سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مون مطالع سپرين

باب-

صفحو :3

مرزا عباس علي بيگ

 

ديوان طالب الموليٰ

طوطئي شيرين مقال، شاعر نازڪ خيال، سپهر شاعري جو درخشنده آفتاب، خوش گو، خوش بيان، شيرن سخن، قادر الڪلام، خدائ سخن حضرت مخدوم محمد زمان التخلص به ”طالب الموليٰ“ جن جي ذات بابر ڪات والا صفات، اظهرمن الشمس آهي. سندس شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي.

ثم الحمدالله، ديوان طالب الموليٰ جي شايع ٿيڻ تي سنڌي ادب ۽ ٻولي کي هزار هزار مبارڪون هجن.

ديوان جو سرورق پنجن رنگن سان مزين ۽ ديده زيب آهي. ديوان جي شروع ۾ منصف جن جي رنگين تصوير پر تنوير ۽ مهاڳ ڏنل آهي. ان بعد برادرم دوست انور هالائي صاحب جو مقالو ”طالب الموليٰ جي شاعرانه حيثيت“ جي سرخي سان آهي. ديوان جو متن 458 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 451 سنڌي غزليات درج ٿيل آهن جن جا ڪل 3608 اشعار آهن ۽ هر صفحي تي 8 بند قلم بند ٿيل آهن اهي سمورا غزليات سنڌ صوبي جي مختلف ڳوٺن ۾ شهرن کان سواءِ ڪوئٽيا، سبي، ڪوهستان، پنڊي، اسلام آباد، ڪوه مري، زيارت، لاهور، ملتان، نٿيا گلي، ڊاڪا، لندن، ڪيمبرج وغيره ۾ چيل آهن. جن بابت هر شهر يا ڳوٺ جو نالو تاريخ، مهيني ۽ سال سميت هر غزل جي آخر ۾ بطور يادگيري جي ڏنو ويو آهي هنن سمورن غزليات مان پهريون غزل 1938ع ۾ چيل آهي ۽ آخري 1981ع ۾ چيل آهي، غزليات جي متن ختم ٿيڻ بعد، فرهنگ ديوان ڏنل آهي ان بعد جناب احمد خان آصف مصراڻي جا ديوان تي ٽي عدد چيل قطعات ماده تاريخ سميت تحرير ٿيل آهن. ان کان پوءِ درستيون ۽ آخر ۾ جناب قاضي غلام محمد صاحب قريشي جو انگريزي ۾ انٽروڊڪيشن شايع ٿيل آهي. ديوان طالب الموليٰ جي گهري مطالعي بعد معلوم ٿيو ته جهڙو پيارو طالب الموليٰ جن جو ڪلام بلاغت نظام آهي تهڙوئي خوبصورت دلفريب ديوان آهي.

معلوم ٿو ٿئي ته ابتدائي سن تميز کان صاحب ڪلام جن جي طبعيت شاعري ڏي مائل آهي، قدرتي طور سندن سراپا شاعر بنجي وئي. پاڻ طويل مدت کان علمي ادبي خدمتن ۾ مصروف آهن. سندن ٻي به ڪيتري تصنيفات نثر توڙي نظم ۾ شايع ٿيل آهي ليڪن ديوان طالب الموليٰ سنڌي علم ادب جو هڪ اعليٰ شاهڪار آهي. مخدم طالب الموليٰ جن، عربي فارسي ۽ اردو ٻولين کان بخوبي واقف آهن. کين سنڌي ٻوليءَ تي جيڪا مهارت حاصل آهي تنهن ۾ پنهنجا حريف پاڻ آهن ازنسواءِ علم عروض جي فن ۾ ماهر آهن ۽ فن شاعري ۾ ڪامل عبور اٿن.

سندن علمي ذهانت ۽ شعر گوئي مان ائين پيو معلوم ٿئي ته شعرو سخن سان طبيعت کي فطري مناسبت آهي مادري زبان ۾ ابتدا کان ئي شعر چوڻ لڳا ۽ اها به هڪ واضح حقيقت آهي ته فارسي زبان ۾ محاوري جي استعمال ۾ کين ڪافي فوقيت حاصل آهي، صاحب ڪلام پنهنجي غزليات ۾ جا بجا اهڙا ته مشڪل قافيه نظم ڪيا آهن جن جي گنجائش بظاهر رنگ تغزل ۾ نظر نه ٿي اچي ان قسم جي اشعار مان سندن ڪهنه مشقي ۽ پختگي فن جو يقين پاڻ پختو نظر اچي ٿو. تنهن کانسواءِ ديوان ۾ پاڻ جيڪي نوان سنڌي رديف ايجاد ڪيا اٿن سي پڻ قابل تحسين ۽ توجه آهن.

