سيڪشن؛تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب؛

صفحو؛1

هالا جا رنگ هزار

محمد حبيب سنائي

 

 

پيغام

مٽياري ضلعي حڪومت جي لاءِ اها ڳالهه باعثِ افتخار آهي جو مٽياري ڪتاب دوست پروگرام ذريعي ضلعي جي علمي و تاريخي ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پهريون قدم کنيو. اسان جي اها ننڍي ڪوشش عالمن، اديبن، شاعرن ۽ تاريخدانن جي قلمي پورهئي کي شايع ڪري عام عوام تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ

     ضلع ناظم مٽياري

 

سهيڙيندڙ پاران

 

هالا هڪ قديم وسندي آهي. انجي حوالي سان ڪافي مواد ڪافي ڪتابن ۾ ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. مون ڪوشش ڪري اهم تاريخي ڪتابن مان هالا جي حوالي سان مواد هن مجموعي ۾ شامل ڪيو آهي، ته جيئن مستقبل جي مؤرخ توڙي عام پڙهندڙ کي ڪافي سارو مواد هڪ جاءِ تي ملي پوي. اميد اٿم ته هيءُ ڪتاب اڳتي هلي بنيادي ماخذ يا سورس مٽيرل طور ڪم ايندو.

اوهان کي ڪن هنڌن تي ورجايل ڳالهيون به ملنديون. اصل ۾ اسان نامور ڪتابن تان مواد جيئن جو تيئن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري ڪن شخصيتن جي ذڪر ۾ ورجاءُ ٿي ويو آهي. اميد ته فاضل پڙهندڙ انهيءَ سهو کي معاف فرمائيندا.

آئون محترم ذوالفقارعلي ابڙي ۽ ننڍڙي برڪت علي شيخ جو ٿورائتو آهيان، جن هيءُ مواد بنا معاوضي مون کي ڪمپوز ڪري ڏنو.

نومبر  2007                          محمد حبيب سنائي

                                            هالا پراڻا

مير علي شير قانع ٺٽوي

هالا ڪنڊي پرڳڻي جا ڳوٺ ۽ اتي جا بزرگ

هالا ڪنڊي (هالا)

هڪ ناليرو شهر ۽ خدا وارن جو آرامگاه آهي. هن وقت نئون ٻڌل آهي. ڪيئي دفعا دريا جي اٿل سبب اتي جي رهاڪن کي لڏڻو پيو آهي.

مخدوم اسحاق. اصل قوم ڀٽي، شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي خاندان جو مريد، فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بينظير، ۽ الله تعاليٰ جي وڏن ولين مان هو. سندن ڪرامتون ۽ مناقب ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد سندس پٽ آهن، جن جو بيان اڳتي ايندو.

مخدوم احمد. هڪ تمام وڏو ولي آهي. هو هميشه گوشه گمناميءَ ۾ وقت گذاريندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ذڪر ۽ سماع جي مجلس ۾ ويندو هو ته مٿس اهڙي ته حالت پيدا ٿيندي هئي، جا بيان کان ٻاهر آهي.

سندس هڪڙي ڪرامت هيءَ آهي ته هڪ وڏيري جي پٽ کي اچي موتمار بيماري ٿي، هن مخدوم احمد کي خدا وارن جي جماعت سميت دعوت ڪئي. ماني کڻي آيا ته مخدوم ٻن ٻن کي گڏجي ويهڻ جو امر ڪيو ، ۽ پاڻ اڪيلو رهجي ويو. پاڻ رڪن نالي خادم کي فرمايائون ته ”هن دعوت ڪندڙ ماڻهوءَ جي پٽ کي وٺي اچ ته مون سان گڏجي کائي. قضا الاهيءَ سان انهيءَ وقت اهو ڇوڪرو فوت ٿي ويو هو پر پڻس انهي بزرگ جي تشريف آوريءَ جو ملاحظه ڪري، ]اها ڳالهه[ ظاهر نه ڪئي هئي. هن (خادم) وراڻيو ته ”سندس حالت سخت آهي، اچي ڪين سگھندو.“ مخدوم فرمايو ته ”انهيءَ کان سواءِ ڪين کائيندس.“ نيٺ اهو رڪن ڇوڪري جي مٿان ويو ۽ هو مخدوم جي پيغام تي يڪدم جيئرو ٿي اٿي ويهي رهيو ۽ مخدوم جي خدمت ۾ حاضر ٿي ساڻس گڏ کاڌائين – [وڌيڪ[ ٻڌايائين ته ”منهنجو روح قبض ڪري چوٿين آسمان تي کڻي ويا هئا ، جتان مخدوم هتي موٽائي آندو آهي.“

