سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

صفحو :20

”گهر کڻي وڃوس! هڪدم هتان ڪڍوس!“ سندس پيءُ ڪاوڙ ۾ چيو؛ جيتوڻيڪ سندس منهن تان کِلَ اڃا نه هٽي هئي. ڇوڪريءَ تي هڪ سرسري نظر وڌائين ۽ پوءِ وري آکاڙي ڏانهن متوجھ ٿيو، ۽ ڏاڏيءَ منهن تان اڌ نقاب لاهي رڙ ڪئي، ”ڊائسي، گهر کڻي وڃينس!“ ڊائسي خار ۾، آهستي، تار تي لٽڪندڙ شخص مان اک ڪڍڻ کان سواءِ اٿي؛ رئندڙ ڇوڪريءَ کي کنيائين ۽ تماشبينن جي گوڏن ۽ پيرن سان ٽڪرندي، تختن تان لٿي، ۽ ٿڙندي ٿاٻڙندي، واريءَ پٿاريل رستي تان لنگهي، تنبوءَ جي هڪ دروازي جو پردو هٽائي اڳتي وڌي. ميرانڊا اڃا به رکي رکي سڏڪا ڀري رهي هئي. لنگهه وٽ هڪ ڄامڙو – مسخرو بيٺو هو، جنهن کي ڏاس جي ڊگهي نقلي ڏاڙهي ٻڌل هئي ۽ مٿي تي ڊگهي چهنبدار ٽوپي ۽ ٽنگن تي سوڙها ڳاڙها پاجاما ۽ پيرن ۾ لانگ بوٽ هئس؛ جنهن جون چوٽيون مٿي مُڙيل هيون. هٿ ۾ کيس هڪ سنهي ڇڙهي هئي. ميرانڊا ان کي بنهه تڏهن ڏٺو، جڏهن بلڪل ساڻس گسڪو ڏيئي لنگهي – سندس بگڙيل چهرو، ڦاٽل وات ۽ چمڪندڙ ڳوڙها بنهه هن جي نڪ سامهون هئا. هو اڳڀرو نئڙيو ۽ ڏانهس ٻاجهارين، غير انساني سونهين اکين سان ائين نهاريائين، جيئن ڪو پري نه ڏسي سگهندڙ ڪتو ڪنهن ويجهيءَ شيءِ ڏانهن ڏسندو آهي؛ ۽ پوءِ ميرانڊا جهڙو منهن ڪري، ڏند ڪڍي ائين بيهي رهيو، ڄڻ چيٻارا ڪڍندو هجي. ميرانڊا آپي کان ٻاهر نڪري ويئي ۽ هن کي منهن تي چماٽ وهائي ڪڍيائين. ڊائسي جلدي ميرانڊا کي ڇڪي ورتو، پر ايتري ۾ ميرانڊا مسخري جي منهن تي وڏن جهڙي بي ترس شوخي ۽ ناراضگيءَ جا آثار ڏسي ورتا. هوءَ انهن آثارن کان خوب واقف هئي. کيس وري نئين قسم جي ڊپ ورتو. هن کي اميد ئي نه هئي ته هو به ڪو واقعي ماڻهو هو.

        ”واپسي وٺو. واپسي وٺو.“ هڪ شخص رڙ ڪئي. ڊائسي اکين ۾ ڳوڙها آڻي هن ڏانهن نهاريو، ”ڀائو، مان واپس ڪيئن اچي سگهنديس! ڏسين نٿو! مان هن ڇوڪريءَ سان اڙجي ويئي آهيان! هن آزار کي تماشو ڏيکارڻ لاءِ وٺي آئي هيس، تنهنجو اهو ننڍڙو ڪاغذ جو ٽڪرو هاڻي منهنجي ڪهڙي ڪم جو!“

        سڄي واٽ هوءَ غصي ۾ هئي، ۽ پنهنجي ليکي چوڻ لڳي، ”نٺر ٻار....! عقل ئي ڪونهيس....! جهڙي لوٺي.....! ڪٿي آڻڻ نيڻ جهڙي ناهي.....! ڪڏهن ڪجهه ڏسي ئي ڪين.... هاڻي تڪڙي ٿي...... جڏهن ڏس ته ٻين جو مزو وڃائي.... حرام جي ڪنهن کي ساهه پٽڻ ڏئي. هل هاڻي گهر، اهائي مرضي اٿئي نه؟ تکي ٿي، هل گهر.....“ هوءَ ميرانڊا کي گهليون پئي ويئي. ناراض ته ڏاڍي هئي، پر اهڙي ڪا ٻي ڳالهه نٿي ڪيائين، جو ميرانڊا کي ائين چوڻ جو وجهه ملي ته ”ڊائسيءَ مون کي هيئن چيو يا هونئن چيو.“ ڊائسيءَ کي اهڙين ڳالهين ۾ فقط هڪ مقرر حد تائين اختيار هو.

