11 May 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا ڪاتب

باب: --

صفحو :1

ٺٽي جا ڪاتب

محمد عبدالغفور

ڇپائيندڙ پاران

قومن جي ترقيءَ ۽ عظمت جو مـُـڪمل اندازو فقط انهيءَ ڳالهه مان نه ٿي سگهندو آهي، ته اُنهن ڪيترا هوائي جهاز ٺاهيا، بم جوڙيا ۽ مـُـلڪ فتح ڪيا، پر ڪنهن به قوم/سماج جي مرتبي جي ڪـَـٿَ ڪندي اُهو به ڏٺو ويندو آهي ته انهيءَ سماج علم، فن ۽ فڪر جي دُنيا ۾ ڪهڙين بلندين کي ڇـُـهيو ۽ ڪهڙا شاندار ليکڪ، مـُـفڪر، مصور ۽ ڪاتب وغيره پيدا ڪيا. عالمي تاريخ تي نظر وجهڻ سان پتو پوندو ته انساني سماج جي سڀني عظيم ترين تهذيبن عروج تڏهن حاصل ڪيو، جڏهن وٽن صنعت ۽ حرفت سان گڏ فن ۽ تخليق جي قوتن کي دوام حاصل ٿيو آهي. يعني وٽن مدرسن، مڪتبن، تربيت گاهن ۽ دانش گاهن سميت اهڙا ادارا قائم ٿيا آهن، جن پنهنجين تهذيبن کي هاڪاري رُخ ۾ هلائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي.

انهيءَ حوالي سان سنڌ جي تاريخ ۾ ٺٽي کي پڻ خصوصي مقام حاصل رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو اُهو شهر صدين جون صديون رڳو مادي ترقيءَ جو اُهڃاڻ ئي نه رهيو آهي، پر ان شهر ڪنهن به مـُـهذب معاشري جي تصوير ڪشي ڪندي زندگيءَ جي هر رُخ ۾ پورڻتا جي پـَـدَ کي ڇـُـهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهلِ تصوف ۽ صاحبِ شريعت پيدا ڪرڻ کان سواءِ سنڌ جي هن قديم راڄ ڌانيءَ شاعرن، تاريخ نويسن، مـُـفڪرن، مصورن، مـُـدبرن، محققن ۽ ڪاتبن کي جنم ڏيڻ ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪيو آهي. ويجهي ماضيءَ جون ڪئين صديون بي ڌيانيءَ جو مرڪز هوندي به، اڄ جڏهن ٺٽي ۽ آس پاس جي علائقي جو جائزو وٺجي ٿو، ته اُتي اُڪير، شبيهه ۽ ڪتابت جا اهڙا نادر نمونا مـُـيسر ٿين ٿا، جن کي ڏسي ڪنهن به انسان کي ڏندين آڱريون اچڻ لڳن ٿيون. مقبرن، مدفن ۽ مسجدن وغيره تي حيرت ڏياريندڙ هٿن، جنهن ڪمال سان پٿر ۾ حـُـسن جون دل نوازيون پيدا ڪيون آهن يا مسودن، مخطوطن ۽ ٻئي مواد جي روپ ۾ جيڪا تڪميل تخليق ڪئي آهي، سا سنڌ کي عظيم تهذيب جو گهوارو قرار ڏيڻ لاءِ هڪ سـَـنـَـدَ جو درجو بڻجي سگهجي ٿي.

قديم آثارن واري علم جي ماهر ڊاڪٽر عبدالغفور صاحب هن ڪتاب ۾ سنڌ جي نفيس فنن جي هڪ اهم شعبي “ڪتابت” جي فن بابت مختصر، پر جنهن ڀرپور محنت سان ناقابل ترديد تفصيل (Data) فراهم ڪيا ويا آهن، سي سنڌ ۽ ٺٽي بابت هڪ شاندار تصور جوڙڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. هـُـن صاحب سنڌي ڪاتبن جي ڪيل پورهيي جو علمي جائزو وٺندي، دُنيا کي ٻـُـڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي معاشرو رڳو اعليٰ اخلاقي گـُـڻن جي ڪري ننڍي کنڊ ۾ امتيازي حيثيت نٿو رکي، پر اُن کي لافاني فني ۽ تخليقي ورثن جو به وڏو خزانو حاصل آهي. ڊاڪٽر صاحب جي انهيءَ پورهيي کي اسان جي محترم سائين عطا محمد ڀنڀري صاحب انگريزيءَ مان سنڌيءَ جو روپ ڏيئي سنڌي ٻولي، فن ۽ ثقافت سان پنهنجي اڻميي پيار جو اظهار ڪيو آهي. ڀنڀري صاحب ڪتاب جي انگريزي متن جي روح کي برقرار رکندي، اُن کي نهايت ئي دلڪش انداز ۾ سنڌي ٻوليءَ جي آسان ترين قالب ۾ سمائي ڪتاب کي هر خاص و عام لاءِ پڙهڻ جوڳو بنائي ڇڏيو آهي.

