سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: وياسي وينجهار

باب-

صفحو :4

ھن سنڌي نزاد جو ڪجھھ فارسي ادب متعلق ڪم ڪيو آھي، اھو خود پنھنجيءَ جاءِ تي وڏو علمي ڪارنامو آھي. ان سلسلي ۾ ”طيبات سعدي،“ ”روائج بوستان“ (تمھيد، تعليقات ۽ ترجمو)،” سياستنامھ نظام الملڪ طوسي“، ” نفحات حافظ“  (انتخاب ۽ تمھيد)، ”عيار دانش ابو الفضل“ ، ”قطعات ابن يمين“ (منتخابات، تمھيد، تعليقات ۽ ترجمو) ”روشنائي نامھ ناصر خسرو“ ، ” سفرنامھ ناصر خسرو“ (تمھيد، تعليقات ۽ ترجمو)، ”انتخابات نثر و نظم فارسي“ (بمبئي يونيورسٽيءَ لاءِ)، ۽ ”آغاز فارسي“ (چار حصا) – وڏي علمي ڪاوش ۽ زباندانيءَ جو دليل آھن.

عربي زبان تي سندن عبور  ھڪ مسلمھ حقيقت آھي. عربي لغت ۽ ادب تي کين سند  ڪري مڃيو ويو. برصغير ھندو پاڪ مان علامھ ميمني، علامھ سليمان ندوي ۽ علامھ دائودپوٽو اھي قابل فخر فرزند آھن، جن کي عرب، عراق، مصر ۽ لبنان جي عربي دان علماءَ  ۾ وڏي عزت حاصل آھي. علامھ صاحب جي عربي ادب متعلق تحقيقات کي ڏسي ۽ مڃي ڪري ئي، فواد يونيورسٽيءَ کين تاحين حيات پنھنجو مراسل ميمبر مقرر ڪيو، ٻئي طرف کين ”پاڪ ايران ثقافتي انجمن“  جو بھ اعزازي ميمبر ڪيو ويو. عربي زبان ۾ سندن لکيل ”مرشد المبتدي“ (3 حصا)، ”مجموعھ النثرو النظم“ ،”مدارج القرائتھ العربيھ“ (3 حصا) ۽ ”دروس العربيھ“ (4حصا)، خاص طرح مبتدي طالبن لاءِ نھايت ڪارآمد ڪتاب آھن. عربي سکڻ لاءِ سندن اھي ڪتاب اردو، فارسي  ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپيل سڀني سلسلن کان وڌيڪ آسان، دلنشين، وندرائيندڙ ۽ وڻندڙ آھن. خاص طور ”مرشد المبتدي“ جا ٽيئي حصا اھڙا آھن، جن جي ترتيب ۾ تدريج ۽ استقراءَ کي اڳيان رکي لکيو ويو آھي. لغت ۽ صرف و نحو، تمرينون ۽ اسباق – سڀ سلسليوار آھن، ۽ ھر اصول ۽ قانون پنھنجي ماسبق سان مسلسل رھندو اچي ٿو، ۽ مثال اھڙا ڏنل آھن، جي اسان جي زندگيءَ ۽ روزمره ۾ موجود آھن، لھاذا تمام ٿوريءَ محنت استعداد  پيدا ڪري ٿو سگھي، جنھن جي آڌار تي ضخيم ۽ مغلق ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ آسان آھي.

انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن ۾ سندن ھڪ ڪتاب ئي لک لھي! اھو آھي”عربي شاعريءَ تي فارسيءَ  جو اثر“،  جو ٽن سالن جي لڳاتار تحقيق ۽ ڪاوش کان پوءِ ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪري، اعزاز ۽ امتياز سان ” پي ايڇ ڊي“  جي ڊگري حاصل ڪيائون. ھيءَ علمي چيز، مشھور انگريز مستشرقن- جھڙوڪ ” برائون“ ۽ ”نڪلسن“  جھڙن بين الاقوامي شھرت يافتھ محققن جي نگرانيءَ ھيٺ تيار ڪئي وئي، جنھن ۾ وڏيءَ ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ، بيشمار حوالن ۽ اقتباسن سان، عربي ۽ فارسي شاعريءَ جو پاڻ ۾ سٻنڌ ظاھر ڪيو ويو. ان کان سواءِ، پروفيسر برائون ”ادبيات ايران“  ۾ جن مسئلن ڏانھن مختصر ۽ اجمالي  اشارا ڪيا ھئا، انھن کي بھ تفصيل ۽ شرح سان لکي، ھڪ تاريخي ۽ ادبي بحث ۽ مسئلي کي تڪميل تي آندائون. اھو ڪتاب، ايران ۾ اسلام جي آمد کان وٺي بغداد تي ھلاڪوءَ جي تاخت تائين (1258ع) پوري دور جو تاريخي علمي جائزو آھي. ان دور ۾ پيدا ٿيل شعراءَ جو ڪلام ۽ سوانح حيات، انھن جي شاعريءَ جا عربي شاعريءَ سان لغوي ۽ معنوي  تعلقات (توارد ۽ تضمين، سرقو ۽ اقتباس)،  نھايت دلڪش ۽ مدلل نموني ۾ بيان ڪيل آھن. ان ساڳئي موضوع تي اگرچ علامھ قزوينيءَ (بيست مقالھ قزويني، حصھ اول، ڇاپ بمبئي، ) بھ چڱو  بحث ڪيو آھي، پر ”الفضل للمتقدم“ موجب شرف اوليت علامھ دائود پوٽي کي حاصل آھي. انھيءَ فن جي ماھرن ۽ عالمن، پنھنجي پنھنجي مقالات ۽ تصنيفات ۾، فقط علامھ دائودپوٽي جي نتائج ۽ موشگافين کي ئي سند قرار ڏنو آھي. چنانچھ، مشرقي عالمن توڙي مستشرقن جي ڪتابن ۾ گھڻي ۾ گھڻا حوالا فقط دائود پوٽي جي ڪتاب مان ملي سگھن ٿا. اسان جي ملڪ جي ھڪ وڏي محقق ۽ مؤرخ، مرحوم قاضي احمد ميان جھونا ڳڙھيءَ (جو تقسيم کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو اسڪالر ۽ محقق ٿي آيو، ۽ ھت حيدرآباد ۾ ئي وفات ڪيائين)  اگرچ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ان موضوع تي گھڻو ڪجھھ لکيو آھي، تاھم اعتراف ڪندي لکيو اٿس تھ ”ڊاڪٽر دائودپوٽي جھڙو عالم ۽ محقق ئي ھھڙي معرڪھ  آرا موضوع جو حق ادا ڪري سگھي ٿو:  ڪھڙو نھ چڱو  ٿئي جو ”بغداد جي زوال کان پوءِ واري دور جي فارسي شاعريءَ تي عربي شاعريءَ جو اثر“ بھ علامھ دائود پوٽو ئي لکي ڏيکاري!“ ان موضوع متعلق، ڊاڪٽر نريمان، ”عربي ثقافت تي عجمي اثرات“  ۾ بحث ڪري، ٻيو پھلو بيان ڪيو آھي، پر علمي ۽ ادبي دنيا ۾ نھ تھ کيس اھڙو شرف قبوليت حاصل ٿيو، ۽ نھ ڪا پذيرائي. علامھ مرحوم جي ان مقالي متعلق آڪسفورڊ جي عالم، ڊيوھرسٽ، وايل گريٽ برٽن سوسائٽي مئگزن ۾ تبصري ڪندي لکيو تھ ”سارو ڪتاب بامحاوره ۽ شستھ انگريزيءَ م لکيل آھي، جنھن جھڙي زبان ورلي ڪي ھندستاني شاگرد لکندا آھن.“