        سڄو ڪٽنب منهن اونداهيءَ کان اڳ گهر موٽي آيو، ۽ هر ڪو پنهنجيءَ ۾ لڳي ويو. هر ڪنهن ڪمري مان کل ڀوڳ جو آواز ٿي آيو. ٻين ٻارن ميرانڊا کي ٻڌايو ته هوءَ ڪهڙا ڪهڙا مزا پوئتي ڇڏي هلي آئي هئي – عجيب عجيب ننڍڙا ننڍڙا گهوڙا، لغامن ۾ گل ۽ ڳانا ۽ گهنٽيون ٻڌل، جن تي مخمل جي صدرين ۽ ڊگهين چهنبدار ٽوپين سان وڻندڙ ڀولڙا سوار هئا: سيکاريل اڇيون ٻڪريون، جن ناچ پئي ڪيو؛ هڪ هاٿيءَ جو ٻچڙو، جنهن پنهنجي اڳين ٽنگن سان منڌيئڙي جو نشان پئي ٺاهيو، ۽ پڃري جي ڀِت سان لڳي کاڌي لاءِ پنهنجو وات پئي پٽيائين – اهڙو هو اهو ٻچڙو! اڳئين کان به وڌيڪ ڀوڳائي مسخرا...... سهڻيون زالون چمڪندڙ سونهري وارن سان، چست سفيد ريشمي ڪپڙا پاتل ۽ چيلهه وٽ سرخ ساٽن جون پٽيون ٻڌل، پنهنجا ڪرتب ڏيکاري رهيون هيون. اهي به پنهنجي آڱوٺن تي پينگهه ۾ لڏيون ٿي. پر ڪهڙي نه وڻندڙ نموني، جهڙا اڏامندڙ پکي! وڏن اڇن گهوڙن جي پٺيءَ تي نچندڙ مرد ۽ عورتون! گهوڙا، آکاڙي ۾ گول گول پئي ڊوڙيا. هڪڙو ماڻهو تنبوءَ ۾ لٽڪندڙ پينگهه ۾ ڏندن سان چڪ وجهي لڏيو ۽ ٻئي هڪ ماڻهوءَ شينهن جي وات ۾ پنهنجو مٿو وڌو. ”اڙي! هن ويچاريءَ ڇا ڏٺو!“ هرڪو سرڪس جون ڳالهيون ڪري خوش ٿي رهيو هو، ۽ هوءَ دل ئي دل ۾ ڪڙهي رهي هئي ته هڪڙو دفعو سرڪس ڏسڻ جو موقعو مليس، سو به وڃايائين، ۽ ڊائسيءَ جو به سڄو ڏينهن خراب ڪيائين: ويچاري ڊائسي!  ويچاري ڊائسي! جن ٻارن کي هن مهل تائين ڊائسيءَ جو خيال نه آيو هو، سي به هينئر ڏک جهڙو منهن ڪري هن ڏانهن نهاري رهيا هئا، ۽ شرارت ڀرين نظرن سان خارن ۾ ميرانڊا کي پوسرجندي هر هر ڏسي رهيا هئا. ڊائسي ڪيترن ڏينهن لاڪر هن ڏينهن جو انتظار ڪري رهي هئي! پوءِ عين موقعي تي هيءَ ميرانڊا ڊپ کان ٻوڪاٽ ڪرڻ ويهي رهي! هڪڙو ٻار ٻئي کي چئي رهيو هو، ”ڀلا انهيءَ پوڙهي مسخري کان ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه هئي؟“ ۽ پوءِ هو ميرانڊا تي قياس کائي، هڪ ٻئي ڏانهن نهاري مرڪي رهيا هئا.

        هڪ ٻئي خيال کان پڻ هي اهم موقعو هو. هي پهريون ئي دفعو هو، جو ڏاڏي سرڪس ڏسڻ لاءِ تيار ٿي هئي. هوءَ اهڙيون ڳالهيون ڪندي هئي، جن مان پتو پوندو هو ته سندس جوانيءَ جي زماني ۾ سرڪس هئا ئي ڪين، ۽ جي هئا به، ته انهن جو ڏسڻ خراب سمجهيو ويندو هو. بهرحال هوءَ هميشھ اهڙا دليل ڏيندي هئي، جو انهن مان اهڙين ڳالهين لاءِ سندس ناپسندگيءَ جو اظهار ٿيندو هو، ۽ جيتوڻيڪ هن اها ڳالهه ڪانه ٿي ڪئي ته ڪو کيس لطف ڪين آيو هو، پر ان هوندي به ٻيو نه ته سندس ليکي گهٽ ۾ گهٽ هن سرڪس ۾ ڪي اهڙا منظر ۽ آواز ضرور هئا، جن بابت گهٽ ۾ گهٽ هي چوڻ بجا هو ته ننڍيءَ عمر وارن لاءِ اخلاقي نقطه نگاهه کان اهي ڪجهه نامناسب هئا. جڏهن مڙيئي ٻار – ڀائر، ڀينرون، ۽ ٻاهران آيل سوٽ ماسات – سڀ ماني کائي رهيا هئا ته هن جو پٽ هئري وٽن لنگهي آيو ۽ سندن مرڪندڙ چهرن ڏانهن ڏسي  چيائين: ”معلوم ٿئي ٿو ته ليلڙن جي ولر کي ڪو خاص نقصان نه پهتو آهي.“ سندس ماءُ وراڻيو، ”هنن جو حال سندن مستقبل کان ايڏو ته پري آهي، جو ان جي ميوي بابت هينئر چئي نٿو سگهجي ته هنن کي نقصان پهتو آهي يا نه. مشڪل ڳالهه اها آهي.“ ۽ هوءَ ٻارن جي مکڻ لڳل ٽوسن لاءِ چمچي سان گرم گرم کير کي ملائيندي رهي. ميرانڊا ڊول سڄائي چپ چاپ ويٺي رهي. سندس پيءُ کيس ڏسي مرڪي رهيو هو. چوڻ لڳو، ”ڌيءُ، تو ته ڪجهه ڪونه ڏٺو. ڀلا، ان مان ڇا مليئي؟“

