سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطي

باب: --

صفحو :3

(1)

(2)

(3)

(4)

(5)

(6)

جِہۡ

جِہۡ

جَنَهِۡنۡ

جَنۡهِنۡ

جِہۡ

جهيٍ

جَڏهۡ

جَڏهٍ

جَڏهيٍ

جَڏٖهِينۡ

جَڏين

جَڏهٍ

ڪَڏهٍۡ

ڪَڏهٍ

ڪَڏهيٍ

ڪَڏهِينۡ

ڪَڏيـٖـن

ڪَڏِهٍ

ڪِہۡ

ڪَہۡ

ڪَنهين

ڪَنهِنۡ

ڪَہۡ

ڪِهيٍ

پنهنجي

پَنهنجي

پَنهنجي

پَهنجي

پَهنجي

پَهنجيً

چياءٍ

چَياءٍ

چياءٍ

چَياءٍ

چياءٍ

چيانئي

انهن ڪتابن ۾ اهڙا مثال به ملن ٿا، جن مان معلوم ٿو ٿئي ته خود ساڳئي مصنف هڪ ئي لفظ کي ڌار ڌار صورتن ۾ پئي لکيو آهي، ۽ اُن جي پدن ۾ به فرق ڏيکاريو آهي. مثال طور:

1- ننديرام (1)

 

(الف) لفظن جون ڌار ڌار صورتون

جِيئَن

۽

جئَن

تِيئَن

۽

تِئَن

هِيين

۽

هِنئي

پوئي

۽

پوءِ

اُنهنِ

۽

اُنن

(ب) ڊگهو گهُڻو آخري سر ]اِين [ ۽ ]اوُن[  (2)

 

چڱِيٌ

۽

هُيُون

ماجراءٌ

۽

نَئوُن

سداءٍ

۽

ڪَڏِهِين

2- پرڀداس (1)

 

(الف) لفظن جون ڌار ڌار صورتون

چڱوُ

،

،

چڱوُن ۽ چَنڱوُن

ڳنئون

،

،

ڳنئو ۽ ڳنوُ

آءٌ

،

،

 آئون ۽ آنوُ

ڪَنہِ

،

،

ڪِهِيٍ، ڪَہٍ ۽ ڪَنہٍ

هِي

،

،

۽ هيءَ

پِي

،

،

۽ پيءُ

(ب) ڊگهو ۽ گهڻُو آخري سر ]اوُن [،]ايِن [۽]اين[  (2)

 

ڏِناءٌ            ڪَيائوُن

جَماعتٌ        جماعتونُ

اسٍ             اسين

سَڀَڪَہٍ         سَڀَڪَنہٍ       

1888ع ۾ سنڌ جي ايجوڪيشن انسپيڪٽر، ايڇ، پي. جيڪب، ڌار ڌار هِجي وارن لفظن جون صورتون مقرر ڪرايون. سندس حڪم سان اهڙن لفظن جا چارٽ تيار ڪرايا ويا (3)

 

 جن مان ڪي لفظ هي آهن:

سرڪاري طور مقرر صورت

ڌار ڌار صورت

جَڏهن

جُڏِه،جَڏِهٍ جَڏِهي، جَڏِهيۡن ۽ جَڏٖيۡن

ڪڏَهِن

ڪَڏَهۡ، ڪَڏِهي، ڪَڏِهينۡ ۽ ڪڏٖيَن

ڪَنهن

ڪہۡ، ڪَہ ڪَنهيۡـٖـن، ڪنۡهنۡ ۽ ڪهيٍ

جَنهن

 جہۡ، جَہ جَنهـٖـيۡن، جَنۡهنۡ ۽ جهيً

اهڙن سڀني لفظن جا چارٽ سڄيءَ سنڌ جي اسڪولن ۾ ورهايا ويا. انهيءَ هوندي به، ڊگهو گهُڻو حرف علت ۽ ٻيا لفظ نظر چُڪ سبب رهجي ويا.

