سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا

باب:

صفحو:1

سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا

مرتب: رحيمداد خان “مولائي” شيدائي

ڇپائيندڙ پاران

 

سنڌ ۾ وَسندڙ بلوچ قبيلن جي تاريخ تي مشهور تاريخ نويس ۽ مؤرخ رحيمداد خان مولائي شيدائيءَ جو لکيل هيءُ ڪتاب ”سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا“ هڪ اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. جنهن ۾ محقق مستند حوالن سان، سنڌ جو تاريخي پس منظر بيان ڪندي سنڌ ۾ بلوچن جو اچڻ ۽ سندن قبيلن جا نالا ۽ شجرا، سنڌ تي ٽالپر حڪمرانن جي حڪومت جو سربستو احوال ۽ انگريزن جو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي احوال رقم ڪيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، تاريخ تي مشتمل معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن، ته جيئن تاريخ جي مختلف دورن جا باب محفوظ ٿي سگهن. هِن ڪتاب ”سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا“ جي اهميت کي مدنظر رکندي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان اُن جو پهريون ڇاپو ڊسمبر 2012ع ۾ شايع ڪري منظرعام تي آندو ويو. ڪتاب جي گھُرج کي مدنظر رکندي، هاڻي هيءُ ٻيو ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانائتي چيئرمين جناب مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ صاحب جي خصوصي هدايتن تحت شايع ڪري پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.

اميد آهي ته، اسان جو هيءُ پيار ڀريو پورهيو تاريخ سان دلچسپي رکندڙن وٽ مانُ لهندو.

25- جمادي الثاني 1441هه  سيد سڪندر علي شاهه

20- فيبروري 2020ع                           سيڪريٽري

 

باب پهريون

سنڌ جو نالو

 

سنڌ گنگا ۽ سنڌ ندين جي ميدان وارو اولهندو حصو آهي.

سنڌ ملڪ تي سنڌ نالي پوڻ جو ڪو صحيح ۽ يقيني سبب ڪنهن به ملڪ جي تاريخ مان ملي نٿو سگهي. البته سنڌ جو مايه ناز جاويد مؤرخ مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي شهرهء آفاق تاريخ ”تحفة الڪرام“ ۾ لکي ٿو ته: هند ۽ سنڌ ٻه ڀائر حام بن نوح عليہ السلام جا پٽ هئا. جن جي حڪومت سندن اولاد سميت هن ملڪ تي گهڻو وقت رهي، تنهنڪري انهن جي ئي اثر کان هن سرزمين جي هڪ ڀاڱي تي هند ۽ ٻي ڀاڱي تي سنڌ نالو پيو آهي(1). آرين لوڪن هن ملڪ تي سنڌ درياهه جي ڪري سنڌو نالو رکيو، جنهن جي معنيٰ هئي درياهه. سندن اعتقاد ۾ سمنڊ جو ديوتا هن نالي سان ياد ڪيو ويندو هو. آرين جا مغربي زبردست پاڙيسري سڄي ملڪ کي سندوئي چوندا رهيا. ڪجهه عرصي کان پوءِ ايرانين جي محاوري موجب لفظ سنڌ بدلجي هند ٿي ويو. تان جو عرب تائين هند سڏجڻ لڳو. مگر يونان تائين پهچندي آند بنجي ويو. پوءِ رومن صرف ۽ نحو جي چرخي تي چڙهي اند مان انديا ٿيو. تقريباً ساڍن ٽن هزار ورهين کان پوءِ ڪيتريون قلابازيون کائي هي نالو جو اصل ۾ سنڌو هو سو انڊيا بنجي پيو ۽ اڃا تائين مغربين جي زبان تي رائج آهي. آريا به هن بگڙيل نالي هند کي قبول ڪري پاڻ کي هندو ڪوٺائڻ لڳا. مشهور چيني سياح هوئن ٽسانگ جيڪو 629ع کان 645ع تائين هندستان جو سفر ڪندو رهيو، سو پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته: هندستان قديم زماني ۾ شنٽو ۽ هين توجي نالي سان مشهور هو. هند ايرانين جو جڙيل نالو هو. باقي اَنٽو يقيناً يونانين آندو، جڏهن هو سڪندر سان گڏ هتي آيا هئا. سندن ٺاهيل نالو هن چيني سياح جي وقت ۾ موجود هو(2). قديم ڀارت ورشن جي هشي ۾ راجپوتانا جو نالو ماروڀومي ۽ سنڌ جو نالو لڪاديپا ڏنل آهي(3).

قديم حدون:

چچ نامي مان خبر پوي ٿي ته برهمڻ راجائن جي زماني ۾ هن ملڪ جون حدون اُتر ۾ درياءَ جهلم کان شروع ٿي ٿيون، ڪشمير جا هيٺيان ضلعا به اُن ۾ شامل هئا. اُتر اُلهندي ۾ درياءُ هيلمند هن جي حد بندي ڪندو هو. ڏکڻ اُلهندي ۾ ايران ۽ سنڌ جي سرحد نور منشور تائين هئي(2). ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، ڏکڻ اُڀرندي ڪڇ جي نار ۽ اڀرندي واري سرحد راجپوتانا ۽ جيسلمير جي ريگستان ۾ هڪ گمنامي جي حالت ۾ هئي(1).

موجودھ حدون:

هن وقت موجوده سنڌ جي ڪُل ايراضي 46,378 چورس ميل ۽ ڪل آدم شماري 3,88,7070 آهي. جن مان هندن جو تعداد آگسٽ سنه 1947ع پاڪستان جي ورهاڱي کان اڳ 1015000 هو ۽ مسلمانن جو تعداد 2831000 هو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ گهڻائي هندو هندستان ڏانهن لڏي ويا آهن(2). موجوده حدون هن ريت آهن: اُتر ۾ افغانستان، پنجاب ۽ رياست بهاولپور، اُڀرندي طرف جيسلمير ۽ جوڌپور رياستون، ڏکڻ ۾ ڪڇ جي نار ۽ عربي سمنڊ، اُلهندي ۾ رياست عاليه قلات. بهرحال موجوده سنڌ اڳوڻي سنڌ جو چوٿون حصو به باقي نه رهي آهي(3).

سنڌوندي:

مسلمانن جي روايتن توڻي هندن جي ڏندڪٿائن ۾ هن نديءَ جي فضيلت بيان ڪيل آهي، جا دنيا جي ندين ۾ سترهون نمبر وڏي ندي شمار ٿئي ٿي. مسلمانن جي روايتن موجب جنت مان چار درياءَ نڪتل آهن. 1. نيل، 2. فرات، 3. جيحون، 4. سيحون. پويون نالو سنڌوندي جو آهي. رگ ويد جي ڏهين منڊل ۾ هن ندي جي تعريف پنجهتر سلوڪن ۾ بيان ڪيل آهي(1). جيئن ماوراءِ النهر جي رونق جو مدار جيحون ۽ سيحون تي منحصر آهي. يا مصر جي شادابي جو مدار نيل تي آهي. عراق جي آبادي جو مدار فرات ۽ دجله ندين تي آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي رونق ۽ شادابي جو دارومدار درياءِ سنڌ تي آهي. مٿين ندين جي وجود ڪري بيان ڪيل ملڪ دنيا ۾ ارض معمور ڪوٺجن ٿا. هيءَ عظيم الشان ندي ملڪ تبت جي ڪيلاس پربت مان نڪري ٿي جتان انسان جو گذر بلڪل ڏکيو آهي. 1800 ميل وهي وڃي عربي سمنڊ ۾ پوي ٿي. ڪڀا (ڪابل)، اسڪيني (چناب)، پروشني (راوي)، ستادرو (ستلج)، وتستا (جهلم) ڪابل ۽ پنجاب جون نديون منجهس پون ٿيون. اڳ هاڪڙو به هن ندي جي شاخ هئي، جا بهاولپور رياست مان پنج ند ڳوٺ وٽان هن ندي مان نڪري ٿر جي پارينگر ڳوٺ وٽ ڪوريءَ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. اهڙي طرح سرسوتي ۽ دروشادتي نالي ٻه نديون راجپوتانا جي صحرا کي آباد ڪري هن ندي ۾ پونديون هيون. مٿيون نديون پنهنجا وهڪرا بدلائينديون رهيون. اڄ هاڪڙو، سرسوتي يا دروشادتي جو نالو ڪونهي، مگر سندن وهڪرن جا نشان نظر اچن ٿا. سنڌو درياءَ متعلق مسٽر ايلٽ لکي ٿو ته اهڙي ٻي ڪابه ندي ناهي، جنهن سنڌو درياءَ وانگر پنهنجو وهڪرو بدلايو هجي. راجپوتانا کان سنڌ جي اولهه وارن جبلن جي وچ ۾ اٽڪل هڪ سؤ ميلن اندر، انهيءَ نديءَ جدا جدا وهڪرا بدلايا آهن. سمنڊ جي ويجهو پهچي هن جون مختلف شاخون ٿي ويون آهن. سندس ڪيترائي ڇوڙ آهن، جن جو سلسلو ستر ميلن تائين پکڙيل آهي.