هيءُ ڪتاب “هيريٽيج سوسائٽي، ٺٽه” پاران هلندڙ سال مجوزه “ٺٽه سيمينار” جي حوالي سان پڌرو ڪيو پيو وڃي. اُميد آهي ته ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان نه رڳو انهيءَ سيمينار جي ڪاميابيءَ ۾ اڳ ڀرائي ٿيندي، پر سنڌ جي مڙني علم دوستن کي به پنهنجي تاريخ ۽ ورثي کان واقف ٿيڻ ۾ سهوليت پيدا ٿيندي.

 

ڄامشورو

انعام الله شيخ

12 شوال 1425 هجري

سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ

بمطابق 25 نومبر 2004

 

 

سنڌيڪار جا ٻه اکر

لکت جي تاريخ ذري گهٽ ايتري پراڻي آهي، جيترو هن ڌرتيءَ تي انسان جو وجود قديم آهي. آهيڙي ۽ ڏوتي دور ۾ غارن ۾ رهندڙ انسان ذات پاڻ ۾ رابطي لاءِ تصويري شڪلين ۽ مخصوص نشانين کي ڪتب آڻڻ شروع ڪيو. جيڪا فڪري لکت ڪونه هئي. ان ريت تصويري شڪلين واري لکت (Pictograhic Script) جو دور شروع ٿئي ٿو.

1969ع ۾ زويل بل ڪاسل کي آمريءَ وارن قديم آثارن جي کوٽائي ڪندي، هڪ ٺڪر جي ٿانُ تي 3800 قبل مسيح واري سنڌي تصوري لکت (Indus Ideograhic Script) لڌي. جڏهن ته ان کان گهڻو اڳ کير ٿر جي جبلن واري سلسلي (Khir Thar Range) ۾ جبلن جي غارن منجهه چٽيل تصويري لکت (Pictograhic Script) جو ذڪر ڊاڪٽر اين. سي. مجمدار پنهنجي ڪتاب (Exploration in Sindh) ۾ ڪيو آهي، جنهن جو ترجمو راقم الحروف ڪيو آهي.

سنڌ جي لپيڪر (Scribe) تصويري لکت کان تصوري لکت تائين جيڪو سفر ٿيو آهي. ان جي سائنسي دڳ سان کوجنا نه ٿيڻ جي ڪري صحيح پتو پئجي نه سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ ڀانئيو/اندازو اهو آهي ته ”موهن جي دڙي شهر جي موجود اڏاوتن واري قديم آثارن جي بالڪل هيٺئين تهه جي جيڪڏهن کوٽائي ممڪن ٿئي، ته قديم سنڌو لکت (Ancient Indus Script) جو ڪي گم ٿيل ڪڙيون ملي وڃن“.

سنڌوءَ سڀيتا جون موهن جي دڙي واريون مهرون سمير جي صفا ڏکڻ واري شهر اُر (Ur) ۽ اروڪ (Uroke) مان مليون آهن، جن جو انگ 30 آهي. اهي مهرون ان قديم تـَـهه مان لڌيون آهن، جنهن جو لاڳاپو 2800 قبل مسيح سان آهي، ”اُر“ شهر حضرت ابراهيم عليه السلام جي جنم ڀومي آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام ان شهر ۾ 2100 - 2200 قبل مسيح ۾ جنم ورتو.

