سيڪشن: ادب

ڪتاب: مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ

باب:

صفحو:1

مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ

رام امر لال

پبلشر پاران

سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪبو ته ڪيترين ئي حقيقتن جي خبر پوندي ته سنڌ ڌرتي ڪيتري نه سرسبز ۽ آباد رهي آهي ۽ انهيءَ سرسبز ڌرتيءَ جي سونهن کي ڏسي ڪيترن ئي غاصبن ۽ لٽيرن سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي، انهن غاصبن ۾ سڪندر اعظم کان وٺي ارغون، ترخان ۽ اورنگزيب، سڀ اچي وڃن ٿا. جيڪي سنڌ کي وقت بوقت تباهه ۽ برباد ڪندا رهيا آهن، پر اها سنڌ ڌرتي جي خوشنصيبي آهي جو اڄ ڏينهن تائين هن جو وجود قائم ۽ دائم آهي.

رگ ويد جي دؤر کان وٺي ڏٺو وڃي ته هت امن، سڪون ۽ سانت هئي ۽ سنڌو ندي جي ڪپ تي آباد قومون سدائين سک ۽ سلامتيءَ سان آباد هيون. ۽ انهيءَ سنڌو نديءَ جي ڪپ تي آباد موهن جو دڙو جيڪو سنڌ جي عظمت جو نشان آهي ۽ سڄيءَ تاريخ کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو وڃي ته سنڌي قوم امن پسند قوم رهي آهي. هن قوم ڪڏهن به ڪنهن تي هلان ڪري ڪاهه ڪانه ڪئي آهي بلڪ سدائين پنهنجي ڌرتيءَ کي بچائڻ لاءِ هٿيار کنيو آهي ۽ هر دشمن جو مقابلو ڪيو آهي انهيءَ ڪري هن قوم کي باغي قوم جو لقب ڏنو وڃي ٿو ۽ اڄ ڏينهن تائين اسان جي سنڌي قوم ڌارين جو مقابلو ڪندي آئي آهي.

سنڌو ندي جنهن جي سيراب سان هيءَ ڌرتي آباد ۽ خوشحال رهي آهي، اڄ ڪنهن ماءُ جي اڃايل ۽ سُڪي ويل ڇاتيءَ مثل آهي ۽ حاڪم ڌريون خاموشيءَ سان اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيون آهن ته سنڌي قوم ڀلي رڙيون ۽ واڪا ڪندي رهي. اهي چاهين ٿا ته سنڌ تباهه ۽ برباد ٿئي. ائين ناهي سنڌ ڪڏهن به تباهه ۽ برباد نه ٿيندي. ڀلي ڇا به ٿئي.

سڪندر ملاح

پبلشر، مارئي اڪيڊمي

ٻه اکر

 

هونئن ته ڀارت ديش اسان کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي. اسين فخر سان چوندا آهيون ته اسين ڀارتواسي آهيون. جنم سنڌ ۾ ٿيو هو، پر ورهاڱي جي طوفان ڪري سرءُ جي پنن وانگر اُڏامندا اچي، هِن زرخيز زمين تي ڪري پيا آهيون، ديش سڀ ڪجهه ڏنو آهي. زندگي ڀرپور آهي. پر پوءِ به اسين محسوس ڪندا آهيون ته اسان جي ڀرپور زندگيءَ ۾ ڪو ننڍڙو خال آهي، جنهن کي ڀرجڻ کپي. اسان جي دل جي اڱڻ ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ ويراني آهي، جنهن کي آباد ٿيڻ کپي. اسان جي روشن زندگيءَ ۾ ڪنهن ڪنهن ڪنڊ ۾ اونداهيءَ جو واسو آهي. اُتي روشني هئڻ کپي. اسان جو روح ڪنهن ڪنهن جاءِ تي ڦِڪو ٿي ويو آهي. اُن ۾ ڪي رنگ اچڻ کپن؛ ڳاڙها، پيلا ۽ گلابي. اسان جي حياتين ۾ ڪٿي ڪٿي اُداسي ڇانئجي ويئي آهي. اُتي ڪي پيار ۽ محبت جا ديپ جلڻ کپن.

