سيڪشن؛ادب

ڪتاب: خط ٻن اديبن جا

باب: --

صفحو :4  

(19)

جنهاڻ

16 آڪٽوبر 1966ع

پيارا!

ڪهڙيون ڳالهيون ٿا پُڇو، گذريل هفتي ڪهڙا ويل وهايا آهن ۽ ڪهڙا گل پلاند ۾ ڀريا اٿس.

ڳوٺ ايندي توڙي ويندي اوهان جو خط ڪونه مليم ته اُداس ٿي ويس. ڇا ڪريان عادت اٿم. جيتوڻيڪ ائين سمجهيم پئي ته دير ٿي ويندي آهي. پر چري دل . . . .ڪنهن کي سڃاڻي ئي ڪانه- مٿان ”سُهڻي“ پڙهي وڄي ويس. منهنجي توقع مطابق اوهان به ”اياز“ بلوچ جي خط جو ذڪر ڪيو آهي. مَٿان اِهي خبرون ته اياز تي حملن  جو سلسلو دوباره جاري ٿي ويو آهي. پر پئي درگذر ڪيم. ڳالهه چوٽ تي چڙهي. جمعي جي ڏينهن جماعت اسلامي جو هفتيوار رسالو ”آئين“ پڙهيم. ان ۾ ”نارائن شيام ڪو ڪيسي گولي مارون“ جي عنوان سان هڪ قرارداد پڙهيم (آئين، لاهور، 14 آڪٽوبر 1966ع)، جنهن ۾ حڪومت اڳيان هٿ ٽنگيو ويو آهي ته  تحقيقات ڪرائي وڃي. تنهن تي 52 صحيحون آهن جن ۾ 10 ڄڻا ته ليڪچرر حضرت آهن. آءٌ ته اِن نتيجي تي پهتس ته اِهي ڪوٺيءَ ۾ بند ٿيل ٻلي جا آخري جهَائو آهن. اوهان جو خط به ساڻ دُک کڻي آيو آهي- ۽ گــَڏُ ڪتابن جو ڍير، اُن منهنجي پلاند ۾ گُل اُڇلايا. ۽ ها ٻيا گُل. . . .منهنجي بدلي پنهنجي ڳوٺ ٿي ويئي آهي- پرينهَن چارج ڇڏيندس.

اوهين سکر ويا. ”اياز“  جون خبرون ڏجو- ها! ضرور. ”جي ايم“ ته سائين جيئيم آهي.- ”ٻلي جا آخري جهَائو“ زخم ته ضرور ڪندا.

”سهڻيءَ“ وارن جي بيواجبيءَ لاءِ ڇا لکان ته جڏهن مون کين ڪافي عرصو ٿيو، خط لکيو هو، جو نه ڇپيو؛ اُهو هن مهيني به ان ڪري نه ڇپيو ويو، جو اِهو خط ”اياز“ بلوچ جي حملي کي ٽوڙيو بيٺو هو. مون ان ۾ پنهنجي ڀرپور راءِ اوهان جي جائزي تي ڏني هُئي. آئنده پرچي ۾ ضرور ڇپيندا.

ويچارا وڃن ڪيڏانهن، سندن ساڙ ۽ حسد سان ڀريل ننڍڙيءَ گُجيءَ جو به ته بچاءُ ڪن.

”روح رهاڻ“ کي سڌارڻ جي ڪوشش پيا ڪريو. مبارڪون. منهنجي ته ادبي ماءُ آهي.

والسلام، عبدالقادر جوڻيجو

سلام ربانيءَ ۽ پنهور ۽ ”طول العمره“ کي عرض آهن.

(20)

حيدرآباد، سنڌ

21 آڪٽوبر 1966

عزيز عبدالقادر،

تنهنجو 12 تاريخ جو لکيل خط مليو. پڙهي، احوال معلوم ڪري ڏاڍي خوشي ٿي. اميد ته هاڻي پتافي اسڪول مان چارج  ڇڏي، جنهاڻ جي اسڪول ۾ پهچي ويو هوندين.

ڪالهه شمشير کي ادبي بورڊ جي آفيس جي لان تي الوداعي پارٽي، سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد طرفان، ڏني ويئي. ويهه پنجويهه اديب دوست موجود هئا. ڏاڍي چڱي شام گذري. رباني به چار ڏينهن ٿيا ته سکر ويل آهي. اڃا ڪونه موٽيو آهي. اخبارون پڙهندو هوندين. هتي پهريائين 25 يا 30  اديبن ۽ پوءِ 80 کن اديبن ۽ ٻين گڏجي اياز جي خلاف اٿاريل هنگامي جي مذمت ۾ بيان ڪڍيو، جن جو اختصار اخبار ”عبرت“ ۾ ڇپيو هو. مڙيو ئي معاملي کي همت سان مُنهن ڏيڻو آهي. ٻنهي بيانن تي طارق اشرف صحيح وجهڻ  کان انڪار ڪيو. توکي شايد اها خبر ڪانهي ته. . . . . . . . .جي مادري زبان اردو آهي ۽ نه سنڌي. ادب جي دنيا ۾ اڳي به اهڙي قسم جو هڪڙو غير سنڌي حضرت،. . . . . .جميعت الشعراي سنڌ جو پريزيڊنٽ بڻجي، سنڌي ادب جو چوڌري ٿي ويٺو هو. اڳتي هلي، جڏهن هن کي ان عهدي تان هٽايو ويو، ته ان ڏينهن کان وٺي ويندي هيلتائين، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب تي ايترو ته ڦوڪيو گهمي، جو سواءِ ان تي پٿرن اڇلڻ جي ٻيو ڪم هو ڄاڻي ئي ڪونه. طارق اشرف جو به شايد اِهوئي حال ٿيڻ وارو ٿو ڏسجي. سنڌ ادب ۾ چوڌري ٿيڻ جو حرص ته هن کي به . . . . . جهڙو آهي. اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.