انهن مهرن وسيلي اها سـُـڌ پوي ٿي ته اهي مهرون سنڌ جي واپاري لوڪن سنڌ کان ”اُر“ شهر ۾ آنديون هيون. جيڪو ان دور ۾ سنڌين جي تجارتي ڪالوني هئي. ان جو سڌو مطلب اهو آهي ته سميري تهذيب جي صفا ڏاکڻين ڀاڱي واري اُر (Ur) شهر سان سنڌ جا تمام گهاٽا واپاري لاڳاپا هئا.

سنڌو لکت (Indus Script) جي هن وقت تائين ٿيل کوجنا پٽاندر سنڌو لکت جون گهڻيون مهرون (Indus Seals) موهن جي دڙي مان ئي لڌيون آهن.

 قديم مصر ۾ تصوير شڪلين واري لکت وڏي عرصي تائين موجود رهي آهي، جيڪا ايشيا جي وڏي حـصي ۾ هڪ زماني تائين رابطي ۽ باهم ڳانڍاپي جو ذريعو رهي آهي.

ويجهڙائي واري دور ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته تصويري لکت (Pictographic Script) جا بانيڪار ايراني نار (Persian gulf) جي مٿي (Head) واري حـصي جي سيلي زمين (Marsh Land) جا رهواسي هئا. اتان کان اها تصويري لکت وارو نمونو ايلم (Elam) ڏانهن چوٿين صديءَ جي آخر ۾ پکڙجي ويو. انهيءَ تصويري لکت (Pictographic Script) جو پهريون ڀيرو واهپو، سامي نسل جون ٻوليون (Semitic Language) ڳالهائيندڙن 2500 - 3000 قبل مسيح ۾ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته وٽن پنهنجي لکت جو ڪو به نمونو موجود ڪونه هو.

هيروڪليفي (Hieroclyphics) جنهن کي ايشيا مائنر (Asia Minor) جا ماڻهو ”هيرو غليفي“ (Hieroglyphics) چوندا آهن، سا تصويري لکت (Pictograhic Script) هئي ۽ اها لکت هڪ زماني تائين اولهه ايشيا جي ملڪن شام (Syria)، فلسطين (Palestine)، مصر (Egypt)، هتي (Hitti)، اسيريا (Assyria)، بئبلونيا (Bayblonia) ۽ دجله (Tigris) جي علائقن ۾ باهمي رابطي جو وسيلو رهي آهي. جڏهن ته ”هيرو غليفي“ لکت جون ترقي يافته شڪليون، ”هيرو تيقي“، فينيقي، ديموتيقي، آرامي ۽ نبطي آهن، آرامي ٻولي حضرت عيسيٰ عليه السلام جي اباڻي ٻولي آهي، جيڪا ان دور ۾ وچ اوڀر جي سمورن ڀاڱن، ملڪن جي اڪيلي، عوامي ۽ رابطي واري ٻولي (Link Language) هئي. ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ تصويري لکت جي انهن ترقي يافته شڪلين کي مشهور ماهر اينگلبرٽ ڪيمپفر (Engelbert Kampfer) ڪيوني فارم (Cuneiform) لکت جي نالي سان ڪوٺيو. انهيءَ جو هتي ذڪر ڪرڻ ان ڪري ضروري آهي ته انهيءَ ڪيوني فارم لکت مان ئي تصوري عربي لکت (Ideograhic Arabic Script) جو وجود آيو. اولهه ايشيا ۾ 900 کان 3500 قبل مسيح تائين ڪيوني فارم لکتي رابطي جو وسيلو رهي آهي. جڏهن ته ڪيوني فارم لکت ميسوپوٽيميا وارن شهرن جي حڪمران شهنشاهه حمورابيءَ جو پٿر جي ٺـُـلهن تي اُڪيريل قانون 2600 قبل مسيح ۾ نظر اچي ٿو. حضرت موسيٰ عليه السلام وٽ ڪوه طور تان موٽڻ مهل ٺڪر جي تختين تي لکيل ڪيوني فارم لکت ۾ بائبل پڻ نظر اچي ٿي.