        ميرانڊا وري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي ۽ زار زار ڳوڙها وهڻ لڳس. نيٺ هن کي اتان کڻي ئي وڃڻو پين، ۽ سندن کاڌو به کيس اندر وڃي ڏيڻو پين. ڊائسي خار ۾ چپ هئي. ميرانڊا ڪجهه به کائي نه سگهي. ٻڌل ڳالهين تي، هن کي ڄڻ سچ پچ ياد اچي رهيو هو ته هن به انهن سهڻين دلير عورتن کي ڏٺو هو، جن سفيد ساٽن جا چست لباس پائي، چيلهه ۾ سرخ پٽيون ٻڌي، پينگهن تي ڪرتب ڏيکاريا هئا؛ هوءَ انهن پيارن پيارن ننڍڙن گهوڙن کي ۽ انهن پالتو باندرن کي ياد ڪندي رهي، جن کي کل ڏيارڻ جهڙا ڪپڙا پاتل هئا، ۽ پوءِ ائين هن کي ننڊ اچي ويئي. هن جون اهي ايجاد ڪيل يادگيريون سندس اصلي يادگيرين لاءِ رستو صاف ڪري ويون – ڍرڙن سفيد ڪپڙن پاتل، ڊنل سهميل چهري واري ماڻهوءَ جو موتمار ڪرڻ، اف! ڪهڙو نه ڀيانڪ تماشو هو! ۽ ان مسخري جي نقلي کل، جو سچ پچ ڄڻ کليو ئي نٿي! هوءَ رڙ ڪري جاڳي پئي ۽ پنهنجي ڏک ۽ پيڙا کي روئي هلڪو ڪرڻ لڳي.

        ڊائسي اٿي آئي، سندس ترڇي اکيون ننڊ سبب ڳوريون ۽ اڌ کليل هيون؛ خار ۾ چپ ڊولا، ڳورن اگهاڙن پيرن سان ڌٻ ڌٻ ڪندي آئي؛ چڙ مان سرٻاٽ ڪيائين، ”ياالله! ڇا ٿي ويو اٿئي؟ الله جو سنهن! مار جي ضرورت اٿئي! واڪا ڪري سڀني کي ٿي جاڳائين!“

        ميرانڊا ڊڄ سبب سُسي ويئي هئي، کيس ڊائسيءَ کي چڱيءَ طرح جواب ڏيڻ ايندو هو، هميشھ چئي ڇڏيندي هئي، ”تون چپ ڪر، ڊائسي!“ يا چوندي هيس، ”مون کي تنهنجي حڪم مڃڻ جو ضرور ڪونهي. مون کي ڏاڏيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي پرواهه ڪانهي،“ ۽ سچ پچ هو به ائين. هوءَ چئي ڏيندي هئي، ”سمجهين ڇا ٿي؟” رڳو پيئي بڪين!“ پر، هينئر جو ڏينهن  گذريو هو، تنهن سندس رخ بدلائي ڇڏيو هو. سچ پچ ميرانڊا چاهيو ٿي ته هينئر ساڻس ڪوبه غصي نه ٿئي، - ڊائسي به نه. هونئن کيس وڏن جي ڪاوڙ جي پرواهه ئي ڪانه هوندي هئي، - ۽ تيئن هنن کي بيزار ڪندي رهندي هئي: ۽ هاڻي جي ڊائسيءَ کي مٿس ڪاوڙجڻو هو، ته به ان جو ڪو خاص خيال کيس ڪونه هو؛ پر جيڪو ڊپ هوس، سو فقط اهو ته متان ڊائسي ڪٿي بتيون نه وسائي ڇڏي ۽ ائين هوءَ اجهاڳ بي ترس اونداهين ۾ گم نه ٿي وڃي، جتي ننڊ جهلي کيس وڃي ڦٽو ڪندي. هن ٻيئي هٿ ڊگها ڪري، کڻي ڊائسيءَ کي ٻانهن کان سوگهو جهليو، ۽ هانءُ ڦاڙي روئڻ لڳي. ڏکيا ڏکيا، ابتا سڏڪا ڀريندي چيائين، ”مون تي غصي نه ٿيءُ....  مان سهي نٿي سگهان!“ ڊائسي هڪڙو ڊگهو ٿڌو ساهه ڀري، سندس ڀرسان ليٽي پيئي، جنهن جو مطلب ته ماٺ کان سواءِ هن کي ٻيو چارو ئي ڪونه هو؛ هوءَ ڪوشش ڪري سوچڻ لڳي ته هوءَ عيسائي هئي ۽ کيس صبر سان پنهنجو صليب جهلڻو هو. ”هاڻي تون ننڊ ڪر،“ هن وڏي بنجي، هميشھ جيئن، سمجهائيندي چيو، ”هاڻي پنهنجون اکيون ٻوٽ ۽ ننڊ ڪر“ مان توکي ڏي ڪانه ٿي وڃان. ڊائسيءَ جو ڪنهن تي به غصو ڪونهي......... دنيا ڀر ۾ ڪنهن تي به نه.“


 

 

 

مئجائي جون سوکڙيون

از – او. هينري             مترجم – رباني

----------

Gift of  Magi

By

O. Henrey

 

 

From “The Four Million” Published by permission of  Doubleday and Company, Inc, New York.

 

او. هينري ’قلمي نالو‘ اٿس. سندس اصلي نالو هو ”وليم سڊني پورٽر.“ 1862ع ۾ گرينسبورو، ڪئرولينا، ۾ ڄائو؛ اسڪول جو منهن به اتي ئي ڏٺائين. پنهنجي چاچي جي دوائن جي دڪان ۾ پورا پنج ورهيه ڪم ڪيائين. 1882ع ۾ ٽيڪساس ويو جتي ”رولنگ اسٽون“ نالي هڪ مزاحيه هفتيوار جاري ڪيائين، جا گهڻو وقت هلي نه سگهي: انهيءَ ئي زماني ۾، هوسٽن جي روزانه ”پوسٽ“ ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو.