ڪڻڪ، جَـــوَ، چانور ۽ ڪپهه مکيه سنڌ جي پيداوار آهن. سنه 1923ع ۾ انگريز سرڪار اٽڪ کان هيٺ ڀرو هن درياءَ جي پاڻيءَ جو رنگ نيرو آهي، ان ڪري هن کي ”نيلاب“ به سڏيندا هئا. عرب فاتحن مٿس مهراڻ نالو رکيو. سکر وٽ هن درياءَ کي پٿر جي پل سان ٻڌو، جنهن کي لائڊ بئراج سڏيندا آهن. پل کي 66 فولاد جا دروازا ڏنل آهن، جي بجلي جي وسيلي کُلن ۽ بند ٿين ٿا. ٻنهي پاسن کان واهه نڪرن ٿا، جيڪي سنڌ جي 7,500,000 ايڪڙ زمين آباد ڪن ٿا. هن پل جو ڪم سنه 1923ع ۾ شروع ٿي سنه 1932ع ۾ پورو ٿيو. مٿس ٻٽيهه ڪروڙ رپيا خرچ لڳو. پل هڪ ميل ڊگهي آهي ۽ دنيا جي موجوده عجائبات ۾ شمار ٿئي ٿي(1). لاڙ واري حصي کي پاڻي پهچائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان ڪوٽڙي وٽ لوئر بئراج تعمير ڪرائڻ جو ڪم شروع ڪرايو آهي، جنهن اسڪيم تي ٻارهن ڪروڙ رپيا خرچ لڳندو. مگر لائڊ بئراج پوڻ کان پوءِ به سنڌوندي دستور موجب آبڪلاڻي ڪري هن ملڪ کي نقصان رسائي ٿي. اهڙي روئداد جاري آهي.

قديم قومون:

خبر نه ٿي پوي ته هن ملڪ ۾ جو انڊو- گنگا واري ميدان جو اُلهندو حصو آهي، ڪهڙيون قومون آباد هيون. ڊرويڊي هندستان جي قديم قوم شمار ٿئي ٿي. تن کان اڳ ڪول ۽ سنتال قومون سنڌ، اُتر هندستان ۽ اُلهندي هندستان ۾ آباد هيون، جن کي دراوڙن لوڌي ڪڍيو. دراوڙ ڀونچ (بحيره روم) سمنڊ جي ڪناري کان پهريائين ڪجهه وقت عراق ۾ سڪونت اختيار ڪئي، پوءِ بلوچستان ۾ وارد ٿيا. موهن جي دڙي مان ڪولن، سنتالن ۽ دراوڙن جا لاش لڌا آهن. سندن تهذيب عراق ۽ مصر جي ملڪن جهڙي هئي(2). سرو، وچولو، ٿر، لاڙ، ڪوهستان سنڌ جا ڀاڱا آهن.

قديم آثار:

سنڌ ۾ گهڻائي جهونا شهر آهن. جيئن الور، برهمڻ آباد، سيوهڻ، ڪاهو جو دڙو (ٿرپارڪر) وغيره. مگر مٿين شهرن مان موهن يا موئن جو دڙو Mound of Dead جو لاڙڪاڻي کان 25 ميل اُتر ۽ ڏوڪري کان ست ميل پري آهي، تنهن جيڪا شهرت حاصل ڪئي آهي سا ڪنهن کان به ڳُجهي ناهي. مٿيون دڙو 240 ايڪڙن ۾ ستر فٽ مٿاهون آهي. ماهرن جو خيال آهي ته سنڌوندي جي سيلاب يا زلزلن ڪري درياءَ جي رخ بدلائڻ ڪري شهر تباهه ٿي ويو. سنه 1922ع ۾ محڪمه آثار قديمه پاران دڙي جي کوٽائي جو ڪم مسٽر آر.جي.بئنر جي شروع ڪيو. هن سرڪاري رپورٽ ۾ ڏيکاريو ته وڏي دڙي ۾ مختلف چئن زمانن جون عمارتون موجود آهن. قبرن مان ڪڻڪ، جَـــوَ ۽ ململ جو ڪپڙو ۽ ٿانوَ هٿ لڳا آهن. مصرين وانگر سندن عقيدو هو ته مُئي کان پوءِ روح کي انهن سڀني شين جي ضرورت پوي ٿي، جي جسماني زندگيءَ ۾ ان لاءِ گهربل آهن. مندرن ۽ عمارتن مان جيڪي هٿيار، سڪا ۽ ٻيون شيون هٿ لڳيون آهن، اهڙيون ساڳيون شيون عراق، مصر ۽ ڪريٽ جي جهونين قبرن مان هٿ لڳيون آهن. سرجان مارشل لکي ٿو ته:

”اسان کي اوچتو هي ڳالهه معلوم ٿي ته 5 هزار ورهيه اڳ سنڌ ۽ پنجاب جا ماڻهو متمدن ماڻهن وانگي خوبصورت ۽ پڪن شهرن ۾ رهندا هئا. سندن تمدن، هنر ۽ ڪاريگري بُلند درجي تي پهتل هئي، سندن اکرن لکڻ جو نمونو به سڌريل ڍنگ جو هو(1).“

قديم تاريخ:

مهاڀارت ۽ رامائڻ جي شاعرانه نظمن ۽ سنڌ وارن جي قومي ڪارنامن جي جيڪا خبر پوي ٿي سي آکاڻين کان وڌيڪ ڪابه وقعت نه ٿا رکن. مثال طور هندن جيڪي چار قياسي جُڳ ايجاد ڪيا آهن، (1) ست جُڳ، (2) تريتا، (3) دواپر، (4) ڪَل جڳ، جن مان پوئين جُڳ جو زمانو هنن 432000 ورهيه ڏيکاريو آهي. جنهن مان فقط 4500 ورهيه اڃا گذريا آهن. مٿين جُڳن ۾ ڪهڙيون حڪومتون ٿي گذريون، تن جو پتو يورپين محققن کي به پئجي نه سگهيو آهي.

