سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت

باب:

صفحو:3 

باب ٻيو

 

سنڌو- سڀيتا جي تلاش مان هٿ آيل مهرون ۽ لکت

تعارف:

Figure 4. The first three seals from Harappan (courtesy of the British Museum)

تصويري لکت سان لاڳاپيل ننڍڙيون مهرون، هڙپا مان هٿ آيون آهن، جن جي هٿ اچڻ کان، پوءِ قديم آثارن جي ماهرن، هن قديم شهر ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي (Figure-4). هنن مان پهرين مهر 73، 1872 (Figure 4a) ڪنگهام (Cunningham) 73، 1872، ڊيمس (Dames) 1886، فليٽ (Fleet) (1912) ۾، هن ماڳ جي مٿاڇري تان لڌي هئي. اهو به امڪان آهي ته لاهور ۽  ملتان واريءَ ريل جي پٽڙيءَ تي، روڙي وڇائڻ جي مقصد سان، هن قديم شهر کي کوٽي تباهه ڪرڻ وقت، هيءَ مهر ٻاهر نڪري اچي مٿاڇري تي پيئي هجي (پوسيل Possell 1982). اهي ننڍڙيون مهرون، ’ابرق‘  يا ’ڀوڏل پون پٿر‘ (Steatite) جون آهن جن جي مٿان، نگهري اڪر ٿيل ٿو ڏسجي. باهه ۾ گرم ڪرڻ ڪري ٻُئار ٻُئار وارو مٿاڇرو، اڇو ۽ چمڪدار ٿي پيو آهي. جنرل ڪننگام کي محسوس ٿيو هو ته هن مهر تي نظر ايندڙ تصويري نشانيون (Photographic rings) ڪنهن لکت جي نمائندگي ڪري رهيون آهن. هيءُ، اها لکت پڙهي ڪونه سگهيو هو، نه ئي وري اسان ئي اڄ تائين پڙهي سگهيا آهيون، پر سندس انومان هو ته هيءَ لکت، هندستان کان ٻاهرينءَ ڪنهن ٻوليءَ جي آهي، ڇاڪاڻ ته هن مهر مٿان نظر ايندڙ ڏاند، ’ڪونهٽ‘ يا ڪلهي وارو (Zebu) ڍڳو نه هو. سندس پهريون اندازو بلڪل غلط هو.

هن ماڳ تان وڌيڪ ٻه مهرون آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا وارن کي منظم طريقي واريءَ کوٽائيءَ کان هڪ سال اڳ مليون هيون (مارشل 1922: پليٽ xi 22 ۽ 23)

سنڌو- لکت تي کوجنا ڪرڻ، قديم آثارن کان وڌيڪ ’تاريخي لسانيات‘ (Historical linguistics) جي ذميواري آهي، تنهن ڪري مون لکت جي هن مواد کي سمجهڻ لاءِ لسانيات جي ماهر دوستن جي مدد حاصل ڪئي، ۽ جنهن وقت مان هن لکت جو ابتدائي خاڪو تيار ڪري رهيو هوس ۽ سندن تبصرا ۽  مشورا ڏاڍا ڪارائتا ثابت ٿيا هئا.

سنڌو- لکت جي کوجنا لاءِ مهرن ۽ ٻين اهڙين شين تي بحث ڪرڻ لازمي آهي، جن تي مذڪوره لکت تحرير ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهڙيون نشانيون، ’ڀوڏل ابرق پٿر‘ جي مهرن کان سواءِ، ٺڪر جي ٿانون، ٽامي ۽ ڪنجهي جي ٽڪين، اوزارن ۽ هٿيارن تي پڻ اڪريل نظر اچن ٿيون.

ٽيبل 2

سنڌو- سڀيتا جي مختلف ماڳن تان هٿ آيل شيون جن تي سنڌو- لکت تحرير ٿيل ڏسڻ ۾ آئي آهي

ماڳ

مهرون

مهرن جا چٽيل نشان

ٽامي جون ٽڪيون

ڪنجهي جون ٽڪيون

ٻيون شيون

ڪل جوڙ

موهن جو دڙو

1232

119

135

5

49

1540

هڙپا

350

288

-

3

344

985

چانهونءَ جو دڙو

58

3

-

1

4

66

لوٿل

89

75

-

2

20

165

ڪاليبئنگن

56

21

-

-

20

99

ٻين ماڳن تان

13

4

-

-

17

34

اولهه ايشيا

16

1

-

-

0

17

ڪل جوڙ

1834

511

135

11

435

2906

هيءَ معلومات مها ديوان ((1977a تان ورتل آهي.

مٿين لکت ٿيل شين جي شمار جو اڳي ڪنهن کي به پتو ڪونه هو. اهي شيون سنه 1977ع ۾، ’اراوا ٿام مهاديوان‘ ميڙي چونڊي، 1906ع ۾ گڏ ڪيون هيون، جيڪي هن سنڌو لکت جي ڪنڪارڊنس (9: 1977ع) ۾ شامل ڪري ڇڏيون آهن. ان کان پوءِ هڙپا ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڳن جي کوٽائي ٿيندي رهي آهي، ۽ اهڙين شين جو تعداد وڌي وڃي 3100 تائين پهتو آهي، مهاديوان جي ڏنل تعداد موجب، هٿ آيل شين جو 87 ٻن ماڳن جهڙوڪ، موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان مليو آهي. ٽيبل 2 ۾ لکت ٿيل شين جو وچور ڏنو ويو آهي.