جيئن ته، غزل، عشق و محبت ۽ حسن و جمال جي مضامين تائين محدود هو جنهن ڪري مٿس غزل نالو پيو، ليڪن بعد ۾ مضامين جو ڪو قيد نه رهيو ۽ مختلف، متضاد قسم جي مضامين تي طبع آزمائي ٿيڻ لڳي يعني هڪ شعر ۾ نفرت جو اظهار آهي ته ٻيو محبت ڀرئي الفاظ سان معمور آهي، ڪنهن ۾ مدح آهي ته ڪنهن ۾ شڪايت ڪو اخلاق جو درس ڏئي رهيو آهي ته ڪو عرفان و تصوف ۽ معرفت جي حقيقت کان پيو آگاه ڪري، ڪنهن ۾ فلسفو آهي ته ڪو شعر جذباتي آهي ۽ ڪو نفسياتي، مطلب ته غزل جمله مضامين و خيالات جو مجموعو بنجي ويو ۽ اهائي رنگارنگي غزل جي مقبوليت جو سبب ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ غزل اڄ پنهنجي ارتقا جي ان منزل تي آهي جو دنيا جي ترقي يافته زبانن جي نظمن جي مقابلي ۾ فخريه پيش ڪري سگهجي ٿو. مطلب ته اهي غزل جا سمورا لوازمات ۽ شاعرانه خوبيون جناب مخدوم طالب الموليٰ جن جي غزليات ۾ موجود آهن.

ديوان ۾ ڪيترائي غزليات مشڪل بحرن تي چيل آهن، جي نهايت بهترين غزليات آهن، مخدوم صاحب جن خالص سنڌي شاعر آهن، کين پنهنجي غزليات ۾ عوام جي زبان استعمال ڪرڻ تي پوري پوري قدرت حاصل آهي، سندن ڪلام ۾ اهي سموريون غزل جون صفتون موجود آهن جي فطرتاً ذڪاوت کي امتياز بخشين ٿيون.

جناب طالب الموليٰ جن جي شاعريءَ جو اصل عنصر به غزل آهي، يعني سڀ کان آسان شعر، مگر سڀ کان زياده جامع، همه گير ۽ مشڪل صنف آهي. غزليات جي مطالعي بعد محسوس ڪيم ته صاحب ڪلام جو ڪمال، مطلع نگاري به آهي. مطلع غزل جي جان آهي، ان ڪري جو ٻنهي مصرعن ۾ هڪڙو ئي خيال سو به ٻن مختلف قافين جي جڪڙ بندي سان. مطلب ته هر غزل جو مطلع، ادائگي ۾ جدا جدا شاعرانه خوبي ۾ چيل آهي. ڪلام ڪنهن به شاعرانه خوبي کان تشنه نه آهي ۽ نه وري ڪو اهڙو شعر ته ڇا پر ڪنهن به هڪ مصرع ۾ اهڙو لفظ نظر نه ايندو. لفظن جي نشست ۽ انهن جي استعمال کان صاحب ڪلام جن بخوبي واقف آهن. مخدوم صاحب جن جي شاعري ۾ تصنع ۽ تڪلف قطعاً بلڪل نه آهي. استعارات ۽ تشبيهات جو استعمال نهايت سادگي سان ڪيل آهي ۽ انهن کي اهڙي ته خوبي ۽ احتياط سان عمل ۾ آندو ويو آهي، جنهن کان شعر جو حسن دوبالا ٿي ويو آهي. پاڻ غزل گوئي ۾ بي نظير ۽ بي مثال شخصيت جا مالڪ آهن سنڌي غزل کي گلزار بنايو اٿن. زبان ۾ فصاحت ۽ سادگي سمايل آهي. هزهائينس مير عبدالحسين خان سانگي مرحوم مغفور غزليات جي طبع آزمائي ۾ دؤر قديم جو قمر آهي ته مخدوم طالب الموليٰ جن به غزليات جي طبع آزمائي ۾ دؤر جديد جا شمس آهن ۽ مير سانگي مرحوم رئيس تغزلين آهي ته طالب جن به دؤر عصر جا شهنشاهه تغزلن آهن. سنڌي ادبي دنيا ۾ اهو منصب سندن لاءِ هڪ زرين تاج آهي.