آريا قوم:

البته رگويد مان خبر پوي ٿي ته آريا قوم اُتر قطب يا وچ ايشيا مان نڪري هندوڪش جبل کي لتاڙي پنجاب کي مسڪن جوڙيو. هتي جي ستن ندين ڪري سنڌ مان پنجاب تي ”سپت سنڌو“ يعني ستن ندين وارو ملڪ نالو رکيو. وري جڏهن اڳتي وڌي گنگا ۽ جمنا وارن شاداب علائقن مان ڀيل، ڪول، سنتال ۽ گونڊ قومن کي نربدا ۽ دکن ڏانهن لوڌي ڪڍيو ويو، تڏهن گنگا ۽ جمنا وارن ملڪن تي هنن ”آريا ورت“ نالو رکيو!(1) هنن اَوَڌۡ، هستناپور ۽ مٿيلا جا راڄ کڙا ڪيا. سندن ٻه خاندان سورج بنسي ۽ چندربنسي سڏجڻ ۾ آيا. هندوڪش کان وٺي برهمترا تائين هنن ڀارت ورش ۾ گنڌارا، مَدرا، تڪشالا، هستناپور، اندر پرستا، مٿرا، ڪامپيلا، ڪپلوستو، ايوڌيا، پرياڳ، ڪاسي، پتاليپترا، گيا، اجين جا شهر تعمير ڪيا. برهمڻ ۽ کتري منجهن ٻه ذاتيون هيون. ونڌيا جبل پريان ڪالينگا، انڌرا، چولا، پانڊيا، چيرا دراوڙي رياستون قائم رهيون(2). دراوڙ آرين کان گهڻو مهذب هئا، پر دشمني ڪري آريا قديم قومن کي ”داسيو“ يعني غلام جي لقب سان سڏڻ لڳا. آرين جي اصلي زبان سنسڪرت هئي، پوءِ دراوڙي زبانن سان ٽڪرجڻ ڪري منجهانئس پراڪرت زبانون ڦُٽي نڪتيون. مهاڀارت جو زمانو يورپين محققن 1400 ق.م ۽ رامائڻ جو زمانو 1200 سو ورهيه ق.م ڏيکاريو آهي. گويا سنڌ، پنجاب يا بلوچستان ۾ 1400 ق.م هندو رياستن جي خبر پئجي سگهي ٿي.

ميڊ ۽ جاٽ:

آرين کان سواءِ مهاڀارت جي زماني ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ميڊ ۽ جاٽ ٽين توراني سٿين (سائدين) قومن جو ڏس به ملي ٿو، جن جو گذران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مڇين ۽ پکين جي شڪار تي هو. ڪڇي ۾ ڪرد (براهوئي) ڍوڍي ۽ پنيرتي گذر ڪندا هئا(3). اهي قومون جنگجو هئڻ ڪري پاڻ ۾ برسر جنگ رهنديون هيون. جاٽ وچ ايشيا جي قوم هئي. ميڊ انڊو- يوروپين جهازران قوم هئي.

 

سنڌ جا  هندو   راجا:

يجرويد جي زماني ۾ آنو آريا (Anaya) قوم مان شوي آريا قوم جي

پنجاب ۽ سنڌ تي حڪومت هئي(1). آنو آرين جا سؤٽ درهيو آريا جن جي پشاور کان قنڌار تائين حڪومت هئي. شوي آرين مان ڪيڪيه جو راڄ ديره جات ۽ ملتان تي هو. ايوڌيا جي راجا دسرٿ جي هڪڙي ڪيڪئي نالي راڻي هئي جا ڪيڪيه ديس جي هئي. هن راڻيءَ مان راجا کي ڀرت نالي پُٽ ڄائو، جنهن جي ڪيڪيه ديس ۽ سنڌ تي حڪومت هئي. مهاڀارت جي زماني ۾ سنڌ جي راجا جئدرٿ پنچال جي حڪومت هئي، جنهن ڪورون جي طرفداري ڪئي هئي. رامچند جي ڀاءُ ڀرت جا ٻه پٽ تڪش ۽ پشڪر هئا، تن پوءِ گنڌارا (قنڌار) وارو پاسو پنهنجي قبضي ڪيو. سندن گادين جا نالا سندن نالن پٺيان تڪش سلا (ٽڪسلا) ۽ پشڪروٽي سڏجڻ ۾ آيا. راجا ڌرتراشٽر جي راڻي گانڌاري جا ڪورون جي ماءُ هئي، سا قنڌار پرڳڻي جي راجڪماري هئي ۽ راجا سٻل جي نياڻي هئي. سنڌ جي راءِ گهراڻي جا راجا ڀرت جي اولاد مان هئا. ڪڇ تي موجوده نالو رام جي پٽ ڪوشيڪا ڪري پيو(2).

آرين قومن جون ڪاهون ۽ مصرين جي ڪاهه:

سنڌ آباد ۽ شاداب علائقو هو. هتان سون، عاج، مصالحه، ريشمي ۽ سوٽي ململون جن کي سنڌو سڏيندا هئا، تن جي ڌارين ملڪن کي گهرج هئي. انهن شين جو واپار هزارها ورهين کان مغربي ملڪن سان هلندڙ هو. ابن الفقيه همداني سنه 330هه ۾ لکي ٿو ته: سنڌ کي الله تعاليٰ هيءَ خصوصيت بخشي آهي جو ان ملڪ ۾ هر قسم جون خوشبودار شيون، جواهرات، ياقوت، الماس، عنبر، عاج ۽ مصالحه ۽ عمارتي ڪاٺ ٿئي ٿو(3). انهن قدرتي شين کي هٿ ڪرڻ لاءِ مغربي قومن وقت بوقت هن ملڪ تي ڪاهون ڪيون. حضرت موسيٰؑ  کان اڳ مصر جي فراعنہ مان راميسس ثاني جهازن جي دستي سان بحيره قلزم کان نڪري ايشيا جي وڏي حصي تي گنگا ۽ وچ ايشيا تائين ڪاهون ڪيون هيون(1). اُسيرين به گنگا تائين حملا ڪيا هئا. هندستان جا رهاڪو هن کي ديوتا سمجهي، سندس پرتشس ڪرڻ لڳا.

ڪلدانين جون ڪاهون:

ڪلداني جن جو تمدن مصرين وانگر پنج هزار ورهيه ق.م جهونو آهي. هن قوم کان اشور وارن روشني حاصل ڪئي هئي. تن جا تجارتي تعلقات سنڌ سان لاڳو هئا. اُر UR جي مندرن مان جيڪو ڪاٺ نڪتو آهي سو يا ڪپڙو سنڌ مان گهرائيندا هئا. دراوڙ قوم به ڪلديا کان نڪري بلوچستان ۽ سنڌ کي وسايو هو، جن جي آثارن مان عراقي تهذيب جي جهلڪ نظر اچي ٿي. سيفار، ارخ، نپور، اغاد جي شهرن ۾ سنڌ جي شين جا نالا عام طرح رائج هئا. جيئن سنڌو (ململيون).

بابل ۽ اُسيرين جون ڪاهون:

بابل جو شهر، جو هڪ سؤ ميلن ۾ هو، تنهن جو بنياد نمرود وڌو هو. اشور جو بنياد نينوس 2182 ق.م ۾ وڌو. هن نينويٰ جو شهر تعمير ڪرايو هو. سندس عالي همت راڻيءَ سميراميس سنڌوندي وارا ملڪ اٽڪ تائين فتح ڪيا هئا. آخر هندستان جي راجا ستابروبيٽس هٿان شڪست کائي زخمي ٿي موٽي وئي. قديم دنيا هن کي ديوي ڪري مڃيندي هئي(2). اشور وارن پنج صديون حڪومت ڪئي. سندن زوال ميڊيا وارن هٿان ٿيو.

فنيقيا:

دنيا جي پهرين جهازران تاجر قوم جنهن کي يوناني فنيشن سڏين ٿا ۽ عبراني ۾ سندن نالو ڪنعاني، قرآن ۾ سندن نالو عاد اَرم ڏنل آهي. هن قوم بحرين کان نڪري شام جي ڪناري تي صيدا ۽ صور جا ٻه بندر تعمير ڪيا هئا. يوناني تهذيب جو آغاز هن قوم ذريعي ٿيو. تن سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي. ڇاڪاڻ جو موريا خاندان جي راجائن جن اُتر اولهه هندستان ۽ سنڌ ۾ منصوره تائين جيڪي ڪتبا کڙا ڪيا هئا سي سامي خط ۾ ساڄي کان کاٻي پاسي تائين لکيل آهن. اهو خط ”خروشتي“ يا ”گنڌاري“ (ليپي) سڏجي ٿو. مٿئين خط کان هندستانين کي فنيقيا وارن روشناس ڪيو هو. مهاڀارت جي زماني ۾ مٿين لاڳاپن جي ڪري هندو عربي زبان کان واقف هئا(1).