آءٌ اڄ شام جو لاهور وڃي رهيو آهيان، جتان 15 تاريخ واپس موٽڻو اٿم. 29 تاريخ وري موٽي لاهور وڃڻ جو پروگرام آهي ۽ اُتي پوءِ ڏهاڪو کن ڏينهن رهڻو اٿم.

ٻيو سڀ خير آهي. سلام ميان يار محمد، طول العمره، ربانيءَ ۽ ٻين  سڀني دوستن جا رسن.

تنهنجو محمد ابراهيم

(21)

حيدرآباد، سنڌ

1 نومبر 1966ع

پيرا ڀاءٌ عبدالقادر،

تَنهن ڏينهن صبح جو ملي ڪونه سگهياسون. مون کي آفيس ۾ پهچندي پهچندي دير ٿي ويئي. اميد ته تون خير سلامتيءَ سان شام جو ڳوٺ پهچي ويو هوندين، ۽ ٻيءَ هر طرح اوهان ڏانهن خيريت هوندي.

تنهنجو سرٽيفڪيٽ هن سان گڏ موڪليان ٿو. ڪالهه بورڊ وارن شام جو ڏنو ۽ اڄ موڪلي رهيو آهيان. داخلا فارم ڀرڻ لاءِ توکي وري هيڏانهن اچڻو پوندو، يا اِتان ويٺي ئي ويٺي فارم ڀري هيڏانهن موڪلي ڇڏيندين ۽ ڪم ٿي ويندو؟ هي آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان جو 17 ۽ 18 تاريخ جي. ايم سيد جي ڳوٺ سن ۾ سنڌ ثقافتي ڪانفرنس وڏي ڌوم سان ٿي رهي آهي. بزم صوفياي سنڌ جي هيءَ ڪانفرنس پنهنجي خاص اهميت واري ٿيندي. ان جي صدارت لاءِ اي. ڪي. بروهي صاحب کي دعوت ڏني اٿن. عين ممڪن آهي  ته هو صاحب ئي  ڪانفرنس جي صدارت ڪري. سو جيڪڏهن انهن ڏينهن ڌاري توکي هتي حيدرآباد ۾ داخلا فارم ڀرائڻ لاءِ اچڻو  پوندو هجي، ته موقعي سارو هلي سن مان به ٿي اچي سگهجي ٿو. سن ڪوٽڙيءَ کان فقط 50 ميل کان ريل جي سفر تي آهي. هن ثقافتي ڪانفرنس لاءِ جيڪي دعوتي ڪاغذ ۽ پروگرامن جا تفصيل ڇپجي رهيا آهن، اهي توڏانهن ڏينهن ٻن ۾ موڪليندس.

رباني لاهور ويل آهي، 8 يا 9 تاريخ اتان موٽندو. دوست ٻيا سڀ خوش آهن. ملڪ جا بدخواه پنهنجي ئي مٽ ۾ پيا ترڪن. اميد ته ڪجهه ڪين پلئه پوندن. اياز سان ڪالهه شام  جو ٽيليفون  تي ڳالهايو هوم. بهاريءَ ۾ هو. سندس پٽ انيس نائين ڪلاس جي سپليمينٽريءَ ۾ فل پاس ٿيو آهي. هونئن ٻن ڪمن ۾ ڪري پيو هو. يار محمد ۽ طول العمره،ع،ق. شيخ ۽ ٻيا سنگت جا ماڻهو سڀ مزي ۾ آهن. شمشير جي خلاف پڻ رشيد لاشاريءَ، ڌڻي بخش بلوچ جي ڪوڙي نالي ۾، اردوءَ ۾ هڪ واهيات ڪتابڙو گارين ۽ ڪوڙن ۽ خسيس الزامن سان ڀريل ڇپائي، چوريءَ چوريءَ، ڪراچيءَ ۾ ورهايو آهي. 32 صفحن جو اهو ڪتابڙو پڙهي ئي هنن جي خسيسپڻي ۽ ذلالت جي حد جي خبر پوي ٿي. جي اُهو ڪتابڙو هٿ لڳم ته توڏانهن موڪلي ڏيندس.

”سهڻي“ جي اشاعت ۾ ڪجهه رولو  پئجي ويو اٿن. جو ان لاءِ ڊڪليريشن ڪانه هين- سو سرڪار وٽان لکجي آيو اٿن ته ان جي اشاعت تيسين بند ڪن، جيسين باقاعده ڊڪليريشن وٺن. ان لاءِ هنن درخواست ڪئي آهي. ڏسجي ته ڪيتري عرصي ۾ کين ملي ٿي. ”روح رهاڻ“ ۽ ”بادل“ اميد ته ڏينهن ٻن ۾ نڪرندا. توکي ته اُهي اِتي ملندا رهن ٿا. سرٽيفڪيٽ جون ٻه تصديق ٿيل ڪاپيون موڪليان ٿو- داخلا فارم ڀرڻ لاءِ اصلوڪي ڪاپي نه پر تصديق ٿيل ڪاپي ڪم ايندي.

ٻيو سڀ خير والسلام

تنهنجو

محمد ابراهيم جويو

(22)

پيارا سائين!

اوهان جو قربن ڀريو خط ۽ ٽي سرٽيفڪيٽ مليا، لک لک ٿورا.

پيارا! هونئن ته زباني طور ڪيئن پيا ڊارون هڻندا آهن فنڪار سان همدردي پيا جتائيندا آهن، پر عملي طرح ڪنهن فنڪار سان ساٿ ڏِنُن سو ته وڃي کڏ ۾  پوي، پر جي ماٺ ڪري وِهن.

”هائو ادا! فلاڻو فلاڻي جو  چمچو ٿي ويو آهي، پُڇ آهي، وغيره. هاڻ ڀلا وٽانئن ڪير پڇي ته ڀائي اِها بيواجبي ڇو ٿا ڪريو.