چون ٿا ته هو پوين ڏينهن ۾ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) آيو. اتفاقن هڪ سوناري سماع جي مجلس ۾ هڪ بيت سوز گذار سان پڙهيو، جنهن جي ٻڌڻ سان مخدوم ساهه ڏنو. سندس جنازو هالا ڪنڊيءَ کڻي آيا. نقل آهي ته رستي ۾ انهيءَ مان ذڪر جلي ڏاڍيان ٻڌڻ ۾ ٿي آيو.

هن ظاهري علم ۽ باطني علم جا ڪي نڪتا مخدوم عبدالرشيد جي خدمت مان پرايا هئا. سندس وفات سنه 936 هه ۾ ٿي.

مخدوم فتح الله. سندس فرزند رشيد مخدوم فتح الله پيءُ جي رحلت کان پوءِ وڏن واري پيروي اختيار ڪري، ارشاد جي مسند چڱيءَ طرح هلائي.

مخدوم احمد ثاني. تنهن کان پوءِ، مخدوم فتح الله جي پٽ مخدوم احمد ثانيءَ، ولايت ۽ ڪماليت جي گاديءَ تي ويهي، پنهنجا برڪت ڀريا وقت ڏاڍي هدايت ۽ ارشاد سان گذاريا.

مخدوم عبدالحميد. انهيءَ کان پوءِ، هن جو پٽ مخدوم عبدالحميد، جو سهڻين صفتن ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو، وڏن جو نالو تمام سهڻي نموني ۾ روشن ڪندو رهيو.

           مخدوم عمر. کانئس پوءِ، سندس پٽ مخدوم عمر، ڏاڍو هدايت وارو، پنهنجي وقت جو نامور ۽ معرفت جي رستي جو سالڪ پيدا ٿيو. هن سڳوري جون ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. هن ٽي پٽ - هر هڪ مخدوم حسين، مخدوم ابراهيم ۽ مخدوم عبدالرؤف - ڇڏيا.

مخدوم ابراهيم ولد مخدوم عمر حال ۽ ڪمال جو صاحب ٿي گذريو آهي.

مخدوم فتح الله (ثاني). سندس، ڪمال جي زيور سان سينگاريل فرزند، مخدوم فتح الله، يقين جي رستي ۾، پنهنجن وڏن جي سلوڪ واري واٽ وٺي ، چڱيءَ طرح هليو.

مخدوم عبدالحميد ثاني. هو گذاري ويو ته سندس فرزند مخدوم عبدالحميد ثاني وڏن واريءَ ارشاد جي گاديءَ تي ويٺو. هن جي ذات گرامي اڄوڪي وقت ۾ خالص تبرڪ ۽ نج غنيمت هئي. مخدوم عبدالرؤف - جنهن جو بيان اڳتي ايندو - کان پوءِ عقيدتمندن کي عجيب فيض ڏنائين. هو مدينه منوره ۾ گذاري ويو.

مخدوم رحمت الله. کانئس پوءِ سندس پٽ مخدوم رحمت الله، خدا جي خاص رحمت ۽ ڪمال ۽ فيض جي وصفن  سان سينگاريل هو. هو ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويو.

مخدوم عبدالرؤف. مٿئين مخدوم عمر جو فرزند پنهنجي وقت جو عارف ۽ ڪامل ٿيو. هو اڄوڪي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز رهيو. سمجھ واري ٿيڻ کان وٺي وفات جي وقت تائين سمورو وقت سندن اخلاق سهڻا رهيا، ۽ هميشه عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو.

سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد هن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو، ۽ سندس اکر اکر جي تابعداريءَ واسطي دل و جان سان تيار رهندو هو. هو سنه 1166 هه ۾ وڃي خدا جي رحمت سان واصل ٿيو. هالن جي قاضي زادي شيخ ابراهيم هن جي تاريخ ”کان وليا رؤف الخلق (هو هڪ، خلق تي نهايت مهربان ولي هو.) ]مان ڪڍي آهي[ ۽ محمد پناه رجا ٺٽويءَ سندس چونڊ حالات هڪ بليغ شعر ۾ نظم ڪيا آهن ، پر طوالت جي خوف کان هتي ذڪر نٿا ڪريون.