ايرانين جون ڪاهون:

ڊاڪٽر سرجيوڻ جي موڊي ۽ پروفيسر ڊارميسٽيٽر تصديق ڪن ٿا ته جمشيد هفت اقليم تي بادشاهي ڪئي هئي. پيش داديان ڪسرائن مان هوشنگ هندستان تي ڪاهه ڪئي هئي. فردوسي شاهنامه ۾ ڪابل، هند، سند، سندل، چندل، ڪشمير ۽ ملتان ايراني مقضوبات ڏيکاريا آهن. اشڪاني دور جا ڪسريٰ ماغي سڏبا هئا. سندن تختگاهه اصطخر هو. سنڌ جو شهر برهمڻ آباد بهمن ايرانيءَ تعمير ڪرايو هو. ايرانين دکن ۽ پتاليپترا (پٽنا) تائين ڪاهون ڪيون هيون. دارا اعظم کي ساليانو سنڌ جي علائقي مان 1078272 پائونڊ آمدني هئي(2).

يونانين جي ڪاهه:

سنه 332 ق.م يونانين سڪندر بن فيلقوس مقدوني هيٺ شام، مصر فتح ڪرڻ کان پوءِ اربيلا جي جنگ ۾ دارا کي شڪست ڏني. ايرانين جي شڪست ڪري هندستان ۽ وچ ايشيا جا رستا يونانين لاءِ کُلي ويا. سنه 327 ق.م ڪابل ۽ سوات جي رستي کان سڪندر پنجاب جي راجا پورس کي شڪست ڏني. هو اڳتي وڌي نه سگهيو. هڪ ته سندس لشڪر ٿڪل هو، ٻيو هندستان جو راجا چندر گپت طاقتور هو. جهلم، اُچ جا شهر يادگار لاءِ جوڙائي ٻيڙين رستي سنڌونديءَ وسيلي سنڌ پهتو. مينانگر جي راجا سامبس کي شڪست ڏيئي پٽالا (نيرون ڪوٽ) پهتو. هتان پنهنجي سپهه سالار ڪراٽيرس هٿ هيٺ ڪجهه لشڪر هاٿين جي دستن سميت درهء مولا کان روانو ڪيو(3).

ڀنڀور:

بحري دستي کي پنهنجي اميرالبحر نيرڪوس جي نگراني هيٺ ڀنڀور جي بندر کان مڪران جي ڪناري ڏانهن روانو ڪيو. ڀنڀور حيدرآباد ۽ ڪراچي جي رستي تي گهاري کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي سنڌ جو قديم بندرگاهه هو، جتان ٻيڙين جو مال سامونڊي غورابن ۾ ڀربو هو. هتان نير، سوٽي ڪپڙو، چين جو ريشم ۽ هندستان جا خوشبودار مصالحه مصر ۽ ٻين مغربي ملڪن ڏانهن ويندا هئا. جهازن کي هت محصول ڀرڻو پوندو هو. هي شهر راجا ڀنڀور راءِ تعمير ڪرايو هو. دنيا جي پهرين جاگرافيدان بطليوس هن شهر جو نالو باربائيڪ لکيو آهي. عيسوي ٻي صدي تائين هن شهر جو اوج رهيو. غازي محمد بن قاسم هن شهر ۾ ڇانوڻي وڌي هئي.

سنه 171هه/787ع ۾ هارون الرشيد عباسي جي زماني ۾ زلزلي ڪري گهاري جي سُڪي وڃڻ ڪري هي شهر ويران ٿي ويو. سندس ڦٽل آثار اڃا تائين موجود آهن(1). سڪندر مقدوني کي مڪران جي ڪناري تان لنگهڻ وقت ميڊ ماهي گيرن گهڻو نقصان رسايو. سندس بحري دستي جا گهڻائي فنيقي ۽ مصري ملاح مارجي ويا.

سيليوڪس نڪٽار:

سڪندر مقدوني هندستان ۾ 324 ق.م کان 327 ق.م تائين ڪُل ٽي ورهيه رهيو. هندستان ۾ سندس يوناني سلطنت ٽن حصن ۾ ورهايل هئي. ڪابل کان هندوڪش وارو حصو جنهن جو تختگاهه چارسده (پشاور) هو، سو پشڪالاوتي سڏبو هو. هتي جو گورنر اوڪسيارٽيس هو ۽ سنڌ جو گورنر پيٿان هو. مشرقي علائقا شام تائين سيليوڪس نڪٽار جي قبضي هيٺ اچي ويا. سندس حڪومت جون حدون سنڌوندي تائين هيون. ايشيا ڪوچڪ، ٿريس، يونان ۽ مقدونيه ائنٽي گونس جي قبضي هيٺ اچي ويا. فلسطين ۽ مصر بطليموس جي قبضي هيٺ اچي ويا. مٿيان ٽيئي سڪندر جا جرنيل هئا. سنڌ جي واپار گهڻي ترقي ڪئي. مثال لاءِ پليني المتوفي 79ع جي بيان موجب فقط رومة الڪبريٰ ڏانهن ويندڙ مال جي قيمت 2000000 پائونڊ هئي. مٿين رقم روما جي شهنشاهه آگسٽوس کان وٺي هيدرئان تائين ڀرڻ لڳا. مٿيون مال خشڪي رستي تدمر تائين ۽ سمنڊ رستي مصر جي بندر برنائيس تائين پهچندو هو. اُفير کان پوءِ تدمر واپار جي مرڪز بڻجي پيو. سندس اوج سنه 273ع تائين رهيو. جڏهن قيصر آرليان تدمر تي ڪاهي هتي جي پر شوڪت ملڪہ زنوبيا کي کڻي ويو. سنه 320ع ۾ قسطنطنيه مشرقي بازنطيني شهنشاهيت جو تختگاهه مقرر ٿيو. مشرق جو واپار مدائن ۽ قسطنطنيه ٻن تختگاهن ڏانهن ڇڪجي ويو. ڪلوپيٽرا مصر جي بطليموس خاندان جي پوئين ملڪه هئي، جنهن روم جي ڪاهن ڪري شڪست کاڌي(1). سڪندر مقدوني پهريون مغربي هو، جنهن مشرق جي واپار جو مغرب لاءِ رستو کوليو هو.

ٻُڌمت:

سنڌ جي قديم تاريخ کي معلوم ڪرڻ لاءِ هندن وٽ ڪوبه تاريخي ڪتاب ڪونه هو، جنهن مان هن قوم جو پتو پئجي سگهي. عيسوي ستين صدي تائين هوئن ٽسانگ چيني سياح فقط هندن جي نلنده يونيورسٽي جو ذڪر ڏنو آهي، مگر اُتي جي تعليم جو سرشتو فقط زباني هو. هندو دعويٰ ڪن ٿا ته پران سندن تاريخي ڪتاب آهن. اهڙي دعويٰ غلط آهي. ڊاڪٽر گستائولي بان صاف ڏيکاري ٿو ته فن ڪتابت ۽ تاريخ نويسي جو رواج هندستان ۾ مسلمانن رائج ڪيو(2). جڏهن آريا هندستان جا مالڪ بنجي ويا، تڏهن برهمڻن اهڙو زور ورتو جو اُنهن مذهب کي ۽ مذهبي رسمن کي اهڙو پيچيده بنائي ڇڏيو، جو مذهبي زيارتن ڪري سندن خلاف عوام ۾ عام جذبو پيدا ٿي ويو. سنه 567 ق.م نيپال جي ڪپل وستو رياست ۾ ساڪيه خاندان جي راجا سڌوڌن جي پٽ سڌارٿ جو پوءِ گوتم ٻُڌ سڏجڻ لڳو، نئون ڌرم ٻُڌمت جاري ڪيو. هن سنه 487 ق.م ڪوشي نگر (نيپال) ۾ وفات ڪئي. سندس مرڻ کان پوءِ ستت ٻُڌ ڌرم هندستان چين، تبت، وچ ايشيا، سنڌ، بلوچستان، سيام ۽ سيلون تائين پکڙجي ويو. ساڳي وقت بهار جي راجا سڌارٿ جي پٽ ورڌمان جو عام طرح مهاوير سڏجي ٿو ۽ جو گوتم جو همعصر هو، جين ڌرم کڙو ڪيو پر ٻُڌ ڌرم کي موريا خاندان جي راجائن گهڻو زور وٺرايو.

