سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: مخدوم نوح سرور رحه جا سهيوڳي

باب-1

صفحو :4

15- شيخ هوٿي لاکو: دشت باران جي بزرگن جي تحت هن جو ذڪر آيو آهي. سن ته هئڻ ڪري سندس سمر مقرر ڪري نٿو سگهجي، مگر ”ديل الذاڪرين“ جي هن روايت موجب مخدوم ساهڙ لنجار ۽ هي صاحب مخدوم نوح رحه وٽ گڏ حاضر هئا ۽ ڪلمي شريف جي ذڪر جي تلقين حاصل ڪئي هئائون. ان ڪري هي صاحب مخدوم نوح رحه جن جو همعصر آهي. تحفة الڪرام لکيو آهي ته ”وقت جي پيرن جي پير هو، اڪثر مٿي کان پيرن تائين ڳاڙهو لباس پهريندو هو. تيرڪمان هٿ  ۾ کڻندو هو، ۽ خانقاهن ۾ وجد ۽ سماع جي غلغلي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس مزار پُرانوار دشت جي ڪنڊ ۾ ساڪره جي ڪناري تي مورياڻي ڳوٺ ۾ الله وارن جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ آهي.“ سندس ٻه فرزند شيخ احمد ۽ شيخ محمد بيشمار ڪرامتن جا صاحب ٿي گذريا آهن. شيخ احمد الله پاڪ جي حضور ۾ پهتل، ۽ شيخ محمد سنڌ جي ناميارن بزرگن ۽ وڏن ۾ وڏن اوليائن مان آهي. سندس تربتون سندس والد بزرگوار جي ڀر ۾ آهن.

16- هارون مڱريو: هڪ وڏي درجي ۽ ڪافي ڪرامتن جو مالڪ ۽ درويش شيخ احمد ۽ شيخ محمد جن جو همعصر دشت ۽ تل جو رهاڪو هو. پاڻ ۾ محققانه ۽ عارفانه صحبتون ڪندا هئا.

17- شيخ ڪتين لاکو: هن صاحب جو ذڪر فقط هڪ تذڪري ”گلزار ابرار“ ۾ ملي ٿو. افسوس جو ٻيا سنڌ جا تذڪرا  هن بزرگ جي احوال ڏيڻ کان خاموش آهن. مذڪور تذڪري ۾ آيل آهي ته مخدوم بلاول رحه جو مريد هو. ترڪ دنيا ۾ ڪمال حاصل هوس. ايتري  حد تائين جو ظاهري ملامت نفس ڪري کيس روحاني لذت نصيب ٿيندي هئي.، جڏهن سندس جنازو قبر ۾ ٿي رکيائون، تڏهن ذڪر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

”جذبه ذڪر حق زبان گويا مباد“

3- سرڪار نصرپور جا مشائخ

        جيئن ته مخدوم نوح سرور رحه جو اقامتگاهه خواهه آرامگاهه هالا ڪنڊي آهي ۽ هالا ڪنڊي سرڪار نصرپور ۾ آهي؛ تيئن واجب آهي ته سرور سائين جو ذڪر خير پهرين آڻي، پوءِ ٻيا بزرگ آڻجن. معلوم هجي ته هي احوال مولانا غوثيءَ جي مشهور ڪتاب (گلزار ابرار) تان ورتل آهي، ۽ اڳ هي مواد سنڌ واسين سان روشناس ٿيل نه آهي. ملاحظه ڪجي:

        ”مخدوم نوح هالا ڪنڊيءَ وارا سنڌ جي بزرگ مشائخ مان آهن. مسيح القلوب (شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي ثم برهانپوري) کان روايت آهي ته سندس ڏاڏو شيخ يوسف رسمي علمن جي آغاز تحصيل ۾ سندس هم درس هو.  هڪ دفعي مخدوم صاحب تي جذبو طاري ٿيو. ۽ چند روز بعد سندن زبان ۾ قوت بيانيه پيدا ٿي وئي. باوجوديڪ علم نحو جي استعداد نه هئڻ ڪري قرآن شريف جو تفصيل ڪيترن ئي نمونن ۾ بيان ڪندا هئا. سنڌ خواهه ٺٽي جا اڪثراهل علم حضرات امتحان واسطي هر هڪ فن جي مشڪلات سندن سامهون پيش ڪندا هئا. پاڻ بي تامل هڪ روشن جواب سان سندن خدشات جي شورش دٻائي ڇڏيندا هئا. معترضن کي معتقد بنائي ڇڏيند اهئا. حڪيم عثمان بوبڪائيءَ کان روايت آهي ته مان هڪ ڏينهن مخدوم صاحب جي خدمت  ۾ حاضر ٿيس ۽ چاهيم ته علمي ڪمالات جي حصول جي دعا لاءِ التماس ڪريان. اڃا ضمير جي مخفي بات عبارت ۾ نه آئي ته پاڻ فرمايائون ته ”واتقو الله بعلمڪم“ ان وقت کان منهنجي اتقا ۽ علم ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. بعضي چون ٿا ته قرآن شريف جي معاني جي تعليم کين ”من عندالله“ هئي. بعض جو بيان آهي ته خواجه خضر کان ملي ۽ بغض روايتن مطابق هڪ بزرگ کان حاصل ڪيائون جو خراسان مان آيو هو.“

1- مخدوم مراد راهوٽي: هي صاحب مخدوم صدرالدين راهوٽي، جنهن جو ذڪر خير اڳ اچي  ويو آهي، جو فرزند هو، هي صاحب هڪ وڏو عالم ۽ نهايت پرهيزگار هو. هي حسن مقري (بانگي) درويش ڀاڻوٺيءَ جو همعصر هو. سندس اولاد مان قاضي منور مشهور ٿي گذريو آهي، جو شاهه عبدالڪريم بلڙي جي رشد و هدايت تي سلوڪ وارن جي سلسلي ۾ شامل ٿيو.