اِها ڪمي ڪيئن پوري ڪجي؟ اندر مان آواز آيو ته سنڌ سان پيار ڪجي. پوءِ سنڌ جي روح کي ڏسڻ شروع ڪيوسين. اُن جو نتيجو اِهو نڪتو جو لکڻ شروع ڪيوسين ۽ ”ڀارت ۽ پاڪستان“ ڪتاب 1997ع ۾ شايع ٿيو.

ڀارت ۽ سنڌ جي وچ ۾ جيڪا دوستيءَ ۽ پيار جي پل شيخ اياز ٺاهي هئي، انهيءَ پيار جي پل کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هيءُ ننڍڙو تحفو سنڌي اديبن لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون.

339، لا چيمبرس،          رام امر لعل پنجواڻي

دهلي هاءِ ڪورٽ،         ساوتري ڪوٽومل منسُکاڻي

نئي دهلي- 110003

فون: 3381975

(1)

شينهن ندي

اسين سمنڊ جي سطح کان ڏهه هزار فوٽن جي اوچائيءَ تي پرڀات وقت لداخ جي پهاڙن تي بيٺا هئاسين. ڪشمير جي خوبصورت ۽ حسين واديءَ جو سير ڪري لداخ گهمڻ آيا هئاسين. پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ سنڌو نديءَ جو درشن ۽ ديدار ڪونه ٿيو هئو. ليهه لداخ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اُنهيءَ کان ڪجهه فاصلي تي ڀارت ۽ پاڪستان جي انٽرنئشنل بائونڊري آهي. سنڌو لداخ جو چڪر لڳائي ڪشمير جي اُنهيءَ حصي ۾ داخل ٿي رهي هئي، جنهن کي آڪيوپائيڊ ڪشمير ڪوٺيو ويندو آهي.

پهاڙ اُڀا ۽ اوچا هئا. ڪو وڻ ۽ ساوڪ پهاڙن مٿان نه هئا. جتي اسين بيٺا هئاسين، اُتان اندازن هڪ هزار فوٽ هيٺ ٻن پهاڙن جي وچ ۾ گڙگاٽ ڪندي ۽ زور شور سان سنڌوندي وهي رهي هئي. هڪ نهر هئي. سنڌو ندي جيڪا سکر ۾ هئي، سا سمنڊ وانگر هئي. پر هتي سنڌو ندي نهر وانگر هئي، پهاڙن کي چيريندي، جبلن جي سيني کي ڦاڙيندي، ٽڪرن سان مقابلو ڪندي، گجگوڙ ڪندي، شينهن وانگر اڳتي وڌندي پئي ويئي. جيڪڏهن جاگرافيءَ جو گيان نه هجي ها، ته سنڌو نديءَ جو هيءُ به روپ ٿيندو آهي.

ساوتري پنهنجن خيالن ۾ گم هئي. هوءَ قدرت جو شاندار نظارو ڏسي رهي هئي. اُن سان گڏ سنڌ جي تواريخ به سندس اکين آڏو اچي رهي هئي. رگ ويد ۾ سنڌو نديءَ جو ذڪر وڏي شد مد سان ڪيو ويو آهي. تنهن کان پوءِ جڏهن اليگزينڊر آيو ته يونانين جي نديءَ کي ’اِنڊس‘ جي نالي سان پڪاريو. عربن سنڌو نديءَ کي ’مهراڻ‘ ڪري ڪوٺيو.

