سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جو ديو مالائي ڪردار سراج

باب:

صفحو:14 

مان به هوا تي پئي اڏاميس ته سراج صاحب جي سفارش سان ٽي.ويءَ جي نوڪري بس پليٽ تي مٺائيءَ وانگر رکي آهي ۽ ڪراچيءَ وڃي رڳو مون کي کائڻي آهي. ڀلا شيخ اياز جو نياپو سراج صاحب کي ملي ۽ سراج صاحب انڪار ڪري ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي تمام ويجهن ماڻهن مان هجي ته نوڪري نه ملڻ جو ته سوال ئي نه ٿي اٿيو! سو شڪارپور کان راتورات ريل تي چڙهي اچي ڪراچيءَ پهتس. بسن ۽ ٽرام جا چڪر کائيندي وڃي بندر روڊ تي هلال پاڪستان اخبار جي آفيس ۾ سراج صاحب تائين پهتس. اخبار ۾ ان وقت منظور قريشي، راز ناٿن شاهي، حسام سومري سان ملاقات ٿي. منظور قريشيءَ چانهه ته پياري، پر سگريٽ مون کان گهري ڇڪڻ شروع ڪيائين ۽ پاڪيٽ وٺي پنهنجي ڊسٽ بن ۾ اڇلايائين، تنهن تي چيومانس ته: ”بندا خدا جا پاڪيٽ سڄو سگريٽن سان ڀريل هو، تو اهو ڊسٽ بن ۾ ڇو اڇلائي ڇڏيو؟“

منهنجي ڳالهه ٻڌي کلڻ لڳو ۽ پنهنجي اڳيان رکيل پروفن جاچڻ وارو ليک کڻي اٿيو ۽ اهو تازو دکايل سگريٽ ايش ٽري ۾ وسائي، اتي ئي رکي چوڻ لڳو:

”تون ويهه، مان سراج صاحب کي تنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪري اچان.“ ائين چئي هو سراج صاحب جي آفيس ڏانهن هليو ويو. مون سوچيو اطلاع ڪرڻ کان سواءِ سراج صاحب جي ڪمري ۾ وڃبو ته ڏسي خوش ٿيندو، سو مان به اٿي سراج صاحب جي ڪمري ۾ هليو ويس. ڏٺم ته منظور قريشي هٿ ٻڌي سندس اڳيان بيٺو آهي، جنهن شايد اڃا منهنجي اچڻ جو اطلاع نه ڪيو هوس، سو مون تي جو نظر پيس، واقعي ڏاڍي پاٻوهه مان ويٺي ويٺي هٿ ڊگهو ڪري مليو، پروفن وارو ڪاغذ پڙهندي مون ڏانهن نهاريائين. پروف ڏسي واندو ٿيو ته حال احوال پڇڻ لڳو. تڏهن مون کيس شيخ اياز جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته سنجيده ٿي ويو. پوءِ ٿوري دير کان پوءِ پائيپ جو ڪش هڻي، چپن ۾ مرڪي چوڻ لڳو:

”اشتياق اظهر، برابر ’طلوع‘ جو ايڊيٽر آهي، پر هو اسلم اظهر (تڏهوڪي ايم.ڊي، پي.ٽي.وي) جو ڀاءُ نه آهي ۽ نه ئي هن جي ايتري هلندي پڄندي آهي، جو توکي ٽي.ويءَ جي نوڪري وٺي ڏئي، ڇو ته ٽي.ويءَ جي نوڪري وٺڻ ايترو آسان به نه آهي، پر بيدل! ائين توکي ٽي.ويءَ جو پروڊيوسر ڪيئن ڪري ڇڏيندا.“

مون چيو: ”مان ايم.اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پوري سنڌ مان ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.“

”اها ته فهميده به ڪئي آهي.“ (ڊاڪٽر فهميده حسين، سندس ڀيڻ). هٿ ۾ جهليل پائيپ مان ڪش هڻندي وري چوڻ لڳو: ”پر يار بيدل! آءٌ تنهنجي سفارش نه ڪندس.“

الائي ته ڇو اُن وقت مون کي مشتاق شوري جو جملو ياد اچي ويو.

پر بهرحال مون کي ٽي.ويءَ جي نوڪري ملي وئي. درخواست مرحوم شمشيرالحيدريءَ لکي ڏني. مانواري ڀيڻ مهتاب اڪبر راشديءَ، لوڪل مينيجمينٽ ۾ پروگرامز مئنيجر جي پوسٽ تي ويٺل مرحوم عبدالڪريم بلوچ کي پارت ڪئي، جيڪا هن هڪ ڪن کان ٻڌي ٻي ڪن کان لنوائي ڇڏي هئي، پر پوءِ به نوڪريءَ دوران ڪڏهن ڪڏهن، ڀيڻ مهتاب اڪبر راشديءَ جي سفارش جو طعنو ڏيندو رهندو هو. پوءِ حيدرآباد ۾ ڪجهه دوستن چيو ته بيدل کي اسان نوڪري وٺي ڏني آهي. ڪنهن چيو ته بيدل کي نوڪري سچل سائينءَ جي سجاده سائين خواجه عبدالحق فاروقيءَ وٺي ڏني آهي. بهرحال، نوڪري منهنجي مالڪ وٺي ڏني هئي، جنهن ۾ سفارشي خواجه عبدالحق به هو، سائين بيدل سرڪار به هو ته فقير مسرور به هو، پر مون ڪنهن جي به دل آزاري ڪانه ڪئي ۽ سڀني سان ها ۾ ها ملائي ڇڏي ۽ پنهنجي قومي جذبي جي ڪري شيخ اياز جا گيت به دل سان ڳاتا ته ادبي ناتي سان سراج صاحب سان وٽس هلي وڃي ملندو هوس. حالانڪ هو ڪنهن ادبي جلسي ۾ پهرين قطار ۾ ويٺل هوندو هو، پر ائين حجت پائي ساڻس وڃي ملڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. پنهنجي قومي شعور سبب شيخ اياز جي قومي گيتن ڳائڻ جي حوالي سبب وڏي پاٻوهه مان ڳرهاٽڙي پائي ملندو هو ۽ ڪراچيءَ جي روشن خيال اديبن جي نجي گڏجاڻين ۾ منهنجي آرٽ سان وابستگيءَ سبب هن پنهنجي شفقت ۽ ٻين اڳيان تعريف جي عمل کي آخر تائين قائم رکيو ۽ جڏهن به مليو ته پنهنجي شبنمي هٿن چمڻ کان ڪڏهن محروم نه رکيائين.

سراج صاحب ۽ منهنجي وچ ۾ جا يادگار ڳالهه آهي، اها هيءَ آهي ته 1994ع ڌاري جڏهن شيخ اياز دعائون لکڻ شروع ڪيون هيون ته مون به ان جي رد ۾ ڪجهه دعائون لکيون هيون، جن تي سراج صاحب خاص طور ’رتيءَ جي رهاڻ‘ جي عنوان سان هڪڙو ڪالم لکيو، جيڪو روزاني ’جاڳو‘ ڪراچيءَ جي 15 جون 1994ع تي شايع ٿيو هو. ان ۾ سراج صاحب تمام اهم ڳالهين سان گڏ منهنجي متعلق به ڪامينٽس ڏنا هئا. اهو ڪالم مون وٽ محفوظ آهي، ان ڪري ان جون ڪجهه مختصر جهلڪيون پڙهندڙن جي آڏو رکان ٿو. لکيو اٿس:

”ڪنهن زماني ۾ ڀٽائي، پنهنجي لاءِ، سنڌ لاءِ ۽ اسان جي لاءِ دعائون گهرندو هو. سندس هڪڙي دعا کي ٻڌي، اسان جن ۽ هنن جي ’دانشورن‘ هن کي سندس آفاقي ۽ عالمي شاعر هجڻ جو سرٽفڪيٽ پئي ڏنو. اها دعا اوهان کي الائي ياد آهي يا نه؛ مون کي ته ياد ئي ڪانه رهندي آهي، ۽ هينئر به گربخشاڻيءَ واري رسالي منجهان ڳولي ڪڍي اٿم:

سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

هن جي هڪڙي ٻي ذاتي دعا تي هڪڙي مولوي صاحب سڄو سارو ڪتاب لکي ڇپايو هو، ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين ته شاهه لطيف اسان سنڌ وارن لاءِ اها دعا لکي هئي:

’عدل ڇٽان آنءُ نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.‘

ڀٽائيءَ کان پوءِ تازو وري دعائن جو هڪڙو باب کليو آهي، جنهن جي لاءِ ٻڌو اٿم ته اسان جي يار اياز شروعات ڪئي آهي. منهنجي بدقسمتي آهي، جو رسول بخش پليجي جي صلاح جي باوجود، مون اڃا اهي ڪونه پڙهيون آهن. البت اياز جي ريس ۾ اسان جي ٻئي هڪڙي يار تاجل بيوس به دعائن جو هڪڙو سلسلو شروع ڪيو آهي. انهن منجهان ڪجهه دعائون پڙهڻ جي سعادت نصيب ٿي اٿم. ڀٽائيءَ کان پوءِ ٻن ’مهان‘ شاعرن دعائن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، اها لانڍ ته الائجي ڪٿي وڃي توڙ ڪندي. مون جهڙا ڪم عقل ماڻهو هنن جي ’مهانتا‘ کان ايڏا ته مرعوب آهن، جو جيڪڏهن ڪڇنداسون ته ڀانت ڀانت جا ڏينڀو چنبڙي وڃن ته عيب ڪونهي.

هاڻ وري هڪڙي ٻئي شاعر جيڪو ايترو ’مهان‘ ته ڪونهي، پر هن جي وڏائيءَ جو هڪڙو ئي ثبوت ڪافي آهي ته هن جي نالي ۾ ٻه تخلص شامل آهن. هڪڙو ’بيدل‘ ٻيو ’مسرور‘. تنهن دعائون لکڻ ۽ گهرڻ شروع ڪيون آهن. البت هن جون دعائون اسان جي ٻنهي ’مهان‘ شاعرن کان مختلف آهن. هي شايد اهڙيون پهريون دعائون آهن، جيڪي چڙ، ڪاوڙ، ڀوڳ ۽ ٽوڪ طور گهريون اٿس. ائين اسان جي ’ادب‘ ۾ دعائن جي هڪڙي نئين صنف ۽ وصف شامل ٿي آهي، ۽ ڀانيان ٿو ته اِها روايت به اڳتي هلي ٻين به ڪيترن شاعرن کي ڪنهن وچڙندڙ بيماريءَ وانگر لڳندي ضرور!

بيدل لاءِ منهنجي دل ۾ ڏاڍو پيار آهي. هن جي اصل سڃاڻپ هڪڙي سٺي موسيقار ۽ راڳيءَ جي آهي. جڏهن اڃا دعائن گهرڻ جهڙو ڪراڙو ڪونه ٿيو هو، تڏهن کان خاص محفلن ۾ مون هن کي ٻڌو هو. اُن فن ۾ هن ڏاڍي محنت ۽ رياض ڪيو آهي. جڏهن پهريون ڀيرو پنهنجي راڳين ۽ موسيقارن جي سٿ سان هن اياز جو گيت ”مان ڏوهي هان“ پيش ڪيو ته مون سميت ٻڌندڙن کي بدن ۾ سيسراٽ وجهي ڇڏيا هئائين، ۽ آءٌ ته اوڇنگارون ڏئي رُنو هئس!“

سراج صاحب جي ان محبت جو هڪڙو وڏو مثال اهو آهي ته تازو انڊين سنڌي ڊيليگيٽس جي سنڌ اچڻ تي جڏهن سنڌ جي ثقافت کاتي، سندن مان ۾ چيف منسٽر هائوس ۾ آجياڻو منعقد ڪيو هو، مان پنهنجي وضع مطابق هر ڪنهن سان سندن جاين تي ملڻ ويس. جڏهن سراج صاحب وٽ پهتس ته هن اٿي ڀاڪر پاتو ۽ منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي چوڻ لڳو:

”بيدل يار! مان هاڻي هڪڙي ڏينهن پنهنجي سڄي ڪهول سان، سڀني پوٽن ڏوهٽن سميت تنهنجي گهر ايندس ۽ اتي اچي تنهنجي آواز ۾ قومي گيت ٻڌندس.“ مون چيو: ”سائين اوهان هيترا ڄڻا گڏ ٿي، منهنجي گهر نه اچي سگهندءُ. ان ڪري اها تڪليف توهان نه ڪريو، مان هڪڙي هارمونيم ڪلهي تي رکي اچي اوهان جي در تي ويهندس.“

کلڻ لڳو، کلندي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. کيسي مان پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڪڍي ڏنائين. چوڻ لڳو: ”پوءِ تون مون کي ٻڌائجانءِ ته ڪڏهن ٿو اچين؟“ سچ ته اهو آهي ته نه مون کي وقت مليو سراج صاحب کي فون ڪرڻ جو، نه ئي سراج صاحب کي مهلت ملي اسپتالن مان فارغ ٿيڻ جي ۽ بس ڄڻ هڪڙو افسوس رهجي ويو.

ٽي.ويءَ جي حوالي سان مون کي ياد نه ٿو اچي ته سراج صاحب کي ڪنهن خاص پروگرام کان سواءِ مدعو ٿيندي نه ڏٺوسي، پر ايندو هو ته اسان کيس در تان ئي ڀليڪار ڪري، جنرل مئنيجر جي آفيس ۾ وٺي ايندا هئاسين يا جيڪڏهن ڪنهن ليکڪ متعلق ڪامينٽس وٺڻا هوندا هئا ته کانئس ٽائيم وٺي وٽس وڃي گفتگو رڪارڊ ڪري ايندا هئاسي، خاص طور مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي متعلق جيڪي ڪامينٽس ڏنا هئائين، سي هاڻي جيئن جو تيئن ته ياد ناهن، پر سندس گفتگو مان معلوم ٿيو ته سراج صاحب جي ادب ۽ صحافت طرف رغبت ۾ ڏيپلائي صاحب جو به وڏو هٿ رهيو آهي. اهو پروگرام مون کي ان ڪري به ياد آهي، جو هڪ ته اهو هلال پاڪستان اخبار واري آفيس ۾ رڪارڊ ٿيو هو، ٻيو ته رڪارڊنگ کان اڳ ۾ ۽ پوءِ به منهنجي ٽي.وي پروڊيوسر ٿيڻ تي وڏي خوشيءَ جو اظهار ڪيو هئائين ۽ مبارڪ ڏني هئائين.

سراج صاحب کي مون مختلف وقتن تي جيئن ڏٺو، انهن جو مختصر بيان هن ريت ڪري سگهجي ٿو ته هو هڪ ذهين، بردبار ۽ محنتي شخص هو. ادب، صحافت يا ٻوليءَ متعلق جديد فڪري لاڙن تي سوچيندڙ مفڪر هو. قومي نظرياتي طور سائين جي.ايم.سيد، محترم رسول بخش پليجي ۽ سائين محمد ابراهيم جويي جيان آدرشي اديب هو. چون ٿا ته وڪيل به ڏاڍو سٺو هو، پر اتفاق سان مون کيس وڪالت ڪندي نه ڏٺو، پر ڪنهن وڏي ايرسٽوڪريٽ جيان پائيپ ڇڪڻ، سندس وقار سان مِلڻ، ڌيرج سان ڳالهائڻ، درويشن وانگر چپن ۾ مرڪڻ، عالمن وانگر تدبر سان هلڻ کي ڏسي هميشه منهنجي خواهش اها ئي رهي آهي ته اسان جي سنڌي ماڻهن کي سراج صاحب جهڙو هئڻ گهرجي. ٻين کي عزت ڏيندڙ ۽ پنهنجي عزت ڪرائيندڙ.