هڙپا مان بيشمار ننڍڙيون شيون به هٿ لڳيون آهن، جن مان 272 شيون اهڙيون آهن جن تي لکت ٿيل آهي. ڪڏهن ته اهو تصور ڪيو ويندو هو ته اهي ننڍڙيون مهرون فقط هڙپا مان ئي لڌيون ويون آهن ۽ انهن جو خاص تعلق به هڙپا سان آهي. جهڙيءَ ريت ٽامي جي مهرن جو تعلق فقط موهن جي دڙي سان ڏسجي ٿو، پر ’ايم شينج‘ (M. Shendge) جو بيان آهي (53: 1985) ته اي جي ايڇ مئڪي (E.J.H. Mackay)، موهن جي دڙي مان لڌل اهڙين پنجن ننڍين مهرن جو ذڪر ڪيو آهي 38، 1937، Mackay - مهر نمبر 61، 73، 505 ۽ 528) ۾ نظر ائين اچي رهيو آهي ته مهرن جو هن تعداد سان ڪو تعلق ڪونه آهي، پر چانهونءَ جي دڙي مان لڌل ٻه ۽ ڪاليبئنگن مان هٿ آيل چار مهرون، هڙپا مان هٿ آيل ننڍڙين مهرن جهڙيون آهن. اهڙين مهرن جي تعداد ۽ ماڳن جو وچور، ٽيبل 3 ۾ ڏنو ويو آهي. اهڙيون ننڍڙيون مهرون، ٺڪر، پٿر، چيني مٽيءَ جون پڻ ٺهيل آهن. ٻيون وري ڪي چٽيل شيون آهن، جيڪي ڪنهن مهر جي پٺيءَ سان چٽيل آهن. ڪي وري اڪريل مورتيون جهڙوڪ: مڇي، سهڙ ۽ ٻين جانورن جون آهن. اهي شايد تائٿ هئا، جيڪي ماڻهو پنهنجي جسم جي مختلف عضون سان ٻڌندا هئا، پر انهن جي ڪارج جو قديم آثارن جي ماهرن کي ڪو پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي.

وڏيون ۽ هم چورس مهرون، هنن کان ٿوريون نراليون آهن، جن تي پڻ جانورن جو تصويرون اڪريل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جانورن جي تصويرن سان لاڳاپيل مهرن جو تعداد، آءِ مهاديوان بيان ڪيو آهي، جنهن کي ٽيبل 4 ۾ ڏنو ويو آهي.

ان کان سواءِ، ٻين جانورن جي تصويرن جو پڻ ڪجهه تعداد آهي، پر مکيه جانورن جي تصويرن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جن مان هڪ سڱئي ڍڳي وارين مهرن جي گهڻائي آهي.

اراوا ٿام مهاديوان، سنڌو- لکت جي ڪنڪارڊنس (1977)، ڇاپي پڌري ڪئي آهي. آسڪو پرپولا (Ako parpola)، ڪوسڪرنيمي پرپولا (Koskerreini Parpola) ۽ آلٽو (Alto) به، ڪنڪارڊنس (1973، 1979) جوڙي راس ڪئي هئي. ان کان سواءِ آسڪو پرپولا ۽ اُن جي ساٿين، مهرن ۽ پٿرن تي ٿيل لکت جون تصويرون ڪڍي، ڪنڪارڊنس جا ٻه جلد تيار ڪيا آهن (جوشي ۽ پرپولا 1987: شاهه ۽ پرپولا 1991). يوٽي فرئنڪ ووٽ (Ute Franke-vogt)، موهن جي دڙي مان هٿ آيل قيمتي پٿرن جي تصويرن تي مشتمل هڪ ڪتاب پڌرو ڪيو آهي، جيڪو پڻ هن ماڳ مان هٿ آيل مواد جو اهم ماخذ (Source) آهي (فرئنڪ، ووٽ 1991ع). ان کان سواءِ اوزار بيان ٿيل رپورٽون به آهن، جن جو خاص طور تي واسطو (مارشل a 1931، مئڪي 38، 1937 وئٽس 1940، مئڪي 1943، ايس، آر، راءُ a1985) سان آهي. هي اهڙو مواد آهن جنهن جو واسطو مهرن ۽ پٿرن تي ٿيل سنڌو- لکت سان آهي.

ٽيبل 3

هڙپا کان سواءِ ٻين ماڳن جو وچور جتان ننڍڙيون مهرون هٿ آيون آهن

چانهونءَ جو دڙو، CH 1954

مئڪي 1943 اپليٽ L 11

C 35

چانهون جو دڙو CH 1954a

مئڪي 1943 پليٽ L11 نمبر 34

C 35a

ڪاليبئنگن KLB 1957ع

(ٻي مهر جي تصوير ڪانه ڏني وئي آهي)

K,068

ڪاليبئنگن K.L.B 19400

 

K063L

ڪاليبئنگن 2، 15118

 

K-077

موهن جو دڙو 033329، DKL

مئڪي 38، 1937، پليٽ 53، LXXXIV

M,1337

موهن جو دڙو 05671 DK

مئڪي 38، 1937 پليٽ XCVI، 505

M-1445

موهن جو دڙو 07052، DK

مئڪي 38، 1937 پليٽ XCVI، 525

 

موهن جو دڙو 07694، D K

مئڪي 38، 1937: 385- پليٽ XCVII، 526

 