”اياز واه واه، زنده آباد“ چيو ته هر ڪنهن ٿي، هرڪو ٿي منصور ٿيو، پر اياز جي عقل تي به پڙدا اچي ويا جو چئي ويٺو: ”منصور هزارين مان نه رڳو.“

هاڻ هن ادي اياز کان پڇو ته ”ٻه“  چوي ها ”ٽي“ ها، وڌ ۾ وڌ انگ وڌائي ها ته ”ڏهه“ پر هي ”هزارين“ ڪٿان آيو. هينئر جڏهن مٿس الزام تڏهن اِهي هٿرادو منصور ڇا ٿا چون!‘

”ادا اسين ڪميونسٽ نه آهيون.“

”ادا اسين ڪو اياز جي هر ڳالهه سان اتفاق ڪنداسين ڇا؟“

 ”ڀائو، اياز ته ٻرن ۾ هٿ وجهندو، ته اسين ڪو وجهنداسين!“

مٺڙا، جيترقدر منهنجي ڄاڻ جو تعلق آهي، ايتريقدر حيدرآباد مان اوهان ۽ ربانيءَ هن جو ساٿ  ڏنو آهي، ۽ بنا ڪنهن ڊاڙ هڻڻ جي ۽ عملي طرح. آءٌ ڪو اڃا فنڪار ڪونه ٿيو آهيان، پيو ماڪوڙا ماريان، پر مون سان هيڏيون ساريون مددون ۽ قرب ڪنهن ڪيا؟

سو پيارا!“ پڇاڙيءَ جو رهندو وڃي رڳو نالو، ڳائبو. انسان جا عمل ته اَمر هوندا آهن.

آءٌ حيدرآباد اچڻ جي ڪوشش ڪندس پر 15 نومبر کان اڳ. سن ته پڪ سان هلي ڪونه سگهندس. پگهار اچي ته هن کان اڳ وڃان ها، پر منهنجي بدليءَ سان پگهار اڃا تائين نه پهتو آهي، ان جو الڳ سپليمينٽري ڀريو اٿن. شايد ان وچ ۾ آءٌ اوڌر سوڌر ڪري، ضرور پهچندس. رجسٽريشن ته ڪرائڻي ٿي.

والسلام

عبدالقادر جوڻيجو

(23)

پيارا سائين!

عرض ته ڪافي وقت گذريو آهي، جو مون خط لکيو هو پر اوهان وٽان جواب ڪونه آيو آهي. شايد مصروفيتن جو بار آهي. اوهان واري ڳالهه ته ”ياري خطن وهيڻي نه آهي“- برابر ٺيڪ آهي. پر تڏهن به ٿورين گهڻين ڏينهان ياد ته ڪندا ڪريو.

ابن حيات پنوهر جا ڏنل ڪتاب پڙهي ڇڏيا اٿم. اِن پاسي ايندس ته کڻيو ايندس.

 

مون جو اوهان کي يقين سان پئي چيو ته مون وارو خط ’سهڻيءَ‘ ۾ ڇپبو سونيٺ نه ڇپيو ۽ اوهان واري ڳالهه پير کوڙي بيٺي. افساني لاءِ طارق جو خط آيو هو پر موڪليو نه اٿمانس. جڏهن قمر ۽ امر جا لکيل خط حميد نه ڇپيا تڏهن هنن ڪاوڙ جي پنهنجون تخليقون ڏيڻ بند ڪري ڇڏيون- ته آءٌ به ائين ڪري سگهان ٿو. پر ائين ڪونه ڪندس. خوش اخلاقي هٿان به ڇڏبي. هڪ افسانو ”واٽون، راتيون ۽ رول“ شمشير کي موڪليو اٿم. پڙهي راءِ  ڏيندا.

سلام ابن حيات پنوهر، غلام رباني ۽ طُول العمره کي عرض آهن.

والسلام

عبدالقادر جوڻيجو

 

+ + +

(24)

جنهاڻ

پيارا سائين!

معاف ڪجو، جو خط ڏاڍيءَ دير سان پيو لکان. سبب ته اِهوئي  ٿو نظر اچيم ته جيڪي ڪتاب ادي پنوهر ڏنا هُئم، انهن ۾ غرق آهيان. هونئن به جڏهن پڙهڻ تي ايندو آهيان تڏهن سڀ ڳالهيون اندر جي اونداهي ۾ ٻُڏي وينديون آهن. ڇوڪرن جي پڙهائي، دوستن کي خط  لکڻ، گهر لاءِ ڪاٺيون ڪرڻ، شام جو ٻڪري ڪاهي اچڻ، ويندي بدن جي صفائيءَ تائين، وارَ وڌيل، کـِنڊريل ۽ اڻڀا، ڪپڙا ميرا، چوڌاري ميارون ملنديون اٿم.

”هائو يار، هاڻي زال جي ڪڇ مان نڪرين ئي ڪونه ٿو.“

”مڙس ويو هٿن مان“، ”گهريتڙو ٿي ويو آهي هاڻي،“ وغيره. دل ئي دل ۾ جواب ڏيندو آهيان: ”زال ڏانهن ته الائي، باقي ڪتابن جي ڪڇ ۾ ته هوندو آهيان.“ الائي ڪيترا ڀيرا اوهان ڏانهن خط لکڻ جو ارادو ڪيو هوندم، پر هٿ جهڙا ڀڳل، ذهن جهڙو پٿر.

شمشير ڪهاڻيءَ لاءِ به ڪيترو چيو هو. پر ويچاري ڪهاڻي آهي ڪاپيءَ ۾ ٻوساٽي پيئي. الائي بند مان ڪڏهن نڪرندي!

اخبار به اڄڪلهه ڪانه ٿي مليم. اڳئين اسڪول ۾ صـِرف اِها سهوليت هوندي هُئي.

اسڪول ۾ ڇوڪرا چوندا آهن، ”سائين سبق ته ٻڌو!“

”ها! بس هڪڙو صفحو.“

۽ پوءِ صفحن جا صفحا چٽيندو ويندو آهيان.