جناب طالب الموليٰ جن جو ڪلام “فلسفئه طالب الموليٰ“ جي نالي سان تعبير ڪيو وڃي ته غلط نه آهي. درحقيقت فلسفيانه ۽ حڪيمانه خيالات جو سنڌي شاعري ۾ سنگ بنياد رکيو اٿن تنهن ڪري کين تراشيده هيري سان مناسبت ڏئي سگهجي ٿي جنهن ۾ سوين هزارين پهلو آهن.

جيڪڏهن ڪو منطقي، ديوان جو مطالعو ڪندو ان لاءِ دلائل ۽ برهان موجود آهن ۽ شگفته مزاج وارن لاءِ شوخي ۽ ظرافت جا نمونا پڻ ملندا پر جيڪڏهن فطرت، انسان جو داستان ٻڌڻ مقصود هجي ته ديوان ۾ اهي حقيقتون به ملنديون جن جو لطف، جيئن جيئن چشم بصيرت کلندي ويندي تيئن تيئن وڌندو ويندو. اهوئي سبب آهي جو ديوان طالب الموليٰ جي مطالعي بعد هر شخص پنهنجي ئي تصوير پاڻ ڏسي سگهندو.

غرض ته جناب مخدوم طالب الموليٰ جن سنڌي غزل جو دائرو وسيع ڪيو آهي، کين تصوف جي بنا تي جيڪڏهن سنڌي جو حافظ سڏيو ويندو ته هرگز بيجا نه ٿيندو. سنڌي ٻولي کي عاشقانه طرز ۾ سمائي اهو رنگ ايجاد ڪيو اٿن جو يقيناً حافظ شيرازي جو روح پرفتوح پڻ وجد ۾ آيو هوندو.

جناب طالب الموليٰ جن اهي شاعر آهن جن عين وقت تي سنڌي غزل ۾ انقلاب پيدا ڪيو آهي. ۽ متاخرين لاءِ هڪ نئين شاهراه پيدا ڪئي اٿن. سندن شاعري ۾ روح نشاط جلوه گر آهن. تصوف ۽ روحانيت به سندن خاص موضوع آهي، جنهن ڪري ڪلام، عام سطح کان بلند بالا آهي جنهن ۾ خاص رفعت ۽ وقار پايو وڃي ٿو.

مطلب ته پاڻ تصوف جي رمز کان به واقف آهن ۽ حسن جادا شناس به. پاڻ لطيف ۽ نازڪ اشارن جا قائل آهن ۽ مست الست به آهن، سندن لفظي ڪمال هي آهي جو تاثير ۽ دل فگاري سندن هر شعر جي هر مصرع جي جان آهي مطلب ته کين محبت سان محبت آهي ۽ سندن شاعري سندن دل جي اصلي ترجمان آهي. ان حيثيت سان پاڻ، دؤر جديد جي شعر ۾ نهايت ممتاز ۽ نمايان آهن.

سندن ڪلام دردو غم سان ايتري قدر ته لبريز آهي جو ياس وحرمان جون سڀ کان زياده تصويرون سندن ڪلام بلاغت نظام ۾ ئي ملنديون پر ياس و حرمان سان گڏ بزدلي کي به ويجهو نه ٿا اچڻ ڏين، سندن خيال آهي ته هر مصيبت بعد خوشي به اچي ٿي.

ديوان طالب الموليٰ جي ورق گرداني ڪندي مٿس دور انديشي جي نگاه ڪرڻ سان واضح ٿيندو ته دراصل جناب طالب الموليٰ جن جي شاعري روماني شاعري آهي. سندن شاعري ۾ رومانيات جماليات ڪيف و سرور ۽ سوز و ساز کان سواءِ معصومانه جذبات ۽ نغمات جون سير آفرينيون شامل آهن. پاڻ حسن ڪارانه انداز ۾ جماليات جو تاسير خوب بيان ڪن ٿا. پاڻ جتي جتي ساغر ۽ مينا جو دؤر شروع ڪن ٿا، اتي ميخانئه حافظ شيرازي جي رنگ جو ساغر به ويڊيندا اچن. سندن هر شعر مان شراب ناب ڇلڪندو نظراچي ٿو سندن ڪلام شروع کان آخر تائين حسن و جمال جو مرقع آهي ۽ عشق و محبت جي حڪايتن سان لبريز آهي. پاڻ عشق ۾ عاشق ستم رسيده بنجي رهڻ پسند ڪن ٿا. ليڪن هڪ اهڙي معنيٰ خيز تبسم ۽ ادا سان جو خود محبوب کي رحم اچي وڃي بلڪ محبوب خود اچي پرچائي.