2- درويش حسن مقري: ڀاڻوٺ لڳ بلالي ڳوٺ ۾ هي بزرگ حسن ٻانگو مدفون آهي. هي به بلالي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، ۽ سيد حيدر شاهه سنائيءَ جو مريد هو، مخدوم صاحب نوح رحه وٽ به گهڻو ايندو ويندو هو. ”اصل واڍو هو، دل جي ڦرهيءَ کي صفائي جي رندي سان لسو ڪري، چٽي سينگاريو هئائين.“ چون ٿا ته هڪ طهارتخانو هوندو هوس ۽ جڏهين به وضو ڪرڻ لاءِ انهيءَ ۾ ويندو هو، تڏهين بيخود ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن ٻپهريءَ جي وقت ڪونرو کڻي وضو ڪرڻ ويٺو. هٿن تي پاڻي هارڻ ٿي گهريائين ته هوڏانهن ٻانگي ٻانگ شروع ڪئي، درويش بيخود ٿي ويو.  ورندي ٻئي ڏينهن جڏهين ٻانگي ساڳئي وقت جي ٻانگ شروع ڪئي تڏهين هوش ۾ اچي پڇيائين ته ”اڃا شايد ٻانگي ٻانگ پوري نه ڪئي آهي.“ ان ڪري کيس ”ٻانگو ڪري ٿا سڏين. مخدوم مراد ولد مخدوم صدرالدين  راهوٽي سندس همصعر به هو مگر عقيدتمند به.

3- مخدوم ساهڙ لنجار انڙپوري: هي صاحب به بلالي طريقي جو  مکيه طالب آهي. وڏو آزاد انسان ۽ وقت جي صالحن مان هو. سدائين عبادت ۾ مشغول رهندو هو. سندس مجلس ۾ دنيوي گفتگو ڪڏهين به ڪانه هلندي هئي. جنهن تي به توجه جي نظرڪندو هو، ته اهو  ولايت جي درجي کي وڃي رسندو هو. جڏهين به مٽيارين ۾ ايندو هو، تڏهن پير ڊگها ڪري نه سمهندو هو، ڇو ته چوندو هو ته چوطرف ساداتن جا گهر آهن. انڙپور جي ٽڪريءَ تي مدفون آهي. سندس فيض مان مير رڪن الدين متعلويءَ ڏاڍو پرايو. دليل الذاڪرين ۾ آيو آهي ته پنهنجي هڪ عزيز شيخ محمد ولد صديق فخريه حضرت نوح رحه جي لدني مرتبو معلوم ڪري، سروري حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ هوٿي لاکي سان گڏجي ڪلمي شريف جي ذڪر جي تلقين ورتائين.

4- شيخ فاضل شاه قريشي بڪيرائي. هي صاحب شيخ بهاﺂالدين ملتاني رحه جي اولاد مان سن 1000هه/1591ع کان مٿي ڪي سال گذريا ته سنڌ ۾ آيو ۽ اچي بڪيرن ۾ رهڻ لڳو. نهايت ڪامل بزرگ ۽ پنهنجي وقت جو ڪامل هو، پنهنجي نياڻي شيخ شهرالله کي ڏنائين، جنهن مان ٻه فرزند شاه سراج الدين ۽ شاهه قائم الدين ٿيا، ٻئي صاحب کي اولاد  ڪونه هو. تنهن ڪري پهرين صاحب جو اولاد  بڪيرن جي گاديءَ تي رهندو آيو. تحفة الڪرام مطابق شاه سراج الدين، شاه عنايت صوفيءَ جهوڪ واري سان گڏجي،  جهوڪ جي جنگ جي شروعات ڪئي هئي.

5- مخدوم اسماعيل سومرو اگهه ڪوٽي: گلاب لغاري تعلقي ماتلي جي متصل اگهاماڻي مقام  جو مڻيادار  مڻيو، مخدوم محمد اسماعيل سومرو هڪ وڏو ولي ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هي مقام جو  اڳي عربن جي آمد کان اڳ اگهم ڪوٽ مشهور هو، سو  هاڻي اگهاماڻي جي مقام“ جي نالي سان مشهور آهي ۽  قلعي جا ڦٽل نشان موجود آهن. هن ننڍپڻ کان وٺي سڄي عمر رياضت ۾ گذاريائين. تمام مالدار ۽ شاهوڪار هو. قسمين قسمين طعام ۽ نموني نموني جا شربت، طالب علمن ۽ مسافرن کي ڏيندو هو. مگر پاڻ جون جي ماني کائيندو هو. پاٽولي قوم سندس مريد آهي. سندن مجاور ”ميان صاحب“ آهن. جي جوڻ ۽ فتح باغ مان اگهاماڻي آيا. پاڻ سنه 998هه/1589ع ۾ وفات ڪيائون. سندس نياڻي به وڏي خدا رسيده هئي،. اگهاماڻيءَ جي بزرگن جو زياده احوال بندي جي اگهاماڻي واري مقالي ۾ ايندو. مولانا غوثي پنهنجي تذڪري ۾ هن صاحب جو احوال ڏيندي لکي ٿهو ته ”سندن خانقاه ڇا هئي؟ زاهدستان هو.“

6-  مخدوم صڌو موهيو: هڪ ناليرو عالم، وقت جو پرهيزگار بزرگ ۽ مخدوم اسماعيل جو دوست هو.