سنڌ جي اسڪولن ۾ عام ريت جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ اِهو پاڙهيو ويندو هئو ته سنڌو ندي مانسروور ڍنڍ مان نڪتي آهي. پر اِها ڳالهه صحيح نه آهي. سنڌو نديءَ جي شروعات مانسروور ڍنڍ کان ٽيهه ميل پري سنگي ڪباب جي برفاني ڌارا مان آهي. سنگي ڪباب ٿٻيٽ ۾ آهي. سنگي ڪباب جي معنيٰ آهي ”شينهن جو منهن“، ٿٻيٽ ۾ سنڌو نديءَ جو نالو سنگي ڪباب آهي، انهيءَ ڪري سنڌو مذڪر نالي سان ’دي لاين رِور‘ (The Lion River) طور ٿٻيٽ ۾ مشهور آهي.

سين هيڊن سويڊن ديش جو رهاڪو هئو. سن 1907ع جي اونهاري ۾ هو پنهنجي پارٽيءَ سميت مانسروور ڍنڍ تي پهتو هئو. هن جو مقصد هئو ته مانسروور ڍنڍ جو ترو ڳولهي ڪڍان ته پاڻيءَ جي اونهائي اُتي ڪيتري آهي ۽ مانسروور ڍنڍ ڪيڏي وڏي آهي. مانسروور ڍنڍ جي اِرد گرد ڪيترا مندر آهن. هندو ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم جا پوئلڳ مانسروور ڍنڍ کي ديوتائن جو آسٿان ڪري مڃيندا آهن. اُنهن هيڊن کي ڏاڍو سمجهايو ته مانسروور ڍنڍ ۾ ٻيڙي نه هلائي. ليڪن هيڊن سندن ڳالهه نه مڃي. هو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو. پورا ٻه مهينا، ڏينهن ۽ رات هو ڍنڍ جي گهرائي ۽ اونهائيءَ جي ماپ وٺندو رهيو. آخر هو اِنهيءَ نتيجي تي پهتو ته مانسروور ڍنڍ جي ايراضي پندرهن چورس ميل آهي ۽ اُنهيءَ جي اونهائي وڌ ۾ وڌ ٻه سؤ پنجاهه فوٽ آهي. وڏي ۾ وڏي ڳالهه هن اِها ثابت ڪئي ته سنڌو نديءَ جي شروعات مانسروور ڍنڍ مان ڪانه ٿي ٿئي.

هيڊن هڪ بي ڊپو ۽ بهادر سائنسدان هئو. هو پنهنجن خچرن تي سامان رکي، پنهنجي ماڻهن کي وٺي، ڪئلاش پربت جو چڪر لڳائي، ٿٻيٽ جي اولهه ۾ سنڌوءَ جي شروعاتي سوراخ جي ڳولها ۾ ڀٽڪي رهيو هئو. اوچتو هڪڙي واديءَ ۾ پهتو، جتي ٻڪرار رڍون چاري رهيا هئا. اُنهن مان هڪڙي قبول ڪيو ته هو هيڊن کي سنگي ڪباب جو منهن ڏيکاريندو. هو جبل جهاڳيندا ميلن جا ميل هلندا، آخر سترهن هزارن فوٽن جي اوچائيءَ تي پهتا. اُتي هيڊن کي پٿرن جي وچ مان سنڌو نديءَ جو منهن ڏسڻ ۾ آيو. اُتي سنڌو هڪ ننڍي برفاني ڌارا هئي. پٿرن جي مٿان ڪجهه اُڪريل هئو. هيڊن جي ڪوشش جو نتيجو سامهون هئو. هيڊن پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”مان هٿ ٻڌي خاموش بيٺو رهيس. آخر مان پنهنجيءَ منزل تي پهتو هوس. منهنجو منهن فخر ۽ خوشيءَ وچان چمڪي رهيو هئو. انڊس ندي ڌرتيءَ جي گود مان اُتان نڪري رهي هئي. اِها اِنڊس جي شروعات هئي.