(همرچو، فيبروري 2013ع)

 

علم جو روشن چراغ- سراج: هڪ ياد، هڪ تاثر

گل محمد عمراڻي

پنهنجي سانڀر ۾ پهريون ڀيرو مون سراج الحق ميمڻ جو نالو هڪ درست ڪتاب جي اندرين صفحي تي هٿن سان اُڪريل ڏٺو هو، جيڪو ڪتاب هن پاڻ سندس هڪ عزيز دوست ”پياري دين محمد“ کي پنهنجي دستخط سان ڏنو هو، اُهو ”پيارو دين محمد“ منهنجو هڪ ويجهو عزيز (Brother in Law) هو ۽ اُن ڪتاب جو نالو هئو ”دلپسند قصا“(Tales from Shakespeare) جيڪو مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل هو. انگريزي ۾ اهو ڪتاب چارلس ۽ ميئري لئمب (Chales and Mary Lamb) (19 صديءَ جي مشهور ليکڪ ڀاءُ ۽ ڀين) لکيو هو ۽ هاڻ اهو ڪتاب انگريزي ٻاراڻي ادب ۾ هڪ يادگار ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. سراج کي پوءِ مون اسڪول جي لائبريري ۾ ”مهراڻ“ ٽه ماهي ۾ بطور نوجوان اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ ڪهاڻيڪار جي ڏٺو ۽ پڙهيو. اُن وقت 62، 1963ع واري دور ۾ مان نور محمد هاءِ اسڪول جي اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس، ان ڪري منهنجي مطالعي جي سطح ”گل ڦل“ کان چَڙهي، اِبن صفي جي جاسوسي دنيا ۾ شرلاڪ هومز تائين وڃي پهتي هئي. ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ پهتس ته سراج جون ڪهاڻيون پڙهيم ۽ پروڙيم ۽ ائين لڳو ته هڪ گهڻ پڙهيل ۽ سنجيده ڪهاڻيڪار ۽ مترجم (آمريڪي ڪهاڻيون) هاڻ پنهنجي حيثيت مڃرائي چڪو آهي. سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ جي بابت چوٻول گهڻو ٻڌم ۽ نيٺ 1970ع ۾ هڪ ڏينهن سنڌي ڊپارٽمينٽ جي استاد، محترم ڊاڪٽر عبدالجبار ”شام“ جي هٿ ۾ ڏسي هن کان ڪجهه ڏينهن اُڌار وٺي گهر کڻي ويس. غور فڪر بعد منهنجي ذاتي راءِ اُن وقت اها هئي ته سراج ريسرچ جي ميدان ۾ گوءِ کڻي ويو آهي ۽ هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سامي سٿ واري نظريه کي چيلنج ڪيو آهي. گهڻو وقت پوءِ جڏهن وري مون ڊاڪٽر صاحب (بلوچ صاحب) جي اصل مَتن کي سنجيدگيءَ سان ٻيهر پڙهيو ته مون کي ائين لڳو ته حتمي راءِ ٻنهي صاحبن جي ان نظرين (Hypotheses) بابت ڪا پٿر تي ليڪ واري نه آهي. ٻنهي پنهنجا پنهنجاHypotheses (مفروضا) پنهنجي خيال مطابق پيش ڪيا آهن ۽ انهن ٻنهي عالمن جا نظريا جامد ۽ اڻ ٽر (Inevitable) (اڻ مٽ) نه آهن. انهن ٻنهي جي Paradigms (صوتياتي جوڙجڪن) کي هڪ ٻئي سان هاڻ (Reconcile) (ملائي) سگهجي ٿو. ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ ان کان اڳ Orientialists (مُستشرقين) ارنيسٽ ٽرمپ (Earnest Trumph) ۽ گريئرسن (Grierson) هندوستان جي ٻولين جو جائزو  (Linguistic Survey of India) ۾ اهو اعلان ڪيو. سنڌي ٻولي اصل ۾ سنسڪرت مان ئي نڪتل آهي ۽ اها هڪ آريائي زبان آهي. ڪاڪي ڀيرومل ۽ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ به هڪ علمي خاڪو ۽ Hypothesesڏنو ته سنسڪرت مان، پراڪرت، ان مان شورسيني، ان مان اپڀرنش ۽ ان مان وراچڊ ۽ ان مان سنڌي ٻولي Evolve ارتقا پذير (وڌي ويجهي) نِروار ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1962ع ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ لکي، جيڪو وري 1980ع ۾ وڌرائي ڇپايائين. ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ غور سان پڙهو:

”سنڌي ٻولي سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دؤر جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي. لهندا (سرائيڪي، بهاولپوري، ملتاني، ديري والي، هِندڪو) ڪشميري ۽ اُترئين سنڌو ماٿر جي ”دادري ٻوليون“ ان جون ڀينرون آهن. بودوباش جي لحاظ کان اُهي مڙيئي سنڌو ماٿر جون آڳاٽيون Indo-Aryan هند آريائي ٻوليون آهن. پر سٽاءَ ۽ تاريخي ارتقا جي لحاظ سانا ُهي هن براعظم جي ٻين هند آريائي ٻولين کان نراليون آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن جي بناوت ۽ اوسر ۾ هِند- ايراني ۽ اولهه کان ٻين داخل ٿيندڙ ٻولين کي دخل آهي.“

هاڻ اچون ٿا سراج صاحب جي نظريي تي. سراج صاحب 1964ع ۾ هڪ ڪتاب ساڳي موضوع تي ”سنڌي ٻولي“ لکيو، جنهن ۾ هن جيئن ڪارل مارڪس (Karl Marx) هيگل جي جدليات (Dialectics) کي اونڌو (Invert/ up-side down) ڪيو هو. تيئن هن سڀني اڳ وارن مُروج نظرين کي ڄڻ رد ڪري، مٿي واري حصي کي هيٺ (Invert) ڪري، هن اونڌي ٽڪنڊي کي سڌو ڪري اعلان ڪيو ته ”سنڌي، سنسڪرت جي ڄائي نه پر سنسڪرت، سنڌي جي ڄائي آهي.“

سراج صاحب ائين به لکيو ته ”سنڌي جيڪڏهن سنسڪرت لفظن جي مرهون منت آهي ته سنسڪرت تي سنڌي جو ان کان به وڏو قرض آهي. سنسڪرت هڪ طرح سان سنڌي جي ڄائي آهي، سڌي طرح نه سَهي، اڻ سڌي طرح سهي.“