1913ع ۾ سنڌ جي عالمن ضروري سمجهيو ته اهڙن مختلف لفظن جون صورتون مقرر ڪيون وڃن، ۽ ان وقت جي تعليمي ماهرن ۽ سنڌي لٽريچر ڪميٽيءَ جي ميمبرن، 13 فيبروري 1913ع ۾ ٺهراءُ پاس ڪري، اخبار تعليم ۾ اهڙن مڙني لفظن جون فهرستون شايع ڪرايون، ۽ انهن جون درست صورتون به ڏنيون. اخبار تعليم ۾ ڄاڻايل آهي:

جن سنڌي لفظن جي هجي، انگريزي نالن ۽ لفظن جو سنڌيءَ ۾ تلفظ ڪم آڻڻ به نسبت مختلف رايا هئا، تن بابت سنڌي لٽريچر ڪميٽيءَ جي ميمبرن تاريخ 13 فيبروريءَ 1913ع تي پاڻ ۾ گڏ ٿي هيٺئين ريت ٺهراءُ ڪيو آهي(1) :

 

غلط

صحيح

غلط

صحيح

اونڌائي

اونداهي

سڄون

سڄيون

ڏهاڻي

ڏهاڙي

پروا

پرواهه

توڻي

توڙي

دريا

درياهه

ٽيو

ٽيون

ويهڻ

وهِڻ

ننو يا ننون

نَوَ

ويراهڻ

وراهڻ

ڪنئوار

ڪنئار

ڇه

ڇَههَ

هُوا

هئا

ٺُل

ٺُلهه

جُيوُن

جوُن

مکُه

مُکيه

اڃان

اڃا

بجاج

بزاز

غلط

صحيح

غلط

صحيح

ڄڻان

ڄڻا

بدماش

بدمعاش

وڃين (1)

 

وڃي

فصل، بَسَر

بصر

کنيان

کنيا

بقل

بڪر

کڻين

کڻي

تادي

تعدي

ججهو

جهجهو

تهمل

تحمل

محل

مهل

پڙدو

پردو

سَهِي

صحيح

جافران

زعفران

چاڪ

چاق

چهيڪ

چابڪ

مطرڪو

مترڪو

حوال

احوال

ضعيفه

زائفا

خومچو

خونچو

جثو

جسو

ڏارچيني

دالچيني

ايضناً

ايضاً

طبلو

دٻلو

بالڪل

بلڪل

دستار خوان

دسترخانو

بالفعل

بلفعل

دنبورو

طنبورو

استعيفا

استعفا

دوفان

طوفان

املڌاس

املداس

سايو

سعيو

سرگشت

سرگس

نماز شام

نما شام

شگون

سڳڻ

هاون دستو

همام دستو

سِلههَ

سِلَ

حمام دستو

 

شير پياز

سير پياز

يادگاري

يادگيري

فانوش

فانوس

رنگ

رڱ

ڪسر

ڪثر

ڀاڱون

ڀاڱو

قينچي

ڪئنچي

رنج

رڃ

گازي، گاجي

غازي

اسڪول

سڪول

 

 

ليمڪ

نمڪ

(ب) هيٺيان لفظ ٻنهي صورتن ۾ صحيح آهن(1):

 

مهنو

يا

مهِينو

وَئي

يا

ويئي

چوي

يا

چئي

پئي

يا

پيئي

پوي

يا

پئي

توب

يا

توف

ڦل

يا

ڦر

ڪلف

يا

ڪرف

پليد

يا

پليت

مسجد

يا

مسيت

(ٻ) نظر، پاڪي، مدعا، ناموس ۽ ڦير گهير، اهي لفظ جنس مونث ۾، ۽ نه جنس مذڪر ۾، ڪم آڻڻ گهرجن(2)

 

(ڀ) ڪاليج ۽ سڪول جنس مذڪر ۾ ڪم آڻڻ گهرجن(3)

 

(ت) ملائڪ، اسرار، اولياءُ، قلوب، تواريخ ۽ احوال، اهي لفظ جمع جي صورت آهن، پر اِهي سنڌيءَ ۾ واحد طور ڪم ايندا آهن (4).

 

(ٿ) انگريزي نالن جي هجي سندن اُچارڻ موجب هئڻ گهرجي.

