائين جيڪي به يزيد جي ملڪيت ۽ ملوڪيت واري معاشري سان ٽڪرايا آهن، سي ختم ٿيندا آيا آهن. اسان جو معاشرو نبي صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي قائم ڪيل معاشري جي ابتڙ ملڪيت ۽ ملوڪيت وارو معاشرو آهي ۽ جيڪڏهن شاه عنايت جي تحريڪ امام حسينرضه جي تحريڪ آهي ته پوءِ اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان جو ملڪيت ۽ ملوڪيت وارو معاشرو قائم رهي يا شاهه عنايت صوفي.“

شاهه عنايت جو نالو ٻڌي نواب جي اکين آڏو صوفين ۽ درويشن جا ٽولا اچي ويا جن سنڌ کان بنگال تائين خانقاهون ۽ مٺ قائم ڪيا. انهن خاڪ نشين گدڙي پوش صوفين مراقبي مان منهن مٿي ڪري ”همه اوست“ جو نعرو ٿي هنيو ته ڪائنات ڪنبي ٿي ويئي ۽ سڀ هيٺاهيون مٿاهيون هڪ ٿي ٿي ويون، جن سماع ۾ آهسته خرام رقص ڪندي قدم ٿي کنيو ته سندن قدم آسمان تي ٿي پيو. سڀ عربي ۽ فارسي دان هئا پر سڀني مقامي زبان ۽ مقامي محاوري ۾ انساني هڪ جهڙائي ۽ ڀائپيءَ جو پرچار ڪيو ۽ برهمڻ بڻجي الله سان عشق ڪيائون. ڪاجي محمود درياڻي، ڪاجي ڪاجن، حجرت نجام الدين اوليا، بوعلي قلندر، بهاوالدين باجن.

ڪاجل ڊالون ڪرڪرا، سرمه سهيو نه جاءِ

جن نيڻن ۾ پي بسي، دوجا اور نه سمائي.

ڪاجي محمود

سجن سکيري جائينگي، نين مرينگي روه

 بدنا ايسي رين ڪرو، ڀور ڪدي نه هو

بوعلي قلندر

 ڪاگا سب تن کائيو، چن چن کائيو ماس

اي دو نين نه کائيو پيا ملن ڪي آس

بابا فريد شڪر گنج

 

آج رنگ هي، اي مان! رنگ هي

ايسو پيو پايو نجام الدين اوليا

جگ جياريو، مين تو ايسو رنگ اور نه ديکوري

امير کسرو

 

ديس بديس مين تو ڍونڊ ڦري هون

تورا رنگ نهين پايو اي

نجام الدين اوليا.

امير کسرو تان پوري جون تارون ڇيڙي، تارن جي ارتعاش مان نڪرندڙ ”تنڪ“ جو آواز جيڪو پرٻنڌ جو چوٿون انگ، تن تنا جي ورجاڻي ۽ اندروني طور برهما جو تصور هو، تنهن کي صوفين جي سماع لاءِ ترانه جو روپ ڏنو.

يار من پيا پيا، در تنم تاديم

 (منهنجا پرين اچ اچ. منهنجي تن ۾ اچ)

تانن، تاناديم، توم تا نانانا

 (ڇاڪاڻ ته مان تنهنجو آهيان)

به لبم رسيده جانم، تو بياڪ زنده هانم

پس ازان من نه مانم، به چه ڪار خواهي آمد

(منهنجو ساهه چپن تي اچي ويو، تون اچ ته جيئرو ٿي پوان. جڏهين مان نه هوندس ته پوءِ تنهنجو اچڻ ڪهڙي ڪم جو)