7- مخدوم عثمان: پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ مخدوم اسماعيل جو همعصر ۽ ڳوٺائي هو.

8-9 درويش دائود ۽ ميان همون: هر هڪ مخدوم اسماعيل سومري جو همعصر هو، هر هڪ جي مدرسي ۾ا ٽڪل پنج سو طالب قرآن شريف جي قرات ۽ درس ۾ مصروف رهندا هئا، جن جي خوراڪ ۽ پُشاڪ جو انتظام پنهنجي طرفان ڪنداهئا. مرزا باقي باوجود سخت بخيل هئڻ  جي، جيڪا به آبادي هي بزرگ ڪندا هئا، تنهن تان ڍل وغيره معاف ڪري ڇڏي هئي،. پاڻ جون جي ماني کائيندا هئا، ۽ لوڻ سان افطار ڪندا هئا. پنهنجي زمينن جي پيدائش، شاگردن ۽ مسڪينن تي خچ ڪندا هئا.

10- سيد للو متعلوي: سيد عبدالڪريم بلڙي واري جو والد بزرگوار آهي. پنهنجي وقت ۾ خدائي فيض جي پالوٽ جي جاءِ ۽ دائمي شهود جو سرچشمو هو. سندس مزار مٽيارين ۾ آهي. سندس وڏو فرزند سيد جلال هو، جو به روحاني جلال جو صاحب هو ۽ حال واري حالت ۾ شاهه عبدالڪريم رحه جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو.

11- سيد رڪن الدين: سيد صاحب مخدوم ساهڙ لنجار جو نوازيل متعلوي خاندان جي ”جرار پوٽه“ سيدن مان ٿي گذريو آهي. پاڻ هڪ دفعي وجد جي حالت ۾  چيو هئائين ته ”تيرن جي بٿي ڀريو ويٺو آهيان ۽ پيو ٿو هڻان. ڪن جي ڪنن کان ۽ ڪن جي منهن کان نڪرندا ٿا وڃن، پر ڪنهن کي سڌو تير ڪونه ٿو لڳي، جو ڪري پوي. هي تير جنهن کي به لڳندو ته اهڙو ڪرندو  جو وري نه اٿندو.“ سندس وفات جو پورو سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. مگر محترم جي ايم سيد پنهنجي تاليف ”پيغام لطيف“ ۾ سندس وفات جو زمانو 950هه/1543ع ۽ 980هه/1572ع جي وچ ڌاري ڄاڻائي ٿو.

12- درويش حسين سهار: سهار جي ڳوٺ جو رهاڪو اصل ڌوٻي، حال ۽ قال جو صاحب پيدا ٿيو هو. هو سيد عبدالڪريم بلڙي واري جو  همعصر هو.

13- درويش ڀنڀو سهار: سهار جي ڳوٺ جو هي بزرگ صاحب حال هو، سندس زمانو سيد عبدالڪريم بلڙي واري جي وقت کان ٿورو اڳ مخدوم نوح رحه جي وقت سان لڳ ڀڳ لڳي ٿو.

14- شيخ ابراهيم ريحاني: شيخ ريحان جهنگليءَ جي اولاد مان پنهنجي وقت جو صاحب هو، هڪ ڏينهن سيد علي شيرازي ٺٽويءَ جي زيارت لاءِ آيو. شاهه صاحب کي تسبيح هٿ ۾ هئي. هٿ ڏنائينس ته سيد صاحب چيس ته اوهان کي پڻ تسبيح هٿ ۾ آهي. وراڻايائين ته ”ڏٻري ۽ ضعيف گهوڙي لاءِ ته چهبڪ ضروري آهي، پر تازي ۽ تکو گهوڙو به چهبڪ کان سواءِ نٿو سونهين.“

15- درويش ونهيون چانهيو: وقت جو شيخ ۽ قال ۽ حال جو صاحب هو. وڏو ولي ٿي گذريو آهي. سندس ڪرامتون بيان کان ٻاهر آهن. سندس وفات جو سن  1001هه/1592ع آهي. سندس عربي  ماده ”مات في عشق“ آهي. ساڱري جي ڪناري تي ”تور ڪئي“ جي ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهي. جو هاڻي سندس نالي پٺيان ”ونهيي جو مقام“ ڪري ٿو سڏجي ۽ ٽنڊي آدم ۽ ٽنڊي الهيار روڊ تي واقع آهي. حديقة الاولياء کيس ”اويس ثاني“ ڪري ڪوٺيو آهي.

16- درويش لڌو: جن ماڻهن تي درويش ونهين جي نظر فيض اثر هئي، انهن مان  مکيه ماڻهو هو، مرشد جي توجه جي برڪت سان وڏي مرتبي کي پهچي ڪشف ۽ حضور جو صاحب ٿي پيو.

17- مولانا عباس: شيخ ونهيءَ جو هڪ خاص خادم هو، جو برگزيده روزگار، وڏي درجي وارو ۽ حال ۽ قال جو صاحب هوندو هو.

18- شيخ صڌو نهڙيو: هڪ وقت جو عارف ۽  پنهنجي  زماني جو بزرگ ۽ شيخ ونهيءَ جو همعصر هو.