              1902ع ۾ پهريون ڀيرو، پورٽر نيويارڪ ڏٺو ۽ او. هينريءَ جي ’قلمي نالي‘ سان، مخزنن کي پنهنجي افسانن سان ٽٻٽار ڪري ڇڏيائين. – لفظ ۽ رٿائون – هن کي سولائيءَ سان ميسر ٿيندا هئا – بلڪل سولائيءَ سان. مختلف اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن کي، جي کيس چڱيون چوکيون رقمون پيشگي طور ڏيئي، مٿس ڌنوڻي ٻڌيو بيٺا هوندا هئا، پورٽر پورا اٺ ورهيه افسانن جي اڻ کٽ انداز سان ڍئيندو رهيو. جڏهن اٺيتاليهن ورهين جي عمر ۾، سلهه وگهي وفات ڪيائين ته سندس لکيل مڪمل – افسانن جو تعداد ڇهه سو هو. 


 

 

 

هڪ ڊالر ۽ ستاسي سينٽ. اها هئي ڪل پوئجي. انهيءَ رقم ۾ به سٺ سينٽن جون پينيون (Pennies) هيون. پينيون جيڪي پساريءَ، بقال ۽ ڪاسائيءَ کان سودو سٽ وٺڻ مهل، حد کان وڌيڪ پڪائيءَ ڪرڻ سبب، ڏڙهيون کائي، هڪ هڪ ڪري بچايون ويون هيون. ڊيلا پنهنجي پونجي ٽي دفعا ڳڻي پڪ ڪئي. پورا هڪ ڊالر ۽ ستاسي سينٽ. ٻئي ڏينهن ناتال جو ڏڻ هئو!

اهڙيءَ حالت ۾، سواءِ ان جي ٻيو ڪهڙو چاڙهو هو ته پاڻ کي ننڍڙي ۽ گدلي ڪوچ تي اڇلائجي ۽ اوڇنگارون ڏجن. ڊيلا ائين ئي ڪيو، جنهن مان پتو پيو ته حياتي لڙڪن، سڏڪن، ۽ ٿورين مرڪن کان سواءِ ٻيو آهي ئي ڇا؟ جيسين گهر جي مالڪياڻي هوريان هوريان لڙڪن کان سڏڪن واري درجي تي پهچي، تيسين ڪا گهر تي نظر وجهي وٺجي. گهر ڇا هو – هڪ فقيراڻي سامان اسباب سان سينگارل هڪ غريباڻو فلئٽ هو؛ جنهن جي هفتيوار مسواڙ اٺ ڊالر هئي. اهڙي گهر جو بيان ئي ڪهڙو ڪجي جنهن جا ٽپڙ پهرين نظر وجهڻ سان ئي پڌرا ٿي پون!

        هيٺ ڏيڍيءَ ۾ ’خطن واري ڪاٺوڙي پيتي‘ لٽڪيل هئي؛ جنهن ۾ اڄ تائين ڪنهن خط ڪين اڇلايو هو؛ ۽ هڪ بجلي – گهنٽيءَ جو بٽڻ هو، جنهن کي آڱر سان دٻائي، اڄ تائين ڪنهن به مهمان يا ملاقاتيءَ پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڪونه ڏنو هو. انهن کان سواءِ نالي واري تختي پڻ لڳل هئي، جنهن تي ”مسٽر جيمز ڊلنگهام ينگ“ لکيل هو. گذريل خوشحالي واري زماني ۾ جڏهن نالي جي مالڪ جي هفتيوار آمدني ٽيهه ڊالر هئي ته ڊلنگهام سدائين پيو چمڪندو هو؛ پر جڏهن اها آمدني گهٽجي وڃي ويهه ڊالر ٿي، تڏهن ”ڊلنگهام“ جا اکر ائين جهڪا پئجي ويا، جو ڄڻ سادي ۽ لڄاري ”ڊ“ ۾ سسي وڃڻ تي ويچار ڪري رهيا هجن! پر جڏهن به مسٽر جيمز ڊلنگهام گهر ايندو هو، ته ”جم“ سڏيو ويندو هو، ۽ مسز جيمز ڊلنگهام ينگ کيس ڳراٽڙي وجهي، سندس مرحبا ڪندي هئي. ”ڊيلا“ جي نالي سان سندس تعارف، اوهان سان اڳيئي ڪرايو ويو آهي.

        ڊيلا روئڻ ڇڏي اٿي. ڳلن کي پائوڊر هنيائين ۽ دريءَ وٽ بيهي، ٻاهر هڪ ميرانجهڙي ٻليءَ کي، هڪ ميرانجهڙي لوڙهي هيٺان لنگهندو ڏسڻ لڳي. ٻئي ڏينهن ناتال جو ڏڻ هو ۽ کيس ’جم’ لاءِ ناتال جي سوکڙي وٺڻي هئي. هوءَ مهينن کان هر اها پيني، جا بچي سگهي ٿي، سا بچائيندي آئي هئي، ۽ هينئر نتيجو اجهو اهو هو. هفتي ۾ ويهه ڊالر ڪهڙي راس آهي! خرچ سندس حساب کان وڌيڪ نڪتو هو، ۽ اهو ته هميشھ ٿيندو آهي. هاڻي ’جم‘ لاءِ سوکڙي خريد ڪرڻ واسطي وٽس ڪل هڪ ڊالر ۽ ستاسي سينٽ هئا – پنهنجي ’جم‘ لاءِ. هن ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي، جم لاءِ ٺاهوڪي سوکڙي خريد ڪرڻ جون رٿون رٿيون هيون. ڪا اهڙي سوکڙي جا ڪمياب ۽ خالص هجي...... جيڪا ڪنهن حد تائين جم جي ملڪيت هجڻ جي عزت جي ضرور لائق هجي.