هاڻ توهان پاڻ اندازو لڳايو ته ڊاڪٽر بلوچ ۽ سراج ميمڻ ڪا به حتمي راءِ ڏين ٿا يا فقطHypothetical  مفروضن تي بحٿ ڪن ٿا ۽ ٻه مختلف پر پاڻ ۾ ٺهڪي ايندڙ Paradigms(ماڊل) ڏين ٿا. مان فقط مثال طور تي ٻنهي دانشورن جي ٻن Paradigms جو حوالو ڏنو آهي. ذاتي طرح مون کي خبر آهي ته سراج صاحب جن CSS ڪرڻ کان اڳ ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندي هر آچر جي ڏنهن ڊاڪٽر بلوچ سان گڏ صبح جو مارننگ شو ۾ گڏجي فلم ڏسڻ ويندا هئا ۽ سندن گهر اولڊ ڪئمپس ۾ گاڏي کاتي ۾ گڏ هوندا هئا. سندن اختلاف علمي ادبي حد تائين جائز ۽ مُباح هئا، پر ذاتي طور تي سراج صاحب ڊاڪٽر صاحب جو دلي طرح احترام ڪندو هو ۽ آخر تائين اهو برقرار رهيو. مان توهان کي ٻڌاياقن ته عام تاثر اِهو هوندو هو ته سرج صاحب گهٽ ڳالهائيندو آهي ۽ اُن ۾ ڪو شڪ به نه آهي هو اسان جي عام اديبن ۽ شاعرن وانگر اَجايو لٻاڙي ۽ Garuulous ۽ گهڻ ڳالهائو ڪونه هو، پر هن جي مون سان هڪ دفعو خلاصي ڪچهري ٿي، جنهن ۾ هن مون سان مُسلسل 15 منٽ ڊاڪٽر بلوچ جي طبعيت ۽ مزاج متعلق ڳالهايو. اهو موقوعو هو جڏهن لياقت نيشنل لائبريري ڪراچي ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس وارن مرحوم غلام رباني آگري جي وفات تي هڪ ادبي ريفرنس (Reference) مُنعقد ڪيو هو. اوهان کي اهو ٻڌي حيراني ضرور ٿيندي اُن سچي تقريب ۾ سڄي ڪراچي مان رڳو 15 کن ماڻهو شريڪ ٿيا ۽ اُنهن مان سراج صاحب به هڪ هو. مٿي اسٽيج تي ڊاڪٽر محمد علي صديقي ۽ آفاق صديقي به ويٺل هئا. سراج صاحب آهستي مون کان ڊاڪٽر بلوچ متعلق حال احوال وٺندو رهيو. انهي مان هن جي دل ۾ ڊاڪٽر صاحب الءِ احترام ۽ عقيدت ظاهر ٿي رهي هئي. ڊاڪٽر صاحب کي جڏهن مون اها ڪهاڻي ٻڌائي ته هو به نهايت گهڻو خوش ٿيو ۽ چيائين ته سراج تمام لائق انسان ۽ اورچ عالم آهي. هنن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪي ويڇا پيدا ڪيا ويا هئا، اُهي ڪجهه وچ وارن ”دوستن“ جي مهرباني هئي. سراج صاحب اسان جو اهڙو ”ڪم گو“ محقق هو، جنهن وٽ وقت جو گهڻو قدر ۽ احساس هو. باقي اسين سڀ اجايو سطحي گفتگو ڪري، وقت کي ائين وڃايون ٿا، جنهن جو احساس اسان کي ڪونهي. ڊاڪٽر صاحب جي وفات اپريل 2011ع ۾ ٿي ۽ سندس دکدائڪ وڇوڙي تي گهڻا ئي ادبي ميڙاڪا ٿيا، پر سڀ کان يادگار ريفرنس ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل طرفان سڏايو ويو. ان ۾ امر جليل، سنڌي ۾ ڳالهايو، پر سراج صاحب جي انگريزي ۾ لکيل پنهنجي هڪ يادگار Obituary (شرڌانجلي) ڊاڪٽر بلوچ تي اهڙي انداز ۾ پيش ڪئي ڄڻ افلاطون پنهنجي استاد محترم سقراط جي جيون ڪٿا جي باري ۾ خراج عقيدت پيش ڪري رهيو هجي. اهڙي تقرير مون گهڻي وقت کان پوءِ ٻڌي هئي ۽ مون کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ ڊاڪٽر بلوچ جو روح اسان حاضرين سان گڏ پٺيان ويٺل هجي. سراج صاحب کي انگريزي ادب ۽ ٻولي تي مڪمل دسترس (Command) هو. هن جي انگريزي رواني محمد ابرهيم جويو صاحب جي معيار جي هئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اڪثر چوندو رهندو هو ته اسان کي انگريزي ۾ لکڻ گهرجي ڇاڪاڻ تها سان جي شناخت بيشڪ مادري سنڌي ۾ آهي، پر اسان کي قومي ۽ بين الاقوامي مڃتا انگريزي ٻولي ۾ ملندي. هاڻي اقبال، غالب، مير تقي مير، ٽيگور، رُومي ۽ خليل جبران انگريزي جا حوالا آهن.

سراج صاحب جي ڪهاڻين ۽ ناولن تي ٻين دوستن لکيو آهي ۽ لکندا رهندا. پر مان فقط اهو چوندس ته تاريخي کي Narrate طرو پيش ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. ارغونن جي دور تي ڇو لکيائين ۽ حُر جي تحريڪ کي ڇو نظرانداز ڪيئين؟ اهي اهڙا سوال آهن ته ڄڻ شيڪسپيئر (Shakespeare) کان پڇجي ته هن Juliat Romeo تي ڇو لکيو (جيڪي اطالوي عاشق معشوق هئا) ۽ انگريزي يا آئرش جوڙن کي ڇو نظرانداز ڪيائين؟ جن جا انيڪ قصا انگريزي لوڪ ادب ۾ کوڙ آهن. اديب جو موضوع Subject (مضمون) هن جي ذاتي(Subjective) پسند تي هوندو آهي. مان سمجهان ٿو ته پير حسام الدين راشدي جي تجويز تي ئي ”پڙاڏو سوئي سڏ“ لکيو ويو هوندو. باقي ”حُر تحريڪ“ بابت واقعي اڃا به گهٽ ادبي Fiction لکيو ويو آهي، جنهن ج ڪارڻ سياسي جانبداري سبب به آهن. سرفروش حُرن جي تاريخ تي لکڻ وارا شايد اُن اصل مواد تائين رسائي ڪري نه سگهيا آهن ۽ Genuineفڪشن ۾ ناول نگاري هونئن به هاڻ اسان وٽ هڪ Dying Art (مرندڙ فن) آهي. سراج جي منظرنگاري ۽ ٻولي جي سٽاءُ (Diction) تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر اڄ مان فقط سراج جي بحيثيت هڪ  Cultural مُهذب ۽ سلڇڻي انسان هجڻ بابت ئي لکندس. سندس گهٽ ڳالهائڻ ۽ توريل تڪيل گفتگو، نشست برخواست، منطقي ۽ عقلي (Logical and Rational) انداز، اخباري صهافت ۾ جدت (Innovation) ۽ نواڻ ۽ عام Routine انداز کان هٽي اداريه نويسي، ڪافي ڏکئي وقت (Martial Law) ۾ پيپلز پارٽي جي پاليسي کي عوامي انداز ۾ تز ۽ ٺيٺ ٻولي ۾ پيش ڪرڻ اڃا اهڙا موضوع آهن، جيڪي متنازعه ته آهن پر مُنفرد ۽ دلپذير پڻ آهن. سراج جي بهترين وڪالت ۽ قانونداني جي هاڪ ۽ ساک ڪراچي جي هاءِ ڪورٽ ۾ بلڪل مڃيل هئي. هو خاص طرح سان انڪم ٽيڪس قانون ۾ ڀڙ هو، پر اُنس ان گڏ عوامي هلچلن ۾ غريب ۽ مظلوم ڪارڪنن جي مفت قانوني مدد ڪرڻ ۽ انهن کي بغير ڪنن اُجوري جي Dictation ٺاهي ڏيندو هو ۽ اهو بغير ڪنهن مشهوري ۽ خاموشي سان. اهڙين وصفون اسان مان هاڻ نڪرنديون وڃن. سراج جو پنهنجي خاندان لاءِ پيار ۽ خاص طرح سان پيارين ڀيڻن جي پڙهائي لاءِ، جتي اهڙا موضوع آهن، جنهن تي ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين جو، سراج جي وفات تي حيدرآباد ۾ پڙهيل Moving مضمون ٻڌي مان ٿوري دير لاءِ الائي ڪهڙي عالم لاهوت ۾ پهچي ويس، سندس ڏسڪن وارا رنجور جُملا ٻڌي، بيحد ڏک ۽ رنج ٿيو ۽ احساس ٿيو ته سراج ڀائرن ۽ ڀينرن کي هڪ شفيق پيءُ جيان پاليو ۽ نپايو تاتيو هو. هن بابت ان ريفرنس ۾ پيش ڪيل دل تي اٿر ڪندڙ خيال ٻڌي، اهو به احساس ٿيو ته ڪيترو نه خوش نصيب انسان ۽ شفيق پيءُ، ڀاءُ، سراج صاحب هو، جنهن کي اهڙي پيار ڪندڙ فيملي ملي آهي. سندس لائق فرزند ڊاڪٽر امجد سراج کي ڏسي ٻڌي ڏاڍو سڪون مليو ته واقعي سراج پنهنجي چمن جي آبياري پنهنجي رَتُ ۽ سَتَ سان ڪئي آهي. ڪجهه ڏينهن پوءِ ”سراج ۽ سنڌي ٻولي“ واري سيمينار جي رپورٽ پڙهي اهو خيال ٿيو ته ڇا سراج کي خياج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ٻين بزرگن جي لاءِ احترام کي وساري ائين ڳالهائجي؟ جيڪڏهن بقول محسن جويو جي اصل ۾ اهڙي ڪابه گفتگو نه ٿي هئي ته پوءِ قابل مقرر کي اهڙي وضاحت ڪرڻ گهجي ها. ڊاڪٽر بلوچ جي حياتي ۾ ڪافي دوست سندس متعلق رکي رکي ”عجيب رمارڪس“ ڏيندا رهيا هئا، پر ڊاڪٽر صاحب ۾ درگذر، عفو ۽ برداشت جو جذبو ۽ حوصلو تمام گهڻو هوندو هو. سراج صاحب به درگذر، برداشت ۽ سهپ جي وصفن واري زندگي گذاري. هلال پاڪستان جي دور ۾ صحافين سان ڪيئن گذاريائين، انهي متعقل اسلم آزاد ٻڌائيندو آهي ته هن ڪڏهن به ورڪر يا صحافي کي ڪڏهن به اردلي يا پٽيوالي جي معرفت ڪونه گهرايو، جنهن ۾ ڪم هوندو هئس، پاڻ خود وڃي انهي جي ميز تي هن سان ڳالهائيندو هو. سندس ادارتي زور ٺيٺ سنڌي لکڻ تي هوندو هو ۽ ان جي ڪري هلال پاڪستان جي زبان هاڻ به هڪ Standard معياري حوالي طور تي پيش ڪئي وڃي ٿي.