کانئس پوءِ ڪو فرزند ڪو نه رهيو.

مخدوم نعمت الله. هاڻي مٿئين مخدوم عبدالحميد ثانيءَ جو فرزند مخدوم نعمت الله، ڏاڍيءَ بزرگيءَ ۽ ڪمال سان وڏن جي گاديءَ کي سينگاري رهيو آهي ۽ حال جو صاحب آهي.

حاجي دين محمد. حاجي دين محمد پڻ مخدوم عبدالحميد جو فرزند ۽ انساني ڪماليتن سان موصوف آهي .... (1) جو وڏو ڀاءُ مخدوم عبدالحميد، مخدوم عبدالرؤف جي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجو وارو ڏاڍي بزرگيءَ سان وڄائي گذاري ويو هو.

مخدوم محمد. مٿئين مخدوم اسحاق جو ٻيو فرزند، ]ظاهري[ علمن جي تحصيل ڪماليت جي درجي کي پهچائي، باطن جي صفائيءَ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئائين. اڪثر خلق لله جي ڪمن ڪارين سان، خدا ڪارڻ، حاڪمن وٽ ايندو ويندو رهندو هو. ظاهري شرع جي مخالفت سهي ڪين سگھندو هو. هڪ وقت ڪنهن حاجتمند جي ڪم سان ڄام نظام الدين وٽ ٺٽي آيو هو. ڄام چيس ته ”تنهنجي ڀاءُ مخدوم احمد جي ڏاڍي تعريف ٻڌي اٿم. هن جي زيارت جو ڏاڍو شوق اٿم، تنهنڪري جيستائين هو اچي، تيستائين تون هتي ترسي پوءُ.“ فرمايائين ته منهنجي ڀاءُ کي نه تنهنجي پرواهه آهي، نه منهنجي. انهيءَ گفتگو ۾ هئا ته مخدوم احمد اچي ڄام جي مجلس ۾ وارد ٿيو. ڄام سندس زيارت ڪري، ڏاڍي عقيدتمندانه خدمت ڪئي. موٽڻ وقت مخدوم احمد ڀاءُ کي چيو ته اچ ته جئن آيو آهيان تئن زمين کي سوڙهو ڪري هلي هالين پهچون، ۽ ٽپهريءَ جي نماز اتي ادا ڪريون. مخدوم وراڻيو ته توهان مرضيءَ جا مالڪ آهيو باقي مان ته في سبيل الله پنڌ ۽ محنت جي تڪليف (جو ثواب) هٿان ڪو نه ڇڏيندس.

هن بزرگ جي اولاد ۾ پڻ معرفت جي رستي جا سالڪ ۽ وڏا وڏا عارف پيدا ٿيا آهن.

مخدوم محمد يوسف. مخدوم عبدالرؤف واري وقت جي لڳ ڀڳ، خاص ڪرامتن جو صاحب ٿي گذريو آهي. هڪ دفعي پنهنجي تصرف سان درياء کي آڻي بازار ۾ وهايو هئائين.

مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب. مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب پڻ هر هڪ پنهنجي وقت جو ڪامل هو.

مخدوم عبدالرشيد. هڪ وڏو عالم ۽ ڏاڍو متقي هو. ]ماڻهن جي[ وڏي جماعت کانئس علمي خواه عملي ڪمال پرائي، پنهنجي وقت ۾ هدايت واري ٿي. مٿيان مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد پڻ انهن مان آهن.

درويش زڪريا. مٿئين مخدوم اسحاق جو ڀائٽيو، هدايت جي راهه جو سالڪ  ۽ خدا آگاه هو.

شيخ فخرالدين صغير. شيخ ابو نجيب سهرورديءَ جي اولاد مان، وڏي ۾ وڏو ولي ۽ هدايت جي رستن جو وڏي ۾ وڏو ڄاڻو، سالڪ هو. هالن ۾ آرامي آهي. هو مخدوم نوح جو پنجون ڏاڏو آهي. سندس زيارت اهل دل لاءِ فخر آهي، ۽ سندس درگاه ۾ ايترو ته قبوليت جو فيض آهي، جو اتي سوالين جو هر مشڪل حل ٿئي ٿو.