19- مرزا شاهه حسن: سرڪار نصرپورجي بزرگن جو احوال هن علم نواز شخصيت تي ختم ڪجي ٿو، جو چنگيز خان جي اولاد مان آهي. مرزا شاهه حسن ”سپاهي“ بن شاه بيگ ارغون بن ذوالنون ارغون جو ڏاڏو ارغون خان پنجين پيڙهيءَ ۾ وڃي چنگيز خان  سان ملي ٿو. شروعات کان آخر تائين جيڪي به جنگيون ڪيائين تن ۾ سوڀارو رهيو. سن 896هه/1490 ۾ ڄائو هو. سال 921هه/1505 ۾ بابر بادشاهه جي بزرگ خدمت ۾ آيو ۽ ٻه سال اتي رهيو. بابر فرمائيندو هو ته ”شاهه حسن بيگ اسان جي ملازمت لاءِ نه آيو آهي.“ سن 927هه/1520ع ۾ سنڌ فتح ڪيائين ۽ 928هه/1521ع ۾ شاهه بيگ جي فوت ٿيڻ بعد نصرپور ۾ تخت تي ويهي، ”خطبو“ بابر بادشاهه جي نالي پڙهيو. 34 سال حڪومت ڪري 962هه/1554ع ۾ فوت ٿيو. سندس لاش مڪه شريف کڻي ويا. منقولي علمن ۾ وڏو ماهر هو ۽ ڪڏهين ڪڏهين شعر به چوندو هو. سندس تخلص ”سپاهي“ هو، عالمن، فاضلن ۽ سيدن جي ڏاڏڍي عزت ڪندو هو. سندس شعر جو نمونو ملاحظه ٿئي.

عــشقــت ڪه بــود مــايهء اربــــاب سلامت

ازوي نــبــود حــاصــل مـــاجــز به نــدامـــت

آن ڪــس ڪ به تيـــغ ستم عشق تو ميرد

نــبــود هـــوس زنـــدگــيش روز قــيــامــــت

اي شــاه تــو دربـــار گــه نـــاز مــقــيــمــــــي

مــا را بــسر ڪـــوئي نــيـــاز ســـت اقامت

پابوس سگت گر به ”سپاهي“ ند هد دست

تــا زنــده بــود مـــي گــزد انگــشت ندامت

4- سرڪار چاچڪان جا بزرگ

1- درويش حاجي سوڌو جوڻي: چاچڪن جي سرڪار جي هڪ ناليري پرڳڻي ”جوڻ“ جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ هو. هن صاحب مخدوم نوح رحه، اسماعيل جاڳي، سيد رڪن الدين ۽ شاهه عبدالڪريم جي صحبت مان فيض پرايو هو، گهڻا ماڻهو مريد هوندا هئس.

2- درويش موسيٰ جوڻي؛ جوڻ جي آسپاس ۾ رهندڙ ۽ سنڌ جو مشهور معروف ولي آهي. درويش بهاء الدين گودڙيو پهريائين هن جو مريد هو،. تنهن کان پوءِ مخدوم نوح رحه جي خدمت  مان فيض پرايائين.

3- مخدوم عبدالحميد بن مخدوم نورنگ سومرو: جوڻ جي سرزمين جي ڀٽي تعلقي جي ورياه ڳوٺ جو مکيه مخدوم بزرگ آهي. هن جو والد صاحب مخدوم نورنگ سومرو، هڪ  ڪامل پير هو. هي صاحب به وقت جي عارفن ۽ پرهيزگارن مان هڪ  هو، سندس فرزند رشيد مخدوم اسحاق مشهور عالم ۽ پرهيزگار هو. جنهن جو فرزند مخدوم رحمة الله اچي ٺٽي ۾ رهيو. سندس  فرزند مخدوم آدم به پنهنجي والد کان پوءِ درس تدريس ۾ مشهور ۽ معروف رهيو، جو مخدوم نوح رحه جي مريد مخدوم ابو مصطفيٰ جو همعصر هو ۽ مخدوم آدم جو فرزند مخدوم  رحمت الله وري مخدوم ابو مصطفيٰ جي فرزند مخدوم بايزيد جو شاگرد هو.

4- مخدوم الياس: شيخ  شهاب الدين سهروردي جي اولاد مان آهي. هو صاحب بزرگي جي خوبين ۽ برگزيدگي جي وصفن سان موصوف هو. آب داڻي جي ڪشش کان اچي هن صاحب ڳوٺ ورياه، پرڳڻي جوڻ ۾ رهي عمر سڳوري پوري ڪئي. سندس فرزند مخدوم عجائب ۽ سندس پوٽو مخدوم هارون هو، جنهن جو فرزند مکيه مخدوم ضياءُ الدين  آهي. جو سن 1090هه/1680ع ۾ ڄائو. هن حساب سان هي مخدوم الياس مخدوم صاحب نوح رحه جو همعصر ٿي سگهي ٿو.

5- مخدوم طوغاچي: هن بزرگ جي درگاه بدين جي الهندي طرف، گهڻي وقت کان عام ماڻهن جي زيارت گاهه آهي.

6- مخدوم صالح:  مخدوم طوغاچي جو مريد، وڏو ڪامل بزرگ هو. مخدوم طوغاچي جي مزار جي نزديڪ مدفون آهي. هن جو پٽ مخدوم يوسف ۽ پوٽو مخدوم عثمان مشهور ۽ معروف عالم هئا. مخدوم عثمان جو پٽ مخدوم عبدالرحيم شاهجهان جي پوين ڏينهن ۾ ٺٽي جي مفتيءَ جي عهدي تي سرفراز هو. ان حساب سان پڙڏاڏو مخدوم صالح مخدوم نوح رح جو همعصر ٿي سگهي ٿو.