سراج جا ڪجهه اداريه (Editorial) مون کي ذاتي طرح ڪونه وڻيا ۽ ان جو برملا اظهار مون حيدرآباد جي SLA واري ادبي ريفرنس ۾ ڪيو هو. خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي واريConvocation 1973 کان پوءِ جيڪا سخت زبان استعمال ڪئي هئائين! پارٽي پاليسين جي ڪري ڪجهه متنازع (Controversial) فيصلن جي تائيد ڪندو رهيو.

هاڻ موجوده دور واري سرڪار ۾ ته هو بلڪل هلي نه سگهي ها ۽ اڳ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دوستي ڪري، تمام ڏکئي دور ۾ اخبار کي صحيح دڳ تي هلائيندو رهيو. امر جليل جهڙي ڪالم نگار کي Discover (ڳولهي) ڪري ڄڻ سنڌي صحافت کي پنهنجو ابراهيم جليس ۽ مجيد لاهوري ڏنائين. اردو ۾ فڪاهيه ڪالم ته 19 صديءَ کان هلندو اچي، اسان وٽ هاڻ مزاحيه ڪالم نويسي ’دُشنام نويسي‘ (گارگند) ۽ بداخلاقي جي درجي تي وڃي پهتي آهي. جتي ذاتيات، هجو ۽ ٽوڪبازي جا به بدترين نمونا ڏسجڻ ۾ اچن ٿا. سراج بحيٿيت ايڊيٽر، ٻولي جو مان مٿانهون ڪيو هو. هو هڪ شانائتو انسان هو ۽ اهڙا ماڻهو واقعي روز روز پيدا ڪونه ٿيندا آهن. سراج روشن چراغ هو!

 

سدا اُڀريا سنڌ ۾، آنديءَ جئن انسان

مدد علي سنڌي

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، ناولسٽ، محقق، صحافي ۽ ’سنڌي ٻولي‘ جهڙي شاندار ڪتاب جو ليکڪ، محترم سراج الحق ميمڻ، اسان جي لاءِ سدائين ’سراج صاحب‘ ئي رهيو، سندس طبيعت  ۾ انتهائي ڳنڀيرتا شامل هئي، شايد اهو ئي ڪارڻ هو، جو هو گهڻن ماڻهن سان ويجهڙائپ نه رکي سگهيو، پر ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سراج صاحب کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان هڪ عشق هو، اهو عشق هن ۾ شروع کان وٺي هو، ٿي سگهي ٿو ان عشق جي وڻ کي مٿي اڀارڻ ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جهڙي بڙ جي گهاٽي وڻ جي ڇانو نصيب ٿي، جنهن جي ڪري سندس سنڌ جو عشق وڌي وڻ ٿيو هجي، پر ادب جي خوشبوءِ ته سراج صاحب کي پنهنجي والد مرحوم محمد يعقوب ميمڻ ’نياز‘ کان حاصل ٿي، مرحوم محمد يعقوب پاڻ هڪ وڏو تعليم دان، ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو هو، حافظ شيرازيءَ جي ’ديوان حافظ‘ جو سنڌيءَ ۾ سندس ڪيل ترجمو ثابت ڪري ٿو، ته کيس سنڌي ۽ فارسيءَ تي هڪ ئي وقت مڪمل عبور حاصل هو، اهڙي علم پرور ۽ علم دوست والد جو ساٿ کيس سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ڏانهن ڇڪي آيو، سال 1933 جي 24 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ سراج صاحب جو اسٽار لبرا هو، يعني ميزان، اهو اسٽار رکندڙ شخص انتهائي ماٺيڻو ۽ انصاف پسند پر شرميلو به هوندو آهي، حيدرآباد جي مشهور نور محمد هاءِ اسڪول مان جڏهن هن ميٽرڪ پاس ڪئي ته ان وقت  ساڻس گڏ مظهر الحق صديقي ۽ اڳوڻو نگران وڏو وزير رٽائرڊ جسٽس عبدالقادر هاليپوٽو سندس هم ڪلاسي هوندا هئا، ان وقت ميٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي، جتان هن ميٽرڪ جي امتحان ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي، 1953ع ۾ هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جهڙي علمي اداري ۾ اچي ملازمت ڪئي، 1955ع ۾ محمد ابراهيم جويي کيس بورڊ ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي مقرر ڪيو، ان وقت سنڌي ادبي بورڊ سائين جي.ايم.سيد، سيد ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر شمس العلماءِ عمر دائود پوٽي، پير علي محمد شاهه راشدي، پير صاحب حسام الدين شاهه راشدي، جهڙن عالمن جي سهڪار سان هلندڙ هو، 1957ع ۾ هن سي.ايس.ايس.پي جو امتحان ڏنو، ۽ بورڊ کي خير آباد چئي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي، پر ان نوڪريءَ دوران به هن سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ساٿ ڪڏهن به نه ڇڏيو، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي هن هڪ شاندار ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ لکي 1964ع ۾ شايع ڪرايائين، هن جو موقف هو ته سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي ڄائي ڪانهي، بلڪ سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ جي پراڻي ٻولي آهي، جنهن جي هڪ جداگانه حيثيت آهي، اهو وقت ڏاڍو ڏکيو هو، ڇاڪاڻ ته ڪن ماهرن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي ڄائي آهي ته ٻيا واري ان کي ڇڪي وڃي عربن سان ملائيندا هئا، هڪ ئي وقت اُن ڪتاب جي حمايت ۽ مخالفت شروع ٿي ويئي، خصوصي طور تي ڀارت ۾ رهندڙ هڪ سنڌي اديب ۽ لسانيات جي ماهر گنگارام سمراٽ اُن ڪتاب تي ڏاڍي ڇتي ۽ بيرحماڻي تنقيد ڪئي، اهو مضمون حيدرآباد جي مشهور ’سهڻي‘ مئگزين ۾ محترم طارق اشرف شايع ڪيو هو، نتيجي ۾ سراج الحق ميمڻ، مشهور قومي رسالي ’روح رهاڻ‘ ۾ ان جو مدلل جواب ڏنو، ٻئي طرف سنڌ جي ترقي پسند فڪر سان تعلق رکندڙ اديب سراج صاحب جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهي آيا، گنگارام سمراٽ ڇاڪاڻ اصل سن جو رهواسي هو، ان ڪري سائين جي.ايم.سيد پنهنجي ڳوٺائيءَ کي هڪ خط لکي ميار ڏني، ته سراج سنڌي ٻوليءَ جو نوجوان محقق آهي، اوهان کي اُن تي اِن قسم جي تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپندو هو، گنگارام سمراٽ جواب ۾ جيڪو خط لکيو آهي، اهو سيد صاحب جي خطن واري ڪتاب ’اڄ پڻ چڪيم چاڪ‘ ۾ شامل آهي، ان مان اوهين اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سائين جي.ايم.سيد جهڙا ماڻهو سراج سان ڪيڏي نه محبت ڪندا هئا،