(ٽ) ’هه‘ حرف جو اُچار ڪن لفظن ۾ صفا ظاهر آهي، ڪن ۾ نه. صفا اُچار ظاهر ڪرڻ لاءِ اعرابون ڪم آڻجن، مثلاً(5):

 

مَهِٽڻَ

گهَڻَ

(اَنداز)

گهڻ

(ناداني)

جِهلَ

تلاش

جهل

انهيءَ هوندي به ڪي صورتون رهجي ويئيون. 1915ع ۾ ان وقت جي ايجوڪيشن انسپيڪٽر، ديوان جڳنناٿ، انهيءَ مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي. مرزا قليچ بيگ ان ڪميٽيءَ جي سرگرم ميمبرن مان هڪ هو. اُن ڪميٽيءَ ڌار ڌار صورتن ۾ لکيل ڪيترن ئي لفظن جون صورتون مقرر ڪيون، جن مان ڪي هي آهن:

مقررصورت                            ڌار ڌار صورتون

        آءٌ                              آءٌ ۽ آئون

        ڪيائوُن                        ڪياءٌ ۽ ڪيائوُن

        چاق                            ڪاڪ ۽ چاق (چڱو ڀلو)

        ڪُلف                          ڪُرف، ڪُلُف ۽ قُفِل

        ڪَئِنچي                       قَئِنچي، ڪَئنچي

        صبحاڻي                       صبحاڻي، سڀاڻي

19- هاڻوڪيءَ صورتخطيءَ ۾ عام خاميون

(الف) لفظن جي صورتن جي چارٽ پڌري ٿيڻ جو چڱو اثر ٿيو ۽ گهڻن ئي لفظن جون يڪسان صورتون رائج ٿي ويئون، پر ڪي لفظ اڃا تائين ڌار ڌار نموني ۾ پيا لکجن ايتري قدر جو 1962ع ۾ ڇپايل سنڌي ٻاراڻي ۽ درسي ڪتابن ۾ به اهڙيون ڦريل گهريل صورتون نظر ٿيون اچن ، جي يا ته ايڊيٽرن جي پنهنجن مختلف اُچارن سبب آهن، ۽ يا اڳوڻين مقرر صورتن کي بيخبريءَ سبب نظرانداز ڪرڻ جي ڪري آهن. انهن ڦيرين گهيرين مان ڪي هي آهن:

مقرر مدت

جَڏهِن

درسي ڪتابن (ٻاراڻو ۽ پهريون) ۾ ڦريل گهريل صورتون

جَڏِهين (1)، جَڏِهِن (2)، جَڏۡهِن(3)

 

تَڏهِن

تَڏهِن

ڪَڏهِن

ڪَڏَهِنۡ (4)، ڪَڏهِن (5)

 

ڪَهِڙو

ڪَهۡڙو (6) ڪَهِڙو (7)

 

آءٌ

آئوُن (8)، آءٌ (9) ۽ آءُ ن

 

ڪَپڙا

ڪَپِڙاَ (10)، ڪَپۡڙا (11)

 

اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي لفظ آهن، جن جون ڦريل گهريل صورتون سنڌي ٻاراڻي ۽ پهرئين ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اُهي لفظ جيڪي ڌار ڌار نموني پيا لکجن اُنهن مان ڪي هي آهن:

لفظن جي درست لکڻين لاءِ سفارش

ڪتابي صورت

درست صورت لاءِ سفارش

بَابَا

بابا

گهَاٽو

گهاٽو

ڪِچۡرو، ڪِچِرو

ڪچِرو

سُهِڻَا، سُهۡڻا

سُهڻا

 