موهن جو دڙو 08089، D K

مئڪي 38، 1937- 385 پليٽ XCVII- 508

 

موهن جو دڙو 10222، D K

مئڪي 38، 1937، 371 پليٽ L XXX IV، 93

M-1313

موهن جو دڙو 10471 D K

مئڪي 38، 1937، 371 پليٽ L XXX IV 63

M-0859

موهن جو دڙو 11433 D K

مئڪي 38، 1937، 371 پليٽ L XXX IV 72

M-0859

موهن جو دڙو 12344 D K

مئڪي 38، 1937، 371 پليٽ L XXX IV 61

 

موهن جو دڙو 12703 D K

مئڪي 38، 1937، 371 پليٽ L XXX IV 73

 

سنڌو- لکت جي کوجنا بابت هڪ ڊگهي ببليوگرافي موجود آهي، جنهن جا اٽڪل روءِ هڪ هزار کن حوالا آهن، جيڪي سڀيئي گهري علمي کوجنا سان واسطو نه ٿا رکن، پر انهن جي مصنفن جي دعويٰ آهي ته مذڪوره حوالا وڏي علمي جاکوڙ جو نتيجو آهن. سنڌو لکت جي ڀاڃ بابت ڪي نظريا هندو ڌرم جي پنڊتن جا به تخليق ڪيل آهن، جيڪي سائنسي اصولن ۽ گرامر کان نرالا ۽ مغربي عالمن جي علمي تحقيق کان مختلف آهن. ائين چوڻ سان هندو پنڊتن جي قائم ڪيل نظرين جي اهميت گهٽجي نه ٿي وڃي، پر ڏسڻو هيءُ آهي ته انهن جي قائم ڪيل نظرين کي سائنسي تحقيق سان ڀيٽڻ گهرجي يا نه، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڌرين جي ڌار ڌار اصولن جي ’نظريه علم‘ جي ماهيت منڍ کان ئي الڳ ۽ مختلف آهي.

سنڌو- لکت جي ڀڃڻ لاءِ ٻيا به ڪي ٽيڪنيڪل مسئلا آهن، جهڙوڪ: اهڙي ٻي ٻولي نه آهي، جنهن جي لپي، سنڌو- لکت جهڙي هجي، يا ڪي ساڳئي قسم جا ثقافتي حوالا موجود هجن. سنڌو- لکت جي ڀڃڻ جي دعوا کي، گهڻن ئي عالمن قبول ڪيو آهي، پر اُنهن عالمن مان گهڻائي انهن جي آهي جن سنڌو سڀيتا کي سمجهيو ئي نه آهي، تنهن ڪري انهن اهڙي ڀڃڻي يا معنيٰ، سنڌو لکت ڏانهن منسوب ڪئي آهي، جنهن جو مذڪوره لکت سان ڪو لاڳاپو ئي ڪونهي، مثال طور 1930ع واري ڏهاڪي ۾، سنڌو- سڀيتا ۽ ايسٽر آئلئنڊ جي لکت ۾ موجود هڪ جهڙائيءَ تي بحث ڇيڙيل هو، جيڪو صفا چوٽ تي وڃي پهتو هو.

ٽيبل 4

سنڌو- سڀيتا جي مهرن تي نظر ايندڙ جانورن جو لکت ۾ تعداد

هڪ سڱئي ڍڳي ۽ ان جي آڏو رکيل خاص علامت واريون مهرون

1159

ننڍن سڱن واري ڏاند جي تصوير سان مهرون

95

هاٿيءَ جي تصوير سان مهرون

55

ڪونهٽ واري ڏاند جي تصوير سان مهرون

54

گينڊي جي تصوير سان مهرون

39

ٻڪريءَ يا هرڻ جي تصوير سان مهرون

36

ڏاند- هَرڻ جي تصوير سان مهرون

26

چيتي جي تصوير سان مهرون

16

مينهن جي تصوير سان مهرون

14

گاهه ڏانهن منهن ڪريو ويٺل سهڙ جي تصوير سان مهرون

10

هڪ سڱئي ڏاند جهڙي ٻه سڱئي ڍڳي جي تصوير سان مهرون

5

سڱن سان چيتي جي تصوير واريون مهرون

5

سهڙ جي تصوير سان مهرون

5

ٻن آمهون سامهون بيٺل ننڍن سڱن وارن ڏاندن جي تصويرون واريون مهرون

2

سڱن سان هاٿي جي تصوير واريون مهرون

1

ٻن گينڊن جي تصوير واريون مهرون

1

وڻن جي پاسي بيٺل ٻن ٻڪرين واري تصوير سان مهرون

1

(مها ديوان 793: 1977a)

ڪن وڏن عالمن، هن لکت کي مهر جي تصويري لکت Heero) (glyphic (پيٽري Petrie 1932، هنٽر Hunter 1934) هتي Hittite (هرزوني Hrozny 1943)، قديم چيني لکت، (هئني، گئلڊرن Heine-geldern 1938)، ايٽروسڪان (Etruscan)، (پڪولي Piccoli 1933)، هندستان جي ٺپيل سڪن جي نشانن (فئبري Fabri 1935)، ڪوسمبي Kosambi 42 -1941)، ريوني Runie (ڪرشنا راءُ Krishna Rao 1952) لکت، ۽ پاڪستان جي اسلامي دور جي چوڪنڊي قبرستان جي قبرن تي نظر ايندڙ ڪن نمونن منصور (1990) سان ڀيٽي، ڀڃڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. مون وٽ سٺ حوالا اهڙا آهن جن ۾ سنڌو- لکت کي پڙهڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. اراوا ٿام مهاديوان جو چوڻ آهي ته وٽس هن لکت سان لاڳاپيل هڪ سئو کن شخصي پيغام آهن (مها ديوان 1990)