ساڳئي وقت هن 1969ع ڌاري هڪ ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ لکيو، اهو ناول سنڌ جي تاريخ جي پس منظر ۾ لکيو ويو هو، ان وقت سنڌ ون يونٽ جي زنجير ۾ جڪڙيل هئي، ان ناول کي جيتوڻيڪ ڪن ليکڪن نعريبازي قرار ڏنو، پر سنڌ جي نوجوان نسل ۾ اهو ناول ڏاڍو مشهور ٿيو.

1972ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سراج صاحب کي سيد قمر الزمان شاهه جي صلاح سان روزاني هلال پاڪستان ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو، پهرين مئي 1972ع کان ڪراچيءَ مان نئين رنگ ۽ ڍنگ سان هڪ جديد سنڌي اخبار هلال پاڪستان جو بنياد سراج صاحب جي هٿن سان پيو، يقيناً ان ڳالهه کان ڪوئي شخص انڪار نه ڪري سگهندو ته سراج صاحب، جي ايڊيٽر شپ ۾ نڪتل روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، سنڌي صحافت ۾ هڪ نئون انداز، هڪ نئون موڙ هئي، ان اخبار سنڌي ٻوليءَ جا اصلوڪا لفظ ڪتب آندا، گرامر جو خصوصي طور خيال رکيو ويندو هو، تنهن کان سواءِ اعليٰ قسم جي پروف ريڊنگ جو رواج به سراج صاحب هلال پاڪستان ۾ وڌو. ساڳئي وقت ان وقت جي مشهور اديبن جهڙوڪ امر جليل ۽ قمر شهباز کان ڪالم لکرائي، کين معاوضو ڏيڻ جو رواج به سراج صاحب وڌو، نه رڳو اهو بلڪ ان وقت کان وٺي اخبار جي وڪري ٿيڻ تائين هلال پاڪستان واحد اخبار هئي، جنهن ۾ ورڪرس کي ويج بورڊ پگهارون ملنديون هيون. 1977ع جي مارشل لا کان پوءِ علي احمد بروهيءَ، هلال پاڪستان ۽ ان جي پيپلز فائونڊيشن کي مارشل لا وارن جي حڪومت جي حوالي ڪرائي ڇڏيو ۽ پاڻ شيخ سلطان ٽرسٽ (پيپلز فائونڊيشن) جو ايڊيشنل ايڊمنسٽريٽر ٿي سراج صاحب کي مجبور ڪيو ته هو مارشل لا جي فرمانبرداري ڪري. پر سراج صاحب استعيفا ڏني ۽ اخبار کي الوداع ڪري ويو، شايد گهٽ ماڻهن کي ان ڳالهه جي خبر هوندي ته هلال پاڪستان کي ان وقت جيڪا جديد آفيسٽ پرنٽنگ مشين هئي، اها جنگ اخبار وٽ به بعد ۾ آئي، اهو سمورو ڪم سراج صاحب جي صلاح سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سرانجام ڏنو هو، ساڳئي وقت شهيد ڀٽي، پيپلز فائونڊيشن کي سول لائينس ۾، پي آءِ ڊي سي بلڊنگ ڪراچيءَ وٽ ٻه شاهي پلاٽ به ڏنا، جن ۾ اها جديد پريس لڳل هئي، ٻن بلڊنگن جي ان وقت به مسواڙ اداري کي لکين رپيا ملندي هئي، پر بروهي صاحب 1992ع جي آخر ڌاري اها جديد مشين وڪڻي، اخبار ورڪرس کي وڪڻي ڇڏي، ان سموري ڳالهه تي سراج صاحب ڏاڍو ڏک ظاهر ڪندو هو.

سراج صاحب بنيادي طور تي هڪ اصول پرست اديب هو، شيخ اياز سان سندس دلي قرب هوندو هو، منهنجي ذاتي ڏيٺ ويٺ سراج صاحب سان نومبر 1970ع ۾ ٿي، شيخ اياز فاران هوٽل ۾ رهيل هجي، اتي اوچتو سراج صاحب اچي نڪتو. سندس بهترين پوشاڪ يعني ٿري پيس فل سوٽ ۾ هو وڏي رعب ۽ تاب وارو شخص ٿي اچي اسان جي سامهون بيٺو. وات ۾ خوشبودار تماڪ سان پريل پائيپ، اياز منهنجي واقفيت ساڻس ڪرائي، يڪدم چوڻ لڳو، ”نوجوان، اڳتي قدم بند ڪري ڇڏيئي ڇا؟“ ته سمجهي ويس ته هن منهنجو رسالو اڳتي قدم جو پهريون پرچو پڙهيو آهي، وڌيڪ مون سان ڪو نه ڳالهايائين، اياز سان ڪچهري ڪري رهيو هو.

بعد ۾ ساڻس جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي، ته عزت ۽ محبت سان ملندو هو، 1990ع ۾ آءٌ جڏهن روزاني هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر ٿيس ته پاڻ مون کي فون ڪري مبارڪ ڏيندي چوڻ لڳو ته ’خبرداريءَ سان اخبار کي هلائجان.‘

پوءِ هو مون کي لائونج ۾ ٺهيل هاليڊي ان اسلام آباد هوٽل جي جيسميين ڪافي شاپ ۾ وٺي ويو، اتي ڪافيءَ جو آرڊر ڏيئي پاڻ پائيپ ڇڪڻ لڳو، مون کي ان وقت هو ڏاڍو اداس لڳو، ٻاهر شيشي جي دريءَ مان شام جي مهل ان مهل وسندڙ برسات کي ڏاڍي غور سان ڏسي رهيو هو، جڏهن ڪافي پي اسان اٿياسين ته هن بل جي پيمينٽ ڪري ڇڏي، اها ٻي ڳالهه هئي ته اسان هوٽل ۾ حڪومت جا گيسٽ هئاسين، پر سندس خوددار طبيعت جي ڪري هن بل تي صحيح ڪرڻ بدران پنهنجي کيسي مان بل ڀري ڇڏيو ۽ مون کي خدا حافظ چئي واپس پنهنجي روم ۾ هليو ويو.

ساڻس آخري ملاقات پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ گذريل سال ٿي هئي، ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان سڏايل ’شاهه لطيف ڪانفرنس‘ جي هڪ سيشن ۾ پاڻ آيو هو، ملاقات ٿي، ته مان پاڻ ساڻس جهڪي وڃي مليس، چوڻ لڳو، ”مدد! تو ربانيءَ تي ڏاڍو سٺو مضمون لکيو آهي، در اصل لکڻ ته مون کي کپندو هو، پر تو سٺو نڀايو آهي، تو منهنجي ادبي بورڊ مان ڇڏڻ واري تاريخ ۽ سال لکي ڇڏيو، مون کي ڏاڍي حيرت ٿي ته تو اهو مواد ڪٿان هٿ ڪيو؟“

مون سندس ٿورو مڃيندي محسوس ڪيو ته سراج صاحب سنڌي ادب کي باقاعدگيءَ سان پڙهي رهيو آهي، هن ڌرتي، هن ٻولي ۽ هن مظلوم قوم سان ڪيل پنهنجو وچن آخري دم تائين قائم رکيو. وفات کان اڳ ۾ سندس ٻه لکيل انگريزي ڪتاب:

1) History of Sindhi Language

2) Biography of an Unknown Sindhi

سندس انهيءَ وچن ۽ ڪمٽمينٽ جو اظهار آهن، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي آسمان تي، هو ٻين ڪيترن ستارن وانگر چمڪندو رهندو، سندس ٻيا تارا ’مرڻ مون  سين آءُ‘، ’منهنجي دنيا مرگهه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيکل وياڪل‘، سندس لکيل ڪهاڻيون، مضمون، ۽ ’سنڌي ٻولي‘ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهن، اڄ شيخ اياز جي هنن لفظن ۾ اسين کيس ياد ڪري رهيا آهيون.