ڪمري جي درين جي وڇوٽيءَ ۾ هڪ وڏو آئينو لڳل هو. توهان اهڙي قسم جا آئينا اٺن ڊالرن واري فلئٽ ۾ ڏٺا هوندا. اهي آئينا اهڙا ته عجيب و غريب هوندا آهن، جو هڪ نهايت سنهڙو ۽ ڦڙت ماڻهو ئي انهن جي اڀين ليڪن جي لاڳيتي سلسلي ۾ پنهنجي عڪس کي ڪنهن حرفت سان هيڏي هوڏي ۽ هيٺ مٿي چوري چوري، پنهنجي شڪل شبيهه جو ڪنهن حد تائين صحيح اندازو لڳائي سگهي ٿو. ڊيلا ڇاڪاڻ ته سنهي ۽ هلڪي هئي، تنهن ڪري هن فن ۾ مهارت حاصل ڪري چڪي هئي.

        اوچتو هوءَ دريءَ کان ڦري، آئيني آڏو بيهي رهي. سندس اکيون غير معمولي طور پئي چمڪيون، پر سندس منهن ويهن سيڪنڊن جي اندر اندر پنهنجو رنگ وڃائي ويٺو هو. هن سٽ ڏيئي، پنهنجي ٻڌل وارن کي کولي ڇڏي ڏنو ته، جيئن ڇُڙي پٺيءَ تي ڊگها ڊگها پکڙجي بيهن.

جيمز ڊلنگهام ينگ جي گهر ۾ ٻه شيون اهڙيون هيون جن تي ٻئي زال مڙس ڏاڍو فخر ڪندا هئا، پهرين شي جم جي سوني واچ هئي، جيڪا کيس پنهنجي پيءُ کان، ۽ سندس پيءُ کي پنهنجي پيءُ کان ورثي ۾ ملي هئي. ٻي شيءِ هئي ڊيلا جا وار. جيڪڏهن ملڪه سباسامهين فلئٽ ۾ رهندي هجي ها، ته سامهون بيهي، ڊيلا پنهنجا وار دريءَ کان ٻاهر لٽڪائي سڪائي ها، ته جيئن ملڪه عاليه جي هيرن ۽ جواهرن کي شرمائي ڇڏين. ۽ وري جيڪڏهن بادشاهه سليمان پنهنجي سڄي مال متاع ۽ خزاني کي تھ خاني ۾ بند ڪري پاڻ ان تي دربان ٿي ويهي رهي ها، ته جم هن جي سامهون لگنهڻ وقت هر ڀيري ٻانهن مٿي کڻي، پنهنجي واچ جي نمائش ڪري ها، ته جيئن بادشاهه سليمان ان کي ڏسي، ساڙ ۾ پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ کڻي چڪ وجهي.

        سو، هاڻي ڊيلا جا کليل سهڻا وار ڪنهن آبشار جي ماٺيڻين لهرين وانگر پئي هوا ۾ لڏيا، ۽ ان جي صاف شفاف پاڻيءَ جيان پئي چمڪيا. ڊيلا جا وار ايترا ته ڊگها هئا، جو سندس گوڏن کان به هيٺ پئي پيا، ۽ بيحد گهاٽي ۽ ڊگهي هجڻ سبب ڄڻ هن جي سڄي جسم کي ڍڪيو بيٺا هئا. جهٽ پلڪ کان پوءِ، ڊيلا کين اداس نگاهن ۽ تڪڙن تڪڙن هٿن سان وري ويڙهي ٻڌي ڇڏيو. ڪا گهڙي ته وچ ۾ هوءَ هٻڪي هٿ جهلي بيهي رهي، ۽ سندس اکين مان هڪ ٻه ڳوڙها ڪري، هيٺ کٿل ڳاڙهي غاليچي ۾ جذب ٿي ويا.

پوءِ تڙ تڪڙ ۾ هن پنهنجو ڀورو جئڪيٽ پاتو. مٿي تي ڀوري ميرانجهڙي ٽوپي وڌائين. اسڪرٽ جي ڦرڙاٽ ۽ اک جي ساڳيءَ چمڪ سان، گهر کان ٻاهر نڪتي ۽ گهٽي ڏيئي اڳتي هلي ويئي.

هوءَ جتي بيٺي، اتي هڪ بورڊ لڳل هو:

”’مادام سافراني.‘ هر قسم جي وارن جو دڪان.“ ڊيلا ڇوهه ۾ مٿي چڙهي وئي. تکو تکو ساهه کڻندي پنهنجا حواس درست ڪيائين. سامهون، هڪڙي بت ۾ اجائي ڀريل، باهه جهڙي ڀوري، برف جهڙي ٿڌي ۽ پٿر جهڙي سخت مادام بيٺي هئي – ”سافراني *“ ته لڳي ئي ڪانه ٿي.

        ”منهنجا وار خريد ڪندينءَ؟“ ڊيلا کائنس پڇيو.

        ”مان وار ئي ته خريد ڪندي آهيان،“ مادام وراڻيو. ”تون پنهنجي ٽوپي لاهه، ته سندن رنگ روپ تي نظر ڪري وٺون.“

        بادامي رنگ جو آبشار لهرون هڻندو هيٺ هليو ويو!