ٺٽي جي علي شيرازي ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جون سماع جون محفلون! هن سنڌ، گجرات ۽ مارواڙ ۾ سنٿ پنٿي اسماعيلي ڏٺا جن جي رهڻي ڪهڻي هندن جهڙي هئي ۽ گُپتي ٿي سڏيا ويا ۽ جن ڳوٺ ڳوٺ وستيءَ وستيءَ ۾ الله جي هيڪڙائي ۽ عشق، ماڻهن جي هڪ جهڙائي ۽ ڀائپيءَ جا اسلامي ڀڄن ٿي ڳايا ۽ ذات پات واري برهمڻ سماج جي ڌڪاريل انسانن جا ٽولا اچي ساڻن شامل ٿي ٿيا. هاڻي سنڌ جا، مغلن، جاگيردارن ۽ ڏاڍ جا ماريل، هاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي ٽولن ۾ جهوڪ ڏانهن ٿي ويا جتي هنن جو مسيحا هو! ڪهڙي خبر ته مان به تاريخ جي جبر جو شڪار ٿيان ۽ جهوڪ وارو مسيحا منهنجي هٿان مصلوب ٿئي. نواب کي پنهنجو پاڻ مان، پنهنجي مسند مان، بخمل جي لباس مان، هيرن جواهرن مان، صندل حنا ۽ مشڪ جي خوشبوئن مان انساني رت جي بوءِ اچڻ لڳي. هن يڪدم جام چپن تي آندو ۽ ڳيت ڏيئي پي ويو. زبان چپن تي ڦيريندي هن سارنگ کان پڇيو:

”تنهنجو تصوف جي باري ۾ ڇا خيال آهي.“

سارنگ به جام خالي ڪيو ۽ چپ اگهندي چيائين ”تصوف اسلام جي عجمي صورت آهي.“

”ڪيئن؟“

”بغداد ۾ جڏهن سنڌ جي پنڊتن ۽ اخوان الصفا عالمن هندوستان ۽ يونان جي ڏاهپ کي عربي زبان ۾ آندو ته عربن جي ذهني دنيا ۾ انقلاب اچي ويو. عقل ۽ عقيدي ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ۽ معتزله جو طبقو وجود ۾ آيو جنهن عقيدي کي عقل سان پرکڻ شروع ڪيو. معتزله چيو ته خدا شڪل ۽ صورت کان پاڪ آهي. ان ڪري اهو عقيدو صحيح نه آهي ته قيامت ۾ خدا جو ديدار ٿيندو. قيامت جي ڏينهن ڪو ڪنهن جي شفاعت نه ڪندو ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو خدا جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري تنهن کي ڪنهن جي شفاعت تي بخشي ڇڏڻ عدل ۽ انصاف جي خلاف آهي. ابليس نفس امازه ۽ ماڻهوءَ جي غضب ۽ شهوت جي قوت آهي. جبرائيل نبيءَ جي پنهنجي ئي جبرائيلي قوتن جو نالو آهي ۽ وحي نبي پنهنجي ذات مان ئي فيض حاصل ڪندو آهي. هر ظاهر پنهنجي باطن مان نڪري ٿو ۽ ظاهر باطن جو ظاهري روپ آهي. ظاهر تنزيل ۽ باطن تاويل آهي. اسماعيل، قرامطي ۽ فاطمي باطنيه هئا.“

سارنگ ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي ويو. هن غور سان نواب جي اکين ۾ نهاريو. نواب جي اکين ۾ اشتياق هو. هن ڳالهه جو سلسلو جاري رکندي چيو.

”اخوان الصفا اسڪندريه جي يوناني ڏاهپ کي هڪڙي رسالي جي صورت ۾ آندو ۽ اها ڏاهپ، اهو نظريو اسلامي تصوف جو فيلسوفاڻو بنياد ٺهيو. ان نظريي مطابق ذات احد مان پهرين عقل ڪل نڪتو. عقل ڪل مان روح ڪل ۽ روح ڪل مان ٻيا روح نڪتا. روح جڏهن مادي ڏانهن جهڪيو ته ادنى ٿي پيو. ذات احد سج مثال آهي جنهن مان نور جو نيڪاس ٿيندو ٿو رهي. عقل ڪل، روح ڪل ۽ اعلى ۽ ادنى روح، ذات احد مان ائين ڇلڪي نڪتا جيئن سج مان نور ڇلڪي نڪرندو آهي. مادو تاريڪ آهي جنهن تائين نور جون شعائون پڄي نه سگهيون. پر مادو ڪائنات جي سڀني شين جو بنياد آهي ۽ روح مادي کي جدا جدا شڪليون ۽ صورتون ڏيندا آهن. روح مادي جي اونداهي جهان مان نڪري پنهنجي حقيقي محبوب ۽ اصل مصدر ڏانهن وڃڻ لاءِ بيتاب آهي. اهو عشق آهي.