مرحوم جي بيش بھا تحقيق، تنقيد ۽ معياري تصنيفي اسلوب جو ٻيو مثال آھي. ”معصومي“. ھن مسودي کي – جو زماني جي ستم ظريفيءَ ڪري اڃا ”بياض“ جي شڪل ۾ موجود ھو – علامھ مرحوم نھ فقط نئين سر ايڊٽ ڪيو، پر ان تي تمھيد، حواشي، تعليقات، استدراڪات ۽ فھارس لکي، دنيائي تحقيق ۾ ھڪ معياري تاليف جو اضافو ڪيائون. ھن ڪتاب جي تياريءَ ۾، مشھور فارسي ۽ عربي تذڪرن ۽تاريخن کان سواءِ، انگريزيءَ جا 13 مستند ۽ مشھور تاريخي ڪتاب بھ اڳيان رکيائون. سندن تحقيق ۽ اوراق گردانيءَ  جو داد تڏھن ٿو ڏجي، جڏھن معلوم ٿو ٿئي تھ پاڻ اھي سارا ضخيم جلد لفظ بلفظ پڙھيائون، ۽ ”اخذ و قتباس“  ڪندي، ڪيئي معلومات افزا تشريحي نوٽ لکيائون.  انھن پراڻن تذڪرن مان ” آئين اڪبري“، ”اڪبر نامھ“، ”بيگلار نامھ“، ”طاھري“، ”فرشتھ، فيروز شاھي“، ”مبارڪ شاھي“، ”اليعقوبي“، ”تحفتھ الڪرام“، ”تحفھ النظار“، ”تذڪره دولت شاھي“ ”ترخان نامھ“، ”چچنامھ“، ”طبقات اڪبري“، ”طبقات ناصري“، ”ظفر الوالھ بمظفر الوالھ“ ، ”فتوح البلدان“ ،” ماثر الامراءَ“ ” ماثر رحيمي“، ” مروج الذھب“، ”منتخب التواريخ“ ۽ ”ھمايون نامھ“ مشھور آھن. معصوميءَ متعلق علامھ سليمان ندويءَ ”معارف“  ۾ نھايت سھڻو تبصرو شايع ڪيو، ۽ مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ ان جو داد ڏيندي فرمايو: ” سر زمين سنڌ اڃا تائين مردم خيز خطو آھي، جنھن ڊاڪٽر دائودپوٽي جھڙو يگانھءِ  روزگار مورخ ۽ محقق پيدا ڪيو آھي.“

”فتحنامو“ (منھاج الملڪ والدين)، جو  چچنامي جي نالي سان مشھور ڪتاب آھي، ان جي صحت ۽ حواشي، تحقيق ۽ تدوين، بھ علمھ مرحوم جي عليم خدمتن مان ھڪ وڏي خدمت شمار ڪئي وڃي ٿي. اھو ڪتاب دکن جي ”مجلس مخطوطات فارسيھ“  طرفان، 1929ع ۾ شايع ٿيو. ان جو سنڌي ترجمو مولانا امير احمد ڪيو، جنھن جو مقدمو ۽ مزيد حاشيو ڊاڪٽر بلوچ  لکيو ۽ ”سنڌي ادبي بورڊ“  طرفان ڇپجي چڪو آھي.

ساڳئي  سلسلي ۾، ”مقدمھ ابن خلدون“  جو انگريزي ترجمو بھ قابل ذڪر آھي، جنھن جو مستند ۽ صحيح انگريزي ترجمو، علامھ مرحوم، بمبئيءَ  جي ”اسلاميھ ريسرچ انجمن“ جي چوڻ تي ڪيو ھو، ۽ جو ھاڻي ” پاڪ ھسٽاريڪل سوسائٽي“ ڇپارائي رھي آھي. ان جا ڪجھھ مضمون ”اسلامڪ ڪلچر، دکن“ ۾ بھ ڇپجي چڪا آھن. اھو نسخو عربي زبان جي متعدد نسخن، ۽ ان کان سواءِ ٻين فاضل مستشرقن جي ترجمن ۽ تاليفات، بالخصوص ڊاڪٽر طــــٰـه حسين (سابق وزير تعليم، مصر) جي فرينچ تاليف ”مقدمھ ابن خلدون“  کي اڳيان رکي پايئھ تڪميل تي پھچايو ويو آھي. ابن خلدون، فلسفئھ تاريخ و عمرانيات جو امام تسليم ڪيو ويو آھي. ان جي متن کي ترجمو ڪرڻ، ان ترجمي کي نباھڻ، ۽ حواشي لکڻ، وڏو عالمانھ ۽ مؤرخانھ ڪم آھي، جو علامھ مرحوم جي عظيم علمي خدمتن مان ھڪ بھترين خدمت شمار ڪئي وڃي ٿي.