        ”ويهه ڊالر،“ مادام وارن جي مچي کي پنهنجي آزمودگار هٿن ۾ جهليندي چيو.

        ”جلدي ڪر – مون کي ڏي،“ ڊيلا چيو.

        ۽ پوءِ – پوءِ پورا ٻه ڪلاڪ گلابي پرن تي اڏامندي رهي. هٿرادو تشبيهه کي ڌيان ۾ نه آڻيو، - مطلب هي آهي ته هوءَ جم جي سوکڙيءَ لاءِ دڪان دڪان ڦرندي رهي. نيٺ وڃي ڳولي لڌائين. اها بس ٺهي ئي جم جي لاءِ هئي. ان جهڙي ڪٿي به ٻئي ڪنهن دڪان ۾ ڪانه لڌي هئائين - ۽ هن ان لاءِ ڪا ڳولا ڪئي هئي! سوکڙي ڇا هئي – واچ ٻڌڻ لاءِ پلاٽينم مان ٺهيل زنجير، سادي سودي ۽ اجائي ٺاهه ٺوهه کان پاڪ. ان جي قيمت سندس مال مان ئي بکي ٿي، ۽ نه ٻين شين جيان سندن ظاهري ٺاهه ٺوهه ۽ نمائشي زيب زينت مان. جم جي واچ لائق اها ئي زنجير هئي. جيئن ئي هن زنجير تي نظر پيس، ته سمجهي ويئي ته اها ضرور جم لاءِ ئي ٺهي هئي. هئي به ته سڌ ٻڌ جم جهڙي – نرمل ۽ املهه اهي خاصيتون ٻنهي تي ٺهڪي ٿي آيون. کانئس ان زنجير جي لاءِ ايڪويهه ڊالر ورتا ويا. ستاسي سينٽ کڻي، هوءَ تڪڙي تڪڙي گهر ڏانهن رواني ٿي. اهڙي زنجير ٻڌي، جم کي سنگت ۾ ويهي وري وري وقت ڏسڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي. واچ ته شاندار هئي، پر منجهس زنجير جي بدران هڪ ڇنل چمڙي جي پٽي هئڻ ڪري کيس ڪڏهن ڪڏهن وقت ڏسڻ مهل به لڪ چوريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو هو. جڏهن گهر پهتي، ته سندس سروس ۽ مدهوشيءَ ڪي قدر دور انديشيءَ ۽ سياڻپ کي جاءِ ڏني. هن وار گهنڊيدار ڪرڻ جو سامان ڪڍيو، گئس ٻاريائين، ۽ وڏيءَ دل واري پيار جي آندل تباهيءَ جو ازالو ڪرڻ لڳي - ۽ اهو ڪم، منهنجا دوست، ڏاڍو ڏکيو آهي، - تمام ڏکيو!

ويهن منٽن جي اندر سندس مٿو ننڍڙين ۽ گهاٽين گهنڊڙين سان ڀرجي ويو، ۽ هوءَ ائين ٿي لڳي ڄڻ ڪو شرارتي ۽ گوسڙو اسڪولي ڇوڪرو هجي. هن گهڻيءَ دير تائين چڱيءَ طرح جاچي جوچي آئيني ۾ پنهنجي شڪل ڏٺي.

ٻيهر ڏسڻ کان اڳ ۾ ئي جيڪڏهن جم مون کي ماري نه ڇڏيو، ته هو چوندو ته مان ’ڪوني‘ ٻيٽ جي ڪا خانه بدوش ڳائڻي ڇوڪري ٿي پئي آهيان،“ هن سوچيو. ”پر مان ڪري به ڇا ٿي سگهيس؟ - هڪ ڊالر ۽ ستاسي سينٽن سان مان ڇا ٿي ڪري سگهيس؟“

ستين بجي ڪافي ٺاهي ويئي. چاپن ترڻ لاءِ، چلهي تي تئي تيار رکي هئي.

جم ڪڏهن به دير سان ڪونه موٽندو هو. ڊيلا زنجير هٿ ۾ کڻي ان در جي ڀرسان پيل ميز جي ڪنڊ تي ويهي رهي، جتان هو سدائين اندر ايندو هو. هن کيس پهرئين ڏاڪي تي پير رکندو ٻڌو، ۽ سندس رنگ جهٽ پلڪ لاءِ هيڊو ٿي ويو. کيس هڪ عادت هئي، ۽ اها هيءَ ته هوءَ روزمره جي ننڍڙين ڳالهين تي به دعائون گهرندي هئي؛ سو هن ڀڻڪيو: ”ياالله! جم جي دل ۾ وجهه ته آءٌ اڃا تائين سهڻي آهيان!“

در کليو، جم اندر آيو ۽ دربند ڪري ڇڏيائين. بت ۾ لٿل ۽ ڏاڍو سنجيدو ٿي لڳو. ويچارو! اڃا ته سندس عمر ڇڙا ٻاويهه سال هئي.... ۽ مٿس عيال جو بار اچي پيو هو! کيس نئون اوور ڪوٽ گهربو هو ۽ وٽس دستانا به ڪونه هئا.