منوسمرتي:

ٻڌ جا پوڄاري سمنيه سڏبا هئا. هڪ هزار ورهيه ق.م آرين جي هڪڙي عالم منوشاستر تصنيف ڪيو جنهن موجب هن آرين جي ذاتين کي چئن ورنن 1. برهمڻ، 2. کتري، 3. ويش، 4. شودرن ۾ ورهائڻ کان سواءِ گهريلو زندگي کي به چئن حصن ۾ ورهايو. مٿين فرقه بندي ڪري ٻڌ ڌرم طول ۽ عرض هندستان ۾ عام مقبوليت حاصل ڪئي(1). اسلام جي ظهور کان اڳ سڄي مشرق تي آتش پرستي ۽ بت پرستي ڇانيل هئي.

موريا خاندان چندر گپت:

هن خاندان جو پايو چندر گپت موريا وڌو. سندن راجائن 183 ق.م کان 322 ق.م تائين مگده تي حڪومت ڪئي. منجهانئن چندر گپتا 299 ق.م کان 323 ق.م تائين اُتر هندستان تي حڪومت ڪئي. هن پهريون پنجاب ۾ يونانين خلاف بغاوت ڪري کين شڪست ڏيڻ کان پوءِ مگده جي نند خاندان جي راجا ڌن نند کي شڪست ڏيئي پٽنا کي تختگاهه مقرر ڪيو. پنهنجي ماءُ مورا جي نالي تي پاڻ کي موريا سڏائڻ لڳو. هن چاليهه لک سپاهين سان سيليوڪس نڪٽار کي شڪست ڏئي افغانستان ۽ بلوچستان تائين ملڪ تي قبضو ڪيو. سيليوڪس ساڻس صلح ڪري پنهنجي پاران مگستينز کي پٽنا ۾ سفير ڪري موڪليو. چندر گپت کان پوءِ سندس پٽ بندوسار 237 ق.م کان 298 ق.م تائين حڪومت ڪئي. کانئس پوءِ سندس پٽ آسوڪا 232 ق.م کان 237 ق.م تائين مگده تي حڪومت ڪئي. سندس حڪومت افغانستان سنڌ، بلوچستان، سوات، ڪشمير، نيپال تائين هئي. هن جابجا ٻڌ ڌرم کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪتبا بطور يادگار جي قائم ڪيا جن مان ڪي هن وقت تائين موجود آهن(1).

باختري حڪومت:

سنه 184 ق.م موريا خاندان جي ڪمزوريءَ جي ڪري هن خاندان جي اميرن مان پشيامترا موريا خاندان جي پوئين راجا برادرٿ کي سنه 185ق.م ۾ قتل ڪري مگده ۾ سنگا خاندان جو بنياد وڌو. مٿين انقلاب ڪري يوناني باختري حڪومت بلخ ۾ يونانين کڙي ڪئي، جا 256ق.م ۾ قائم ٿي ۽ هڪ صدي قائم رهي. سنه 190ق.م ۾ يوناني حاڪم ڊيمي ٽريوس بلوچستان، سنڌ ۽ گجرات تائين ملڪ بلخ جي جهنڊي هيٺ آندا. هن سگالا (سيالڪوٽ) کي تختگاهه مقرر ڪري سنڌ ۾ ڪي شهر تعمير ڪرايا. يوناني حاڪم هڪ ٻي سان لڙندا رهيا. منجهان مينيڊر (ملنڊا) جنهن کي پشيامتر 155 ق.م ۾ شڪست ڏني هئي تنهن ٻُڌ ڌرم اختيار ڪيو. يوناني حڪومت چاليهن حصن ۾ ورهايل هئي. سندن هندستان جي راجائن سان مائٽي هئي(2). مينيڊر جي مرڻ کان پوءِ هندي يوناني حڪومت جو خاتمو ٿيو. هڪڙي پاسي پرٿوا پارٿي قوم بلوچستان ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو(3). ٻي پاسي ڪشان (يوچي) خانه بدوش قوم چين کان نڪري درياء جيحون کان هندوڪش تائين ملڪ فتح ڪيو. هن خاندان جو مشهور بادشاهه ڪنشڪا سنه 120ع کان سنه 162ع تائين ٿي گذريو. هن ڪشمير، پامير، چيني ترڪستان، قراقرم، بلخ، افغانستان، بلوچستان تي قبضو ڪيو. هو ٻڌ ڌرم جو پوڄاري هو. سنه 730 ق.م ۾ مگده جي سنگا خاندان جو خاتمو ٿيو. هن خاندان وارن فقط 45 ورهيه حڪومت ڪئي. سنه  28 ق.م ۾ مهاندي ۽ گوداوري ندين تي آنڌرا خاندان وارن مگده تي قبضو ڪيو، پر ڪنشڪا گنگا ۽ نربدا تائين ملڪ فتح ڪيو. سنه 220ع ۾ يوچي ۽ انڌرا خاندانن جو خاتمو ٿيو. هندستان رياستن ۾ ورهائجي ويو، منجهانئن پٽنا جي گپت خاندان زور ورتو.

گپت خاندان:

هن خاندان سنه 320ع کان سنه 525ع تائين راڄ ڪيو. هن خاندان جو باني چندر گپت پهريون 320ع کان 335ع تائين راڄ ڪيو. کانئس پوءِ سندس پٽ سمندر گپت اوڙيسا، دکن ۽ نيپال تائين ڏنُ وصول ڪيو. سنه 375ع ۾ سندس پٽ چندر گپت ثاني (وڪرماجيت) اجين کي تختگاهه مقرر ڪيو. سندس حڪومت گجرات، مالوه، ڪاٺياواڙ، سنڌ ۽ کيرٿر تائين هئي. سندس ڏينهن ۾ سنسڪرت زبان ۽ بتخانن زور ورتو. اجنتا جون غارون هن زماني جون يادگار آهن. اُتر هندستان ۾ سندس سنبت ۽ دکن ۾ ساليواهن سنبت جاري ٿيو. سفيد فام سٿين گپت خاندان جي ڏينهن ۾ مغلستان کان نڪري ايران کي لتاڙي شام جي شهر عسقلان تائين اُتان يورپ تائين پهتا. مؤرخ هن قوم کي ”هن“ به سڏين ٿا(1). سنه 455ع ۾ سٿين هندستان تي ڪاهه ڪئي، مگر سڪنده گپت کان شڪست کائي موٽيا. سنه 465ع ۾ سڪنده گپت کي مغلوب ڪري پنجاب، بلوچستان، سنڌ، مالوه تي قبضو ڪري هندن سان رلي ملي ويا. راجپوت سندن نسل مان آهن. سندن بادشاهن مان سنه 510ع ۾ مهر گل ساگلا سيالڪوٽ کي تختگاهه مقرر ڪيو. هو وڏو ظالم هو، جنهن ڪري ملوه جي راجا يشوڌرمن ۽ مگده جي گپت راجا نرسنگهه ۽ ٻين راجائن گڏجي ملتان وٽ مهرگل کي شڪست ڏئي ڪشمير ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. سنه 540ع ۾ هن قوم جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو.

ساساني:

سڪندر مقدوني جي مُئي کانپوءِ ايران تي 240 جماعتن حڪومت ڪئي. هن طوائف الملوڪي جي زماني ۾ سنه 226ع ۾ اردشيربابڪ اردوان، اصفهان ۽ فارس جو حاڪم هو. اصطخر جي آتشخانه جو به محافظ هو. ساسان جو بهمن جي پيڙهي مان هو ۽ دارا ابن دارا جي پيڙهيءَ مان هو، تنهن کي بابڪ ڌيءَ جو سڱ ڏنو، جنهن مان اردشير ڄائو. هن 14 سال حڪومت ڪئي. ان قليل عرصي ۾ هن سڄو ايران فتح ڪيو(1). سندس پٽ شاهپور جو تاريخ ۾ ذوالاڪتاف جي لقب سان مشهور آهي، تنهن عرب جي تميم، بڪر ۽ عبد قيس قبيلن کي جلاوطن ڪري سندن ڪلهن ۾ سوراخ ڪرايا هئا. کانئس پوءِ بهرام گور روم، صغد ۽ هندستان تي ڪاهون ڪيون.