هن لکت جي ڀڃڻين جي دعوائن ڪري، اختلاف به پيدا ٿيا آهن. ٿورو وقت ٿيندو جو هن لکت کي ڀڃڻ واسطي سائنسي طريقا ڪم آندا پيا وڃن. تازو 1978ع ۾ سنڌو- سڀيتا جي هڪ عالم، پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته: ”هن لکت بابت جيترو ٿورو ڳالهايو وڃي اوترو بهتر آهي (ايس پي گپت 1978: 143). سنڌو- لکت جي گهڻائي انهن شين تي آهي، جنهن کي اسين مهرون سڏيون ٿا. هنن شين تي اهو نالو صحيح نه آهي. اهڙي نالي جي صحيح هجڻ ۽ نه هجڻ بابت پڻ هتي بحث ڪيو ويو آهي. قديم آثارن جي ماهرن مان جن به هن لکت تي کوجنا ڪئي، تن سڀني هنن شين کي ڪڏهن مناسب، ڪڏهن غير مناسب نموني سان، مهرن جي نالي سان پئي سڏيو آهي. مٿئين نالي وارين شين مان ڪي ڪپيل، ڪوريل ته ڪي پٺيل، اڪريل ۽ جڙيل آهن، پر انهن سڀني کي بنا ڪنهن امتياز جي مهرن جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. انهن شين جي ڌار ڌار شڪلين مان به ڀانئجي ٿو ته انهن جا ڪارج به ڌار ڌار آهن. اهڙيءَ ريت پاڪستان ۾، هڪ ’ٿرڙ‘ (قديم ماڳ) ۽ ’رحمان ڍيريءَ‘ (گومل ماٿري) مان پڻ ننڍڙيون مهرون هٿ آيون آهن، جن جي ٻنهي پاسن کان لکت اڪريل آهي. اهڙي قسم جي شين کي ڳچين ۾ لٽڪائڻ جي مقصد سان نه بومبي آهي ۽ نه ئي وري بومبيءَ ۾ سوراخ نڪتل آهي، پر ان هوندي به هن شڪل واريءَ شئي کي مهر سڏيو ويو آهي (دراني 1984: 509). هن شڪل واري شئي کي، سامهون واري پاسي کان ٻه سوراخ آهن. سندس شڪل مان ائين لڳي ٿو ته اُن کي ڪپڙي جي ڪنهن ٽڪر مٿان ٽاڪيو ويندو هو، ۽ ان جو مهر وارو استعمال ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. ان کانسواءِ مهر ڳڙهه ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ٻين ٿرڙن تان ٺڪر جون ساڳيون شيون مليون آهن، انهن شين جي شڪل ۽ صورت اهڙي آهي جو ڀانئجي ٿو ته انهن کي ڪپڙي تي ٽاڪيو ويندو هو. بومبيءَ ۾ سوراخ نه هجڻ ڪري ان کي پاتو يا لٽڪائي رکيو ڪونه ويندو هو. پوريءَ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهڙيون شيون مهرون نه آهن، پر اهي تائٿ، ڳهه، سونهن ۽ سجاوٽ واريون ڪي شيون آهن. ان کان سواءِ ڪن اهڙين شين تي لکت ڏسجي ٿي، جن جي شڪل ۽ صورت، مهرن جهڙي ڪانه آهي، پر اها سنڌو- سڀيتا جي عروج واري نه سنڌو- لکت آهي نه ئي وري ان جي ابتدائي شڪل آهي.

لکيل ڇا آهي؟

سنڌو- لکت، مختلف شين تي لکيل ڏسڻ ۾ آئي آهي، پر بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته انهن مان ڪابه مڪمل تحرير ڪانه آهي. هن لکت جي ’ڀاڃ‘ (decipherment) لاءِ هڪ مڪمل عبارت لازم ۽ ان شيءَ جي نوعيت جي سڃاڻپ به ضروري آهي، جنهن تي مذڪوره لکت تحرير ٿيل آهي.

مهرون

I الف- ٺپي هڻڻ جي مقصد سان ڪم ايندڙ مهرون، جن کي سنڌو- سڀيتا جي مهرن جهڙي سوراخدار بومبي هوندي آهي.

الف 1- سنڌو- سڀيتا جون سوراخدار ٻني هئڻ واريون مهرون.

الف 2- سنڌو-سڀيتا جون سوراخدار بومبيءَ سان جاميٽري طرز (geometric design) واريون مهرون.

الف-3- سنڌو-سڀيتا جون سوراخدار بومبيءَ سان بياني (Narrative) طرز جون مهرون.

I ب- سنڌو- سڀيتا جون ڊگهيءَ نوعيت واريون (bar) مهرون.

ت- ڊگهيون گول طرز واريون مهرون

ث- ايراني نار جي مهرن جهڙيون گول مهرون

مهرن جا ٺپيل نشان

الف - مٽيءَ جي پنوڙي تي مهر جو معياري ٺپيل نشان

ب - مهر جو ٺڪر جي ٿانون تي ٺپيل نشان

ٺپا (Sealings) ۽ قالب وسيلي ڍاليل شيون (Molding):

III الف - ٺپا ۽ ڍاليل شيون جن تي فقط سنڌو- لکت ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

III ب- ٺپيل ۽ ڍاليل شيون جن تي ڪي بياني درازون ڏسڻ ۾ اينديون آهن.