علامھ مرحوم جي سڀ کان پوئين تاليف ”عبدالرحيم گروھڙي جو ڪلام“  آھي.  اھو ضخيم ڪتاب سارو عربي ٽائپ ۾ آھي،  ۽ اھا ٽائپ خاص  طور تي مصر مان ٺھرائي وئي. ڪتاب ۾، بزرگ گروھڙيءَ جي سوانح ۽ علمي خدمات سان گڏ، حواشيءَ  ۾، ڪيترن معرڪھ آرا مسئلن متعلق جي حاشيا ڏنل آھن، سي سندن اسلامي مطالعي ۽ ديني افڪار جي ڇنڊ ڇاڻ متعلق واضح دليل آھن. خاص ڪري نظريھ امام مھدي جي اثبات ۽ ابطال ۾ آيل احاديث ۽ آراءِ جي ڇنڊ ڇاڻ جنھن محققانھ نموني ۾ ڪيل آھي، ان جو داد ھن دور جا وڏا وڏا آزاد خيال ۽ ترقي پسند عالم ۽ محقق ڏيئي رھيا آھن.  سندن اھا ديني جسارت ۽ حميت، قابل فخر آھي.

علامھ دائود پوٽي مرحوم جي علمي خدمتن جي سلسلي ۾، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ  جو ”شاھھ جو رسالو“  بھ قابل قدر خدمت آھي، جنھن جو اعتراف خود آنجھاني ڊاڪٽر گربخشاڻي مقدمي ۾ ڏيئي چڪو آھي، ۽ ان جي وضاحت علامھ دائود پوٽي مرحوم جي ڪن تحريرن ۾ پڻ موجود آھي. ان مان واضح ٿئي ٿو تھ  علامھ دائود پوٽو پنھنجي شفيق استاد جو نھ فقط معاون ۽ رفيق ٿي ڪم ڪندو رھيو آھي، پر ان کان وڌيڪ، ھر ھنڌ ڪمال ادب ۽ احترام سان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ذڪر ڪندو آيو آھي. ان ڏس ۾ ”سرھا گل“  جو انتساب جنھن خلوص ۽ محبت، صداقت ۽ ادب سان، ٻاجھاري ۽ نماڻي انداز ۾ لکيو اٿس، اھو وڏو دليل آھي، استاد ۽ شاگرد جي باھمي محبت ۽ مودت جو، جيڪو اڄ ڪلھھ جي استادن ۽ شاگردن ۾ اڻلڀ آھي. علامھ دائود پوٽو مرحوم لکي ٿو:

”ھيءُ سرھن گلن جو دستو، پنھنجي پياري استاد، پروفيسر  ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ، جي سڳوريءَ خدمت ۾ نذر رکان ٿو.“

باوجود ان جي، ڪن ناشرن ۽ مضمون نگارن کان ھڪ عظيم علمي تسامح واقع ٿي آھي، جنھن جي بنا تي استاد ۽ شاگرد جي ھن باھمي محبت، احترام ۽ رفاقت متعلق ھڪ غلط فھميءَ جو شائبو ٿي سگھي ٿو. اھو آھي مرحوم ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ”شاھھ جي رسالي“ ۾ ٻنھي عالمن جي گڏيل خدمت متعلق ڪيفيت ۽ ڪميت تي تبصرو ۽ جائزو ، جنھن ۾ ائين چيو ويو آھي تھ علامھ مرحوم ھيترو ڪم ڪيو، ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي مرحوم فقط ھيترو، وغيره. ھڪ علمي ۽ فڪري ڪاوش جي نسبتي پرک يا تحسين، انھيءَ طرح ڪنھن بھ صورت ۾ سھاھيندڙ ۽ نتيجھ آور  نٿي ٿي سگھي. انھيءَ سلسلي ۾، ھن ھيٺ آنجھاني ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ  جا اھي لفظ نقل ڪرڻ ڪافي آھن، جن ۾ نھايت خلوص ۽ محبت سان علامھ دائود پوٽي مرحوم جي رفاقت ۽ شراڪت جو اعتراف موجود آھي. ان کان وڌيڪ، ھن معاملي ۾ نھ ٻيو ڪجھھ چوڻ مناسب آھي،  ۽ نھ ضروري آھي.