7- حافظ دائود بدينوي: هڪ متبرڪ ملا بدين جا رهاڪو هو. سندس وفات سن 1030هه/1620ع ۾ ٿي، جا هن مصرع مان لڌي ويئي آهي. ”دائود بدين رفت بفردوس ابد“ مقالات الشعراء ۾ سندس سن وفات 1020هه/1610ع ۾ آيو آهي، مگر مصرع جو ابجد حساب ڪندي سال 1120هه/1708ع نڪري ٿو، جيڪڏهن سندس سن وفات پهريون سال آهي، ته پوءِ هي صاحب مخدوم نوح رحه جو همعصر ٿي سگهي ٿو، مگر جي پويون سال آهي ته پوءِ همعصر ٿي نٿو سگهي. سندس هيٺيون شعر مقالات الشعراء  ۾ آيل آهي.

ديــده انــدر راه وصلش بس ڪه باشد منتظر،

گر غباري خيزد ازروي زمين دانم ڪه اوست

8- شيخ موسيٰ بن مغل چاچڪ: شيخ ڀرڪئي  ڪاتيار جي مان ڪٺيءَ ۽ نامور همعصر شيخ مغل چاچڪ، جو مڪليءَ تي مدفون آهي. جو فرزند هو. پيءُ کان پوءِ گاديءَ تي ويهي وقت جي پرهيزگارن ۽ نامور بزرگن  ۾ شمار ٿيو. هميشه الله وارن جي خدمت لاءِ تيار رهندو هو. سندس قبر بدين جي جوڻ تعلقي جي هڪ ڳوٺ چاچڪن ۾ موجود آهي.

5- سرڪارچڪرهاله جا بزرگ

1- شيخ ريکن: شيخ ريحان جهنگلي جي اولاد مان هو ۽ شيخ اسماعيل جنهن جو ذڪر اڳي ئي آيو آهي، ان جي عزيزن مان هو. سندس تربت چڪرهاله ۾ خدا وارن جي زيارتگاهه ۽ پرهيزگارن جي مرجع آهي.

2- درويش راڄو ستيو دل: لُنڊن جي ڳوٺ رائدن ۽ ستيار جي پرڳڻي مان هڪ مجذوب مطلق  ۽ واصل باالله هو. هميشه خانه بدوش رهيو. سندس زبان مان جيڪي به نڪرندو هو سو ٿيندو هو. جڏهين به کيس ڪو معاملو پيش ايندو هو، تڏهين بيهي سر ۽ الحان سان ڪو سنڌي بيت پڙهندو هو. ”جيڪي آکي سو ٿئي“ سندس تمام گهڻيون ڪرامتون مشهور آهن. سندس وفات مٿئين ڳوٺ ۾ سن 977هه/1569ع ۾ ٿي.

3- مخدوم يعقوب پليجو: مرزا شاهه حسن ارغون جو معاصر، وقت جو عارف، ستيار پرڳڻي جي ناري ڳوٺ جو رهندڙ هو. تحفة الڪرام ۽ حديقة الاولياءَ ۾ سندس ڪيتريون ڪرامتون آيل آهن.

6- سرڪار ٺٽي جا مشائخ

1- درويش احمد رونجهو اپلاڻي: بٺوري پرڳڻي جي ڳوٺ اپلاڻ جو هو. سيد عبدالڪريم جو همعصر ۽ بزرگيءَ ۽ ڪمال وارن ولين جي فهرست ۾ داخل آهي.

2- قاضي حسن: بٺوري تعلقي جي ڳوٺ هٽڙيءَ جو وڏو عالم، سير ۽ سلوڪ جو صاحب ۽  سيد عبدالڪريم جو همعصر هو.

3- درويش جوڻو: بٺوري پرڳڻي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ دٻي جو باشندو. بزرگيءَ ۽ ولايت ۾ مشهور هو. سيد عبدالڪريم رحه جو همعصر هو.

4- مولانا ضياءُ الدين ولد مخدوم صدرالدين راهوٽي: بٺوري پرڳڻي جي هڪ مشهور شهر راهوٽ جو رهاڪو هو. سندس تعريف، تاريخ معصومي خواهه تحفة الڪرام ۾ آيل آهي. سندس والد به هڪ عالم ڪامل ۽ علمن جو جامع ٿي گذريو آهي. مرزا شاهه حسن جو همعصر هو، پهريائين تعليم ۽ تدريس ڏنائين، پر پوءِ گوشه نشين ٿي ياد الاهيءَ ۾ باقي وقت بسر ڪيائين ۽ لوڪ جي لياڪن کان لڪي ويهي رهيو.

5- شيخ عبداللطيف راهوٽي: عقلي خواهه نقلي علمن ۾ متبحر عالم ٿي گذريو آهي. مذڪور مولانا  ضياء الدين جو ڳوٺائي ۽ همعصر هو.

6- مير ڪمال الله مهدوي: سيد ميران مهدي (سيد محمد مهدي) جو پوٽو هو. جڏهين سيد ڪمال ڄائو تڏهين سيد ميران هن کي ڏسي پڇيو ته ” هن جو نالو ڇا آهي؟ کيس ٻڌايائون ته ”لالن“. فرمايائون ته هي لالن پالڪي ۾ وهندو ڇاڪاڻ ته هي هڪ بزرگ ٿو ڏسڻ ۾ اچي آخر هو وڃي فاضل خان جو ناٺي ٿيو.

7- سيد محمد: سيد ميران جو نياڻو ۽ ڪاني ڪرامت جو صاحب هو.