سنڌو ندي جڏهن سنڌ اندر پهچي ٿي، تڏهن ڦوهه جوانيءَ ۾ آهي. سنڌو ندي ڏورانهين ديش کان نچندي ٽپندي، ڇم ڇم ڪندي، ٻهڪندي سنڌ اندر داخل ٿئي ٿي. سنڌوءَ جي شڪل سهڻي ۽ مرڪ مٺي آهي. هوءَ پنهنجي جوڀن جي سموري نزاڪت ڏيکاري ٿي. هي سنڌو ندي، تون ديوي آهين، تنهنجي ڇاتي روشن آهي، تنهنجو منهن ٻهڪندڙ آهي، تنهنجا سون جهڙا وستر تِجلي وارا آهن. تون ڇلڪندي، ڇم ڇم ڪندي، مستيءَ ۾ لڏندي لمندي، سڄي سنڌ کي سرسبز ڪندي، سڀني کي خوشين جا اڻميا ڀنڊار ڏيندي ساگر ۾ سمائجي وڃين ٿي.

سنڌو ندي چنچل ۽ چِلولي به آهي. هوءَ وقت بوقت پنهنجا هنڌ ۽ رُخ بدلائيندي رهي آهي. سنڌوءَ جي گجگوڙ کان آسمان به ڏڪندو آهي. سنڌوءَ جو وهڪرو ڪڏهن ڪڏهن اهڙو تکو ۽ تيز هوندو آهي، ڄڻ ته شينهن پيو ڊوڙي، سنڌو سچ پچ شينهن ندي آهي.

ڀارت ۾ سنڌو ندي

سنڌو نديءَ جي شروعات ٿٻيٽ کان ٿي ٿئي. اُتي ٻه سؤ ميل وهي ٿي. ڀارت ۾ لداخ وٽ پهاڙن کي چيري داخل ٿئي ٿي. پنج سؤ پنجاهه ميل ڀارت جي پهاڙن سان ٽڪرائيندي، وڙهندي، چيريندي، شيرڻيءَ وانگر گجگوڙ ڪندي ۽ چيتي وانگر ڇلانگون ماريندي، پاڪستان جي سرحد اندر گهڙي ٿي. پنجاب جي ميدانن کي سرسبز ڪندي، ڪشمور وٽان هاڻوڪي سنڌ اندر ڦوهه جوانيءَ ۾ مستيءَ سان پنهنجو پير رکي ٿي ۽ اُتي درياهه شاهه جو روپ ڌاري ٿي. پاڪستان ۾ سنڌو نديءَ جي ڊيگهه هڪ هزار ۽ پنجاهه ميل آهي. اهڙيءَ ريت سنڌو ندي ٿٻيٽ، ڀارت ۽ پاڪستان جي گڏيل ندي آهي. اِها ندي ڪنهن به ديش ۾ غلام نه آهي. سنڌو ڌارا نه پاڪستان ۾، نه ڀارت ۾ ۽ نه وري ٿٻيٽ ۾ غلام آهي. الڳ الڳ ملڪن ۾ اِها جدا جدا نالن سان پُڪاري ويئي آهي. ٿٻيٽ ۾ هن کي شينهن ندي ڪري ڪوٺيندا آهن. ڀارت ۾ هن کي شينهن ندي ڪري ڪوٺيندا آهن. ڀارت ۾ سنڌو ۽ انڊس جي نالي سان مشهور آهي. پاڪستان ۾ مهراڻ ۽ سنڌو نديءَ جي نالي سان سڏي ويندي آهي.