1.      مقدمو،”شاھھ جو رسالو“ جلد پھريون 15 ڊسمبر 1923ع

”آءٌ پنھنجي اڳوڻي پياري شاگرد ۽ ھاڻ ھمڪار پروفيسر، مسٽر عمرالدين دائودپوٽي، ايم اي جو تھدل شڪرگذار آھيان، جنھن ھن جلد جي نسخي تيار ڪرڻ، شرح لکڻ، ڇاپي جي درستين ڪرڻ وغيره ۾، مون سان دل و جان سان شراڪت ڪئي آھي. ھي صاحب جيڪڏھن اھڙو اتساھھ نھ ڏيکاري ھا، تھ شايد ھي ڪم ھن منزل تي اھڙو جلد نھ رسي ھا.“

2.     مقدمو ”شاھھ جو رسالو“، جلد ٻيو – 19ڊسمبر 1924ع.

”مسٽر عمر الدين دائودپوٽي، ايم اي، ھن جلد جي تيار ڪرڻ ۾ ساڳي اڳي جھڙي مدد ڪئي آھي، جنھن لاءِ آءٌ  سندس شڪر گذار آھيان.“

3. مقدمو، ”شاھ جو رسالو“، جلد ٽيون 27 اپريل 1931ع

”آءٌ پنھنجي پياري دوست ڊاڪٽر عمر الدين محمد خان دائودپوٽي جو تھدل شڪر گذار آھيان، جنھن نسخن ڀيٽڻ ۽ ڪن سرن جي شرح لکڻ ۾ منھنجي خاطر خواھھ مدد ڪئي آھي.“

آنجھاني  ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي مٿئين علمي اعتراف کان پوءِ، ھن عظيم ڪم ۾ ”استاد ۽ شاگرد“  جي باھمي ڪاوشن جي تقسيم ۽ تفريق ڪرڻ، تعداد ۽ تفاصل جاچڻ، منھنجيءَ نظر ۾، ڪا علمي خدمت ڪا نھ چئبي. چنانچھ، نھايت احترام سان انھن جي علمي خدمت کي ياد ڪرڻ گھرجي، خاص طور ھينئر جڏھن ٻيئي عالم، استاد ۽ شاگرد، ھن عالم فانيءَ مان انتقال ڪري عالم جاودانيءَ ڏانھن ويا آھن، ٻنھي کي محبت ۽ دعا سان ياد ڪرڻ جڳائي. جيئن سندن زندگيءَ ۾ ڪا تلخي ۽ ڪشيدگي ڪا نھ پيدا ٿي ھئي، تيئن ھاڻي بھ ان جو ڪنھن خفيف کان خفيف صورت  ۾ بيان ڪرڻ بھ ٻنھي نيڪ روحن  لاءِ رنج جو باعث ٿيندو. بھرحال، ”حوالت  باخدا کرديم رفتيم“  چوڻ مناسب آھي.

پاڻ پنھنجي آخري گھڙيءَ تائين شاھھ جي صحيح متن ۽ شرح جي از سرنو ترتيب ۽ تدوين ۾ مشغول رھيا. ٽيھارو کن مختلف دستخطي رسالن  ۽ بياضن کي اڳيان رکي، مقابلو ڪري، پنھنجي ھن بھترين تحقيقي ڪاوش جو مواد پنھنجي علمي ورثي ۾ ڇڏي ويا آھن، جنھن جي بنا تي اميد آھي تھ سنڌي ادبي بورڊ ان ڪم کي پايھ تڪميل تي پھچائڻ جي ڪوشش ڪندو، ۽ اھو پنھنجي صحت ۽ معيار جي لحاظ سان، ”ھڪو رانجھو لکان جيھا“  جي مصداق، سندن علمي عظمت ۽ ادبي خدمت جو زنده جاويد يادگار رھندو.