اِهي حال آهن پيارا! مئڪسم گورڪيءَ جي تنهائيءَ جو داستان پڙهي، مون تي پڻ اِها لهر چڙهي آئي آهي.

اِتان جو حال احوال ڏيندا، سن واريءَ ڪانفرنس جو، پنوهر جو، ربانيءَ جو، طول العمره جو، شوڪت جي نوڪريءَ جو.

عبدالقادر جوڻيجو

(25)

حيدرآباد، سنڌ

11 جنوري 1967ع

پيارا ڀاءُ عبدالقادر،

نئين سال جي به مبارڪ هجيئي ۽  عيد جي به، تَنهن کان پوءِ، توڏانهن خط لکڻ ۾ ايڏي سستي ٿي اٿم، اُن لاءِ معافي تُنهنجو هڪڙو، يا ڀلجان نٿو ته، ٻه خط اِن وچ ۾ مليا اٿم- تنهنجا قُرب. هـِتي ڪجهه ڪمن ڪارين جي هڻ وٺ ۽ ڪجهه طبيعت جي سُستي- ڏينهن  پٺيان ڏينهن وڃن گذريندا، ۽ پنهنجن جون ميارون ۽ پراون جا اِلزام وڃن ڍِڳن  مٿان ڍِڳ ٿيندا. پر تون اميد ته اسان جي اوڻاين کي درگذر ڪندين، ۽ پنهنجا قرب قائم رکندين.

ٿر جو ڪهڙو حال آهي. تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي ۽ ڪهڙن خيالن ۾ آهين. تو وٽان ٻه خط ته برابر آيا، پر هئا رڳو رسمي ۽ سـِٽ ٻن سـِٽن جا. آءٌ ته اِئين چوندس- ڇو ته تو وٽان ته آءٌ گهران ٿو پيرائتا احوال ۽ پيرائتيون ڳالهيون. شايد ڳوٺ ۾ ذميوارين سبب واندڪائي گهٽ ٿي مليئي! تنهنجي پڙهائي-امتحان لاءِ توڙي عام علم جي حاصلات لاءِ- به الائي ڪري سگهين ٿو يا نه. منهنجو پنهنجو تجربو اصل اِهو آهي ته پنهنجي ڳوٺ ۾ رهي ڪري، گهڻي قدر ماڻهو پنهنجو سمورو وقت  رڳو روزمره جي سنهين ٿلهين ڳالهين ۾ ئي صرف ڪرڻ ۾ پورو ٿو رهي. بهرحال صلاح هيءَ ئي ڏيئي سگهان ٿو ته ٻين ڳالهين سان گڏ پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي ذاتي ذوق کي پوري ڪرڻ لاءِ ٻه گهڙيون هر طرح پاسيريون ضرور ڪبيون- نه ته ماڻهو ٿي ويندو ماڻهو جهڙو. ڪا علحدگي، ڪا خاص ڳالهه، ڪا انفراديت ڪانه رهندي، ۽ ائين ٿيڻ نه کپي.

تنهنجو هڪڙو افسانو ”سهڻي“ ۾ ڇپيو. تو وارو خط برابر، هُنن ڪو نه ڇاپيو. هو پنهنجيءَ بات وارا آهن. رسالي جا صاحب آهن. ڪير کين چوي! ڪير سمجهائي!

مارچ ۾ ”روح رهاڻ“ جو جشن ٿي رهيو آهي. ان ۾ تون ضرور هتي اچج. ”روح رهاڻ“ لاءِ ڪونه ڪو افسانو موڪلي ڏي. سالمانامي لاءِ پڻ کين ڪو افسانو موڪلج. حميد سنڌيءَ توکي تاڪيد ڪرڻ لاءِ خاص مون کي چيو آهي.

هُنَن همراهن تي هـِتي ”نارائڻ شام“ واري نظم متعلق ”روح رهاڻ“ طرفان بدناموسيءَ  جا ڪيس داخل ٿيل آهن، ۽ مٿن ڪورٽ جي بي حرمتيءَ جي پڻ درخواست داخل ٿيل آهي. سو هاڻي گهڻي قدر بنهه چُپ آهن. هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست وڌي اٿن ته اِهي ڪيس ٻڌڻ جوڳا نه ٺهرائي، انهن کي خارج ڪيو وڃي. اسان  جي وڪيلن کي خاطري آهي ته اِن ۾ هو ڪو نه کَٽندا. بهرحال ادب جي ميدان ۾ هاڻي اِنهيءَ قسم جي الزام  تراشين ۽ گهٽ وڌ ڳالهين جي  شايع ٿيڻ جي گنجائش گهٽجي ويئي اٿن. اسان جي باذوق ۽ باخبر اديبن کي گهرجي ته هو هاڻ بهتر کان بهتر افسانا لکن، شُعر جوڙين ۽ ٻيءَ طرح تصنيف ۽ تاليف جو ڪم تيز ڪن،  ته جيئن ميدان ۾ آيل مال جو مُلهه ٿئي ۽ مقبول ٿيڻ جهڙيون شيون پنهنجي مقبوليت حاصل ڪن، جنهن جون اُهي لائق ۽ حقدار هجن.

سيارو به ڏاڍو تکو آهي. آءٌ ته سياري ۾ بنهه هيڻو ٿي پوندو آهيان- صحت ۾ ته نه پر طبيعت ۾. ٿڌ کان  پيو ڊڄندو آهيان، ۽ گهڻو وقت رڳو سيءَ کان پاڻ بچائيندي بچائيندي گذاري ڇڏيندو آهيان. جيئن چوندا آهن ته ”فلاڻو سيءَ جو بنهه ڪونهي“- سو آءٌ به سيءَ جو بنهه ڪونه آهيان. سياري کان اونهاري ۾ وڌيڪ خوش رهندو آهيان، پر ٻه سگڙيون ٻارايو، ٻنهي پاسن کان رکيو ويٺو آهيان. توکي خبر آهي ته شاه صاحب به رسالي ۾ عام ماڻهن  لاءِ سيءَ کان بچاءَ جون دعائون گهريون آهن- گرميءَ يا اونهاري کان نه. غريبن ۽ اڻهوند وارن لاءِ ته سيارو جنسي عذاب آهي. انگ اگهاڙا، پيٽ بکيا، مٿان سيءُ - الامان والحفيظ!