لاريب سندن رومي حافظ ۽ خيام جو وسيع مطالع ڪيل آهي ۽ انهن کان ئي متاثر ٿي انهن جو مقلد ٿي تقليد ڪري، يعني رومي جو فلسفو، حافظ جو جادو بيان ۽ خيام جو ڪلسئه ساغر پاڻ کڻي توڪل جو ترهو ٻڌي، ميدان عشق ۾ جنهنجون سخت ۽ سخت منزلون يعني حقيقت طريقت شريعت ۽ معرفت جا مرحلا طئي ڪندا تصوف جي فلسفي ۽ حڪيمانه رمزن کي سمجهندا ۽ نڀائيندا پيا رهن، الله تعاليٰ کين اهڙي ته درد مند دل عطا ڪئي آهي، جا في زمانه قابل رشڪ آهي، پاڻ جلوه هائي خداوند ۾ پاڻ کي گم ڪري پنهنجو ملڪ سماوي سمجهن ٿا، سندن نظرون ستارن ۽ آسمانن کان بلند دنيا جو طواف ڪنديون رهن ٿيون. پاڻ پنهنجي حقيقي محبوب اڳيان، فقيرانه درويشانه عاجزانه انداز ۾ پنهنجي عجزو نياز کي، تسليم خم ڪندا نظر اچن ٿا ڇو ته اُن سرزمين امتحان تي نياز وارن جي امتحان جي نتيجي مان کين پروڙ پوي ٿي ته هتي ناز اڳيان نياز ٺهي ٿو.

سچ پچ ته ان فقيرانه راز جي، رمز شناسي عام انسان جي ادراڪ ۽ فهم کان گهڻو بلند ۽ بالا آهي. مجاز مجاز آهي ۽ حقيقت حقيقت آهي پر ازل کان ابد تائين جي دراز صفت ۾، خبر ناهي ته ڪيتريون منزلون طئي ڪرڻيون پون ٿيون ۽ خدا ڄاڻي الائجي ڪٿي ڪٿي اها ”پوئي آشنا“ دامن جهلي ٿي. الاهيات جو فلسفو، جنهن رمزن کي، دريافت ڪرڻ ۽ سمجهڻ ۾ صديون گذري وڃن. تن کي صاحب ڪلام پنهنجي الهامي قوتن جي بدولت اهڙي ته آساني سان قيد تحرير ۾ آڻين ٿا، جيئن ته ڪا ڳالهه ئي نه هئي. سندن غزل کي حقيقت ۽ مجاز جي ٻنهي طريقن سان مطالعي بعد سمجهي سگهبو ۽ ٻنهي طريقن سان ان جي معنيٰ جي لطف ۾ ڪو فرق به نظر نه ايندو پر عام طور تي پاڻ حقيقت سان ئي هم گفتگو آهن ۽ سندن عشق خالص حقيقي عشق هئڻ کان علاوه، ڪا ٻي دعوى به نه ٿو ڪري، انهي ڪري پنهنجي غزل ۾ ديده دانسته محبوب جي جنس کي ظاهر نه ٿا ڪن ۽ اها ئي رمزو ايماء جي اقتضا آهي جنهن ڪري جڏهن ڪڏهن غزل ۾ محبوب جو ذڪر اچي ٿو ته منڪر صفات و افعال استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيڪو روح غزل جو رازدان آهي ۽ جنهن لاءِ ڪا تعجب جي ڳالهه به نه آهي. در حقيقت غزل جي رمز نگاري جي اها ئي اقتضا هئڻ گهربي هئي ته جهڙي طرح حقيقت ۽ مجاز جي فرق و امتياز کي مهبم ڇڏي ڏنو ويو آهي ته جيئن ذوق سليم خود ان جو فيصلو ڪري، تهڙي طرح محبوب جي جنس کي به ابهام جي نقاب ۾ لپيٽيو ويو آهي. پاڻ خلوت ۽ پردي جي ڳالهه کي صاف ظاهر نه ٿا ٻڌائڻ چاهن ان ڪري پاڻ ڪنايه ۽ اشارن سان بار بار مفهوم ادا ڪن ٿا جنهن ۾ زبان ۽ جذبن جا سمورا لوح موجود آهن. هي ياد رکڻ گهرجي ته ان باب ۾ صدين جي شائستگي ۽ تهذيب پڻ رهبري ڪري ٿي جنهن ڪري سندن ڪلام جي وري وري مطالعي بعد معلوم ٿيندو ته سندن غزل، محبت ۽ اصلي عشق جي انهن سمورن آداب جو پورو پورو احترام ڪيو آهي، جيئن ته پاڻ فرمائين ٿا:

پسائين عالم رويا ۾ پنهنجو چهرهء انور

عنايت ڪئي نبي نور الهدى اهڙي جو ڇا چئجي

هزارين حمد و شڪرانا ڪري ٿو طالب الموليٰ

خدا اُن کي طبع رسا اهڙي جو ڇا چئجي.

واضح هجي ته اهو آهي جناب مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري جو اصلي نقطئه نظر. اسان کي ديوان طالب الموليٰ جي مطالعي مان تصوف، مناظر قدرت ۽ جذبات فطرت جا ارڪان ملن ٿا. جن جا وري علحده علحده پهلو آهن جن مان سبق آموز رموز ۽ نقطا حاصل ٿين.

 

 

انور هالائي

 

صاحبِ سخن کان اهل نظر تائين

حضرت سرور نوح جي هن نگريءَ ۾ ڪيترائي عالم، فاضل، عاقل، دانشور، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن جن هن علائقي جي روحاني، مذهبي ۽ ادبي منصب کي مٿاهون ۽ بالاتر ڪيو آهي. حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح عليہ الرحمة جن جتي هن نگريءَ کي پنهنجي روحاني فيض سان مالا مال ڪيو جنهن جا نوراني ڪرڻا برصغير جي ڪوني ڪوني کي روشن ڪري رهيا آهن، اتي هن علاقي کي علم و ادب جي فيض سان پڻ سيراب ڪيو.

اڄ تائين جيڪا عالمن ۽ اديبن جي تحقيقات آهي ان موجب ثابت ٿيو آهي ته حضرت مخدوم سرور نوح، هن علاقي جو پهريون شاعر آهي.

”پئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانيو ماڻهو ئا

روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوي کي“

جهڙن بيتن سان هن علاقي ۾ شاعري جو آغاز ٿيو ۽ اها شاعري حضرت مخدوم نوح کان وٺي مخدوم طالب الموليٰ تائين سندن خاندان ۾ ورثي به ورثي هلندي اچي ٿي ۽ هن وقت  به جاري آهي ۽ جاري رهندي ايندي.

هالا جي ادبي تاريخ ۾ جنهن پهرين سنڌي ڇپيل ڪتاب جو پتو پيو آهي، اهو آهي امير حمزي جو داستان، جيڪو 1890ع ۾ عبدالغفور هالائي جو لکيل آهي ۽ اهو سڄو نثر ۾ آهي ان کان پوءِ پهرين شاعري جو ڪتاب جو نالو ميين عسي  جي سنڌي آهي جيڪو راقم الحروف جو جد امجد هو ۽ اهو ڪتاب 1892ع ۾ ڇپيو هو جيڪو سمورو بيتن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ حضور پاڪ جن تي بيتن ۾ سلام چيا ويا آهن اهو ڪتاب 1922ع ۾ ڇپيو هو 1932ع ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم احمد علي خادم جو ڪتاب ”خادم جون ڪافيون“ ڇپيو هو.

علم عروض جو قائدن مطابق موزون شاعري ۾ ديواني قاسم 1933ع ۾ ۽ 1934ع ۾ ديوان گل ڇپيا مرحوم حاجي محمد اسحاق نانوائيءَ هڪ ڪتاب ”مارئي جا آلاپ“ 1934ع ۾ ڇپايو هو ۽ مرحوم محمد جمن گاجڻيءَ جون ڪافيون ”ڪلام جمن“ جي نالي سان 1940ع ۾ ڇپيون، جيڪي ٻئي ڪتاب غير موزون شاعريءَ ۾ شمار ٿين ٿا اُن کان پوءِ ديوان آسو ڇپيو جيڪو به موزون شاعري جو ڪتاب هو، هالا ۾ موزون شاعريءَ جو ڪتاب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جو ”بهار طالب“ آهي جيڪو 1946ع ۾ ڇپيو جنهن کي اخوان محترم الحاج سليم هالائي ترتيب ڏنو هو، ۽ اهو هالا جي موزون شاعريءَ جو چوٿون ڪتاب آهي. ان دور ۾ مخدوم صاحب جن جو تخلص طالب هو. 1946ع کان وٺي 1982 تائين مخدوم طالب الموليٰ جي موزون شاعري جو هي ٽيون ڪتاب آهي، جيڪو ديوان طالب الموليٰ جي نالي سان شايع ٿيو آهي. ان وچ ۾ 1949ع ۾ هڪ پاڪيٽ سائيز شاعريءَ جو ڪتاب رباعيات طالب به منظر عام تي اچي چڪو آهي.