سدا اڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان،

وڙهندي مڙس مهان، مٽيءَ منجهه سمائيا!

(اياز)

سراج جو جديد سنڌي صحافت ۾ ڪردار

جي.اين مغل

سائين سراج الحق ميمڻ اديب هو، بيورو ڪريٽ هو، زبان جو ماهر هو ۽ صحافي به هو. اڄوڪي مضمون ۾ اسين گهڻو ڪري سنڌي صحافت ۾ سندس ڪردار جو ذڪر ڪنداسين. سراج صاحب صحافت پيپلز پارٽيءَ طرفان ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ ترجمان اخبار ”هلال پاڪستان“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ شروع ڪئي. هلال پاڪستان جي ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ کان اڳ سراج صاحب جو شايد باقاعدي صحافت جي پيشي سان ڪو تعلق نه رهيو هو، پر جنهن ڏينهن کان هن هلال پاڪستان جي ايڊيٽري سنڀالي، ڪڏهن به ڪنهن کي به اهو احساس نه ٿيو ته هلال پاڪستان جي چارج ڪنهن اڌو گابري صحافيءَ وٽ آهي. ان جي برعڪس جنهن به هلال پاڪستان پڙهي ته محسوس ڪيائين ته سندس هٿن ۾ سنڌي زبان جي هڪ اهڙي اخبار آهي، جنهن ۾ صحافت جي مڙني معيارن جو خيال رکيو ويو آهي.

سراج صاحب جيترو وقت به هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهيو، هلال پاڪستان نه فقط پاڪستان جي بهترين اخبارن ۾ شمار ٿيندي رهي، پر سندس ايڊيٽر شپ ۾ هلال پاڪستان سنڌ جي زبردست خدمت ڪئي. سنڌ جو اهڙو ڪهڙو اشو هوندو، جنهن تي هلالپاڪستان مڪمل جامع حقيقت ۽ بيباڪ موقف نه پيش ڪيو هجي. حالانڪه هلال پاڪستان حڪمران پارٽيءَ جي ترجمان اخبار هئي، پر ان سموري عرصي ۾ نه هلال پاڪستان سنڌ جي مفادن کي نظرانداز ڪيو ۽ نه حڪمران پارٽيءَ، ڪڏهن ان قسم جي ادارين، خبرن، اسٽوريز ۽ ٻئي مواد تي اعتراض ڪيو. جن به سراج صاحب سان هلال پاڪستان ۾ ڪم ڪيو آهي، اهي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ته هو هڪ انتهائي سنجيده شخصيت هو. نه هن جي لکڻين مان ۽ نه هن جي رويي مان ڪڏهن غير سنجيدگي لڳندي هئي. هلال پاڪستان جو ايڊيٽوريل سراج صاحب پاڻ لکندو هو. اهي ايڊيٽوريل، جتي سنڌ جي اشوز تي هوندا هئا ته اتي ٻين قومي اشوز، بين الاقوامي اشوز ۽ اقتصادي اشوز تي هوندا هئا. اها ڳالهه به پوري ذميداريءَ مان چئي سگهجي ٿي ته سراج صاحب جو لکيل ڪو به ايڊيٽوريل هلڪو نه هوندو هو. ان ۾ مضبوط انداز ۾ موقف به رکيل هوندو هو ته ان ۾ واسطيدار انگ اکر به هوندا هئا. شايد تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته سراج صاحب اقتصاديات جو به ماهر هو. اقتصاديات هن جو پسنديده مضمون هو. سراج جي ادارت ۾ نڪرندڙ اخبار هلال پاڪستان، هر لحاظ کان مڪمل اخبار هئي. اخبار ۾ خبرون، ايڊيٽوريل قطعا، مزاحيه ڪالم، سياسي ۽ اقتصادي موضوعن وارن ڪالمن کان سواءِ هفتي دوران ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪو نه ڪو خاص صفحو به شايع ٿيندو هو. انهن ۾ خاص عورتن جو صفحو ’سگهڙين سٿ‘ تمام مشهور هوندو هو، جيڪو سندس همشيره ادي فهميده حسين جي ادارت ۾ نڪرندو هو. ان کان سواءِ پورهيتن، هارين ۽ شاگردن جا صفحا به هر هفتي شايع ٿيندا هئا. ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هر صفحو پنهنجن پڙهندڙن ۾ ڏاڍو مقبول هوندو هو.

اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل نه آهي ته سراج صاحب زبان جو به ماهر هو. سراج صاحب جي ان صلاحيت جو هلال پاڪستان ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ زبان تي تمام زبردست اثر پيو. سراج صاحب جون هدايتون هونديون ته هروڀرو انگريزي ۽ اردو لفظ استعمال نه ڪيا وڃن، جن جا نعم البدل سنڌي لفظ موجود آهن. اهڙي طرح، هلال پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي، ٻين سنڌي اخبارن ۾ به استعمال ٿيڻ لڳي. ان جو هڪ سٺو اثر پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ سنڌي خبرن جي معيار تي به پيو. ڪجهه هيئن ٿيو ته جيڪا ٽيم ڪراچي ٽيليويزن سينٽر تي سنڌي خبرون لکڻ جي انچارج هئي، اها هلال پاڪستان جي تيار ڪيل ٽيم هئي، جنهن ۾ خاص طور محترم انور پيرزادي، محمد خان سيال ۽ ٻين اهڙن دوستن جا نالا وٺي سگهجن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن سراج صاحب هلال پاڪستان کان ڌار ٿيو ته نه فقط ٻين سنڌي اخبارن، پر خود هلال پاڪستان مان به سراج صاحب واري سنڌي گهڻي حد تائين ناپيد ٿي وئي. اهو سراج صاحب جو ڪريڊٽ آهي ته هن ڪجهه ممتاز بين الاقوامي سياسي ٽرمنالاجي ۽ معاشي ٽرمس جا اهڙا نعم البدل ٺيٺ سنڌي لفظ ايجاد ڪيا، جن کي نه فقط سنڌي اخبارن ۽ سنڌي اخبارن جي قارئين، پر سنڌي زبان جي ماهرن به قبول ڪيو. ان سلسلي ۾ مون کي هن وقت هڪ، ٻه مثال ياد اچن ٿا. مثال طور، ان وقت فرانس جو صدر ڊيگال هو. ڊيگال ڪئين اهم بين الاقوامي اصطلاح سامهون آندا. ان وقت بين الاقوامي ٽڪراءُ کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ لاءِ هن جيڪو لفظ ڪم آندو، ان کي ’مئسلا ديتان‘ چيو ويندو هو. اهو فرينچ لفظ هو، پر انگريزي زبان کي اهو فرينج لفظ پنهنجو ڪرڻو پيو. اهڙي طرح اردو پريس به لفظ ’ديتان‘ استعمال ڪندي هئي، پر سراج صاحب فرينچ لفظ ’اديتان‘ لاءِ نج سنڌي لفظ ’سرچاءُ‘ استعمال ڪيو ۽ ڪيتري عرصي تائين نه فقط هلال پاڪستان مگر اڪثر سنڌي اخبارون ’ديتان‘ لاءِ سرچاءُ استعمال ڪنديون هيون. اهڙي طرح اقتصاديات جو هڪ ٽرم آهي، جنهن لاءِ پڻ سراج صاحب ٽرم ’ناڻي جي واڌ‘ استعمال ڪيو ۽ ڪيتري وقت تائين اهو ٽرم سنڌي اخبارن ۾ استعمال ٿيندو رهيو.