اسان جي يار جمال رند جو مامو، ميان غلام عباس رند، جنهن کيس پاليو، نپايو، پڙهايو ۽ پرڻايو، سو ويهارو ڏينهن ٿيندا ته حيدر آباد کان موٽر ۾ پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ويندي، ائڪسيڊنٽ جو شڪار ٿي ويو. ڏاڍو ماڻهو باهمت، بافضيلت، يار ويس هو. جمال ويچاري کي ڏاڍو صدمو رسيو. هفتو کن ٿيو ته حميد، سليم خواجا، طولعمره ۽ آءٌ سندس ڳوٺ وِڪَرُ ڪرڻ وٽس ويا هئاسون. سندس ڳوٺ سانگهڙ ضلعي ۾ جهول جي ڀرسان آهي. تون به همدرديءَ جا ٻه اکر اسان جي يار جمال ڏانهن لکي موڪلج. سندس ائڊريس هيءَ آهي: جمال رند، اسٽنٽ ماسٽر، پبلڪ اسڪول لطيف آباد، حيدرباد، سنڌ. هو ڳوٺان 16 تاريخ، يعني عيد کان پوءِ، موٽي هـِتي ايندو.

اياز، رباني، جمال ابڙو ۽ تنوير ڊسمبر مهيني جو پوئين هفتي ۾ لاڙ گهمڻ ويا هئا، ۽ سمنڊ جي ڪناري وارا ڳوٺ ۽ سنڌو دَرياءَ جي ڇوڙ وارا گهاٽ ۽ گهارا ۽ ويرالڙ ( وِيرEbb =آلڙ + tide=) وارو ملڪ، ويندي ڪيٽي بندر تائين، ڏِسي آيا. هـِتي حيدرآباد ۾ به اياز چار پنج ڏينهن اچي رهيو هو. ڏاڍيون پنهجي هـِن مٺڙي يار سان ڪچهريون ۽ محفلون ٿيون. ٿَرَ تي ڏاڍو سُٺو گهڻو شعر جوڙيو اٿس.

ارادو آهي ته اُهو سمورو شعر ”روح رهاڻ“ جي آئنده پرچي ۾ ڇاپجي-اٽڪل چاليهارو صفحا رسالي جا والاريندو. جڏهن ڇپجي تڏهن ضرور دل لائي پڙهج- پڙهڻ ۽ پيار ڪرڻ  جهڙي شيءِ آهي.

هـِتي اسان هڪ سنگيت پريمين جو ڪلب (Music Lover’s Club) ٺاهيو آهي. آءٌ اُن جو جنرل سيڪيٽري آهيان. ان جون ٻه محفلون ڪري چڪا آهيون- ادبي بورڊ جي آفيس جي وچين هال ۾. رات جو ٽين بجي تائين ٻئي ڀيرا راڳ هليو. هڪ ڀيري ماتليءَ جو موسو ڳائڻو ۽ سندس ساٿي گهرايا هئاسون، ۽ ٻيو ڀيرو به ماتليءَ جو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ۽ سندس ٻيا راڳي ۽ ڳائڻا دوست ۽ ساٿي آيا هئا. ”روح رهاڻ“ جي جشن تي ارادو آهي ته هڪڙي ٽولي ٿَرَ جي لوڪ رس وارن ڳائڻن ۽ فنڪارن جي گهرايون. هونئن به جو آءٌ ۽ ٻيا دوست ايڏانهن ٿَرَ ۾ آيا هئاسون، ۽ سلام ڪوٽ ۽ ٿر جي راڳين جو لوڪ سنگيت ۽ لوڪ ناچ ڏٺو هئوسون، سو دل ۾ ڏاڍو ذوق آهي ته اِتان جي مشهور فنڪارن ۽ هنرمندن کي هـِتي حيدرآباد ۾ آڻجي. تون اِن معاملي ۾ ڪهڙي ٿو صلاح ڏين، ۽ ڪهڙي مدد ڪري سگهندين. مهرباني ڪري ترت لکي موڪلج.

سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽـِوِ سوسائٽي لميٽيڊ (Sindh Writers’ Coporative Society Ltd.) ٺاهي اٿئون. ڊسمبر جي آخري هفتي ۾ اياز ۽ ٻيا يار هـِتي هئا. سو ميٽنگ ڪري سوسائٽيءَ جي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيوسون. بيگم چنا پريزيڊنٽ، آءٌ وائيس پريزيڊنٽ، رباني جنرل سيڪيٽري، جمال رند خراندچي ۽ اياز، ع.ق. شيخ علي احمد بروهي، تنوير عباسي ۽ هڪ ان جي ڪاروباريءَ ڪميٽيءَ جا ميمبر ٿيا آهن. هر اهو اديب جيڪو هڪڙو حصو هڪ سؤ روپئي جو خريد ڪندو، يا پنهنجو ڪو ڪتاب سوسائٽيءَ کي ڇپجڻ لاءِ ڏيندو، اهو ان جو ميمبر ٿي ٿو سگهي- بشر طيڪ ڪاروباري ڪاميٽي هن کي ميمبر ڪري قبولي، يا سندس ڪتاب کي شايع ٿيڻ لائق سمجهي، هن کي سوسائٽيءَ جو ميمبر بنائي. هن سوسائٽيءَ جي ڪم ڪار ۽ ڪار گذاريءَ کان مان توکي وقت بوقت واقف ڪندو رهندس.

ارادو آهي ته سماهي رسالو ”ٻيجل“ نالي ڪڍجي. اسان جي يار سراج هـِن ڪم ۾ هٿ وڌو آهي. ڊڪليريشن لاءِ درخواست سندس ڀاءُ عبدالحق ”عطيم“ ڪري ڇڏي آهي. اميد آهي ته آئنده ڇهن مهينن کن ۾ هيءُ رسالو شايع ٿي ويندو.