شيخ ابوبڪر. هالن جو هڪ ڪامل ۽ جھونو ولي آهي. انهيءَ سر زمين ۾ سندس مزار اهل الله جو زيارتگاه آهي. مخدوم نوح جو ستون ڏاڏو شيخ فخرالدين ثاني پڻ انهيءَ سڳوري جي مقبري ۾ دفن ٿيل آهي.

درويش رڪن ڀرا. مخدوم احمد جو خاص خادم ۽ (خدا) جي دائمي رضا ۽ قرب جي رستي جو واصل هو.

مخدوم عربي ڌياڻو. پير آسات جو ڀاءُ آهي، جو مڪليءَ تي آرامي آهي - ۽ اڳتي بيان ٿيندو.

چون ٿا ته هڪ هنڌ ويهي قرآن شريف جا 140 ختما ڪڍيا هئائين. جڏهن قرآن پڙهندو هو،  تڏهن پکي اڏامڻ کان ۽ پاڻي وهڻ کان بيهي ويندو هو. هڪ ڏينهن پنهنجي خانقاه ۾ ويٺو هو ته اوچتو سندس هٿ سمنڊ جي گجيءَ ۾ ڀرجي پيو ۽ انهيءَ مان پاڻيءَ جا ڪي قطرا هيٺ ٽميا. هڪ حال محرم خادم ڏاڍيءَ عاجزيءَ سان هن راز جي حقيقت پڇي. فرمايائين ته ”منهنجو پٽ بايزيد حجاز جي سر زمين ۾ منهنجن معتقدن جي هڪ ٽوليءَ سان سمنڊ ۾ سوار آهي. اوچتو ٻيڙي ڪُنَ ۾ غرق ٿيڻ لڳي. انهيءَ جماعت منهنجي پٽ کي سفارشي بنائي باس باسي، تنهنڪري هٿ هڻي ٻيڙيءَ کي ڪُنَ مان ڪڍي ڪناري تي پهچائي ڇڏيم.“ ٿوري وقت کان پوءِ اهي ماڻهو نذر کڻي آيا ۽ احوال ڪيائون ته ”جڏهن ٻيڙيءَ مان آسرو پليوسين، تڏهن هڪڙي غيبي هٿ اسان جي ٻيڙيءَ کي اچي ڪُنَ مان ٻاهر ڪڍيو.“ سنه 980هه ۾ گذاري ويو.(2) هالن ۾ دفن ٿيل آهي.

مخدوم بايزيد. مخدوم بايزيد مٿئين مخدوم عربيءَ جو فرزند آهي، پنهنجي پيءُ کان چڱو بهرو پرائي، سچ، استقامت، هدايت ۽ فيض جي رستي تي مستقيم رهي، طالبن کي ڏاڍو فائدو رسائيندو رهيو. هاڻي سندس اولاد مان محمد عالم نالي هڪ ماڻهو جيئرو آهي. هو سيد عبداللطيف تارڪيءَ جو خليفو ۽ سندس فقيرن جي جماعت ۾ داخل آهي.

مخدوم مولانا ابوبڪر بن دائود بريد هالائي. بلند مقامن ۽ احوالن جو صاحب هو. مخدوم نوح وٽانئس فيض پرايو هو.

سيد عبداللطيف حسيني. اتي جي جھونن بزرگن مان آهي. سندن مقام علحده عام خلق الله جو زيارتگاه آهي. هو گھڻو اولاد ڇڏي ويو، جن مان هاڻي سيد فتح محمد گادي نشين آهي. هن جو ٻيو اولاد متفرق ڳوٺن ۾ خصوصن ڪجن جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.