اڻويهين صدي جي آخر ۾ ۽ 1907 ۾ هتي (Hitti) جي قديم تخت گاهه، بوغذ ڪيوئي (Boghaz Keui) مان بادشاهه ارزوا (King Arzwa) پاران 1380 قبل مسيح ۾ مصر جي فرعون آمن هاتپ چوٿين (Amenhotep IV)  ڏانهن لکيل ٺڪر جي تختين (Claytablets) جون مختلف نمونن جون تختيون مليون، جن تي ڪيوني فارم ۾ مختلف ٻولين جي لکت سان گڏ اڪادي ٻولي پڻ لکيل آهي. انهيءَ ڪيوني فارم لکت کي 600 - 800 قبل مسيح ۾ اخامينين بادشاهن (Acheamenian Kings) ايتري ترقي ڏياري جو يونانين انهيءَ لکت جي نمونن -  نشانن جا ترجما ڪيا. جيئن 1799ع ۾ مصر جي اسڪندريه واري علائقي جي هڪ شهر رشيده مان نيپولين (Nepoleoan) جي فوجن کي ڪارو پٿر “حجر الرشيد” لڌو، جنهن تي مختلف ٻولين جا لفظ اُڪيريل آهن. جن ۾ سڀني کان مٿي هيرو غليفي شڪلين وارا لفظ، ان کان هيٺ ليڪ (-) ڏئي، ديموديقيءَ (Demotic) ۾ ڪيوني فارم واري لکت آهي ۽ ان کان هيٺ يوناني (Greek) ٻولي جا لفظ لکيل آهن. ٻولين جا ماهر انهيءَ پٿر کي روزيٽا (Rosetta) چوندا آهن اهو پٿر حضرت عيسيٰ عليه السلام کان 300 کان 500 ورهيه اڳ جو آهي. 1801ع ۾ اهو پٿر برطانيه وارا کڻي ويا ۽ هن وقت اهو پٿر برٽش ميوزيم ۾ موجود آهي.

 سنڌ واسين تصويري لکت (Pictographic Script) کان تصوري لکت (Idographic Script) تائين جو سفر صدين ۾ پورو ڪيو. ويهين صديءَ جي ستين ڏهاڪي ۾ مسٽر زويل بل ڪاسل کي آمريءَ منجهان ٺڪر تي 3800 ورهيه قبل مسيح واري تصوري لکت (Idographic Script) لڀڻ سان تصويري لکت جي سنڌ ۾ قدامت جي سڌ پوي ٿي، موئن جي دڙي واري تصوري لکت  (Idograhic Script) به اوتري ئي قديم آهي.

سنڌو لکت (Indus Script) جي ان عام جائزي مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي، ته جنهن دور ۾ مصري، سميري، اڪادي، ڪنعاني، آشورين ۽ بابلي تهذيب رکندڙ قومون ۽ ملڪ تصويري لکت (Pictographic Script) پاڻ ۾ رابطو ڪري رهيا هئا ۽ ڪٿي ڪٿي انهيءَ تصويري لکت جي ٿوري ترقي يافتا شڪل ڪيوني فارم لکت (Cueniform) ۾ به لکپڙهه ڪري رهيا هئا، ان دور ۾ سنڌ ۾، سنڌو تصوري لکت (Indus Ideograhic) نه رڳو عام هو، پر سنڌو لکت ۾ مهرون، طغرا ۽ لوگها پڻ لکيا ۽ ٺاهيا ويندا هئا. جيڪا ڳالهه ڪنهن ٻوليءَ جي اوج جو پڻ ثبوت ڏي ٿي.