نوشيروان:

ساسانين مان نوشيروان بن قباد بن فيروز نامور شهنشاهه ٿي گذريو آهي. يونانين ۽ پارٿين جي ڪاهن ڪري، جن جن آتشخانن ۾ رک اُڏامندي هئي ۽ سرد پئجي ويا هئا، سي هن نئين سر آباد ڪرايا. زند ۽ پازند جا ورق جيڪي چئن سون سالن جي غارتگري ڪري پريشان ٿي ويا هئا، سي هن گڏ ڪرايا. اڳ اصطخر ايران جو تختگاهه هو. هن مدائن کي نئون تختگاهه مقرر ڪيو(2).

حضور سرور ڪونين ﷺ جي ولادت مبارڪ:

سندس حڪومت جي ٻائيتاليهين سال 9 ربيع الاول سنه 1 عام الفيل مطابق 22 اپريل سنه 571ع پهرين ڄيٺ سنبت 628 ۾ حضور سرور ڪونين رحمت العالمين محمدؐ بن عبدالله عليہ الصلواة وسلم مڪي معظمہ ۾ طلوع آفتاب کان پوءِ غروب آفتاب کان اڳ عالم دنيا ۾ رونق افروز ٿيا(3). سيد امير علي سليوڪي سنه 880 ڏيکاريو آهي. نوشيروان سنه 531ع کان سنه 579ع تائين حڪومت ڪئي. سندس حڪومت مشرق ۾ چئن حصن ۾ ورهايل هئي. سنڌ ۽ گجرات تي به هن ڪاهون ڪيون هيون(1). مصر جو بندر سڪندريه، حلب، قبرس، اناطاقيه سندس قبضي هيٺ هئا. اڀرندي ۾ سندس حدون آمو درياءِ تائين هيون. مغرب ۾ رومته الڪبريٰ روم ۽ قسطنطنيه ۾ مشرق بازنطوم ٻه زبردست شهنشاهتون هيون. شام، فلسطين ۽ مصر بازنطوم شهنشاهت ماتحت هئا. نوشيروان يمن کي ديلمي لشڪر جي مدد سان حبش کان آزاد ڪرائي اُتي جي ملوڪ تبابعه مان ابن ذي يزن کي حاڪم مقرر ڪيو. سنڌ تي راءِ گهراڻي جي حڪومت سنه 450ع ۾ شروع ٿي.

راءِ گهراڻو:

اسين اڳ ڏيکاري چڪا آهيون ته راجا بليڪا جي پٽن جي رام جي اولاد مان هئا، تن عيسوي سن کان يارنهن سؤ ورهيه اڳ الور ۾ رياست قائم ڪئي هئي. دياوبنسي خاندان وارا زابلستان تائين رياستون قائم ڪن ٿا(2). سندن لقب رتبيل هو. سنه 860ع تائين رتبيلن عرب فاتحن سان جنگيون جوٽيون هيون(3). گجرات تي ولاڀي راجائن جي حڪومت هئي. راءِ گهراڻي جي ڪل پنجن راجائن سنه 450ع کان سنه 622ع تائين حڪومت ڪئي:-

1. راءِ ديواجي 2. راءِ سهارس پهريون 3. راءِ سهاسي پهريون 4. راءِ سهارس ثاني. 5. راءِ سهاسي ثاني. سندن حڪومت جون حدون اڀرندي ۾ ڪشمير، قنوج، اُتر ۾ قنڌار، سيستان، الهندي ۾ مڪران، ڏکڻ ۾ سورت تائين هيون. هيءَ عظيم الشان سلطنت چئن حصن ۾ ورهايل هئي. جن الور، برهمڻ آباد، نيرون ڪوٽ (پٽالا) ۽ ديبل چار مضبوط قلعا هئا. انهن کانسواءِ ٻيا به قلعا هئا، جھڙوڪ اُچ، ماٿيلو، سيوراءِ، مائو، سيوستان وغيره. مٿن چار نائب حڪومت ڪندا هئا، جن جو لقب مَلڪ هو(4).

الور:

سنڌ جو دنيا ۾ پهريون نقشو ابن حوقل بغدادي سنه 343هه/943ع ۾ تيار ڪيو. سندس نسخو ايلٽ نقل ڪيو جو اوڌ جي نوابن جي ڪتبخاني ۾ موجود هو(1). الور سنڌ جو قديم تختگاهه جنهن کي هوئن ٽسانگ، پيشان پوپولو لکي ٿو ۽ جنرل ڪنگهام سندس قديم نالو رورپورا (رورانگر) لکي ٿو. سو روهڙي کان ستن ميلن جي مفاصلي تي سنڌو ندي جي قديم شاخ هاڪڙي جي الهندي ڪپ تي هو. واپار ۽ باغات ڪري وسيع هو. قدامت جي لحاظ سان 1400 ورهيه ق.م مهاڀارت سان تعلق رکندڙ هو. هندستان جي قديم شهرن اندر پرستا، هستناپور، پتاليپترا جي همعصر هو. هتي جي راجا جئدرٿ مهاڀارت جي جنگ ۾ پانڊون جي مدد ڪئي هئي. عرب سياحن ۽ جاگرافيدانن عربي لهجي ۾ هن شهر جا جدا جدا نالا ڏنا آهن. مسعودي 942ع ۾ هن شهر کي مهراڻ جي الهندي ڪپ تي الرؤر جي نالي سان لکي ٿو. ابن خرداز به سنه 250 ڪتاب المسالڪ و الممالڪ ۾ رؤر لکي ٿو. ابن حوقل 943ع واري نقشي ۾ الرور ڏيکاري ٿو. سيوطي ڪتاب مراصد الاطلاع ۾ ساڳيو نالو ڏنو آهي. مشهور جاگرافيدان شريف ادريسي 560هه/1165ع ۾ هن شهر کي دور لکي ٿو.

بت خانا:

هتي جو بت خانو نوبهار مشهور هو. ملتان ۾ آفتاب جو بت خانو هو. سيوهڻ جو قلعو راجا ڀرتري تعمير ڪرايو هو. هن ڪافر قلعي ۾ بت خانو هو. برهمڻ آباد ۽ ديبل وڏا بت خانا هئا. باميان جو غزنوي کان نوي ميل اُتر اُلهندي هو، جنهن جي بت خاني کي ذڪريا قزويني بيت الذهب لکي ٿو. حجاج بن يوسف جي زماني ۾ مسلمان فاتحن کي هن بت خاني مان گهڻو سون هٿ لڳو(2). بلخ جي هڪڙي شهر ۾ هڪ سؤ بت خانا هئا. جت ٽي سؤ ڀڪشو رهندا هئا.

بخارا، خيوا، سمرقند ۽ ڪاشمر وڏا بت خانا هئا. منجهانئن هنگلاج جي بت جي ايلم ۽ بابل وارا پرتش ڪندا هئا(1). ڪڇي ۾ سيوي، سراوان ۾ قلات، لس ٻيلي ۾ هنگلاج وڏا بت خانا هئا. سنڌ ۾ ڀڪشوئن جو تعداد ڏهه هزار هو(2). هوئن ٽسانگ جو بيان آهي ته مالوه، گجرات، چتوڙ، اُجين، ڪڇ ۽ سنڌ جا راجا، جن مان ڪي کتري هئا ۽ ڪي برهمڻ، تن جي پاڻ ۾ سخت دشمني ڪري چٽاڀيٽي لڳل هئي.