IV - لکت واريون اهي شيون جيڪي، مهرون، ٺپا ۽ ڍاليل شيون نه آهن.

IV الف- ننڍڙيون ٽڪيون يا مهرون (Miniature inscription)

IV ب - ٽامي جون مهرون

IV ٻ - لکت واريون ٽامي جون ٺهيل مختلف شيون

IV ڀ - لکت واريون عاج ۽ هڏن جون ٺهيل شيون

IV ت - ٺڪر جي ٿانون تي لکت (graffic)

متفرق لکيل شيون:

1. مهرون- سنڌو- سڀيتا جو گهڻي ۾ گهڻو لکيل مواد، مهرن تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هنن مان ڪن ٿورين مهرن جا ٺپا، ٺڪر جي ٿانون ۽ مٽيءَ جي پنوڙن تي به ڏسڻ ۾ آيا آهن، تنهن ڪري هنن مهرن جي استعمال بابت ڪنهن کي شڪ شبهو هئڻ نه کپي، پر ڳٺڙين يا پيپن کي سيل مهر ڪرڻ وارا مهرن جا ٺپيل نشان تمام ٿورا لڌا ويا آهن، جن جو تعداد فقط پنجاهه آهي.

ميسوپوٽئميا ۾ مهر کي انتظامي رڪارڊ سنڀالڻ جي مقصد سان ڪتب آندو ويندو هو، پر سنڌو- سڀيتا ۾ مهر جو اهو استعمال نظر نه ٿو اچي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌو- سڀيتا جي مهرن ۽ قيمتي پٿرن تي ٿيل لکت جو مقصد ڪجهه مختلف آهي. هي اهڙو ڏکيو موضوع آهي، جنهن تي گهڻي ڌيان ۽ سوچ جي ضرورت آهي. ان بابت هتي هڪ خاڪو ڏنو ويو آهي ۽ پهريون ڀيرو هن جو نهايت اهم نموني سان اڀياس به ڪيو ويو آهي. مهرن سان ٺپيل نشان تمام ٿورا آهن. اهڙي معلومات ٽيبل 5 ۾ ڏني وئي آهي.

(ص 24) ٽيبل 5

سنڌو- سڀيتا جي مختلف ماڳن مان لڌل مهرن جا ٺپيل نشان

ماڳ جو نالو Site

فيلڊ نمبر

Field Number

پرپولا

Perpola

بنيادي ماخذ

Primany Source

بنا والي

BNL-1

3378

B 23

جوشي ۽ پرپولا 1987

هڙپا

11393

H-0693

وئٽس 1940: 356 پليٽ- C l، نمبر 707

ڪاليبئنگن

KLB.1

K-081

جو شي ۽ پرپولا 1987

ڪاليبئنگن

K L B-2 11204

K-085

جوشي ۽ پرپولا 1987

ڪاليبئنگن

K L B-2 1961

K-083

جوشي ۽ پرپولا 1987

ڪاليبئنگن

K L B 21505

K.080

جوشي ۽ پر پولا 1987

لوٿل

01292

L-174

ايس- آر- راءُ 1985- 325 پليٽ CLXII-Ac

 

 

 

نمبر 1، ٽيپل، xi-03- S.NO

لوٿل

01759

L.185

ايس- آر- راءُ 1985: 333، ٽيپل xi 084- S.NO

لوٿل

01830

L161

ايس- آر- راءُ 1985: 325 پليٽ C L X I F، ٽيبل XI- 02، S.NO

لوٿل

01809

L.142

ايس- آر- راءُ 1985: 326 پليٽ C L X II، ٽيبل XI 70 S.NO

لوٿل

01831

L.166

ايس- آر- راءُ 1985: 331. ٽيبل XI، 05 S.NO

لوٿل

01836

L.162

ايس- آر- راءُ 1985: 332. ٽيبل XI، 62. S.NO

لوٿل

01837

L.172

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 327، پليٽ C L X III، 3- No،C- ٽيبل XI 21- S.NO

لوٿل

01838

L. 129

ايس- آر- راءُ 1984: 327، پليٽ S.NO-25,XI

لوٿل

01841

L.138

ايس- آر- راءُ 1985: 332، ٽيبل S.NO-45, XI

لوٿل

01844

L.177

ايس- آر- راءُ 1985: 327، پليٽ C L X III E

لوٿل

01848

L.135

ايس- آر- راءُ 1985: 333، ٽيبل XI، 73-S.NO

لوٿل

01853

L.124

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 327 پليٽ CLXIII، 3-E.N، ٽيبل XI، S.NO 29

لوٿل

01857

L.192

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332، ٽيبل S.NO. 68 XI

لوٿل

1861

L.163

ايس- آر- راءُ 1985: 332، ٽيبل S.NO 57,XI

لوٿل

1862

L.171

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332 ٽيبل S.NO 58 XI

لوٿل

01863

L.170

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332 ٽيبل S.NO 56 XI

لوٿل

01864

L.164

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332 ٽيبل S.NO 55 XI

لوٿل

01865

L.167

ايس- آر- راءُ 1985: 332، ٽيبل S.NO.63 XI

لوٿل

01868

L.168

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332 ٽيبل S.NO.52 XI

لوٿل

01869

L.169

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332 ٽيبل S.NO.54 XI

لوٿل

01870

L.190

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332 پليٽ CLXIII-E, Right- ٽيبل S.NO.29 XI