عبراني (Hebrew) ٻوليءَ واري لکت ڪنعاني لکت (Canaanite Script) جي هڪ قديم شڪل آهي. جنهن جي هڪ ٻي شڪل ”حيري“ (Hurrian) آهي. اُهوئي اصل عربي خط آهي جيڪو پوءِ مڪي خط ٿيو ۽ پوءِ مدني خط سڏيو ويو. انهيءَ حيري خط مان ”ڪوفي خط“ اُسريو، جيڪو اسلام جي اوائلي دور ۾ لکت لاءِ ڪتب ايندو رهيو. جيئن ته ابتدائي ڪوفي خط نقطن ۽ اعرابن کان وانجهيل رهيو، ان ڪري الهامي ڪتاب قرآن شريف کي پڙهڻ وارن خاص طرح سان غير عرب مسلمانن کي ڏکيائي ٿيندي هئي، ان ڪري پوءِ ”ابو الاسود“ عرب جو پهريون ديني عالم هو، جنهن قرآن شريف کي بنا ڪنهن چـُـڪ جي سولائي ۽ روانيءَ سان پڙهڻ لاءِ ڪجهه علامتون ٺاهيون نقطا ڏنا. بنو اميه جي خليفي عبدالملڪ بن مروان کي عراق جي گورنر حجاج بن يوسف ثقفيءَ کي لکڻو پئجي ويو هو، ته “ابن الاسود” جي نشانين مان هو مطمئن ناهي، ان کان پوءِ “نصر بن عاصم” ملندڙ جلندڙ حرفن ۾ فرق ڪرڻ لاءِ هڪ - ٻه ۽ ٽي نقطا مقرر ڪيا- اهو 72 هه جو زمانو آهي. نقطن ڏيڻ وارو اهو خيال کين ڪلداني (Chaldiaous) ۽ سـُـرياني (Syrians) ٻولين جي لکت مان آيو هوندو، جيڪا لکت ۾ نقطن واري هئي. ان کان پوءِ گهڻي زماني کان پوءِ 310 هه/922ع ۾ “ابن مقله” عربي حروف تهجي (Alphabate) جو قاعدو جوڙيو، اعرابن ۽ نقطن واري رهيل ڪم کي ڪامليت بخشڻ سان گڏ عربي خطاطيءَ جا ڪيترائي نوان اسلوب ۽ اصول ايجاد ڪيا. جن تي اڄ به خطاطي جي فن واري دنيا ۾ عمل ڪيو وڃي ٿو.

سنڌ ۾ ڪتابت جو فن تمام پراڻو آهي، اهڙا ڪوفي لکت جا چوڏهن نمونا ڀنڀور مان 294هه مطابق 907ع واري قديم دور جا لڌا آهن. جن ۾ ڪوفي خطاطيءَ جي ڪيترن نمونن سان گڏ ”ڪوفي گلزار“ جي به بهترين ڪتابت ٿيل آهي. ڀنڀور مان لڌل ڪتابت جو اهو نمونو انهيءَ دور جي سنڌي ڪاتبن جو شاهڪار خزانو آهي، جڏهن اسلامي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڪاتب ابن مقله شهر بغداد ۾ اڃا شاگردي واري دور ۾ پنهنجي استاد ”الاحوال“ کان خطاطيءَ جي سکيا وٺندو هوندو.

افسوس ڀنڀور ۽ ان کان پوءِ واري هڪ وڏي دور جي خطاطن جو تفصيلي تزڪرو ڪٿي به نٿو لڀي. ان کان پوءِ سمن ۽ ارغونن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪجهه ڪاتب، خطاطيءَ جا فني جوهر ڏيکاريندي نظر اچن ٿا. جڏهن انهيءَ ڏس ۾ اڃا خطاطيءَ جي فن جا ڪيترائي استاد، جن ڪتاب لکيا، قرآن شريف ۽ ٻين مذهبي، علمي ڪتابن جا اُتارا تيار ڪيا، تن بابت مڪمل معلومات حاصل ڪا نه ٿي سگهي آهي. محمد عبدالغفور جو هيءَ ڪتاب سنڌي خطاطن جي تذڪري لاءِ هڪ بنيادي پر کنيل پختو قدم آهي. مون هن کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ لاءِ اڄ کان ٻارهن سال پهرئين ترجمو ڪري تيار ڪيو هو.

اڄ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محترم انعا الله شيخ جي ڪاوشن سان اهو ڪتاب پڌرو ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ انچارج پبليڪيشن عبدالحفيظ قريشيءَ جي هن ڪتاب کي درست ڪرڻ، گلوسري، ڏسڻي، تصويرن جا ڪيپشن ٺاهڻ لاءِ ڪيل محنت ۽ منهنجي گهر ڏانهن ڪيل پنڌ جو قدر ڪيان ٿو، ان سان گڏ هن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ لاءِ محترم محمد هاشم جوکيو (جيڪو پاڻ هڪ سٺو خطاط آهي) جي سٺين صلاحن جو پڻ ٿورائتو آهيان.

ڀتين ڀتين ڀال، مون سر ماڙيچن

 

عطا محمد ڀڀرو

24 نومبر 2004ع

حيدرآباد، سنڌ.