8- درويش صالح؛ ڪڪراله پرڳڻي ۾ مشهور عالم ۽ ڪرامتن جو صاحب ٿي گذريو آهي. سنه 1000هه کان اڳ فوت ٿيو، يعني 1591ع کان اڳ.

9- مخدوم ملا بايزيد بن مخدوم ملا آري لاکو سونڊوي: هن صاحب جو والد هڪ ڪامل، وقت جو شيخ ۽ سيد علي شيرازي اول جو مريد هو. ڪينجهر ڍنڍ جا ملاح ۽ مڇي ماريندڙ قوم گندرا اصل سندس مريد هئا، مگر جڏهين هي مخدوم سيد صاحب جو مريد ٿيو ته هن گندر قوم کي نذر طور سيد صاحب جي سلسلي ۾د اخل ڪيائين. ان ڪري اها قوم پنهنجو تعلق سيد علي شيرازيءَ جي اولاد سان قائم رکندي ٿي اچي. هي بزرگ اصل هنڊ قوم مان آهن، ۽ سونڊن ۾ دفن ٿيل آهن.“

        ملا بايزيد هي به بزرگي ۽ فقيريءَ جي سڀني صفتن سان موصوف ٿي راهي ٿيو ۽ پيءُ جي ڀرسان مدفون آهي. ملا ابوبڪر ملا بايزيد جو فرزند پڻ پيءُ  ڏاڏي وانگيان نيڪ صفتن سان موصوف هو. انهيءَ کان روايت آهي ته ”وجد جي  حالت ۾ مون کي پيءُ فرمائيندو هو ته وڃي ڪو ڪامل مرشد ڳولي هٿ ڪر ۽ ڪڏهين ڪڏهين سيد عبدالڪريم جو نالو به کڻندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن، ٻيڙيءَ ۾ ويٺو هوس ته ڪڪر پيدا ٿيو انهيءَ مان هڪ مرد مون تي پرتو وڌو ۽ جيڪي مليم سو اتان مليم.“ هن صاحب جو ذڪر شاهه عبدالڪريم رح جي ”بيان العارفين“ ۾ به آيل آهي، مخدوم بايزيد جي ضمن ۾ ”گلزار ابرار“ جي صاحب هن کي لاکو سڏيو آهي ۽ لکيو اٿس ته ميرزا عبدالڪريم خانخانان مسيح زمان جي خدمت ۾ بيان ڪيو ته ٺٽي جي فتح وقت جڏهن مان مخدوم جي خانقاهه تي پهتس تڏهن سندس گرامي صحبت مان مون کي تمام گهڻو باطني فروغ حاصل ٿيو،. مصرع ”آيئهء نور باد شمع شبش“

10-11- سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق مشهدي: هي ٻئي ڀائر ڄام نندي جي ڏينهن ۾ سن 901هه/1495ع ۾ مشهد مقدس کان لڏي اچي  ساموئيءَ ۾ سڪونت ڪيائون. سيد يعقوب جي حالت باطني ڪمالات سان سينگاريل هئي. ساموئيءَ جون ست ستيون سومرن جي ستم کان تنگ اچي، سندس دامن ۾ پناهه گزين ٿيون. هي بزرگ سن 922هه/1516ع ۾ لاڏاڻو ڪري ساموئي ۾ آرامي ٿيو، هن جو اولاد ڪڪرالي جي ”داري ديه“ ۽ ”آڪر“ ۾ رهواسي هو.

        سيد يعقوب جو ٻيو ڀاءُ سيد  اسحاق پڻ باطني ڪمالات سان سينگاريل هو. پويان ڪو اولاد ڪونه ڇڏيائين، ڀاءُ سان گڏ مدفون آهي، سيد يعقوب کان پوءِ سندس فرزند رشيد سيد دائود جانشين ٿيو ۽ آخر شهيد ٿيو. ان کان پوءِ سيد ابولمڪارم به بلند اخلاقن ۾ مشهور هو جهانگير بادشاه به سندس عظمت جو قائل هو.

12- قاضي سيد شڪرالله شيرازي ۽ سندس اولاد: قاضي سيد شڪرالله سن 906هه/1500ع ۾ هرات کان قنڌار ۽ اتان شاهه بيگ جي  حڪم سان 927هه/1520ع ۾ ٺٽي ۾ آيو. مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي قضا جي عهدن تي فائز ٿيو. پاڻ انصارن مان شادي ڪيائين.

        شاه صاحب سان ٺٽي جا ٽي  ٻيا به وڏا ڪمال جا صاحب بزرگ ٺٽي آيا ۽ انهن دوستن جي وچ  ۾ هڪ روحاني اتحاد هو. هي آهن:  سيد منبه سيد ڪمال، ۽ سيد عبدالله گجراتي. سيد شڪرالله وفات وقت پنهنجي ناليري پٽ مير ظهيرالدين والسلام عرف مير جادو کي وصيت ڪئي ته ”پنهنجي اولاد کي مشڪل پيش اچڻ وقت هنن يارن مان ڪنهن به هڪڙي ڏي رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪري.“ ان ڪري سيد شڪرالله ثاني بن سيد جادم جي ٻنهي فرزندن سيد محمد حسين ۽  سيد ظهيرالدين ثاني جو اولاد سيد منبه سان تعلق آهي. سيد نظام الدين بن سيد نور محمدبن سيد شڪرالله ثاني جو اولاد سيد ڪمال  سان لاڳاپيل آهي ۽ سيد عبدالرحمان به سيد جادم جو اولاد سيد عبدالله جو دامن جهليندڙ آهي. سيد شڪرالله جي تربت سيد عبدالله جي درگاهه جي الهندي ۾ خدا وارن جي زيارتگاهه آهي. سيد شڪرالله جو اولاد شڪر الاهي سادات تمام گهڻو ٿيو ۽ ان مان ڪيترائي بزرگ پيدا ٿيا. اسان جو مير علي شير ”قانع“ به سندن خاندان مان آهي.