منهنجي اندازي موجب سنڌ ۾ اڄ تائين اٽڪل اٺاويهه ديوان شايع ٿيا آهن انهن جو ويهه سيڪڙو ديوان هالا مان شايع ٿيا آهن 1. ديوان گل  2. ديوان قاسم 3. ديوان آسو 4. ديوان انجم 5. ديوان طالب الموليٰ ان لحاظ کان به هالا جي سرزمين جو مان مٿاهون آهي.

36 سالن جي عرصي ۾ مخدوم صاحب جو ڪو به ڪتاب موزون شاعريءَ تي شايع ڪونه ٿيو آهي. جنهن جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا، پر هن دور جو انسان سبب اسباب جي تحقيق کان سواءِ ئي هڪدم فيصلو ڪرڻ جو عادي آهي. تنهنڪري مخدوم صاحب بابت اها راءِ قائم ڪئي ويئي ته هو صرف ڪافي گو شاعر آهي. جيتوڻيڪ ريڊيو، اخبارن ۽ رسالن ۾ سندن ڪيترن ئي غزلن جو ثبوت آهي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي مشاعرن ۽ ڪانفرنسن ۾ سندن شرڪت ۽ غزل پيش ڪرڻ هوندي به سندن موزون شاعريءَ کي شڪي نگاهن سان ڏٺو ويندو هو ۽ سنڌ جي ڪن سٺن شاعرن ته ان راءِ جو دٻيل لفظن ۾ اظهار به ڪيو هو ۽ هڪ  مرحوم شاعر ته مون سان به ان شڪ جو اظهار ڪيو به ڪيو هو جنهن کي مون دليلن ۽ چشم ديد حالات کان واقف ڪري قائل ڪيو. ان شڪ، گمان جي راءِ جا ظاهري طور ڪيترائي سبب هوا، جن مان ڪن وٽ اهو سبب به هو ته هيڏي وڏي گاديءَ جو سجاد نشين، مريدن خادمن سان ملڻ، سندن فيصلا ڪرڻ، سير وسفر ڪرڻ کان پوءِ ڪيئن وقت بچائي ٿو سگهي جو غزل جهڙي عظيم فن تي قادر ٿي سگهي ٿو. ان کان سواءِ ريڊيو وارن سدائين طالب الموليٰ جي ڪافين ۽ بيتن کي وڏي زور شور ۽ اهتمام سان نشر ڪيو. هيڪاري جو ان دور ۾ ”ڪچڪول“ ۽ ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ٻه ڪتاب ڇپيا جيڪي به ڪافين ۽ بيتن سان ڀرپور هوا. تنهن ڪري ڪيترن ئي دوستن پنهنجي ان راءِ تي کڻي ڳنڍ ٻڌي، حالانڪ ڪچڪول جي آخر ۾ اردو ۽ فارسي غزل به ڏنا ويا آهن. جيڪو شخص اردو ۽ فارسيءَ ۾ تمام سٺا غزل لکي سگهي ٿو ان جي سنڌي غزل گوئي تي الزام تراشي ڪرڻ، اڻ ڄاڻائي يا جاهليت جو اظهار آهي.

مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته مون کي سندن قرب ۽ صحبت گذريل 35 سالن کان نصيب آهي. مون کين هر رنگ ۾ ڏٺو آهي پروڙيو آهي ورهن جا ورهه مهينن جا مهينا پري رهي به، ڏينهن راتيون گڏ گذاري به، قدرت طالب الموليٰ کي شاعريءَ جا وسيلا به بهترين مهيا ڪري ڏنا آهن.

1. سندن خاندان روحاني سر چشمئه فيض سان گڏو گڏ علمي ادبي پڻ آهي جنهن جو اثر ورثي ۾ ملڻ لازمي آهي.