”سنڌو“ لفظ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو شبد آهي. انهيءَ جو بنياد آهي ”سيند“ (Syand). انهيءَ ڌاتوءَ يا بنياد جي سنسڪرت ۾ معنيٰ آهي ”وهڻ (to flow). وقت گذرندي سنڌو لفظ جي معنيٰ ڦرندي ويئي. پوءِ اُن جي معنيٰ ٿي ”ننڍي نهر“. آخر ۾ اُنهيءَ جو ارٿ ٿيو ”اُها ندي جيڪا سدائين وهندي رهي ٿي.“ سنڌو لفظ مان هندو شبد نڪتو آهي. انڊس لفظ مان انڊيا شبد ٺهيو آهي. اِهو آهي اسان سنڌين جو شاندار تهذيبي ورثو. انهيءَ کان سواءِ سنڌين جي شانائتي ۽ تجلا ڏيندڙ آهي موهن جي دڙي جي تهذيب، جنهن کي سنڌو ماٿري سڀيتا به چئجي ٿو. سنسار جي پراڻي ۾ پراڻي سڀيتا، جتان انسان جي سڀيتا جي تواريخ شروع ٿئي ٿي، اُها هتي آهي. انهيءَ سڀيتا جو جنم سنڌو نديءَ جي ڪناري ٿيو. اُها اُتي وڏي ٿي، جواني ماڻيائين، ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ ساک ڪڍيائين ۽ ڌاڪو ڄمايائين.

ورهاڱي کان پوءِ منهنجي من ۾ سنڌو نديءَ کي ڏسڻ جي ڏاڍي تمنا هئي. ڪنهن اهڙي موقعي جو انتظار هئو. آخر اهو وجهه مليو. سن 1961ع ۾ ڪشمير ويا هئاسين. ڪاليج جو پراڻو دوست راج ڪپور ڀارت سرڪار جي پوليس کاتي ۾ آفيسر هئو. هو انهن ڏينهن ۾ شرينگر ۾ هئو. ڪاليج جو ٻيو پراڻو دوست تيرٿ مدراس کان ڀوپال آيو هئو. راج، تيرٿ ۽ رام ميٺارام هاسٽل ڪراچيءَ ۾ گڏ رهيا هئا. پراڻي دوستي پراڻي شراب وانگر ٿيندي آهي. پراڻي دوستيءَ جي سڪ، حب ۽ رس نشو ڏيندڙ آهن. هِل اسٽيشن جي سفر لاءِ ريلوي ڀاڙي جي رعايت هئي. ڀوپال کان پٺاڻ ڪوٽ تائين، اوٽ موٽ جي سيڪنڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ انهيءَ زماني ۾ فقط 27 روپيا هئا. ٽي ٽڪيٽون اچي ويئون. تيرٿ، ساوتري ۽ رام ڪشمير جي سفر تي نڪتا. مئي جو مهينو هئو، انهيءَ ڪري ڪورٽون بند هيون.

ڪشمير ماٿريءَ ۾ ڏهه ڏينهن مؤج مستيءَ ۾ گذارياسين. اُنهن ڏينهن ۾ لداخ وڃڻ لاءِ سرڪاري پرمٽ کپندي هئي. اُها راج ڪپور پنهنجي اثر ۽ رسوخ سان حاصل ڪري ورتي. شرينگر کان ليهه تائين سفر تمام ڏکيو ۽ اڻانگو هئو. پر دل ۾ آرزو هئي ته سنڌو نديءَ جو درشن ضرور ڪبو. هماليه پهاڙ جيڪي لداخ ۾ آهن، سي گنجا آهن. اُنهن تي هڪ به وڻ نه آهي. انهن تي سائي گاهه جو نالو نشان به نه آهي. ڊگها، وڏا ۽ مضبوط پهاڙ! ڀوائتا، ڊيڄاريندڙ ۽ ڊپ پيدا ڪندڙ پهاڙ! انهن کي ڏسڻ سان هيبت وٺيو وڃي.