”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي ڇهين ڪانفرنسن جو احوال ۽ انهن ۾ پڙهيل خطبا ۽ بزم جو آئين الڳ ڪتابي صورت ۾ ڇاپايو ويو آهي. بائيڊنگ ۾ آهي. هفتي کن ۾ توڏانهن ان جي ڪاپي موڪليندس. ڏس ته توکي ڪيتريون ڳالهيون ٻڌايون اٿم. ڪي ڀرپور احوال پنهنجا ۽ پنهنجن يارن جا ۽ ٿر جي ماڻهن جا لکي موڪل ته تنهنجا قرب.

ٻيو خير، سلام سڀني ساٿين ۽ سنگتين جا توکي رسن.

تنهنجو

محمد ابراهيم جويو

(26)

10 فيبروري 1967ع

پيارا سائين،

ڪجهه وقت وڃايو پيو لکان. اِها نه هئڻ برابر دير معاف ڪرڻ جوڳي آهي. ائين نه؟

ها ته! اڃا سج اونده جا پڙدا ڪونه ڦاڙيا هُئا، اونده جي سـِٺو سٺ تنهن هيٺان، بلبَ اڃا، سجاڳ هُئا؛ ٽريننگ ڪاليج جي پارڪ جي  ڪنارن مٿان سڄي رات اکيون ڦاڙي پهرو ڏيندڙ بلب ننڊاڻکن جهوٽن ۾ ٻُڏا پيا هُئا. سندن وڻن مان ڇڻندڙ روشني. هوا جا ڌڪا جهلي، ڪنهن عرب نچڻيءَ وانگر ٿڙڪي رهي هُئي- روشن ڪنجهي جي رنگ جهڙيون رانون ٿڙڪي رهيون هُيون. پارڪ ۾ بيٺل ٻوٽن سوز ۾ اچي ڪنهن پيڙيل انسان وانگر ٿڌا ساهه ڇڏي خوشبوءَ پئي پکيڙي. ناچُ ازل کان هليو اچي. روشنين جو ٿڙڪي ٿڪجڻ، اونداهين جو بي موت رقص- زندگيءَ تي ڪارا پاڇولا لهندا چڙهندا وڌندا وڃن. پڇاڙي ته الائي ڪيئن ٿئي؟ شاعرن جا خواب ٿيڙ کائيندا خواب ٿيندا وڃن.

۽ صبح جي هوا سڄي رات رڙي، هاڻ اوٻاسيون ڏيندي، ننڊاڻکا ٿيڙ کائيندي، وڻن ۽ ٻوٽن سان ٽڪرون کائڻ لڳي هُئي، جيڪي زندگيءَ جو ناچ ڏسي، پاڻ تي ماڪ جا تهه چڙهيل محسوس ڪري، ماٺ ۾ ٻڏا پيا هئا.

مٿي آسمان جي ڪارين وسعتن ۾ تارن ٽُٻيون پئي کاڌيون- ٻڏيو وري پئي نڪتا. ٻانگن جا آواز شهر مٿان ترڻ لڳا هُئا- پري کان رڪشا گهوڙاٽ ڪندي مٽيو ٿي ويئي.- آرس جو سٽيل بدن کڻي گيٽ کان ٻاهر ڀرو ٿيس. سامهون ظاهر ٿيندڙ ٻـِٽين روشنين اڳيان هٿ کنيم. ”بس اسٽاپ“.

رڪشا تلڪ چاڙهيءَ تان ترڪڻ لڳي ۽ وڏي وڻ هيٺان اچي مَٽي. اِهو وڏو وڻ شايد سالن جو اِتي کُتل آهي: فقيرن جو پناهه گاه. هر سال انهيءَ ايراضيءَ مان  ٻه ٽي بکيا فقير ڪڻڪ وانگر اُوڀرُ کائيندا آهن ۽ سياري جي ڪنهن رڙيون ڪندڙ رات ۾ سڀ منزلون ٽپي، ڪچا پڪا ڌاڳا ڇني، ڪونجن وانگر پنهنجي انهيءَ اصلي ديس ڏانهن اُڏامي ويندا آهن،جتان هو ايندا آهن. پويان پنهنجو جنُ به نٿا ڇڏين. يا جن نه رڳي وڏن ماڻهن ۽ سيدن جا ٿيندا آهن. هتي ته ڪنهن به ڏيٺارو ڪونه ٿو ٿئي. ڪنهن به فقير جو ڪو جن اُلا کڻي ڪنهن گلي مان جهلي نٿو چئي ته ”ياد رکو!اسين انهن فقيرن جا جن آهيون، جن کي اوهان پنهنجن  پيرن هيٺان چچري چچري ماريو، يا. . . .“ پر پيارا اِتي ته سرد هوائون آهن، جي صبح تائين پيون رئنديون آهن. پن آهن، جي هڪٻئي سان مٿو پيا ٽڪرائيندا، پڇاڙيءَ جو پهر هوندو آهي، جو آسمان جي ڳلن تي سرخ ريکاون ڏسي، مطمئن ٿي ويندو آهي ته سـِج اُڀرندو، پر هـِت ته ڪيئن لهي چڙهي ويا آهن. . . . . اوسيئڙو، ڪائنات کان ڊگهو اوسيئڙو.

رڪشا مان لهي بيٺس، بس آئي، بس ۾ اچي ويٺس، ٻاهر ڪلينر ”ڊگهڙي. . . .اچو! اچو!“ شايد اونداهين کي سڏ پئي ڪيائين. اونداهيون ته اڳيئي کوڙ آهن، مون سوچيو.