مخدوم نوح ولد نعمت الله. هو صديقي نسب جو آهي. مشرق ۽ مغرب جي امام پنهنجي پيڙهي پاڻ هن طرح ٻڌائي آهي: نوح بن نعمت الله بن اسحاق بن شهاب الدين بن مخدوم سرور بن شيخ فخر الدين صغير - جو هالن ۾ مدفون آهي - بن  شيخ عز الدين بن شيخ فخرالدين ثاني - جو شيخ ابوبڪر جي مقام ۾ دفن آهي، بن شيخ ابوبڪر ڪتابي - ڪوٽ ڪروڙ جو رهندڙ - بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصيرالدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ ابو نجيب ضياء الدين عبدالقاهر سهروردي رحمة الله عليه - جو سهروردي سلسلي جو منڍ آهي ۽ مخدوم نوح تي سهروردي طريقو ختم آهي. اهو شيخ ابو نجيب بن شيخ ابراهيم بن شيخ وجھ الدين بن شيخ محمد عمر بن شيخ عبد الله بن شيخ رضاء الدين محمد بن شيخ مسعود بن شريف ابو القاسم بن شيخ محمد عمر بن حضرت عبدالرحمٰن بن امير المونين حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه ۽ حضرت شيخ شهاب الدين، شيخ عبدالله بن شيخ ابراهيم بن وجھ الدين جو فرزند آهي. ستن ڏينهن جو هو ته نماز جي ٻانگ ٻڌي تمام چٽيءَ زبان سان ڪلمو طيب پڙهيو هئائين. کانئس روايت آهي ته چيائين: ”چوڏهن سالن جي عمر ۾ مون کي جيڪي ملڻو هو سو حضرت عليءَ کان مليو. نقل آهي ته ارڙهن سالن جي عمر ۾ هڪ ڏينهن مخدوم عربيءَ سان گڏ خانقاهه ۾ مراقبي ۾ مشغول هو. مخدوم عربي قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيو هو. هُو اٺاويهين سيپاري تي پهتو هو ته هن کي عالم بالا جو شوق دامنگير ٿيو، ]سو ڇا ڪيائين جو[ مخدوم عربيءَ جي قرآن شريف ٻڌڻ جي ادب جو خيال رکي، ظاهري جسم اتي ڇڏي پاڻ آسمان جي سير تي هليو ويو، ۽ مخدوم عربيءَ ختم پورو نه ڪيو هو ته موٽي آيو. فقير بهاوالدين گودڙيو چوي ٿو ته هڪڙي ڏينهن ٺٽي ۾ سيد علي شيرازيءَ جي فرزند سيد جلال جي جاءِ تي ويٺا هئاسون ته مخدوم فرمايو ته حضرت ابوبڪر رضي الله عنه ۽ حضرت علي رضي الله عنه اچي لنگھيا. حضرت علي تڪڙو اچي فرمايو ته اٿ جو توکي ]حضرت[ محمد رسول الله سڏي ٿو ۽ حضرت ابوبڪر آهستي آهستي اچي رهيو هو. حڪم موجب روانو ٿيس ته ائين ڏسڻ ۾ آيم گويا لڪي جبل تي چڙهي رهيو هوس. آخر جڏهن مجلس ۾ پهتس تڏهن حضرت عيسيٰ کي ويٺل ڏٺم. اوچتو مون کي هڪ لکيل ڦرهي هٿ ۾ ملي ۽ حضرت عيسيٰ کان سبق ورتم. مٿو مٿي کنيم ته حضرت رسول ڪريم تي نظر پيم (ڏٺم) ته پاڻ گوڏا اونڌا ڪيو ويٺا آهن. مون آنحضرت  صلي الله عليه وسلم[ ڏانهن توجھ ڪري نئين سر سبق پڙهيو. حضرت ابوبڪر فرمايو ته يا رسول الله هيءُ منهنجو اولاد آهي. چون ٿا ته هيءُ حضرت (مخدوم نوح) ڪنهن وقت ٺٽي آيو. ظاهر جي عالمن ٻڌو هو ته هن ڪجھ پڙهيو ڪونهي، تڏهن به قرآن شريف جي آيتن جون معنائون چڱيءَ طرح بيان ٿو ڪري. سو هو (گڏجي) سندس ڏسڻ لاءِ ويا. (انهيءَ وقت) مخدوم هڪڙيءَ آيت جي تفسير ۾ مشغول هو. راوي چوي ٿو ته مون کي تسبيح هٿ ۾ هئي ۽ هر معنيٰ تي داڻو ڦيرائيندو ٿي ويس. جڏهن ماٺ ڪيائين، تڏهن ڳڻيم ته جملي اسي داڻا ٿيا هئا. جئن ته سندس عادتن ۽ ڪرامتن جي بيان لاءِ خلاصو ڪتاب گھرجي، تنهنڪري هن مختصر ۽ هن قدر تي اڪتفا ڪجي ٿي. سندس وفات خميس جي ڏينهن، 27 ذي القعد سنه 998 ۾ ٿي، ۽ هن جي درگاهه هالن جي شهر ۾ مشهور ٿي.