صبح جو جيپ ۾ چڙهي شهر کان ٽيهه ڪلو ميٽر پري پهاڙ جي چوٽيءَ تي ٻُڌ ڌرم جا مٺ (Monasteries) هئا، اُهي ڏٺاسين. ٿوري مفاصلي تي، سمنڊ جي سطح کان ڏهه هزار فوٽن جي اوچائيءَ تي هماليه جي ٻن پهاڙن جي وچ مان سنڌو ندي وهي رهي هئي. اسان جي سنڌو ندي! پياري سنڌو! جنهن جي ڪنارن تي زندگيءَ جو ڪجهه وقت پيار، محبت ۽ عشق ۾ گذاريو هئوسين. جنهن کي ڏسڻ سان نيڻن ۾ نشو اچي ويندو آهي. تڏهن وقت به ماٺ ڪري بيهي رهندو آهي. ورهاڱي جي وقت اسان جي عمر ٽيويهه سال هئي.

اسين ڪيترو وقت سنڌو نديءَ کي ڏسندا رهياسين. ماضي سُتل ڪاريهر نانگ وانگر جاڳي پيو هئو ۽ سندس لهسائيندڙ سيسراٽ روح جي لونءَ لونءَ ۾ سمائجندو ٿي ويو. گذريل زماني جون حالتون، ماضيءَ جون حقيقتون بنهه اُگهاڙيون، ننگيون اکين اڳيان اُڀري آيون. هٿ وڌائي اسان کين ڇهڻ پئي چاهيو. سنڌو ندي اسان کان حساب وٺي رهي هئي. اسان زندگيءَ ۾ ڇا ڪيو آهي، ڪهڙي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي؟ ڪهڙي رتبي تي پهتا آهيون؟ ڏاڍي خوشيءَ ۾ وڏي فخر سان حساب ڏنوسين. اوچتو ئي اوچتو منهنجي دل چيو ته زور زور سان روئان، رڙيون ڪريان، اوڇنگارون ڏيان، ڇڙيون هڻان، ۽ پوءِ ڪيهون ڪندي ڪندي، ٻالڪ جيان سنڌو نديءَ جي گود ۾ سُمهي پوان.

سنڌو نديءَ کي ڇڏڻ تي دل نه پئي ٿي. نديءَ جي پاڻيءَ کي ڏسندي ڏسندي ساوتريءَ چيو، ”اِهي پل ئي ته منهنجي حياتي آهن. منهنجي سڄي دنيا اهي لمحا ئي آهن. مون کي محسوس ٿيندو آهي ته مان جيئان ئي انهن گهڙين لاءِ ٿي، انهن لمحن لاءِ ٿي. ڏاڍي دل ٿيندي اٿم ته مان انهن گهڙين کي، لمحن کي پڪڙي بيهاري ڇڏيان ۽ پوءِ فقط تون هجين ۽ مان هجان.“ اهي لفظ ٻُڌي رام جي سرير ۾ جنبش ۽ لرزش اچي ويئي.

ساوتريءَ پنهنجن اُمنگن جي اظهار کي جاري رکندي، منهن تي هلڪي مرڪ آڻيندي چيو، ”زندگي هڪ وهندڙ درياهه آهي. هن سنڌو نديءَ کي ڏسن. ڪيئن نه تيزيءَ سان ڀڄندي ٽپندي، ڪڏندي ۽ نچندي ٿي وڃي. پاڻيءَ جا ڪيترا ڦڙا زمين ۾ جذب ٿي وڃن ٿا، ڪي وري سورج جي گرمائش ڪري ٻاڦ بڻجي ڪڪرن سان ملي وڃن ٿا. باقي گهڻو پاڻي ندين ۽ نالن سان ملي وڃي ٿو. بادلن ۾ سمايل پاڻيءَ جا ڦڙا، مينهن بڻجي واپس ورن ٿا ۽ درياهن سان، سمنڊن سان ملي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح انسان جو هن دنيا ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جو سلسلو جاري آهي. زندگي بدستور جاري رهندي. جسم جيستائين جيئرو آهي، تيستائين اُهو مٽي نه آهي، بلڪ روشني آهي. انهيءَ روشنيءَ سان سنسار کي سهڻو بڻائڻو آهي.“ رام ۽ تيرٿ کي ساوتريءَ جون اهي ڳالهيون پسند آيون. پر راج ٿڪجي پيو هئو. ساوتري پاڻ سان ڪافي ۽ سئنڊوچ کڻي آئي هئي. يڪدم گرم گرم ڪافيءَ جو ڪپ ۽ هڪ هڪ سئنڊوچ ورهائجي ويو. گرم ڪافيءَ بدن ۾ ڦڙتي آندي.