پر بس چالو ٿي چُڪي  هئي، آهستي آهستي پنهنجا گهوڙاٽ حيدرآباد جي گهٽين ۾ پوريندي رواني ٿي ويئي. حيدرآباد جا جهومر جهومر ڳلن وانگر جرڪندڙ بلب پوئتي رهجي ويا. رات سڙندي ويئي. آسمان جي ڳلن تي لالائي جرڪڻ لڳي. روڊ جي ٻنهين پاسان بيٺل ساون فصلن تان رات جي ڪارٺ لهڻ شروع ٿي ويئي هُئي. ٽنڊو محمد خان، ماتلي، ٽنڊو غلام علي، سـِج سُتل اکين لاءِ تازگي کڻي آيو. دنبالو، ماضـِي، گُل، يادون- دل نپوڙجڻ لڳي.

ڊائل جي ڇاتيءَ رِهندڙ ڪانٽا 9 جي انگ تي اچي ڪٺا ٿيا. بس به اچي ڊگهڙيءَ ٺڪاءُ ڪيو. ماحول اڃا تي آلاڻ ۽ ٿڌاڻ جا؟ تهه چڙهيل هُئا. جهڏي ويندڙ لاريءَ جي گهرڙ گهرڙ پَئي پَئي. ڏي ٽپ لاريءَ ۾. ڊگهڙي ڏسي، مون کي وارث جي ڪا ” تندرست هير“ ياد اچي ويئي. ”ڇڏ ميان انهن يادُن کي، دُعا گُهر ته ڀٽائيءَ جي بيمار مارئيءَ وٽ پهچين.“

لاري ڌوڙ اُڏائيندي، ڌونڌاڙيندي، جُهڏي اچي پهتي. جُهڏي کان اڳتي پوءِ ٻيو مڙيئي خير هو. ڏٺل وائٺل ٻهراڙيون هيون، جتي نوڪري به ڪمائي هُيم. 22 ميل ڊگهو رستو سو هو، آءٌ هوس، پنڌ هو، ٿيلهو هو، ٻنپهرن جون واڪا ڪندڙ ويرانيون هيون، رستي جي ڌوڙ هئي، ڪاڙهي ۾ جلندڙ فصل هئا، چونرا هئا، ڀونگيون هيون، ۽ آئون.... سج جا ٿڌا ڪرڻا آسمان تي چلڪڻ لڳا هئا. پگهر ۾ شم، ڌوڙيو اچي ڳوٺ ڪيم،

”سلاماليڪم!“ ”ماليڪم سلام!“

موٽ جي اوسيئڙي ۾،

عبدالقادر جوڻيجو

پوسٽ آفيس فضل ڀنڀرو، ڳوٺ جنهاڻ.

(27)

پيارا سائين،

ڪافي وقت گذري ويو آهي، جو مون ٻه خط لکيا هُئا. پوءِ آءٌ به ماٺ ٿي ويس. اوهان به خط نه موڪليو. تازو هينئر ’فنڪار‘ افسانو اوهان ڏانهن موڪليو هُئم. اُن ۾ به خط ان ڪري نه وِڌم ته جيئن اوهان خط لکي مون کان پڇو ته اِن افساني جو ڇا ڪيو وڃي. ظاهر هو ته پوءَ ٻين ڳالهين کان پڻ واقف ڪريو ها. پر اوهان جو ڪوبه خط اڃا تائين نه پهتو آهي، الائي ڇو؟

اوهان جا حال الائي ڪهڙا آهن؟ اوهان جو وقت ڪيئن پيو گذري؟ يار دوست، سنگت ساٿ، الائي ڪيئن آهن؟ سچ پڇو ته آءٌ ڏاڍاڻو اٻاڻڪو آهيان. سڀ يار دوست ياد پيا اچنم. اُميد ته سـِگهو چڪر ڪڍندس.

اسان وٽ مينهن پوڻ سببان ٿر ۾ گاهه جام ته مال ۾ کير به جام آهي، ڄارين ۾ پيرون جام آهن، ڳاڱيليون به جام آهن. بُک به ڪجهه نه ڪجهه ٽري ٽارو ڪيو آهي. انسان جي نـِسَڏي زندگي آهي، جا ڏُڪار جا بار کڻيو پيئي ڳهي ۽ هلي. زمين ٻري ڇو پئي، جي سائي ڇو هُجي، پر زندگي آهي ئي نڪ جي ڏاڍي.

پيرون ۽ ڳاڱيليون کائڻيون هُجَنو ته اچو. ٿر جي ٻوٽن جي سڳنڌ ڀريو واس وِٺڻو هجيو ته به هلي اچو. پر سائين اوهين ڪٿي ٿا اچو، ڏاڍا ماڻهو آهيو، مَن ڪا مَن چڱي پئيوَ. خط ئي نٿا لکو.

رباني ۽ پليجو ڪهڙن حالن ۾ آهن؟ پنوهر ۽ شوڪت ڇا پيا ڪن؟ ’اياز‘ سکر ۾ زور ويٺو آهي. يا.......... پاڻ وارو ”ٻيجل“ ڪڏهن  ٿو نڪري؟

جي ايم سائينءَ وارين، تقريرن جو مجموعو به نه موڪليُوَ. ڪيتريون ميارون ڏيان! ميار مٿان ميار، اوهان پاري مڙس تي ڏيندي ڦڪت به پيئي ٿئي.

منهنجو قلم به ستو پيو ننڊون ڪري. اکيون پٽيون وريو يڪيءَ ڳهر ۾ پيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو پر خط ئي موچارو نٿو لکجي. رڳو قلم سان نه پر مون سان به اِهو ويل آهي، سُست جسم، سُست ذهن، ڄڻ ته ڪُلهن تي سڄي ڳوٺ کي کڻيو پيو ٿِڙان ۽ هَلان. اَلائي ڇو هر ڪا شيءِ ڳَري ٿي لڳيم، قلم ئي هٿ مان ڪريو ٿو پئيم.