 

ٺٽي جا ڪاتب تعارف

مڪليءَ جي تاريخي مـُـقام عالمن ۽ خطاطيءَ جي شاگردن جو بار بار ڌيان پئي ڇڪايو آهي، ۽ توجهه ڇڪجي به ڇو نه، ان جو سبب ان جڳهه جي آثارن ۾ پنهان بي انتها قيمتي مواد آهي، جيڪو اڻ لڀ تاريخي معلومات فراهم ڪري سگهي ٿو. مڪلي واقعي اهڙو هنڌ آهي، جو هر دم تفتيش ۽ تحقيق تي اُڀاري ٿو. اُن مقام کي ٺٽي وارن وٽ هڪ وڏي ثقافتي اهميت حاصل رهي آهي، جن ان جي چوڦير ۽ ان هنڌ سان وابسته ڪيئي ميلا ۽ معاملا بڻايا. اها اسان جي خوشن صيبي آهي، ته مڪليءَ جي اهڙي روپ جو تفصيلي ذڪر موجود آهي، جيڪو هڪ نهايت اعليٰ دانشور ۽ تاريخ دان مير علي شير قانع جو لکيل آهي. سندس تصنيف ”مڪلي نامو“ اها شاهدي آهي، جيڪا گذريل زماني جي مڪليءَ جي ثقافتي حيثيت ۽ اهميت بابت ٻڌائي ٿي.

مڪليءَ جي ٻين گهڻن پاسن کي ڇڏي ڪري به، ۽ ان جي فن ۽ تعميرات جي نمونن کان قطع نظر، هي سنڌ ۾ اسلامي  خطاطيءَ جي هنر جي واڌ ويجهه ۽ استعمال کي سمجهڻ لاءِ هڪ نهايت مناسب مواد فراهم ڪري ٿو.

انگريزن جي دور ۾ شروعاتي توجهه حاصل ٿيڻ کان فورا پوءِ اُتان جي آثارن متعلق هڪ جستجو شروع ٿي. خان بهادر خداداد خان اتي گهمي ڦري، قبرن جي ڪتبن کي قلمبند ڪيو. سندس ذاتي بياض جو ذڪر اڪثر ملي ٿو. ان بياض جي اهميت ان ڪري به آهي، ته اها مـُـنڍ واري ڪوشش هئي، جنهن مان بعد ۾ ضايع ٿيل، يا کڄي ويل مواد جي خبر پئجي سگهي ٿي.

آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۽ ان جي جاءِ نشين آرڪيالاجي واري پاڪستاني کاتي طرفان ان ڏس ۾ انيڪ ڪوششون ٿيون، پر افسوس جو اهڙو مواد هنڌيڪو/ هٿيڪو ناهي، ۽ نه ئي وري اهو اشاعت هيٺ اچي سگهيو آهي. جيتوڻيڪ آرڪيالاجي کاتي پاران پهچايل معلومات جو عالمن طرفان اعتراف موجود آهي، پر اهڙي معلومات هن وقت کاتي ۾ ڪٿي به موجود نظر نٿي اچي.

مير علي شير قانع وارو ’مڪلي نامو‘ مرحوم پير حسام الدين راشديءَ وڏي شوق ۽ محنت سان ايڊٽ ڪيو. ان ۾ نهايت دلچسپ ۽ لاڳاپيل معلومات شامل ڪئي وئي. اندازاً ڇهه سؤ صفحا حاشين ۽ نوٽس جا اصل مڪلي نامي سان گڏ ڪيا ۽ ان ۾ اضافو ڪيو ويو. مڪلي جي آثارن جي انيڪ پاسن تي ڪم جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، ۽ ظاهر آهي، ته خطاطيءَ تي پڻ هڪ دفعو ٻيهر توجهه ڏنو ويو.

آرڪيالاجي کاتي جا اهي آفيسر، جن جو مڪليءَ جي آثارن سان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ واسطو پيو هو، اُهي درحقيقت اهڙي حيثيت ۾ رهيا ۽ کين اهڙو مواد پڻ ميسر هو، ته هو مڪليءَ جي ڪتبن بابت ڪجهه ڪم کي اڳتي وڌائي پئي سگهيا، جيڪڏهن کين اهڙو ڪم سونپيو وڃي ها ۽ ان ڪم جي پورائي لاءِ گهربل وقت ڏنو وڃي ها، ته سٺو ٿئي ها.