سهارس ثاني:

راءِ سهارس ثاني جي ڏينهن ۾ نيمروز (سيستان) جي ايراني گورنر مڪران تي ڪاهه ڪئي. ان سبب ڪري ڪسريٰ خسرو پرويز جي مقابلي ۾ سنڌ جي راءِ قسطنطنيه جي قياصر سان دوستانه تعلقات رکيا هئا. 628ع ۾ قيصر هرقل ايرانين کي نينويٰ جي معرڪي ۾ شڪست ڏئي مدائن جي ديوارن تائين پهتو. سورهء الروم جي پيشنگوئي پوري ٿي. ايرانين جي شڪست جي خوشي ملهائڻ لاءِ قسطنطنيه ۾ جشن ملهايو ويو. هن موقعي تي راءِ سهارس جي سفير قيصر کي مبارڪبادي پيش ڪئي هئي(3).

سهاسي ثاني:

سهارس ثاني آخر نيمروز جي حاڪم سان جنگ ڪندي مارجي ويو. کانئس پوءِ سهاسي ثاني الور جي تخت تي ويٺو. هن جهالاوان تي قبضو ڪيو. لوهاڻا، لاکا، سمنيه، جاٽ، ڪرد، ميڊ قومن سندس آڻ مڃي(4). هن چچ بن سيلائج نالي هڪڙي برهمڻ کي، جو علم نجومت ۾ ماهر هو، وزير مقرر ڪيو. سندس راڻي سهندي هن نوجوان برهمڻ تي عاشق ٿي پيئي. سنه 632ع ۾ راجا جي مرڻ کان پوءِ چچ راڻيءَ سان شادي ڪئي. راءِ گهراڻي جو خاتمو ٿيو.

برهمڻ گهراڻو:

برهمڻ گهراڻي وارن 632ع کان سنه 712ع تائين اٽڪل اَسي ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي. هن خاندان جي ڇهن راجائن حڪومت ڪئي:

1.      چچ 632 کان 662ع تائين

2.     چندار 662ع کان 669ع تائين

3.     ڏهر ۽ ڌراج 669ع کان 670ع تائين

4.     ڏهر 670ع کان 700ع تائين

5.     ڏهر سياهه ۽ ڏاهر 700ع کان 712ع تائين

خسرو پرويز کي رسول الله ﷺ اسلام جو دعوت نامو موڪليو هو، جو هن ڦاڙي ڦِٽو ڪيو. هو پنهنجي عمل جي سزا کي پهتو. سندس قتل ٿيڻ کان پوءِ ايران ۾ بادشاهه گردي جو زور شروع ٿيو. شيرويه، اردشير، بوران بنت پرويز ۽ سندس ڀيڻ ارزميدخت هڪ ٻئي پٺيان حڪومتون ڪيون. ارزميدخت حسين هئي، مٿس فرخ هرمز خراسان جو حاڪم عاشق ٿي پيو. هن جرم ۾ هو پنهنجي محلات جي داروغي هٿان قتل ٿي ويو. سندس پٽ رستم خراسان کان مدائن تي لشڪرڪشي ڪئي. ارزميدخت چئن مهينن کان پوءِ مارجي وئي. کانئس پوءِ ٻيا ٻه شهزادا ساسان جي تخت تي ويٺا، مگر سلطنت تنزل ڏانهن تڪڙو قدم کڻڻ لڳي(1). ڪرمان جو ڪيچ جي جنگ ۾ راءِ سهاسي پهرين ايران کان کٽيو هو، سو نيمروز جي حاڪم راءِ سهارس ثاني کي قتل ڪري ٻيهر ايران جي جهنڊي هيٺ آندو هو. چچ بن سيلائج مڪران هٿ ڪرڻ لاءِ ارمائل هٿ ڪري ايران جي بدانتظامي مان فائدو وٺي دشت ندي ٽپي ڪرمان تي ڪاهه ڪئي. هيءُ واقعو سنه 635ع ۾ ٿيو(2). ڪرمان جي حد مقرر ڪرڻ ۾ ڪنزپور (پنجگور) ۾ قلعا تعمير ڪرائڻ کان پوءِ توران (جهالاوان) جي رستي قندابيل (گنداواه) پهتو. ڍاڍر جي ويجهو سني جي ڳوٺ ۾ ڇانوڻي هڻي، ڪڇي جي رهاڪن کي آڻ مڃرائي فتوحات جي ڪم کي پورو ڪيو. ڪڇي جي ڪردن هڪ لک درهم ۽ هڪ سؤ گهوڙا ساليانو ڏنُ ڏيڻ منظور ڪيو، پوءِ الور پهتو، جت سنه 700ع ۾ چاليهه ورهيه حڪومت ڪري مئو.

عرب ۽ هند جا تعلقات:

هندستان عربن جي پدري وطن آهي. حديثن ۽ تفسيرن ۾ جت حضرت آدم عليہ السلام جو بيان اچي ٿو، اُتي ڪيترين روايتن ۾ ڏيکاريل آهي ته جنت مان نڪرڻ کان پوءِ حضرت آدم هندستان جنت نشان جي ٻيٽ سرانديپ (سيلون) تي لاٿو ويو، جت جبل آدم موجود آهي. خود ﷴ ﷺ فرمايو ته ”مون کي هندستان جي سرزمين کان رباني خوشبوءِ اچي ٿي.“ مٿيون بيان حديثن جي مقابلي ۾ توڻي جو ضعيف آهي تاهم ائين سمجهڻ گهرجي ته تاريخ جي زماني کان اڳ عرب هندستان کي موروثي ۽ پدري ملڪ سمجهندا هئا. معارف ابن قتيبه ۾ بيان آهي ته امام زين العابدينؓ جي ماءُ سنڌي خاتون هئي. عرب واپاري هزارها ورهيه اڳ بحيره قلزم، يمن، عمان جي ڪنارن کان ايراني نار، مڪران جي بندر تيز کان ديبل، گجرات جي بندر ٿاڻي کان ڪاليڪٽ، سرانديپ، مدراس کان ٿيندا بنگال جو اُپسمنڊ لتاڙي جزائر الشرق ۽ چين تائين واپار ڪندا هئا. مٿين ڏيساورن جون شيون مغربي ملڪن کي پهچائيندا هئا، مٿين ملڪن ۾ سندن بيٺڪون قائم هيون. اهڙي طرح سنڌ جون ٻه مکيه قومون جَت ۽ ميڊ توڻي بلوچستان جا بلوچ ايراني فوجن ۾ داخل هئا جن کان عرب واقف هئا(1). دکن ۾ دراوڙن جا بندر چيول، ڪليان، سوپارا واپار جا مرڪز هئا، جت عرب واپارين جون بيٺڪون هيون، پڻ رومن قيصر آگسطوس (Causer Augustus) جو سفير به سوپارا ۾ رهندو هو. گبن، نولدڪي ۽ گولڊزهر جي بيانن مان تجارتي لاڳاپن جو اسلام کان اڳ جو پتو پوي ٿو(1).

سنه 11هه مطابق 632ع ۾ خلافت صديقي جي زماني ۾ مسلمانن حيره فتح ڪيو. سنه 13هه ۾ حضرت ابوبڪرؓ جي وفات کان پوءِ حضرت عمر الفاروقؓ خلافت تي ويٺو. سنه 14هه سنه 635هه ۾ حضرت سعد بن ابي وقاصؓ ڪسريٰ يزدگرد بن شهريار بن پرويز کي شڪست ڏئي مدائن فتح ڪيو. سنه 16هه/637ع ۾ هاشم بن عقبه جلولا جي جنگ ۾ ايل نين کي شڪست فاش ڏني. زط، بلوچ، اسواره، سيايحته، اندغار قومن اسلام اختيار ڪيو(2). جلولا جي جنگ کان پوءِ آرمينيا، آذربائيجان، خراسان، سيستان، ڪرمان، مڪران اسلامي جهنڊي هيٺ اچي ويا. يزدگرد خاقان چين کان مدد وٺڻ جو ارادو ڪيو. سانده اٺن سالن تائين لڪندو رهيو. آخر 23- آگسٽ 651ع ۾ حضرٿ عثمان ذوالنورينؓ جي زماني مروجي هڪڙي جانڊاهي سندس قيمتي لباس هٿ ڪرڻ جي لالچ تي هن کي قتل ڪري لاش درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. سنه 716ع ۾ فارسين جا پنج ڪٽنب جسڪ بندر کان جهازن رستي گجرات جي نوساري ندي تي بيٺڪ جوڙي ويٺا. سنه 721ع ۾ هنن پهريون آتشخانو تعمير ڪيو. هندستان جي فارسين جي تاريخ ”قصه سنجان“ هڪڙي فارسي ملا ڪيقباد سنجانا سنه 1600ع ۾ نوساري ۾ تصنيف ڪئي. رائل ايشياٽڪ سوسائٽي جي بمبئي واري شاخ اُن جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو(3). منجهانئن ڪي بلوچستان ۾ رهيا، جت عيسوي 12 صدي تائين سندن قديم بت خانا قائم رهيا. خاران جا ڪياني ملڪ حضرت عمر بن عبدالعزيز جي زماني تائين آتش پرست رهيا هئا.