ليهه وٽ سنڌو نديءَ جو رنگ روپ انوکو آهي. ٻن اوچن پهاڙن جي وچ ۾ سنڌو ندي هڪ پهاڙي نهر وانگر ٿي لڳي. جيڪڏهن جاگرافيءَ جو علم نه هجي، ته ڪير به چئي نه سگهندو ته هيءَ پهاڙي نهر سنڌ جو درياهه شاهه آهي، جنهن جي ڪنارن تي اسان جي ڏاڏي ڏيئا ٻاريندي هئي، اکا وجهندي هئي. ننڍا نيٽا وڃي ميدانن ۾ ونجهه وٽيون ۽ ٻلهاڙا کيڏيندا هئا. پريا مڙس انهن بازين تي شرطون رکندا هئا ۽ مٺايون ورهائيندا هئا. کٽندڙن توڙي هارائيندڙ جون مانيون جهلبيون هيون. لونگيون ٻڌبيون هيون. پتاشا ورهائبا هئا. ڏؤنڪا وڄندا هئا. ڇيريون ٻڌبيون هيون. سانگ وجهبا هئا ۽ زندگيءَ جو رس وٺبو هئو. ليهه ۾ سنڌو هڪ وڏي نالي وانگر ٿي لڳي. ڪير به وشواس نه ڪندو ته ليهه وٽان وهندڙ اهو پهاڙي نالو سنڌ ۾ سمنڊ وانگر نظر ايندو آهي. انهيءَ جي مٿان سکر، بکر ۽ روهڙيءَ جي وچ ۾ ٻه وڏيون شاهي پُليون آهن. درياهه جي وچ ۾ ساڌ ٻيلو آهي ۽ ٿورو پري سکر بئراج آهي. انهيءَ پُل جي مٿان پرچي وديارٿيءَ ۽ رام بيهي درياهه شاهه ۾ ٽپا ڏنا هئا. سنڌو نديءَ ۾ ترندي ترندي هو ساڌ ٻيلي تائين پهتا هئا. سنڌ اندر سنڌو ندي ڪشمور وٽ داخل ٿئي ٿي. ڪشمور سنڌ جي اُنهن ڳوٺن مان آهي، جتي زندگي اڃا لوڙهن ۽ ڍنگرن ۾ گهيريل هئي. اُنهن لوڙهن ۽ ڍنگرن جي اندر ماڻهو ۽ چؤپايو مال گڏ جيون گذاريندا هئا. جتي ماڻهن جي هڪلن ۽ سڏ واڪي سان گڏ ماهي ۽ ڳائي مال جون رنڀون، ٻڪرين ۽ رڍن جا ٻيڪاٽ ۽ گهوڙن جون هڻڪارون صبح جو آجيان ڪنديون هيون. ڳوٺ جي ماڻهن جي حياتي کير جي گوهن وانگر اڇي، اُجري ۽ پوتر هئي. اُن جو هر هڪ آواز، ڪنهن نه ڪنهن طرح، زندگيءَ جي اڇي اُجري هجڻ جو آواز هئو. اهي اڇا اُجرا آواز ماڻهن جي دلين ۾ نيڪيءَ ۽ خير جا نياپا کڻي ايندا هئا. اهي نياپا محبتون بڻجي ويندا هئا، پنهنجائپ ۽ ماڻهپي جون روايتون بڻجڻ لڳندا هئا. سنڌو نديءَ سان جُڙيل آهن اسان جون بيشمار يادگيريون! لکين جذبا ۽ اُمنگ! نه وسرندڙ سپنا ۽ خواب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org