2. ننڍي هوندي کان سندن تعليم وتربيت جو خاص خيال رکيو ويو. بهترين استادن ۽ ناياب ڪتابن جي مطالعي کين طبع فڪر و رسا بخشي.

3. سير وسياحت ۾ پنهنجي فطري تجسس باعث وٽن معلومات جو اڻ کٽ خزانو آهي. 4

. واردات قلب سندن شاعريءَ کي اجاگر ڪرڻ ۾ وڌيڪ معاون ثابت ٿيا.

5. علمي ادبي شخصيتن سان ڪچهريون ۽ مباحثا منجهن فهم و اداراڪ جو سبب بڻيا.

اهڙن سڀني سهوليتن کين شاعريءَ جي ميدان جو بهترين شهسوار بڻائي ڇڏيو آهي. طالب الموليٰ ۾ هڪ ئي وقت ۾ ٻه ٻه، ٽي ٽي ڪم ڪرڻ جي اُتم صلاحيت موجود آهي. ڪنهن جي فيصلي لاءِ تڪراري ڳالهيون ٻڌڻ، ان درميان ٻين ذاتي ڪمن ڪارين جا نيڪال ڪرڻ ۽ ساڳئي وقت شعر لکڻ. ان صورتحال جو مون وقت به وقت مشاهدو ڪيو آهي.

”ديوان طالب الموليٰ“ جنهن جي اڄ محترم احمد خان آصف صاحب جن رونمائي ڪئي آهي، صاحب سخن کان اهل نظر تائين پهچڻ ۾ تمام مشڪل ترين مرحلن مان گذريو آهي.