(1) تحفة الڪرام: مير علي شير قانع ٺٽوي، مقدمة الڪتاب، مطبع ناصري بمبئي، 1304هه

(2) W.W Hunter: History of India, Name. London, 1893

(3) The Cambridge History of India, vol:I, Aulian Map No.5 Cambridge 1923

(2) نوٽ: عام تاريخن ۾ نورمنشور مڪران جو ٻيٽ ڏيکاريل آهي جو غلط آهي. نورمنشور ڪرمان جي ٻن جبلن ڪوه- ڪفت ۽ ڪوه- حاضر جي وچ ۾ هڪڙي وادي آهي.

(1) Kalich Beg Fredun Beg: The Chachnamah, Karachi, 1900

نوٽ: منڇر، ڪينجهر، هاليجي، سومري، مکي مکيه ڍنڍون آهن. منجهانئن منڇر سڀني کان وڏي آهي.

(2) S.C. Sarkar: Hindustan year – Book, 1938, P. 220, Calcutta.

(3) موجوده سنڌ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. سيوهڻ کان اُتر واري حصي کي سرو ۽ ڏاکڻي کي لاڙ سڏين ٿا يعني ڏاکڻو ڀاڱو جت سنڌ درياءَ جي ڦيرين جا نشان بيٺل آهن.

(1) الوحيد اسپيشل نمبر، 15 جون 1931ع ڪراچي، مضمون سنڌ وادي، مولائي شيدائي، ص 82

نوٽ: نئن گاج، نئن باران، نئن ملير نيئون آهن.

(1)  S.C.Sarkar: Hidustan year- Book, 1938, P. 220

نوٽ: عربن سنڌونديءَ تي مهران نالو رکيو هو.

(2) Sir John Marshall: Mohan-jo-Daro & Indus Civilization, Vol: 1, P. 5

(1) London illustrated News 20 Sept, 1924, London

(1) J.C. Marsham: History of India, Chp-I, London, 1893.

(2) The Cambridge History of India, vol. I, Cambridge, 1922

(3) E.H.Aitkin: Gazetteer of the Province of Sindh, CHP. III, P.87, Karachi, 1907

(1) V.A.Smith: Early History of India, 4th ED: P. 97, London

(2) J.F. Hewitt: The Rulingraces of Pre Historic times, vol. I, P. 163

نوٽ: امير معاويهؓ جي ڏينهن ۾ صقليه جي بتن کي سنڌ جي هندن خريد ڪيو هو. بت وڪامندا هئا.

ڪرنل جيمس ٽاڊ تاريخ راجسٿان جلد پهرين ۾ لکي ٿو ته الور بليڪا پوترا راجائن جو تختگاهه هو.

(3) ڪتاب البلدان: ابن الفقيه همداني، ص 251، لنڊن

(1) R.W.Frazer: British India, P. 2, London, 1896

(2) A.J.Grant, Herodotus, vol.I, P. 109, Lonodon, 1880

(1) عرب ۽ هند جا تعلقات: سيد سليمان ندوي، ص 8-9، الهه آباد، 1930ع.

(2) Journal, Sindh Historical Society, Vol. III, P. 30, March 1937, Karachi, Cambridge History of India, Vol. I

(3) V.A Smith: The Oxford History of India, P. 85, Oxford, 1920

(1) E.H. Aitken: Gazetteer of the Province of Sindh, P. 33

Cousens, H: Antiqutities of Sindh, PP. 80-81, 1929

Pithawalla: The Indus “Its Navigation in Sindh”, P. 16, Karachi, 1937

W.H. Schoff: The Priplus of the Erythroean sea, P. 37, New York, 1912

Elliot (Dowson): History of India, Vol.I, PP.  332-333, 1867

(1) G.Rawlinson:  Intercourse bet. India & west, P.27

Rollin: Ancient History, Vol. III, The Alexander’s Successors

(2) تمدن هند: ڊاڪٽر گستائولي بان، مترجم: شمس العلماء سيد بلگرامي، حيدرآباد دکن.

(1) اُمرائي هندو: منشي محمد سعيد احمد مارهروي، ص. 2، اؤرنگ آباد، 1932ع

(1) V.A. Smith: Oxford History of India, P. 106

(2) M. Elphinstone: History of India, Greek Kingdom, P. 267, London, 1874

(3) G.Rawlinson: The Story of Nations, Parthia, P. 28, London, 1893

(1) A.J. Grant: Herodotus, vol.I, P. 63

(1) ابن خلدون: جلد 2، طبقه رابع ملوڪ فارس، ص 32، اردو ترجمو ديوبند

(2) معجم البلدان: ياقوت حموي، جلد 7، ص 413

(3) سيرت النبي: شبلي نعماني، جلد 1، ص 160، اعظم ڳڙهه

    رحمت العالمين: قاضي محمد سليمان منصورپوري، جلد 1، ص 44-45، لاهور

(1)  M.Elpinstone: The History of India, Book IV, P. 233, London, 1874

(2) J.Tadd Amals & Antiquities of Rajasthan, Vol I, P. 61, Calcutta, 1894

(3) Lestrange: The Indus of eastern caliphate, P. 345, Cambridge, 1705.

(4) Kalich beg Fredun beg: The Chachnamah

(1) سيد سليمان ندوي ڪتاب عرب ۽ هند جي تعلقات ۾ نقشو ڏنو آهي.

(2) سنه 1886ع ۾ جرنل رائل ايشياٽڪ سوسائٽي لنڊن باميان جي 323 بتن جون تصويرون شايع ڪيون.

(1) Sir T.H. Holdich: The Gates of India, Hinglaz, London, 1910

(2) V.A. Smith: The Early History of India, P. 328

نوٽ: امير معاويهؓ جي ڏينهن ۾ صقليه جا بت هندو خريد ڪرڻ لڳا. سنڌ ۾ بت وڪامندا هئا.

(3) E.Gibbon: The decline & fall of the Roman empire, Vol. VIII, P. 257, London, 1802

(4) E.H. Aitkin: Gazetteer of the Province of Sindh, P. 89

(1) ابن خلدون: جلد 2، ص 57، اُردو ترجمو ديوبند

(2) Kalich Bag Fredun beg: The Chachnamah, PP. 37-38, Karachi, 1900

(1) عرب ۽ هند جا تعلقات: سيد سليمان ندوي، باب پهريون.

(1) E.Gibbon: Decline & fall of Roman Empire, Vol, VII, P. 90

(2) فتوح البلدان: بلاذري، ص 289، الفاروق؛ شبلي، جلد 2، ص 214، اعظم ڳڙهه.

نوٽ: حيره عراق جو مکيه بندر هو. سنڌي بحري قزاقن جي حملي جي خوف ڪري بندر کي قلعو ڏنل هو. ابلر، سيراف، تيز، ديبل ۽ سرهار مکيه بندر هئا جت چين جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا.

(3)  Gazetteer of the Bombay Provine, Vol IX. P. 183, 1899

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org