سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي

 باب--

صفحو :11

 

ضميمو – ج

 

سپڙ سخي جو نسل ابو لهب تائين

سخي سپڙ بن چوٽه بن چونه بن ٿاڻو بن پٻو بن انڙ بن هاله بن وڪيه بن بيگه بن سر کنڊ بن ميراس بن سلطان بن ذوالقرن بن وزير بن باديڻ بن ڏيپار بن منگر بن راهو بن رونجهه بن چڀڙ بن دسرت بن اجپال بن سام بن عمر بن ابو لهب.

 

 

 

ضميمو – د

 

هندوستان جي موسيقي جي علم موجب راڳڻين جي يادداشت. انهن مان جي نالا شاهه جي رسالي ۾ صحيح سالم ورتل آهن، تن جي هيٺان ليڪو ڪڍي ڇڏيو اٿئون.*


 

 

 

ضميمو – هه

شاهه عبداللطيف جي خدمت ۾ جيڪي خاص مريد ۽ فقير حاضر هوندا هئا تن جا نالا:

*ميان نور محمد وائي وارو، شاهه صاحب جو استاد هو.

*ميان محمد عالم ديانه، شاهه صاحب جي والده جو ڀاڻيجو هو. سماع جو   ڪم ۽ بندوبست انهيءَ جي حوالي هو.

*ميان عبدالواسع سالارو، سکر فقير ڏيرو ۽ فقير اسماعيل سمون ڀينءَ پور وارو، سيد نهال شاهه، فقير اسماعيل ڏيرو، اجن فقير ديرو ۽ ڪمال فقير سينهڙو، ۽ ورو فقير جنهن کي ’وڳنڌ‘ ڪري چوندا هئا، جنهن جو اشارو بلاول جي سر ۾ آهي. نورمحمد ابڙو ويٺل ڪاٺڙي مڪان جو، ۽ سيد سائينڏنو متعلوي موسيٰ پوٽو، اهي فقير، جيڪي مٿي بيان ٿيل آهن، سي سڀيئي خاص خدمتگارن وانگي رهندا هئا، جو سواءِ حاضري جي ٻيو ڪو ڪم ڪار ڪونه هئن.

*احمد فقير، شاهه صاحب جي گهوڙي ’چنگل‘ جو گاهي هوندو هو.

*محمد رحيم فقير، منشي هوندو هو ۽ لکپڙهه جو ڪم ڪندو هو.

*عر فقير سهتو دايو هوندو هو.

*عنايت وساڻ، جت هوندو هو، ۽ ڪجاوي جي مهار وٺندو هو.

*عبدالجميل انڙ، مصلي ۽ تسبيح جي سنڀال ڪندو هو، جي هن جي حوالي هئا. نماز ۽ ٻي ظاهري عبادت جو بندوبست انهيءَ جي ذمي هو.

*عرس فقير ساند، سرود ڳائڻ وارن جو خليفو هو، ۽ پاڻ به چڱو راڳ ڳائيندو هو.

*ونهيون فقير ڪتن جي سنڀال ڪندو هو. شاهه صاحب وٽ ٻه ڪتا هوندا هئا، هڪڙو’موتي‘ ٻيو ’کنو‘ انهن ٻنهي جي ماءُ مري ويئي هئي ۽ شاهه صاحب هنن کي ڪنهن شهر ۾ نڌڻڪو رلندو ڏسي پاڻ وٽ آڻي پالڻ ڪيو هو.

*رحمَون فقير بورچي هو.

*قاسم فقير حجام هو.

*بچو فقير ڪوءنرو کڻندو هو.

*سومر فقير اصل ويٺل خانپور جو هو. عارف هو ۽ شاهه صاحب کان ارشاد مليو هئس، جنهن پنهنجي مُنهن پيري مريدي پئي ڪئي.

*عارف فقير ٿيٻو، نون فقيرن کي نماز ۽ عبادت سيکاريندو هو.

*جيڪي فقير راڳ جي ڪم تي هئا، سي هي هئا: عرس فقير، راڳ جو خليفو ۽ سيد نقي بخاري ۽ ميون هاشم علوي ريحان پوٽو سرودي هوندا هئا.

*’اٽل‘ ۽ ’چئنچل‘ هندستاني ڳائڻا استاد هئا، جو اهي ٻئي دهلي جي شهر مان آيا هئا.

*عيدن رازي، شاهه صاحب جي مسجد ۽ سندس روضو مبارڪ تيار ڪيو. اهو سکر جو ويٺل هو.

*فقير ولي محمد، ميان نور محمد ڀٽي واري جي، شاهه صاحب جي ميت کي غسل ڏنو هو.

*انهن فقيرن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي فقير، جن جا هتي نالا نٿا ڏئي سگهجن، جو تمام گهڻا آهن.

 

(پورو ٿيو)*


 


* اصل ڇپيل ڪتاب ۾ انهن راڳڻين هيٺان ليڪون ڏنل ناهن.

* هن بعد اصل ڇاپي ڪتاب ۾ فهرست بابن جي ۽ مختصر تفصيل مضمونن جو ڏنل آهي، جيڪا اسان هن نئين ڇاپي جي شروع ۾ ڏني آهي. (ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org