لوٿل

01871

L.197

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332 ٽيبل S.NO.51 XI

لوٿل

01873

L.128

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 327 پليٽ CLXIII، E.NO-2، ٽيبل S.NO.26 XI

لوٿل

01876

L.125

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332 پليٽ CLXII،4، 8 ٽيبل S.NO.18 XI

لوٿل

01878

L.143

جوشي ۽ پرپولا 1987

لوٿل

01881

L.203

ايس- آر- راءُ 1985: 322، 332 ٽيبل S.NO.71 XI

لوٿل

01883

L.196

ايس- آر-. راءُ 1985: 327 پليٽ CLXIII,D,3 ٽيبل S.NO.24 XI

لوٿل

01884

L.191

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332 ٽيبل S.NO.66 XI

لوٿل

01888

L.193

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332 پليٽ CLXIII,E، ٽيبل S.NO.8 XI

لوٿل

0927

L.195

ايس- آر- راءُ 1985: 321، 332 ٽيبل S.NO.90 XI

ٽيبل نمبر پنج هلندڙ

ماڳ جو نالو Site

فيلڊ نمبر

Field Number

پرپولا

Perpola

بنيادي ماخذ

Primany Source

لوٿل

02077

L.206

ايس- آر- راءُ 1985: 326 پليٽ CLXII,D-XI ٽيبل S.NO.09 XI

لوٿل

02420

L.178

جوشي ۽ پرپولا 1987

لوٿل

03694

L.208

ايس- آر- راءُ 1985: 321 ٽيبل S.NO.22,XI

لوٿل

05242

L.205

ايس- آر- راءُ 1985: 327 پليٽ 2، D، CLXXIII ٽيبل S.NO.23,XI

لوٿل

13191

L.146

ايس- آر- راءُ 1985: 325 پليٽ، CLXI.E ٽيبل S.NO.01, XI

لوٿل

14586

L.173

ايس- آر- راءُ 1985: 326 پليٽ، F، CLXII ٽيبل XI، S.NO-10 XI

موهن جو دڙو

DK-12145

M-0246

مئڪي 38، 1937: 54، 353 پليٽ XC-17

موهن جو دڙو

DK-10000

M-0000

حليم ۽ وائڊيل Vidale 1987: 93 تصوير 32

موهن جو دڙو

H.R-B 0000

M-0000

فرئنڪ-ووٽ Vogt 1989: 237

اهڙيءَ ريت موهن جي دڙي مان مهرن سان ٺپيل چار نشان، هڙپا مان هڪ، بناواليءَ مان هڪ، ڪاليبئنگن مان پنج ۽ لوٿل مان ستٽيهه لڌا آهن، جيڪي هن ماڳ جي گدام مان مليا آهن. مهرن جا مذڪوره نشان مٽيءَ جي پنوڙن تي ڏسڻ ۾ آيا آهن، جن جي پٺئينءَ پاسي ڳٺڙين، ٿانون ۽ ٻين شين جا نشان آهن. هنن شين مان چڱيءَ ريت پتو پئجي وڃي ٿو ته مهرن جو استعمال ڪهڙو هو (26، 25 Figure). هن ۾ اهي بيشمار ٺپيل شيون شامل نه آهن، جيڪي ڪنهن قالب ۾ وجهي، ٺپي ٺاهيون وينديون هيون. ارنيسٽ جي، ايڇ مئڪي (Ernset J.H Mackay) جو خيال آهي ته 27- 1926 جي کوٽائيءَ دوران ڪنهن هڪ مهر جو ٺپيل نشان ڪونه مليو هو. هتان اهڙين شين جو مجموعو پڻ لڌو ويو آهي، جيڪو پٿرن جي مهرن سان ٺپيل ٿو ڏسجي. ان لاءِ سندن بيان آهي ته:

”پوري يقين سان نه چئي ٿو سگهجي ته اهڙيون شيون، مهرن طور ڪم اينديون هيون، يا انهن کي ’تائٿ‘ (amulet) طور استعمال ڪيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته موهن جي دڙي مان اڃا تائين اهڙا ٺپيل نشان ڪونه مليا آهن، جيڪي مٽيءَ جي ڪنهن پنوڙي، ٽُڪر، ڪنهن ٿانو يا ڪنهن واپاري شئي تي هنيل هجن. اهڙا ٺپيل نشان، ٻين قديم جاين تان تمام گهڻا مليا آهن، جن کي نوڙيءَ سان ٻڌي، واپاري شين کي سيل مهر ڪيو ويندو هو. انهن ٺپيل پنوڙن جي ٻئي پاسي، ڪن تي نوڙيءَ جا ۽ ڪن تي ڪپڙي جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. معلوم ائين ٿو ٿئي ته مٽيءَ جي ڪن آلن پنوڙن کي، نوڙيءَ ۽ ڪن کي ڪپڙي مٿان رکي، مهر جو ٺپو هنيو ويو آهي (مئڪي 1931. 380). هن کان سواءِ، همچورس مهرن جو هڪ ٻيو به اهم استعمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته انهن مان گهڻين مهرن جي ڪناري وارو پاسو نئون ڏسجي ٿو، ڄڻ ته استعمال ئي ڪونه ڪيو ويو آهي. هن حقيقت مان اها ڄاڻ ملي وڃي ٿي ته اهڙين مهرن کي عام طور استعمال ڪيو نه ويو آهي. اهڙي ڄاڻ ان ڪري ملي وڃي ٿي جو پٿر طور سختي ماپڻ واري ’موهه اسڪيل‘
(Mohscale) مطابق، مهرن وارو ڀوڏل يا ابرق پٿر (Steatite) ايترو نرم ٿيندو آهي، جو ان ۾ ننهن جو نشان به ٺهي بيهندو آهي. باهه ۾ پچائڻ کان پوءِ به ’موهه اسڪيل‘ موجب، هن پٿر جي سختي، ’ٻه‘ يا ’ٽي‘ هوندي آهي. هن جي ڀيٽ ۾ ميسوپوٽئميا جون ڊگهيون مهرون، تمام گهڻيون استعمال ٿيل ٿيون ڏسجن، تنهن ڪري اهي سخت قسم جي پٿر جهڙوڪ: سنگ سليماني (Agate)، بلور (crystal) ۽ لاجوَرد (Lopis lazuli) مان ٺهيل آهن. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ميسوپوٽئميا جون مهرون، گهڻي استعمال ڪري گسي ويون آهن، ايتري قدر جو انهن کي ڪٽي، نئين طرز ۽ لکت سان، نئين نموني جي مهر تيار ڪئي وئي آهي. اهڙين مهرن جا ٺپيل نشان به تمام گهڻا آهن، جيڪي قديم آثارن جي کوٽاين دوران هٿ آيا آهن.