مخدوم جلال. سندس فرزند رشيد مخدوم جلال بزرگيءَ ۽ شايستگيءَ جي نشانين ۽ ڪمال جي خوبين ۾ بيمثال  ٿي گذريو آهي.

ميان ابراهيم. سندس ڀاءُ ميان ابراهيم هو، جو پڻ وقت جو بزرگ ۽ فقيرن جي جماعت جو مرشد هو.

ميان محمد زمان. هاڻي ميان محمد زمان وقت جو پيرزادو ۽ مخدوم مرحوم جو گادي نشين آهي.

مخدوم صدر الدين راهوتي. هالا پرڳڻي جي پسگردائيءَ ۾ جائيه ڳوٺ ۾ رهندو هو. هميشه وعظ فرمائيندو هو، جنهن ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو. چتين پيل ٽوپيءَ کان سواءِ نه ڍڪيندو هو. سندس بلند درجي جا احوال مشهور آهن ۽ سچن جي جماعت ۾ سندس ڪمالات جي يگانگي معروف آهي.

مخدوم مراد. سندس فرزند رشيد مخدوم مراد هڪ وڏو عالم ۽ نهايت پرهيز گار هو. هو حسن مقري درويش (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) سان همعصر هو.

قاضي منور. قاضي منور مخدوم مراد جي اولاد مان هو. چون ٿا ته هڪ ڏينهن قيمتي لباس پهريو رستو وٺيو ٿي ويو ته سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري کيس ڏسي چيو ته تنهنجو ڏاڏو ته چتين لڳل ٽوپيءَ کان سواءِ ڪين پهريندو هو، توکي هيءُ ڪنهن کان ورثو مليو آهي. ايتري چوڻ تي مٿس ڏاڍو اثر ٿيو ۽ وڃي سلوڪ وارن جي سلسلي ۾ شامل ٿيو.

شاهه ديوانه هالائي. هڪ وڏو مشائخ ۽ ڏاڍين ڪرامتن جو صاحب آهي. مخدوم عربيءَ سان گڏ دفن ٿيل آهي.

درويش قاسم. ڌنڌو ڪورڪو هوندو هوس، پر مخدوم نوح جي مريديءَ جي برڪت سان معرفت جي ڪارخاني مان وڏو نصيب پرائي، حقيقت جي تانيءَ ۽ پيٽي کان خوب واقف ٿيو هو.

مخفي نه رهي ته جڏهن الله پاڪ جي توفيق سان هالن جي مبارڪ سر زمين جي ڪن حقيقت وارن جي مختصر احوال کان فراغت ٿي، تڏهن ان جي آسپاس جي ڳوٺن جي ڪن چونڊ خدا وارن جو ذڪر ڪجي ٿو ۽ بزرگن جي روحن کان توفيق ۽ امداد جي درخواست آهي  والله علم بالصواب (سنئين راه خدا کي معلوم آهي)

ڀاڻوٺ ( مشهور ڳوٺ آهي )

درويش حسن مقري. اصل واڍو هو، دل جي ڦرهيءَ کي صفائيءَ جي رندي سان لسو ڪري، چٽي، سينگاريو هئائين. چون ٿا ته هڪ طهارتخانو هوندو هوس، ۽ جڏهن به وضو ڪرڻ لاءِ انهيءَ ۾ ويندو هو، تڏهن بيخود ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن هن جو هڪ مائٽ ڊکڻ سندس ملاقات لاءِ آيو. اتفاَقن درويش ظهارتخاني ۾ وضوءَ لاءِ ويل هو. هن اندر وڃي ڏٺو ته درويش ٽڪر ٽڪر ٿيو پيو هو. هو دهشت کان ٻاهر نڪري آيو. هڪ ڏينهن ٻپهريءَ جي وقت ڪؤنرو هٿ ۾ کڻي وضو ڪرڻ ويٺو. هٿن تي پاڻي هارڻ ٿي گھريائين ته هوڏانهن ٻانگي ٻانگ شروع ڪئي. درويش بيخود ٿي ويو ۽ باقي ڏينهن ۽ رات ٻئي ڏينهن جي ٻپهريءَ تائين بيهوش پيو هو. ڪنهن کي به هوش ۾ آڻڻ جي طاقت نه ٿي. ٻئي ڏينهن جڏهن ٻانگي ساڳئي وقت جي ٻانگ شروع ڪئي، تڏهن هوش ۾ اچي پڇيائين ته شايد اڃا ٻانگي ٻانگ پوري نه ڪئي آهي؟“