ويدانتيءَ ذات احد کي ادويتا يعني جيڪو ٻه نه آهي سڏيو. ذات احد کي پرم ۽ برهم سڏيو. برهم مان ئي ڪائنات نڪتي. جيو آتما (انساني روح) پرم آتما (روح ڪل) کان جدا ٿي. جڏهن آتما تي مايا جي ڪثرت جو فريب ظاهر ٿيندو آهي، تڏهن آتما، پرم آتما سان ملڻ لاءِ بيتاب ٿيندي آهي. جيو آتما جو پرم آتما ۾ جذب ٿيڻ نرواڻ ۽ مڪتي آهي. اسلامي تصوف جي ساري فيلسوفاڻي عمارت ان نظريي تي بيٺل آهي. ان ڪري تصوف کي مان اسلام جي عجمي صورت ٿو سڏيان ڇاڪاڻ جو اسلام وجود جي وحدت جو نه پر وجود جي دوئيءَ جو قائل آهي.

سارنگ ماٺ ٿي پنهنجي گفتگوءَ جو رد عمل ڏسڻ لاءِ نواب جي اکين ۾ نهاريو. هن جي ڳالهه ٻڌي نواب مرڪڻ لڳو.

”اسلام جو بنيادي عقيدو وحدانيت آهي ۽ تون دوئيءَ جي ڳالهه ٿو ڪرين“ نواب چيو.

”مان الله جي وحدانيت جي ڳالهه نٿو ڪيان پر وجود جي وحدت جي ڳالهه ٿو ڪيان. اسلام ۾ الله جي وحدانيت آهي پر وجود جي وحدانيت ڪانهي. خالق ۽ مخلوق جا جدا جدا وجود آهن جڏهن ته صوفي خالق ۽ مخلوق، الله ۽ ڪائنات جي وجود کي هڪ ٿا مڃين. حضرت بايزيد بسطاميءَ جي محفل ۾ تخليق جو مسئلو بحث هيٺ آيو.

هڪڙي مريد چيو ته ڪو وقت اهڙو هو جو رڳو خدا جو وجود هو ۽ ٻيو ڪجهه نه هو. بايزيد وراڻيو: هاڻي ڇا آهي. هاڻي به ته صرف خدا جو وجود آهي. ابن عربيءَ ذات احد کي حسن ازل ۽ عقل اول کي حقيقت محمديه جو نالو ڏنو. اسلام ۾ ابليس لعنتي آهي پر صوفين ابليس کي خدا جي جلال جو مظهر سمجهيو ۽ ابليس جو اشتقاق تبليس مان ڪيو. ابليس کي آدم کي سجدي ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته ابليس سوچيو ته جيڪڏهن آدم کي سجدو ڪيم ته غيرالله کي سجدي ڪرڻ جو گنهگار ٿيندس ان ڪري هن سجدي کان انڪار ڪيو ۽ ابليس سڀ کان وڏو موحد سڏيو ويو.

صوفي، حضور ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جون ٻه حديثون نقل ڪندا آهن ته علم ۽ نيڪي مومن جي وڃايل ميراث آهي ۽ صوفين کي جتان به پنهنجي وڃايل ميراث ملي تنهن کي پنهنجو ڪيائون. حضور ڪريم جي ٻي حديث اها نقل ڪندا آهن ته عبادت کان سواءِ هر بدعت رذالت آهي ۽ صوفين پنهنجن روحاني تجربن جي آڌار تي عبادتن جا نوان نوان طريقا جاري ڪيا.

سارنگ ماٺ ٿي ويو. سجاول خان ۽ عليءَ، سارنگ جي ڳالهين جو رد عمل ڏسڻ لاءِ نواب ڏانهن نهاريو. ٻاهر چنڊ سنڌوءَ جي وچ سير مٿان ٽڪ ٻڌي بيٺو هو ۽ نواب جي اکين تي مڌ جا کيپ چڙهي ويا هئا. نواب چيو:

”نوجوان توسان وڌيڪ ڪچهريون هاڻي ٺٽي ۾ ٿينديون.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org