ڪتابي صورت

درست صورت لاءِ سفارش

ڌِيَانُ

ڌۡيانُ

پريمُ

پَريمُ

پِيارُ

پۡيارُ

گِيان

ٽِياڻِ

گۡيانُ

ٽۡياڻُ

ڏيَارِي

ڏۡيارِي

گيۡتُ

گِيتَ

گڏِجِيۡ

گڏِجي

سُاراهِيوُن

ساراهِيوُن

آهِ، آهيۡ

آهـٖـي

تِيلِيۡ

تِيلِيۡ

مُوۡرِيۡ

موُرِي

تُورِيۡ

توُرِي

ٻيۡر

ٻير

خَيۡرُ

خيَرُ

بَيۡتُ

بيَتُ

قَوۡمَ

قوَمَ

فَوۡجَ

فوجَ

آهِينۡ

آهيِن

اَسينۡ

اسيِن

پَڙهِيوۡ

پَڙهيو

ڳالِهِيوُنۡ

ڳالهِيوُن

سُمِهِيۡ

سُمهِي

ڳاڙَها

ڳاڙها

ڏاڙُهوُنۡ

ڏاڙهوُن

ڪتابي صورت

درست صورت لاءِ سفارش

سَنِهِي

ڳوڙُهِي

سَنهِي

ڳُوڙهي

مَلۡهوُنۡ

مَلهوُن

جُوارِي

جوُئارِي

هُوا ۽ هُئا

هُئا

ڪُئا

ڪوِئُا

شَيۡءِ، شئي

شيِ

مَيۡ

هِيۡ

مي

هِي

هِيءَ

هِيءَ

لَغَڙَ

لَغَڙَ

تَرِسُ

تَرۡسُ

غَلَط

غَلَطُ

ماڻُهوۡءَ

ماڻهوءَ

چَاقُوۡ

چاقوُ

زَيۡتُونُ

زَيتوُنُ

لَاَباروۡ

لابارو

سُهِڻوۡ

سُهِڻو

ڪَهڙوۡ

ڪَهِڙو

رَوۡشۡنُ

روشَنُ

مَهَلَ

مَهِلَ

اَرَتَوارُ

اَرۡتِوارُ

ڇَنِڇرُ

ڇَنۡڇَرُ

نِڪۡرۡوُ

نِڪرِرو

رَهۡجي

رَهِجي

رَکۡجي

رَکِجي

ڪتابي صورت

درست صورت لاءِ سفارش

لهۡرُون

لَهِروُن

لِکِيَلُ

لِکَيلُ

مَکُين

مَکُينِ

جَڏهِن، جَڏَهِن

جَڏهِن

زيانُ

زبانُ

سَڀۡ

سَڀِ

اِرچڪ

اِرۡچِڪِ

مِرچڪ

مَرۡچِڪِ

چَهَبُڪَ

چَهۡبُڪَ

چَرچو

چرۡچو

جِنَهِن

جَنهِن

ٻَرَنۡ

ٻَرَنِ

اَصۡلِ

اُڀۡرِيو

اَصَل

اُڀِرَيوَ

ڏِسۡبا، ڏِسِبا

ڏِسۡبا

وَاٽُهۡڙُو

واٽَهڙوُ

سَڀۡڪو، سَڀِڪو

سَڀِڪو

گدۡلي

گدلِي

ٻَڪرِيۡ

ٻَڪِري

پُهۡتِيوُن

پَهُتيوُن

اُڪرِي

اُڪِري

ڪُوڙِڻُ

ڪُوڙڻُ

ڌُوڪِڻُ

ڌوڪڻ

ڦُوڪِڻ

ڦوڪڻُ

ٿُوڪِڻ

ٿوڪڻ

پُوڄِڻُ

پوُڄڻُ

ٻيئِي

ٻَئِي

 (ب) جزم جو استعمال

وچيان ٻٽا آواز ۽ جزم- 1853ع ۾ جڏهن سنڌي لاءِ سرڪاري صورتخطي ٺهي تيار ٿي هئي، تڏهن ان وقت جا عالم- ديوان ننديرام، ديوان اُڌارام، سيد ميران محمد شاهه، قاضي غلام علي ۽ ٻيا- عربي ۽ پارسيءَ جا چڱا ڄاڻو هئا. هنن لفظن جي پدن تي گهڻو توجهه ڏنو. اهي صاحب ’جزم‘ ۽ ’شد‘ جي استعمال کان بخوبي واقف هئا. انهيءَ کان سواءِ هو يا ته عربي رسم الخط جي اصولن کان واقف هئا، ۽ يا ته عربي لفظ بلڪل ائين ئي لکيائون، جيئن پارسي لغتن ۾ ڏٺائون. مثال طور، ٻن وينجنن جي ’گڏيل آوازن‘ جي تحريري صورت ڏيکارڻ لاءِ، ٻنهي صورتن مان ’ساڪن حرف صحيح‘ مٿان ’جزم‘ ڏيئي، ’گڏيل آوازن‘ کي تحريري صورت ڏنائون. جيئن:

عربي ۾ صورت               سنڌي ۾ صورت

        عِلۡم                           عِلۡمُ

        مَڪۡتَب                       مَڪۡتَبُ

        مَطۡلَب                        مَطۡلَبُ

مٿين لفظن ۾ ’ل‘، ’ڪ‘ ۽ ’ط‘ صورتن وارا آواز ]لۡم[،]ڪۡت [ ۽ ]طۡل [ گڏيل آوازن ۾ ساڪن آهن.