جم در جي اندر پير رکيو، ته اهڙو آهستي جهڙو تازي ڪتو شڪار جي بانس سنگهڻ مهل کڻندو آهي. سندس اکيون ڊيلا تي ڄمي ويون هيون، ۽ منجهن هڪ اهڙي قسم جو تاثر هو، جيڪو ڊيلا سمجهي ڪين سگهي، ۽ هوءَ ڊڄي ويئي. هن جي اکين ۾ نه ڪاوڙ هئي، ۽ نه وري تعجب جو اظهار؛ نه ناپسندي هئي، نه ئي هولناڪي؛ ۽ نه ئي وري ڪنهن اهڙي قسم جو ڪو جذبو منجهن هو، جنهن لاءِ هن پاڻ کي اڳواٽ تيار رکيو هو. هو رڳو چپ چاپ کيس هڪ ٽڪ ڏسي رهيو هو، هن جي منهن ۾ اهائي ساڳي غير معمولي ڪيفيت موجود هئي.

ڊيلا وٽجي ميز تان لٿي، ۽ وٺي هن ڏانهن ڊوڙ پاتائين.

”پيارا جم!“ هن دانهن ڪئي، ”مون کي ائين نه ڏس. مون پنهنجا وار محض هن لاءِ ڪٽائي، وڪڻي ڇڏيا، جو مان توکي ناتال جي سوکڙي ڏيڻ کان سواءِ رهي ڪين ٿي سگهيس. وارئي ته آهن، وري وڏا ٿي ويندا. تون الڪو نه ڪر. مون لاءِ ٻيو رستو ئي ڪونه هو. هونءَ به منهنجا وار واڌڙ آهن. پيارا جم، چئه ’ناتال مبارڪ!‘ چئه نه! اچ ته ٻئي خوشيون ڪيون. خبر اٿئي، مون تولاءِ ڪهڙي سهڻي .... ڪهڙي پياري، دل گهري سوکڙي آندي آهي؟“

”تو پنهنجا وار ڪوڙائي ڇڏيا آهن،“ جم ڏاڍي تڪليف ده آواز ۾ چيو، ڄڻ ته گهڻيءَ تڪليف کان پوءِ به هو پنهنجي دماغ کي انهيءَ حقيقت کي مڃڻ لاءِ تيار نه ڪري سگهيو هو.

”ڪوڙايا به اٿم. ۽ وڪيا به اٿم،“ ڊيلا چيو. ”ڇا مان توکي هاڻي اڳي جيان نٿي وڻان؟ مان هاڻي به اهائي ڊيلا آهيان، تنهنجي پنهنجي ڊيلا.“

جم ڪمري کي اهڙين نگاهن سان ڏٺو، جن ۾ اجنبيت ۽ تعجب جا پاڇولا ٿي ڏڪيا.

”تون چوين ٿي، تنهنجا وار گم ٿي ويا؟“ هن ائين چيو، ڄڻ ڪو بي عقل هجي.

”تون سمجهين ڇو نه ٿو،“ ڊيلا چيو، ”مان ٿي چوان ته وار وڪڻي ڇڏيا اٿم. ناتال جو ڏڻ آهي. مٺا جم! تون مون تي قياس ڪر. وار تو ڪاڻ ئي نه ڏنا اٿم. منهنجا وار ته شايد ڳڻيل هئا – انهن جي به ڪا حد هئي.“ هن جي آواز ۾ اچانڪ اٿاهه ميٺاج ڀرجي آيو، ”پر منهنجو تو لاءِ پيار ته ڪو ڪٿي ئي ڪونه ٿو سگهي.... پيار جي ڪابه حد! مان چاپون وڃي تريان – جم!“

جم پنهنجي بيهوشيءَ مان جلد ئي جاڳي اٿيو. هن پنهنجي ڊيلا کي کڻي ڀاڪر ۾ جهليو.

زال مڙس کي اتي ڇڏي، اچو ته ڏهن سيڪنڊن جي لاءِ اسان ڪا ٻي ڳالهه ڪريون. ڪنهن جي اٺ ڊالر هفتي ۾ ڪمائي آهي، يا ڪنهن جي ڏهه لک سال ۾ - ڪهڙو تفاوت ٿو پئي؟ حسابن جا ماهر ۽ سياڻا اوهان کي ان جو غلط جواب ڏيندا. مئجاني تمام قيمتي سوکڙيون کڻي آيا هئا، پر انهن سوکڙين ۾ اها موجود ڪانه هئي، ان منجهيل ڳالهه تي اڳتي هلي روشني وڌي ويندي.

جم پنهنجي اورڪوٽ جي کيسي مان هڪ ننڍڙي هَڙَ ڪڍي کڻي ميز تي اڇلائي،

”مون بابت ڪا غلط راءِ قائم نه ڪجانءِ – ڊيلا،“ هن چيو، ”مان نٿو سمجهان ته ڪو وارن ڪٽائڻ يا ڪوڙائڻ يا شمپو ۾ ڪا اهڙي ڳالهه آهي، جا منهنجو پنهنجي ڊيل لاءِ پيار گهٽائي ڇڏي. پر جيڪڏهن تون هيءَ هَڙَ کوليندينءَ، ته توکي خبر پوندي ته مان ائين ڇو منجهي پيو هوس.“

ڊگهين ڪمزور آڱرين هڙ کولي، ۽ پوءِ هڪ خوشيءَ جي رڙ نڪتي؛ ۽ پوءِ – پوءِ ان جي عيوض هڪدم زالن وارو روڄ، چيخون ۽ ڏندڻجي وڃڻ جا ڪم شروع ٿي ويا – جنهن اها ڳالهه ضروري ڪري ڇڏي ته گهر جو مالڪ ٻيون ڳالهيون ڇڏي، رڳو دم دلاسي ڏيڻ ۽ ڳراٽڙين پائڻ ۾ لڳي وڃي.