تازو هـِتي هڪ ميگهواڙن جو لڏو آيو آهي، جنهن ۾ هڪ مست ڇوڪرو به آهي جيڪو هيلتائين ڪنهن به اسڪول ۾ نه پڙهيو آهي. هڪ ڏينهن اسڪول ويو، ٻئي ڏينهن نه ويو، چي ”ماستر رُعب ٿو ڪري.“ هن وقت سنڌي ۽ اردو روانيءَ سان پڙهيو ٿو وڃي. اخبارن ۽ ڪتابن جو بـِنهين انڌو شوقين آهي. مون سان دوستي ٿي وئي اٿس. هيڏڙي ننڍڙيءَ عمر ۾ به وٽس پنهنجا آدرش ۽ اصول آهن. قدرتي ذهين ڇوڪرو آهي. هڪ ڀيرو ڇوڪرن وٽان پٽيءَ تي چڙهي ويو ۽ بس، ٻيو ته ٺهيو پر ٿَرُ جتي اردوءَ جو لفظ  به نٿو ڳالهايو وڃي. اُتي رهي ڪري به هيءَ ننڍڙو ٻالڪ اردوءَ جو باقاعدي ڄاڻو آهي. انگريزيءَ جا اکر به جوڙيو ۽ پڙهيو وڃي. البت معنيٰ ۾ ڏکيائي پئي ٿيئس. بهرحال مون لاءِ حيرت جو سامان آهي. تازو مون سٿڻ پائڻ جو چيومانس ته چيائين ته” جيستائين ساڍا چار سير اخبارون نه وٺي ڏيندين تيستائين نه پائيندس“ دُنيا گهمڻ جو شوق انتها تي پهتل اٿس. پنهجي جسم جي صفائيءَ ڏانهن قطعي ڌيان نٿو ڏئي. بس مون وٽان کنيل ڪتاب ۽ رستن تان چونڊيل اخبارون هونديون آهن ۽ پاڻ هوندو آهي. سندس وڏي ۽ بالغ ڀيڻ پڻ اِئين آهي. جا ويچاري البت ٽُنڊي آهي. بهرحال آهن ٻيئي املهه ماڻڪ. ڇوڪر جو نالو ”کاٽائو“ آهي.

 وڌيڪ حال احوال ڏيندا.

عبدلقادر جوڻيجو

سلام طُول العمره، استاد ع. ق. شيخ، رباني، پنوهر ۽ شوڪت کي چوندا.

(28)

جنهاڻ

19 فيبروري 1967ع

پيارا سائين،

هڪ خط اڳ به لکيو هوم اُميد ته مليو هوندو ۽ ٻيو خط اوهان جي خط پهچڻ کان اڳ ۾ صرف هڪڙيءَ خوشيءَ ۾ پيو لکان. اِها هيءَ آهي ته هڪڙو افسانو لکيو اٿم. سَرو اٿس ”فنڪار“. اڃا فيئر ڪونه ڪيو اٿمانس. اُميد ته هفتي اندر فيئر ڪري اوهان ڏانهن موڪلي ڏيندس. منهنجو هيءُ ’فنڪار‘ سنڌ جو عام فنڪار آهي. يعني نچڻو ۽ ڳائڻو، ڇو ته.......... وڌيڪ افساني ۾ پڙهجو.

هـِنَ پاسي حالتون مڙيئي ٺاپُر ۾ آيون آهن. راشن ڪارڊ تي آمريڪي ڪڻڪ ملي پيئي. 18روپيا في مڻ حساب سان. پر ماڻهن وٽ پئسا ڪٿان اچن. هـِتي پئسن جو ذريعو آهي مال مان پيدا ٿيندڙ گيهه، ڏٻريون ڳئون ڏرڙن ۾ پييون ڪرن، گاهه کان سواءِ اِهي حال آهن. تازو منهنجي ڳئون به هڪڙي ڏرڙ ۾ ڪـِري هُئي پر بچائي ويوسانس. مٿي (تعلقي ڇاڇري ۽ ننگر پارڪرِ) ته الائي  ڪهڙا حال آهن، قافلا اسان وٽان مٽڻ شروع ٿيا آهن. ماڻهوءَ پويان ماڻهو لڳو پيو آهي- اُٺ، گڏهه ۽ مال. پر سوچيان ٿو ته ڏاڍيءَ ۾ مال ڇا تي پَرندو. ماڻهو ته لابارا ڪريو پيا وقت گذاريندا. هن وقت ڳئون سستي آهي150،100 ۾ پييون وِڪامن- مٽيءَ جي مُلهه ۾. ٻڪريون مهانگيون آهن، ڇو ته ٻڪريءَ لاءِ ڀلي ست ڏڪار پئي وڃن، ٿوهر، ڪنڀٽ، اَڪ کايو پييون پورائو ڪَن. هاڻ ته ڄارين ٻُور جهليو آهي. پيرون کائڻا هجنِوَ ته هليا اچو. ٿالهيءَ ۾ پُسائي پيرون ته هر ڪو ٿو کائي. پر ڄارين ۾ لڙڪي، هٿ سان پيرون پٽي، کائڻ ۾ مزائي ٻيا آهن.

اوهان جي حيدرآباد ڪيئن آهي؟ يار دوست ڪهڙن حالن ۾ آهن! حميد جشن لاءِ ڇا پيو ڪري؟ طول العمره ٺيڪ آهي؟ ٻيهر پنوهر ۽ رباني ڪهڙن حالن ۾ آهن؟ اوهان جو وقت ڪيئن پيو گذري. رائٽرس ڪوآپريٽوِ سوسائٽي ۽ ميوزڪ لَورَس ڪلب ڪهڙن حالن ۾ آهن. انهن جا نالا نج سنڌي ۾ ڇو نٿا رکو.

واسلام

عبدالقادر جوڻيجو

تازو قلم- ڪهاڻيءَ ’فنڪار‘ سان گڏ پنج ننڍڙيون ڪهاڻيون ”روح رهاڻ“ جي سالنامي نمبر لاءِ موڪليندس. ڀلا ”واٽون، راتيون، ۽ رول“ ڪئين لڳي؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org