 سنڌيءَ جا استاد ۽ ماهر حالانڪ مٿيان لفظ ائين ئي لکندا آهن، جيئن مٿي ڏنل آهن، پر جزم جي اهميت ۽ استعمال کان غير واقفيت سبب، انهن لفظن جي ’هجي‘ ۽ ’ساڪن وينجن‘ کي متحرڪ (syllabic) ڄاڻائيندا آهن. مثال طور، مٿين، لفظن جي هجي هيئن ڪندا آهن:

عِلۡمُ: عين زير اِ، لام زير لِ، ميم پيش مُ.... عِلِمُ

فِڪۡرُ: في زير فِ، ڪاف زير ڪِ، ري پيش رُ..... فِڪِرُ

سنڌيدان نه صرف عربي لفظن جي جزن ۽ پدن جي ’هجي‘ کان اڻ واقف رهيا آهن، پر خالص سنڌي گڏيل آوازن کي به غلط پدن ۾ ورهائي، انهن جي غلط هجي ڪندا آهن، يعني ٻن پدن وارن لفظن (bisyllabic words) ۾ اُچاريل گڏيل آوازن کي، غلط ’هجي‘ سبب، سُرَ ذريعي ٽوڙي، ’ٽن پدن وارو لفظ‘ (trisyllabic word) ڪري، هجي ڪندا آهن. مثال طور:


(1) ننديرام: بابنامو، ص 22 ۽ 27.

(2) ايضاً: ص ص 22 ، 25 ۽ 28.

(1) پرڀداس: ”سنڌي ٽيون ڪتاب“، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ پرنٽنگ پريس، ڪراچي، 1828ع، ص ص 8، 14، 25، 26، 28، 34 ۽ 38.

(2) پرڀداس: ص ص 213، 224، 237، 238 ۽ 239

(3) ميمڻ محمد صديق: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، ڀاڱو پهريون، ص ص 23 ۽ 24

(1) اخبار تعليم، نمبر 1، جلد 12، اپريل 1913ع، ص ص 27-29

(1) ضمير حاضر واحد جي گران ۾ وڃين لکڻ درست آهي.- ڪميٽي

(1) اخبار تعليم، حوالو مٿي ڏنو ويو آهي، ص 29.

(2) اخبار تعليم، حوالو مٿي ڏنو ويو آهي، ص 29.

(3) اخبار تعليم.

(4)  ايضاً.

(5)  ايضاً.

(1) اهڙن سوين لفظن جي فهرست ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ڪتاب ۾ ڏسو.

(2) سنڌي ٻاراڻي ۽ پهرئين ڪتاب جا ڇاپا، هن ڪتاب جي پهرئين ڇاپي شايع ٿيڻ کان پوءِ به ڇپيا آهن، جن جي مٿان لکيل هوندو آهي ’نظرثاني ٿيل‘، پر حقيقت ۾ ايڊيٽر صاحبن انهن تي ڪوبه توجهه ڪونه ڏنو آهي.

(1) ’سنڌي پهريون ڪتاب‘، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1962ع، ص 27.

(2)  ايضاً، ص: 29.

(3) ايضاً، ص: 27.

(4)  ايضاً ص 20.

(5)  ايضاً ص 30

(6)  ايضاً ص 23

(7) کان (11) ايضاً.

(1) سنڌ ۾ ’ط‘ جو آواز (ت) آهي ۽ ’ع‘ جو متبدل آواز نه هئڻ ڪري، وينجن ]ع [ جي بجاءِ، حرف علت ]اَ،اِ،اُ،اَ وغيره [ جو آواز ڪندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com