هوڏانهن ميز تي ڦڻيون پيون هيون! – ڦڻين جو جوڙو........ جن لاءِ الائجي گهڻن ڏينهن کان هوءَ واجهائيندي رهي هئي. سهڻيون ڦڻيون – خالص سپيءَ جون ٺهيل، جن جي ڪنارن تي هيري جو ڪم ٿيل هو. جن جو رنگ سندس وارن جي رنگ سان بنهه ٺهڪي ٿي آيو. پر هاڻي اهي ڦڻيون ڪهڙي ڪم جون، جڏهن اهي سهڻا وار ئي ڪين هئا! اهي ڏاڍيون مهانگيون هيون – کيس اها خبر هئي ته سندس دل انهن لاءِ ڏاڍو سڪندي هئي، پر انهن جي ملڻ جي اميد ئي ڪڏهن ڪانه هيس. ۽ هاڻي اهي هن وٽ هيون – پر اهي سهڻا زلف ڪٿي هئا، جن جي لاءِ اهي آيون هيون!

تنهن هوندي به هن انهن کي کڻي پنهنجي سيني سان لاتو، ۽ گهڻيءَ گهڻيءَ دير کان پوءِ نماڻين نگاهن ۽ جهيڻين اکين سان هوءَ صرف ايترو چئي سگهي: ”منهنجا وار جلدي وڌندا آهن، جم!“

۽ پوءِ ڊيلا لهڪاريل ٻليءَ جان مٿي ٽپو ڏنو، ۽ کانئس ڏک وچان هڪ وڏو شوڪارو نڪري ويو.

جم اڃا تائين سندس آندل سهڻي سوکڙي ڪين ڏٺي هئي. ڊيلا پنهنجي مٺ کولي ڏاڍي چاهه مان هن جي اڳيان کڻي جهلي. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ڳوڙهو املهه ڌاتو، ڊيلا جي روشن ۽ پيار ڀريل روح جي عڪس سان ٻهڪي اٿيو هو!

”ڪهڙي نه نفيس آ، جم! ان جي هٿ ڪرڻ جي لاءِ مون کي سڄو شهر ڳولڻو پيو هو. هاڻي تون ڏينهن ۾ سوين ڀيرا وقت ڏسي سگهندين. پنهنجي واچ ته مون کي ڏي. ڏسان ته هيءَ منجهس ڪيئن ٿي لڳي!“

واچ ڪڍي ڏيڻ بدران، جم وڃي ڪوچ تي ڦهڪو ڪيو. پنهنجا هٿ مٿي جي پٺيان ڏيئي، مرڪڻ لڳو.

”ڊيل،“ هن چيو، ”اچ ته ٻئي پنهنجيون ناتال جون سوکڙيون ڪجهه وقت لاءِ ائين ئي رکي ڇڏيون. اهي اهڙيون ته سٺيون آهن، جو انهن کي هاڻي ئي استعمال ڪرڻ ڪجهه سٺو نٿو لڳي. مون پيسن هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجي واچ وڪڻي ڇڏي، جيئن تولاءِ ڦڻيون خريد ڪري سگهان. ڀلا هاڻي، چاپون تري اچين، ته ڪيئن ٿي ڀانئين!“

        * مئجائي، اوهان کي جيئن خبر آهي، سياڻا ماڻهو هئا...... ڏاڍا سياڻا ماڻهو......... جيڪي آهر ۾ ستل ٻار لاءِ سوکڙيون کڻي آيا هئا. اُهي ئي هئا، جن ناتال تي سوکڙيون ڏيڻ جو رواج وڌو هو. اهي پاڻ سياڻا هئا، تنهن ڪري انهن جون سوکڙيون به لاشڪ حڪمت ڀريون هيون، ۽ شايد هڪجهڙين هجڻ جي حالت ۾ انهن جي ڏي وٺ به ٿي سگهي ٿي. هتي مون اوهان کي ويٺي ويٺي، هڪڙي فلئٽ ۾ رهندڙ ٻن بي سمجهه ٻارن جي هڪڙي معمولي ڳالهه کڻي ٻڌائي آهي، جن انتهائي غير دانشمنديءَ جو مظاهرو ڪندي، هڪ ٻئي لاءِ پنهنجي گهر جي بهترين ۽ واحد خزانن جي قرباني ڏني هئي. پر پڇاڙيءَ ۾ اڄ جي سياڻن کي ٻه لفظ چوڻ کان نٿو رهي سگهان ته منجهانئن اهي، جيڪي هڪ ٻئي کي سوکڙيون ڏيندا آهن، تن سڀني کان هي ٻه معصوم ٻارڙا وڌيڪ سياڻا هئا. انهن سڀني سياڻن منجهان، جيڪي سوکڙيون ڏيندا وٺندا آهن، اهي جيڪي هنن ٻن جهڙا هوندا آهن، سيئي سياڻن ۾ سياڻا آهن. اهي هر هنڌ ۽ هر صورت ۾ سياڻن کان سياڻا آهن. اهي ئي (اڄ جا) مئجائي آهن.


*  سافراني پئرس جي، فئشنبل وار سنواريندڙ عورت

*  ميجالي ٽي حڪيم، جيڪي حضرت عيسى جي ڄمڻ تي ٽي سوکڙيون کني آيا هئا هو ٽيئي مشرق جا بادشاهه هئا، جن جا نالا، ملڪئر، گئسپر ۽ بتاذر چيا وڃن ٿا. پهرئين سون ڏنو هو، جيڪو بادشاهيءَ جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. ٻئي لوبان آندو هو، جيڪا روحانيت جي نشاني آهي. ۽ تئين مرمر آندو هو، جنهن ۾ حضرت عيسيٰ جي صليب تي چڙهڻ جي بشارت هئي.

 حضرت عيسيٰ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org