الفرض، علامھ مرحوم جي علمي خدمتن ۽ ادبي ڪاوشن جو سلسلو نھايت وسيع آھي. سندن مقالات کي جمع ڪرائڻ ۽ ڇاپائڻ بھ سندن وڏي خدمت سمجھڻ گھرجي. مقالات ۾ سنڌي زبان، شاھھ، قاضي قاضن، شاھھ ڪريم، ميرن جي دور جو نظام تعليم،  مخدوم محمد زمان  لواري وارو، مخدوم عبدالرحيم گرھوڙي، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، شاھھ عنايت رضوي، رمضان ڪنڀر، ميون عيسو، محمد مھدي جونپوري، وحدت الوجود، انسان ڪامل وغيره، بابت نھايت معياري ۽ معلومات افزا مقالا آھن، جي سنڌي جي اخبارن ۽  مختلف  رسالن ۾ منتشر آھن. ڪاش، ڪو باھمت ۽ با ذوق اديب انھن کي جمع ڪري، انھن تي ڪجھھ لکي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري، اھو بھ پنھنجيءَ جاءِ تي وڏو علمي ڪم سمجھڻ گھرجي. اھي مقالا نھ فقط معلومات افزا آھن، پر پراڻي تنقيدي معيار کان ڪجھھ ھٽي ڪري، جديد انتقادي فن آھر، ڪافي معياري بھ آھن ۽ دلچسپ بھ آھن.

افسوس، صد افسوس، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جو وڏو عالم ۽ ڄاڻو، مشرقي ۽ مغربي لسانيات جو وڏو ماھر، اسان جي وطن سنڌ جو پيارو اديب، انشا پرداز، ناقد ۽ نڪتھ نواز، ھميشھ لاءِ اسان کان وڇڙي چڪو آھي! اسين دست بدعا آھيون تھ رب ڪريم شال کين مرھي، سندن پسماندن کي صبر جميل عطا فرمائي، ۽ سنڌ کي بھترين نعم البدل بخشي!

 

خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ

سنڌ جي اھل علم طبقي لاءِ ھيءَ خبر وحشت اثر نھايت روح فرسا ثابت ٿيندي، تھ سنڌ جو مشھور تعليمي خدمتگذار، خانبھار الحاج محمد صديق ميمڻ، 20 نومبر 1958ع ، داعي اجل کي لبيڪ چوندي، رحلت فرمائي ويو. انا لله و انا اليه راجعون!

مرحوم ميمڻ نھايت خاموش طبع، مخلص، نيڪ نيت، ڪم گو، سنجيدو، عمل جو دلدادو، ۽ بااخلاص شخص ھو. مرحوم ميمڻ جون علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتون سنڌ جي تعليم کاتي ۽ ادبي دنيا ۾ نھايت قدر جي نگاھھ سان ڏٺيون  وڃن ٿيون. سندس طبيعت ۾ نمائش ۽ اجائي  شھرت جو ڪو بھ اثر ڪو نھ ھو. بلڪل خاموش نموني ۾ ھن ھڪ شخص، وڏن وڏن ادارن جو بنياد بھ وڌو، ۽ انھن کي ڪاميابيءَ سان ھلائي بھ ڏيکاريو. ھن  ھڪ بھترين تعليمي آفيسر جي حيثيت سان، استادن ۽ شاگردن جي وڏي خدمت ڪئي. ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جي پرنسپال جي حيثيت ۾، پوري انتظام ۽ ضابطي سان، وڏي خدمت ڪيائين. ساڳئي  ئي وقت ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ جو بنياد پڻ وڌائين، جنھن جو روح روان پاڻ ھو. ھن سوسائٽيءَ  نھايت دلڪش ۽ معياري سؤ کن ڪتاب  ڇپايا، جن ۾ ديني، اصلاحي، تاريخي ۽ ادبي ڪتاب اچي وڃن ٿا. سنڌي ادب ۾ انھن ڪتابن جو وڏو مقام آھي. ان کان اڳ، اھڙا ديده زيب ۽ سھڻا ڪتاب ٻئي ڪنھن بھ اداري  شايع نھ ڪيا ھئا.