هڪ ڏيهن مخدوم مراد ولد مخدوم صدرالدين راهوتي سندس زيارت لاءِ آيو، ۽ جئن سواريءَ جو ڍڳو ٻاهر ٻڌي هن جي حاضريءَ ۾ آيو، ته خادمن ٻڌايس ته ستن ڏينهن کان درويش وضوخاني ۾ ويٺل آهي. اهو ٻڌي حيران ٿيو. ايتري ۾ درويش به ٻاهر نڪري آيو. مخدوم چيس ته ”ست ڏينهن فرض (خدا جا) وڃايا اٿيئي.“ فرمايائين ته ”تون پنهنجي ڍڳي جي وڃي خبر لهه، هن ڳالهه ۾ ڇو پيو آهين؟“ اتفاقن مخدوم کي اچي ٻڌايائون ته سندس ڍڳو گم ٿي ويو آهي. ڏاڍيءَ ڳولا کان پوءِ ڍڳو لهي، پنهنجيءَ جاءِ تي هليو ويو ۽ وري فقير تي اعتراض نه ڪيائين.

خانوٺ (کاڻوٺ)

مشهور ڳوٺ آهي - اتي جا رهاڪو سيد اصل متعلوي (مٽياري) آهن.

چاندو شاهه. هاڻي تازو ڏاڍو حال جو صاحب ۽ سلوڪ جي رستي جو واقف ٿي گذريو آهي. هو نهال شاه مداريءَ جو معتقد ۽ خليفو هو - جو گنجي ٽڪر تي آرامي آهي ۽ اڳتي بيان ٿيندو.

ڀٽ

        هالن کان ٽن ڪوهن تي هيٺاهين زمين ۾ آهي جا هالن جي تابع آهي.

        سيد شاهه عبداللطيف. سيد شاهه عبداللطيف جو آرامگاه محترم ۽ مزار مبارڪ اتي جي عجائبات مان آهي. هو سڳورو سيد عبدالڪريم جي اولاد مان سيد حبيب شاهه جو فرزند تارڪ (جي لقب سان) مشهور آهي. سيد حبيب شاهه خدا وارو مرد هو. سندس فوت ٿيڻ جي تاريخ ”الموت جسر يوصل الحبيب اليٰ لقاء الحبيب“ (موت هڪ پل آهي جا دوست کي دوست جي ملاقات ڏانهن رسائي ٿي) آهي. هن زماني ۾ شاهه عبداللطيف سان ولايت ۾ مٽ ڪوبه ڪونه آهي. سندس ڪرامتن جون نشانيون ۽ مناقبن جون خبرون سج کان به وڌيڪ ظاهر آهن. هن مختصر ۾ ڪيتريون ماپنديون. امي هجڻ جي باوجود به خدا تعاليٰ سندس سيني جي ڦرهيءَ تي سڀ علم لکي ڇڏيا هئا. چون ٿا ته مرزا (مغل) بيگ ارغون جنهن جي نياڻي حضرت جي نڪاح ۾ هئي سو پهريون سندس ڏاڍو دشمن هو. جڏهن وفات ڪيائين ته حضرت جي هڪ مريد ”بود خبيث“ جي جملي مان سندس تاريخ ڪڍي هئي. هن عارف ڪامل هيءُ ٻڌي في البديهه فرمايو ته ائين چوڻ نه گھرجي بلڪ چئو ته ”يڪ مغل به بوده“ - حساب ڪيائون ته ٺيڪ ساڳئي سال جي تاريخ  نڪري آئي. حقيقت هيءَ آهي ته امي ماڻهوءَ کان ههڙو واقعو صادر ٿيڻ ڪرامت کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي.

        جنهن ڏينهن هن دنيا مان لاڏاڻو فرمايائين انهيءَ ڏينهن سندس ماتم ۾ ڪيترن مريدن دم ڏنو - سندس مزار متبرڪ انهيءَ ڀٽ تي عجيب روح پرور ۽ باصفا جڳهه آهي - سندس قبر تي هڪ عاليشان قبو ٺهيل آهي. جيسلمير جي راجا نغارا نذر ڏنا آهن جي صبح و شام (وڄايا ويندا آهن) سندس درگاه تي عجيب ڪيفيت ۽ سرور، نهايت صفائي ۽ حضور ملي ٿو(3). 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org