سراج صاحب، زبان جي ماهر هئڻ جي حيثيت ۾ ان راءِ جو هو ته سنڌي زبان موجوده رسم الفظ بدران رومن رسم الفظ ۾ لکي وڃي. ان سلسلي ۾ هن هلال پاڪستان ۾ ان حوالي سان ڪئين جامع ڪالم لکيا. پر آخرڪار سراج صاحب ان بابت وڌيڪ لکڻ ڇڏي ڏنو. شايد ان جو هڪ سبب اهو هو ته سندس ڪيترن همعصر سنڌي دانشورن ۽ زبان جي ماهرن به سراج صاحب سان اتفاق نه ڪيو. هنن جو موقف هو ته موجوده رسم الحظ ۾ ايترو سندن  لٽريچر جو خزانو ڦهليل آهي، جيڪو سڄي جو سڄو رومن اسم الحظ ۾ منتقل نه ٿي سگهندو ۽ اهڙي طرح سنڌي زبان کي نقصان پهچي سگهي ٿو. منهنجو خيال آهي ته رومن رسم الخط ۾ سنڌي لکڻ واري سراج صاحب جو خاص طور اهو موقف هو ته جيڪڏهن سڀ سنڌي پوءِ ڀلي دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ هجي رومن رسم الحفظ استعمال ڪرڻ سان سنڌي زبان به ختم نه ٿيندي ۽ پاڪستان، هندستان توڙي دنيا جي هر حصي ۾ رهندڙ سنڌي قوم متحده ٿي سگهي ٿي.

سراج صاحب جي حوالي کان منهنجون ڪجهه ذاتي ساروڻيون ڪنهن حد تائين دلچسپ آهن، جن مان هن جي وڏائي بکي ٿي. هلال پاڪستان ۾ رپورٽرن ۽ ايڊيٽرن جي ڀرتيءَ لاءِ هلال ۾ اشتهار شايع ٿيا. مون به رپورٽر بڻجڻ لاءِ درخواست ڏني، سراج صاحب مڙني درخواست ڏيندڙن کان لکت ۾ ٽيسٽ ورتي، جيڪا سي ايس پي واري معيار واري هئي. جيڪي ان ۾ پاس ٿيا انهن کان زباني امتحان ورتو ويو. زباني امتحان ڏيڻ لاءِ جڏهن آءٌ سراج صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته سراج صاحب مون کي سامهون صوفا سيٽ تي ويهڻ جي لاءِ چيو. مون ڏٺو ته سندس هٿ ۾ مون وارو ٽيسٽ جو لکيل پيپر هو. سراج صاحب چيو ته تو سٺو لکيو آهي پر مون کي يقين آهي ته تون گهڻو وقت صحافت ۾ نه رهندين، تو جهڙا ماڻهو جلد سٺي جاب ملڻ تي صحافت ڇڏي ويندا، جڏهن ته صحافت کي تو جهڙن سنڌي صحافين جي ضرورت آهي. مون چيو ته ”نه سائين! آءٌ صحافت نه ڇڏيندس.“ چيائين ”وعدو ڪر ته صحافت نه ڇڏيندين.“ مون چيو ”وعدو“. مون هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر طور ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هلال پاڪستان ۾ انٽرويو ڏيڻ کان 4 مهينا اڳ مون زرعي ترقياتي بئنڪ جي آفيسر جي لاءِ انٽرويو ڏنو هو. مون کي اها ڳالهه وسري وئي. هڪ ڏينهن مون کي ليٽر مليو جنهن ۾ چيو ويو هو ته توکي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي، تون ٻن هفتن اندر فيصل آباد واري تربيتي اداري ۾ رپورٽ ڪر جتي توکي ڪجهه مهينن لاءِ ٽريننگ ڏني ويندي، آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس. مون کي اها ڳالهه وسري وئي ته هلال پاڪستان ۾ مقرريءَ وقت مون سراج صاحب سان ڪهڙو وعدو ڪيو هو. آءٌ سراج صاحب جي ڪمري ۾ ويس ۽ مقرريءَ وارو ليٽر سندس ٽيبل تي رکندي چيم ته منهنجي زرعي ترقياتي بئنڪ ۾ بطور آفيسر مقرري ٿي وئي آهي. هاڻ مون کي اجازت ڏيو ته توهان کان موڪلايان. سراج صاحب مون ڏانهن گهوريندي چيو ته تون وڃڻ چاهين ٿو ته ڀلي وڃ، پر پنهنجو وعدو ياد اٿئي. مون کي سچ پچ پهرين ڪا به ڳالهه ياد نه آئي، پر پوءِ فوري طور سڄي ڳالهه ياد اچي وئي. آءٌ شرمسار ٿيندي اٿيس ۽ سندس ٽيبل تي رکيل مون وارو مقرري وارو ليٽر لفافي سوڌو کڻي سندس اڳيان ڦاڙي سندس ڀر ۾ پيل ڪچري واري دٻي ۾ وجهندي چيم ته سائين وعدو بلڪل ياد آهي. صحافت نه ڇڏيندس. آءٌ اڄ ڏينهن تائين جهڙو تهڙو صحافت سان جيڪو نڀائيندو اچان، ان جو ڪريڊٽ سراج صاحب کي ڏيان ٿو.

هڪڙي مرحلي تي اسان هلال پاڪستان جي ڪارڪنن يونين ٺاهي. ساڳئي وقت آءٌ ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جو جنرل سيڪريٽري به هيس. هلال واري يونين جو جيتوڻيڪ آءٌ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ هوس، پر يونين جي پويان جيڪي وڌيڪ متحرڪ هئا شايد انهن ۾ آءٌ پيش پيش هوس. اسان 100 مطالبن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊس ٺاهيو، جنهن تي انتظاميا سان مذاڪرات ٿيا. انتظاميا جي نمائندگي سراج صاحب ڪري رهيو. ٻئي طرف يونين جي مذاڪراتي ٽيم ۾ منهنجو اهم ڪردار هو. ان دور ۾ شايد سراج صاحب ۽ مون ۾ ڪي ناراضگيون به پيدا ٿيون، پر بعد ۾ جڏهن جنرل ضياءَ مارشل لا لڳائي، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪئي ته هلال پاڪستان کي به ڪراچيءَ جي آرمي ڪور ٽيڪ اوور ڪيو. ان دوران هڪ مرحلي تي اسان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي پليٽ فارمن تان سڄي ملڪ ۾ مارشل لا خلاف تحريڪ هلائي ۽ ڪراچيءَ ۾ صحافين طرفان گرفتاريون شروع ٿي ويون. پريس ڪلب ۾ جيڪي بک هڙتال تي ويٺا انهن ۾ آءٌ به شامل هوس. رات جو اسين گرفتار ٿي وياسين. پر ڪجهه ڏينهن دوران اسان کي آزاد ڪيو ويو ۽ مساوات ۽ هلال پاڪستان جي اشاعت بحال ٿي وئي. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ مون کي ساٿين ٻڌايو ته توهان جي جيل ۾ هئڻ دوران ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ احتجاجي ميڙاڪي ۾ روزانو سراج صاحب خود شرڪت ڪندو هو ۽ چوندو هو ته مغل ۽ ٻيا ساٿي هليا ويا آهن ته هنن جي ايتري حد تائين اخلاقي حمايت ڪرڻ لازمي آهي. سراج صاحب اصول پرست هو. هن سڄي زندگي پنهنجي اصولن تي مفاهمت نه ڪئي. سراج صاحب صحافت ۾ منهنجو استاد آهي ۽ جيسين جان ۾ جان آهي سندس احترام ۾ ڪڏهن به ڪمي نه ايندي. ڪاش سنڌ ۾ سؤ ٻه سؤ سراج پيدا ٿي پون ته سنڌ ڪيترن ڏکن کان آجي ٿي پوي ۽ عروج واري زندگي گذارڻ لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org