سنڌو- سڀيتا جون ڪيتريون ئي مهرون، ٻاهرين ڪنارن وٽان گٺل آهن، پر خاص طور تي اهڙيون ڪناريون جيڪي مهر جي مُنڊ جي ڀرسان آهن. جوشي ۽ پرپولا وٽ اهڙين مهرن جون رنگين تصويرون موجود آهن، جن ۾ اهڙا گٺل پاسا، چڱيءَ ريت ڏسي سگهجن ٿا (جوشي ۽ پرپولا 1987: 379 نمبر M-66: 380- نمبر 238؛ 386، نمبر 375-M). اهڙيون مهرون فقط ڪناري کان ئي گٺل آهن، جڏهن ته اندريون اڪريل پاسو جيئن جو تيئن نئون پيو آهي.

هنن حقيقتن مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌو- سڀيتا جون اهي مهرون تمام گهڻو استعمال ڪيون ويون آهن. هن مان اها به  ڄاڻ ملي ٿي ته اهڙين مهرن کي ’سڃاڻپ‘ جي مقصد سان ڪتب آندو ويو آهي. سڃاڻپ جي اهڙي مقصد لاءِ مهر جا ٺپيل نشان نه، پر خود مهر به ڪم آندي وئي آهي، جنهن مان اها حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي ته مهر جي مالڪ کي، اهڙيءَ مهر جي استعمال جو قانوني حق هو. الهڏنو ساند واري ’ماڳ‘ مان پٺئين پاسي سوراخدار بومبي سان ٺڪر جي مهر لڌي وئي آهي. مهاڙيءَ واري پاسي، هاٿيءَ جي تصوير ۾ اهڙي لکت آهي، جيڪا ٺڪر جي ٿانو تي به ٺپيل نظر ايندي آهي (figure-5). لکت جون نشانيون ايڏيون ته ڪمزور ۽ اڻ لکيون آهن، جو جيڪڏهن اها مهر، مٽيءَ جي پنوڙي تي هڻبي ته هڪ ته ٺپيل نشان نظر ئي ڪونه ايندا، پر جيڪڏهن اهي نظر ايندا ته بلڪل اڻ چٽا هوندا.

Figure 5. Terracotta seal from Allahdino (Fairservis 1976: Fig. 2, 10)

اهو سمجهڻ ته سنڌو- سڀيتا واري علائقي جو ڪاروبار ميسوپوٽئميا جيان مهر ۽ ان جي لکت واري انتظاميه جي مدد سان هلايو ويندو هوندو، سو غلط آهي. ماهرن جي عام راءِ آهي ته سنڌو- سڀيتا قديم رياست جيان منظم ڪانه هئي (پوسيل جو ڪتاب پريس ۾ آهي، مَلِڪ 1968ع شئفر 1982ع، فيئر سروس 1986ع) اهو به عام خيال آهي ته سنڌو- سڀيتا جي سياسي اقتصاديات لاءِ مهرن سان لاڳاپيل انتظاميه لازمي هئي، جيڪا مهرن جي گهٽ استعمال ڪري موجود نظر نٿي اچي.

Figure 6. Illustration of the Harappan boss on a stamp seal (coomaraswamy 1929)

مهرن جي مختلف قسمن ۾ ڌار ڌار شيون ڪم آندل ٿيون ڏسجن، جن جي شڪل ۽ استعمال به ڌار ڌار آهي. في الحال اسين انهن کي شڪل ۽ صورت جي ڪري، مهرن جي زمري ۾ داخل ڪريون ٿا ۽ کين مهرون سمجهڻ ڪري ٿوري، وقت لاءِ اُنهن جو استعمال به مهرن وارو تسليم ڪريون ٿا. هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته الهڏني ساند واري ٺڪر جي مهر، اهڙيءَ سڃاڻ لاءِ ڪافي آهي، جنهن جو واسطو ٺپڻ واري استعمال سان ڪونه آهي.