13-14- سيد ڪمال ۽ سيد جمال: ٻئي بزرگوار اصل حسيني، شيراز جا رهندڙ مذڪور سيد شڪرالله جي دوستيءَ ۽ رفاقت ۾ ٺٽي آيا. سيد ڪمال جو ذڪرمٿي ٿي آيو آهي. ساري عمر مرد رهيو. وفات بعد رهڻ واري حويلي محله مگر ۾ مدفون ٿيو. سيد جمال جو مقبرو سيد شڪرالله جي ڀرسان آهي. سيد جمال کي ”شاهه غيب“ به چوندا هئا ۽ هي بزرگ ”مجذوب“ به هو. انهن جو ذڪر ”تحفة الطاهرين“ محله سهتيه جي بزرگن ۾ ڪيو آهي.

15- سيد بدرالدين ماڙندراني: سيد بدر پنهنجي وطن کي ڇڏڻ کان پوءِ زيارت ڪندو سن 967هه/1559ع ۾ عربي سمنڊ جي رستي ديول بندر تي لهي، ٺٽي لاءِ روانو ٿيو. جڏهن ساڪري پرڳڻي جي هالا ڳوٺ ۾ پهتو، تڏهن انهي ڳوٺ جي ناليري بزرگ سيد سلطان شاهه برقع پوش عرف لوڌي سيد صاحب جي اچڻ جي خبرٻڌي کيس اتي رهڻ لاءِ چيو برقع پوش بزرگ جي صحبت ان صاحب  جي دل کي ڪشش ڪئي ۽ سيد صاحب هميشه لاءِ اتي رهي پيو، ٿوري وقت کان پوءِ سلطان شاهه گذاري ويو. سندس نياڻيءَ جي شادي سيد بدرالدين سان ڪرايائون. ان معصومه مان سيد صاحب کي ٽي پٽ ڄاوا. 1- سيد لوڌي 2- سيد جنيد 3- مير ڪمال الدين محمد. سيد لوڌي ۽ سيد جنيد ٻئي انهي ڳوٺ ۾ گذاري ويا ۽ سندن ۽ سندن اولاد جون قبرون انهيءَ ويران ڳوٺ ۾ آهن.

        باقي سيد ڪمال الدين محمد مڪلي جي بزرگن جي زيارت تي ويندو هو. اتي سيد ظهيرالدين ولاسلام عرف مير جادم سان سندس ملاقات ٿي.دوستي وڃي چوٽ چڙهي ۽ سيد ڪمال اچي ٺٽي ۾ مذڪور سيد جي پاڙي ۾ رهيو. اهڙيءَ طرح انهن ساداتن جي سڪونت ٺٽي ۾ ٿي.

16- ميرڪ شيخ محمود ۽ ان جا متعلق: صاحب تاريخ معصومي مرزا شاه حسن جي همعصر علماء ۽ فضلاء جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”هن عاليشان طبقي جو اڳواڻ عالي جناب مير محمود المعروف به شيخ ميرڪ بن ابو سعيد پوراني هو.“ سندس نسب جو احوال سرڪار بکر جي بزرگ ميرڪ بايزيد جي ضمن ۾ اچي ويو آهي. هي صاحب فضل، سخاوت، زهد، ۽ تقوي ۾ گهڻن سيدن کان ممتاز ۽ نرالو هو. ڪيئن پرديسي خواهه ديسي سندس احسان جي دسترخوان تان مستفيض ٿيندا هئا.  ڪئين سال ٺٽي جي شيخ الاسلاميءَ جي عهدي تي فائز رهيو. ڪيترن طالب علمن کي ڪامل فيض عطا ڪندو رهيو. خط  نستعليق ۾ ڏاڍو ماهر هو. سندس وفات محرم سن 962هه/1554ع ۾ ٿي. ”رفت ميرڪ آه آه“ 962هه مان سندس تاريخ وفات نڪري ٿي. پنهنجي اولاد جي محلي ۾ هڪ عاليشان مسجد ۽ مقام جي مشهور رائنڪ سندس تعمير ٿيل آهن. ٽي پٽ هر هڪ 1- شيخ مير محمد 2- ميرڪ عبدالباقي 3- ميرڪ عبدالرحمان ڇڏي ويو. پاڻ به عاليشان شاعر هو. سندس شعر ملاحظه ٿئي:

گر روزگار سفله نواز ست غم مخور،

خسخانه را براي حسينان گذاشتيم

        شيخ مير محمد: هڪ اعليٰ درجي جو خوبين سان موصوف ۽ انساني فضيلتن سان مخصوص ميرڪ هو. سال 970هه/1562ع ۾ گذاري ويو. اولاد ڪونه ڇڏيائين. تحفة  الڪرام تصنيف ٿيل (1181هه1767ع) ۾ لکيو آهي ته ”جامع فتاويٰ پوراني“ سندس يادگار آهي،. مگر ساڳئي صاحبن هن کان اڳ ”مقالات الشعراء“ (تصنيف ٿيل سال 1174هه/1760ع) ۾ لکي آيو آهي ته ”جامع فتاويٰ  پوراني“ جو هند و سنڌ ۾ معروف آهي سندس (مير عبدالوهاب پوراني) جي يادگار آهي. ازان سواءِ مير معصوم جو انهن صاحبن جي قريبي دور جو مورخ هو، ان به ميرڪ عبدالوهاب ڏانهن منسوب ڪيو آهي ۽ نه ئي ميرڪ محمد ڏانهن. هي به تحفة الڪرام جي اسقام مان هڪ آهي.