سنڌ ۾ زناني تعليم جي اڻھوند کي محسوس ڪري، مخدوم غلام حيدر مرحوم جي سربراھيءَ سان حيدرآباد ۾ جڏھن ”مدرسة البنات“ جو بنياد وڌو ويو، تڏھن مرحوم ميمڻ صاحب، ان ۾  وڏو بھرو ورتو، ۽ خود ئي ان جي انتظامي بورڊ جو سيڪريٽري بنيو، جنھن ذميداريءَ کي پاڻ آخر تائين دلچسپيءَ ۽ توجھھ سان نباھيندو رھيو. اڄ انھيءَ زناني اسڪول ۾ سوين مسلمان نياڻيون اعليٰ درجي جي تعليم حاصل ڪري رھيون آھن، ۽  ان کي حيدرآباد جي بھترين تعليمي ادارن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

ميمڻ صاحب جي ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ اھي ڪئين تعليمي نصاب جا ڪتاب اچي وڃن ٿا، جن ۾ پاڪستان جي تاريخ،  سنڌ جي تاريخ، انگي حساب، جاميٽري، ڏيھي حساب، گرامر ۽ مضمون نويسيءَ جا ڪتاب شامل آھن.

”ادبي سوسائٽيءَ“ جي پاران ”خليفو اول“، ”اسان جو پيارو رسول“، ”خالد بن وليد“،” سنڌ جي تاريخ“ (چار حصا)،”بيگلار نامو“، ”اسلامي ڪتبخانا“، ”مخدوم نوح“، ” دينيات“، ” تاريخ القرآن“ ، ”سومرا ۽ سما“ ،” قرب قليچ“، ” ادبي سوسائٽيءَ جون چار ساليانون رپورٽون“ ،”مسدس اٻوجھو“ ،” مسلمانن جي تباھيءَ جا اسباب ۽ علاج“ ۽ ”اخلاق محسني“- اھي نھايت معياري ڪتاب آھن. خود ميمڻ صاحب جي تصنيف ڪيل ڪتابن مان ” سنڌ جي ادبي تاريخ“ (ٽي حصا)، ”حياتيءَ جو دور“ ( محمد صديق مسافر سان گڏ لکيل،  ٻھ حصا)، ” ڪامل رھنما“(رسول ڪريم جي سيرت)،” تعليمي نفسيات“ ۽ ”شاھھ جو رسالو“  سندس مشھور تصنيفات ۽ تاليفات ۾ ڳڻجن ٿا.

ابتدائي دور ۾ پاڻ شعر بھ چيو اٿس. ان ۾ سندس تخلص ”صديق“  رھندو آيو آھي. شاعريءَ ۾ ديني، نعتيھ ۽ قومي ڪلام چيو اٿس، جو ڪجھھ ڇپيل ۽ ڪجھھ اڻ ڇپيل موجود آھي. ڏاڍو  چڱو ٿئي، جيڪڏھن سندس پويان اھو سارو ڪلام جمع ڪري شايع ڪرائين ۽ سندس علمي ڪارنامن کي ٻيھر زنده ڪن. ساڳئي وقت ضروري آھي تھ ”مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ جھڙي مفيد اداري کي نئين تنظيم سان ھلايو وڃي.  سندس پوين کي مرحوم جي ھن يادگار کي سنڀالڻ ۽ قائم رکڻ جي ڪوشش وٺڻ کپي.

مرحوم ميمڻ صاحب تعليم کاتي ۾ جيتوڻيڪ ممتاز حيثيت جو مالڪ ھو، تھ بھ ھن ھميشه ڪمال سادگيءَ ۽ نھٺائيءَ جي روش رکي.  ھو واقعي ھڪ خوش خلق، ھمدرد ۽ ھڏ ڏوکي خدمتگذار ۽ بلند ڪردار شخص ھو.

دعا آھي تھ رب ڪريم مرحوم کي پنھنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي، ۽ سندس پوين کي اھا توفيق ڏئي تھ ھو پنھنجي لائق ۽ فائق والد بزرگوار جي نقش قدم تي ھلي. سنڌي ادب، سنڌي زبان ۽ سنڌي قوم جي خدمت جي سلسلي کي جاري رکي سگھن، جو مرحوم ميمڻ صاحب جي زندگيءَ جو نصب العين ھو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org