هڙپا مان هٿ آيل مهرون گهڻن ئي قسمن جون آهن:

1. الف- سوراخدار بومبيءَ سان ٺپي طور استعمال واريون سنڌو- سڀيتا جون مهرون:

هڙپا جون ٺپڻ جي مقصد واريون مهرون، شڪل ۽ صورت ۾ گهٽ وڌ همچورس آهن، جن جي مٿئين پاسي سنڌو- لکت ۽ ان جي هيٺان عام طور تي جانور جي تصوير جو نشان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ان جي پٺئين پاسي کان بومبي آهي، جيڪا سنڌو- سڀيتا جي عام بومبين جهڙي آهي ۽ گهڻي مٿي ۽ واضح آهي. منجهس آرپار سوراخ ڏسجي ٿو ۽ سونهن ۽ سينگار جي مقصد سان مٿائنس جَهِري به ڪڍيل آهي، جيڪا سوراخ مٿان گونيءَ ڪنڊ تي ڏسجي ٿي. بومبيءَ ۾ سوراخ انهيءَ مقصد سان ڪڍيو ويو آهي ته جيئن انهيءَ ۾ ڏوري وجهي، مهر جي محفوظ ڪري رکڻ لاءِ ڪٿي ٽنگي ڇڏجي (figure-6).مهرن جو گهڻو تعداد ابرق پٿر يا ڪنهن ٻئي اهڙي نرم قسم جي پٿر سان تعلق رکي ٿو. ڪي مهرون ٺڪر جون ۽ ٿوريون ڪجهه ٽامي جون به آهن. ٻه مهرون چانديءَ جون به مليون آهن (مئڪي 38-1937: 348- پليٽ 1-x ۽ پليٽ 520- xcv)

1- الف، I- هڙپا جي سوراخدار بومبيءَ سان ٺپي واري مهر:

سنڌو- سڀيتا جي اهم لکت، اهڙين شين تي به ڏسڻ ۾ اچي ٿي جن کي ٺپڻ جي مقصدن سان ڪم ايندڙ معياري مهرون سڏيو ويندو آهي. هن قسم جي مهر جي مٿئين پاسي لکت جي هڪ شڪل ڪڍيل آهي. ان جي هيٺان عام نشان (device) ڏاند جي شڪل آهي، جيڪو ڪڏهن هڪ سڱيو ته ڪڏهن ڪونهٽ وارو (Zebu) ڍڳو هوندو آهي. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ئي جانور جهڙوڪ: ننڍن سڱن وارو ڏاند، هاٿي، گينڊو ۽ چيتو پڻ نظر ايندا آهن Figure 7) پليٽ 2 ۽ 3). انهن مهرن جي ماپ به ڌار ڌار آهي جيڪا هڪ سينٽي ميٽر کان ستن سينٽي ميٽرن تائين آهي (مئڪي 1931: 372).

مهرن ۾ هڪ سڱيو ڍڳو ۽ بنا ڪونهٽ وارو ڏاند، پاسيرا ٺپيل آهن، جنهن ڪري انهن جو فقط هڪ سڱ نظر اچي رهيو آهي. اهڙيون تصويرون تمام گهڻيون آهن ۽ 1814 مان، 1159 مهرن تي اهڙن ڍڳن جي تصوير نظر اچي ٿي، ڏسو ٽيبل 4 جنهن ۾ مختلف قسم جي جانورن وارين مهرن جو وچور ڏنو ويو آهي. انهن جي ڀيٽ ۾ ڪونهٽ واري ڍڳي جي مهرن جو تعداد فقط 54 آهي. اهڙيءَ ريت هاٿيءَ جي تصوير وارين مهرن جو تعداد 55 کن ٿيندو، جڏهن ته ننڍن سڱن واري ڏاند جي تصوير سان مهرن جو تعداد 95 آهي.

هڪ سڱئي ڍڳي جي تصوير واري مهر:

ٺپيل مهرن ۾، هڪ سڱئي ڏاند جي تصوير تمام گهڻي آهي، تنهن ڪري اُن جو اضافي بيان ڪرڻ ضروري آهي. هن جانور جو ’هڪ سڱيو‘ (Unicorn) نالو غلط آهي، ڇاڪاڻ ته هن حقيقت کي ڪنهن به ماهر ثابت ئي ڪونه ڪيو آهي ته واقعي هن قسم جي ڍڳي کي هڪ سڱ (تصوير نمبر 83) آهي. عام طور ائين سمجهيو ويندو آهي ته هنن مهرن ۾ نظر ايندڙ ڍڳو، الهنديءَ ثقافت وارو بنا ڪونهٽ جي (Bos Taurus) ڍڳو آهي ۽ هڪ سڱ نظر اچڻ واري سندس هڪ خاص طرز آهي، پر جيئن ته مهر ۾ جانور کي پاسيرو ڪري ڏيکاريو ويو آهي، تنهن ڪري سندس ٻيو سڱ سامهون نظر ايندڙ سڱ جي اوٽ ۾ ڍڪجي ويو آهي، ميسوپوٽئميا جي فن ۾ به اهڙي طرز ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

Figure 7. Various standard stamp with an Harappan boss [(a) Mackay 1937-38: Pl. XCIX 680; (b) Marshall 1931a Pl. CV, 52; (c) Marshall 1931a: Pl. CXI 326; (d) Mackay 1937-38: Pl. XCVI 534; (e) Mackay 1937-38: Pl. XCIX 648; (j) Marshall 1931a: Pl. CXI 340; (g) Marshall 1931a: Pl. CXI 342]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org