مون کي ياد آهي ته 1974ع ۾ بزم طالب الموليٰ جي گڏجاڻين ۾ مخدوم صاحب اهو ذڪر ڪندو هو ته سندس غزلن جو مجموعو يڪجا ٿيڻ لاءِ جيڪي آئون سوچيان ٿو اهو نٿو ٿي سگهي. غزل مختلف ڪتابن ۽ پنن تي ٽڙيل پکڙيل آهن، جن کي هڪ ئي هنڌ گڏ ڪرڻو آهي. ان وقت ته مون به سندن مافي الضمير کي سمجهڻ  جي ڪوشش ڪانه ڪئي ۽ نه پاڻ ڪا وضاحت ئي ڪيائون. اچانڪ ڊسمبر 1974ع ۾ منهنجي زندگي ۾ هڪ اهڙو حادثو پيش آيو جنهن منهن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا ۽ آئون سڪون جي تلاش ۾ ڦرندو رهيس. فبروري 1975ع ۾ مخدوم صاحب جن ان ڳالهه کي وري ورجايو. عين ان وقت مون وضاحت گهري. ان وقت منهنجي دل آواز ڏنو ته توکي سڪون لاءِ اهڙو پناهه گاه ٻيو نه ملندو. ان ڪري مون سندن غزلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جي حامي ڀري ۽ مارچ 1975ع کان اهو ڪم شروع ڪري ڏنو. انهيءَ نقل نويسيءَ ۾ نه رڳو مون کي اهو ذهني سڪون مليو، جنهن جي آئون تلاش ۾ هوس پر غزلن ۾ مون کي فصاحت ۽ بلاغت پڻ نظر آئي. اهو سمورو ڪم مون ساڍن ٽن سالن ۾ 12 سيپٽمبر 1978ع تي پورو ڪيو. جنهن کي جلد ٻڌائي مخدوم صاحب جي ذاتي ڪتب خاني ۾ رکايو اٿم جو اڄ به موجود آهي. انهن ساڍن ٽن سالن ۾ نه رڳو غزل نقل ٿيندا رهيا پر انهن جي ڀيٽا به ٿيندي رهي ۽ ڪڏهين ڪڏهين ته اها ڀيٽا حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به ٿيندي هئي ۽ اتي هفتو هفتو وڃي رهبو هو. صرف اهوئي ڪم هوندو هو. آئون مڃان ٿو ته ڀيٽا جي دوران آئون ٿڪجي پوندو هوس، پر مخدوم صاحب ڪڏهن به نه ٿڪو. ان وچ ۾ مون مخدوم طالب الموليٰ جو اهو ارادو محسوس ڪيو ته هنن غزلن کي ديوان جي صورت ۾ ڇپائجي. مون کي خبر ڪانه هئي ته پاڻ پنهنجي منهن 1977ع ۾ هڪ ننڍڙو ديوان (جنهن ۾ سؤ کن غزل هوا) مرتب ڪري به ڇڏيو هئائون ۽ ان جو مهاڳ به لکي ڇڏيو هوائون پر 1979ع ۽ 1980ع جا ٻئي سال ديوان جي ذڪر کي خوبصورتيءَ سان ٽاريو پئي ويو حالانڪ انهن فني دشوارين کي مون به محسوس پئي ڪيو جيڪي مخدوم صاحب  جي ذهن ۾ موجود هيون، پر انهن کي حل ڪرڻ جا طريقا به موجود هوا. آخر ڪار جنوري 1981ع ۾ مخدوم صاحب جي پنجين نمبر فرزند جناب مخدوم سعيد الزمان عاطف جن جي تحريڪ سان هن ڪتاب جي ڇپائي کي ڪجهه واءُ لڳو ۽ جناب مخدوم خليق الزمان صاحب ۽ جنام مخدوم شفيق الزمان صاحب جن جي تائيد ”ديوان طالب الموليٰ“ جو ٻيڙو ساحل ڏانهن وڌڻ لاءِ تيار ٿي ويو. منهنجي دل تي به اها شديد ترين خواهش هئي ۽ مارچ 1981ع کان ديوان جي ايڊيٽنگ، تزئين ۽ تدوين جو ڪم شروع ڪيو ويو. ان دوران مرڪزي سروري تنظيم جي ذيلي اداري سروري پبليڪيشن اهو ڪتاب پنهنجي طرفان ڇپائڻ جي آڇ ڏني. مخدوم صاحب پهرئين ڇاپي جي کين اجازت ڏني. رٿابنديءَ مطابق هن ڪتاب کي مڪمل آفيسٽ طريقي سان ڇپائڻو هو ان ڪري ان جي ڪتابت جو ڪم شروع ڪيو ويو ۽ اهو ڪم به نهايت صبر آزما هو. ان دوران مخدوم صاحب جي ڪن خير خواهن ان شڪ ۽ گمان جو اظهار ڪيو ته ديوان طالب الموليٰ جي ڇپجڻ کان پوءِ ننڍا وڏا شاعر اُن مان ناجائز فائدو وٺندا ڇاڪاڻ ته غزلن ۾ جيڪي نيون نيون ترڪيبون، محاورا، اصطلاح، قافيه ۽ رديف ڪتب آندا ويا آهن. اهي سنڌ جي تمام ٿورن شاعرن ڪتب آندا هوندا، ۽ ڪي ته بلڪل نوان نڪور آهن، پر مخدوم صاحب نهايت تدبر سان ان مصاحب جي شڪ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو منهنجون ترڪيبون ۽ محاورا جيڪڏهن ٻيو ڪير استعمال ڪندو ته مون کي خوشي ٿيندي پر انهن کي ساڳئي مضمون ۾ ڪوبه باضمير شاعر استعمال نه ڪندو.

خدا جا لک لک احسان آهن جو جولاءِ 1982ع کان اڳ مڪمل طور ڇپائي جو ڪم پورو ٿي ويو ۽ ديوان طالب الموليٰ ڪتاب بائينڊنگ ۾ ڏنو ويو. جيڪو هاڻي آگسٽ ۾ پڌرو ٿي اوهان جي آڏو آهي.

جيڪو آهي سرگذشت طالب الموليٰ جو روح،

مان به آهيان باليقينن ان جي ئي افساني جي دل.

هن ديوان ۾ 451 غزل آهن، جيڪي مخدوم صاحب جي جملي لکيل غزلن جو انتخاب آهن. حالانڪ 31 جولاءِ 1982ع تائين سندس غزلن جو تعداد 1457 تائين پهچي چڪو آهي. مڃان ٿو ته هن ڪتاب ۾ ڪتابت ۽ ڇپائيءَ جون غلطيون رهجي ويون آهن پر اهي منهنجي ملازمت جي مجبوري ۽ نامساعد حالات جي ڪري ئي ٿيون آهن جيڪي انشاء الله تعاليٰ ايندڙ ڇاپي ۾ نه ٿينديون.

سٻاجهو ٿي سڄڻ هٿ ٻاجهه جو رک شان پنهنجو ڏس.

مٺا سائين سندم عيبن کي ورجائڻ مان ڇا ورندو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org