        ميرڪ شيخ عبدالباقي: والد کان پوءِ شيخ الاسلامي جي عهدي تي فائز ٿيو. سڀني علمن خصوصا هيئت ۽ حڪمت ۾ ڪمال دسترس هيس. مولانا عبدالخالق گيلاني پڻ ڪي علمي باريڪ نڪتا وٽائنس حل ڪيا. اقليدس (جاميٽري) ۾ ايترو  ته ڪمال هوس جو ڪيتريون پنهنجون شڪليون ايجاد ڪيائين، جيڪي سڀني کي پسند آيون. ان کان پوءِ سندس فرزند شيخ محمود ثاني شيخ الاسلاميءَ جي عهدي تي رهيو، ۽ سن 1020هه1611ع ۾ فوت ٿيو. سندس اولاد ۾ شيخ اسلامي هلندي آئي. هن صاحب جو شعر ملاحضه ٿئي:

دان تسبيح ڪف حق شناس

رابــعــئه زهـــد و راه خدا ست.

        ميرڪ عبدالرحمان: وڏين جي فضيلت ۽ صالحن جي شاندار خوبين سان سينگاريل هو. ساري عمر تقوي ۽ پرهيزگاري  ۾ گذاري، ممتاز حيثيت سان وفات ڪيائين. کيس ٻه پُٽ هئا. هڪ ميرڪ عبدالواسع ۽ ٻيو  ميرڪ عبدالرحيم، ميرڪ عبدلاواسع ڏاڍو فاضل ۽ وڏو بزرگ هو. هو شاعريءَ ۾ به اعليٰ درجي جو شاعر هو.  ”مقالات الشعراء“ ۾ سندس غزل شيخ نصيرالدين چراغ دهلوي (وفات 757هه/1356ع) ۽ شاعر اميدي جي تتبع تي حسب ذيل ڄاڻايل آهي:

اي عــشــق تــو بــختـــم را آورده بخواب اندر

وي زلــف تــو دلــهـــارا افگـــنـــــده بتاب اندر

تــاطــره فگـــنــــدســـتي بر چهره چون روزت

خـــورشيــد نهـــان داري گـوئي بحساب اندر

اي شـــــور تــــو در ســـرهــاوي سوز تو در دلها

افگــنــده قــيامــتها چـون مئي به شباب اندر

بـــي قـــــدر تــــر از مـــورم، در زير سم اسپت

خواهي تو بتمڪين رو، خواهي بشتاب اندر

گرڪشتن ”واسع“ را پرسند سب زان بت

صدگو نه خجالتها دارد بجواب اندر

        مير عبدالواسع جو پٽ ميرڪ محمد حسين هڪ مجذوب سالڪ ۽ ڪشف ۽ حال جو صاحب هو.

17- مير غروري ڪاشاني: مرزا باقيءَ جو همعصر ۽ معتبر سيد هو. ان زماني ۾ آب داڻي جي ڪشش ڪري پنهنجو اصلوڪو وطن ڇڏي اچي ٺٽي ۾رهيو. جهانگير بادشاهه جي زماني ۾ ضربخاني جو داروغو مقرر ٿيو. شعر نهايت اعليٰ درجي جو چوندو هو. شعر جو ديوان (جو مير قانع سٺو ڏٺو هو) ڪي ٿوريون لطيف مثنويون، يادگار ڇڏي ويو.

سندس شعر جو نمونو ملاحظه ٿئي:

”از بخت چسان شڪوه نوان ڪرد ”غروري“

بــي طــالعــي اهــل هــنــر رسـم قديم است“

مثنوي ”ساقي نامه“ مان نموني طور ٻه شعر پيش ڪجن ٿا:

مـــرا داغــهـــــا در دــــل پـــــــر گـــــــره

هــــم آغـــوش چــــون حــلــقـهاي زره

چو عڪسم ڪه در آب دارد نشست

بهر جنبشي مي خورم صد شڪست

کيس ٻه پٽ هئا. 1- مير محمد منعم 2- مير جنگلي. مير محمد منعم ساڳيو عهدو شاهجهان جي دور ۾ ماڻيو. شاعريءَ جي دنيا ۾ هي صاحب ”حسيني“ تخلص سان مشهور آهي، ۽ ”رنگين ديوان“ ڇڏي ويو آهي. سندس شعر خدمت ۾“ پيش ڪجن ٿا:

زمــــن دل را بــبنـــد زلف دادن

ز تو افشاندن موي پسند است

---

اي ”حسيني“ مشرق و مغرب دوگامي بيش نيست

تــــو ســـن بــــاد صـــبا در زيــــر ران داريـــم مــــــــا

18-19- سيد عبدالرزاق ۽ سيد يوسف بکري رضوي: هي بکر جي رضوي ساداتن جا نور نظر اچي ٺٽي ۾ رهيا. هي ٻئي سيد جادم جا فرزند هئا. سيد عبدالرزاق ظاهري طرح سان ڪوبه اولاد ڪونه ڇڏيو هو، صاحب پنهنجي وقت جو ولي ۽ بزرگ هو. سندس مزار شيخ حماد جماليءَ جي مقبري جي پٺيان، قاضي عبدالله جي چوڪنڊيءَ جي الهندي ۾ عام خاص ماڻهن جي زيارتگاهه آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org