بهرحال ايم- اي غفور صاحب ٺٽي جي خطاطن متعلق هڪ مقالو لکي ڏنو، جيئن ته هو آرڪيالاجسٽ هو، هن سموريون شاهديون هٿ ڪري، انهن ڪاتبن جي پنهنجن هٿن اکرن ۾ سندن نالا ۽ نشان ڌيان هيٺ آندا، جن ٺٽي جي عجائبات جي حسن ۾ اضافو ڪيو.

پر سياسي ڳنڀيرتا ۽ سرڪاري ادارن اندر غير مناسب ماحول سبب اهو مقالو ظاهر نه ٿيو. اهڙو اعزاز وري حاصل ٿيو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ۽ ويسٽ ايشين اسٽڊيز کي، جن ڏهن سالن کان پوءِ اهو مقالو شايع ڪيو.

جيئن ان جو نالو ظاهر ڪري ٿو، ان مقالي جو مـُـک مرڪز ڪاتبن بابت ڄاڻڻ رهيو، جن جي خبر سندن پنهنجن هٿن اکرن ۾ لکيل اُڪيريل نالن مان پئي. اهڙيءَ طرح فن جا اُهي ماهر نظرن ۾ آيا، جن جي گهڻو ڪري، ته ڪا تعريف يا تعارف اڳ سامهون نه هو. بهرحال ان مقالي ۾ ان هنر ۽ ڪتابت جي ٺٽي ۾ هلت متعلق ڪجهه به نه ٿو ملي. خطاطي نه صرف هڪ فن رهيو آهي، بلڪه هڪ متحرڪ ۽ زندهه شوق هو، جنهن سان احترام ۽ لگن جو هڪ اهڙو رشتو هو، جو ان ۾ ٿيندڙ هر ننڍي وڏي تبديلي ۽ هن تجربي سڀ جي توجهه ڇڪيندو ٿي رهيو. ان ريت خطاطيءَ جي مختلف نمونن لکت جي سمورن تجربن جي نمائنده حيثيت سڀني جي سامهون ايندي ٿي رهي. اشرافن ۽ ڄاڻن جي هر گهڙي جي توجهه ان فن مٿان اهڙا ته پيمانا مڙهي ڇڏيا هئا، جو خطاطي ۾ توازن به هو، ته ساڳئي وقت ان هـُـنر جي وڌندڙ توانائي کيس متحرڪ به پئي رکيو. اهڙيءَ طرح هڪ محسوس ڪرڻ جوڳو اڳتي وڌندڙ احساس ۽ هٿ هنر ۾ هڪ لطيف تبديلي نظر اچي ٿي، جنهن کي ڪوبه ڏاهو نظر انداز نٿو ڪري سگهي. بيشڪ مڪلي اهو ماڳ آهي، جتي هر پاسي جي هٿ هنر، ٺٽي وارن جي ذوق ۽ شوق جي اثر هيٺ هڪ نکار حاصل ڪيو. هت نه صرف ٻاهريان خطاط اچي عزت حاصل ڪندا رهيا، بلڪه خطاطيءَ جا مختلف ڍنگ پڻ گڏ کڻي آيا. ها البت اها به حقيقت آهي، ته خطاطي وارو مغل فني اثر هڪ چڱو عرصو هت اچي نه سگهيو.

سورهين ۽ سترهين صديءَ کان پوءِ اهو فن، انفرادي اثر ۽ ڏِک ڏيکارڻ لڳي ٿو. اهو وقت هو، جڏهن وقـت جي بهترين خطاط جي هٿ ۾ عام خطاط جي وچ ۾ فاصلو تمام گهڻو وڌي ويو هو. هاڻي خطاطي جا قاعدا وسرڻ لڳا هئا ۽ خطاطن جي ويچارگي وڌي وئي هئي.

ٺٽي ۾ خطاطيءَ جو موضوع هڪ ڀرپور اڪتساب ٿي سگهي ٿو، جنهن طرف موجوده مقالو ڌيان ڇڪائي ٿو ۽ مصنف نهايت سخا سان اهو پهلو ٻين عالمن لاءِ ڇڏي ڏنو آهي.

موجوده مقالي جو بنياد ان ڪم تي آهي، جيڪو گهڻو عرصو اڳ ڪيو ويو  هو. ٻيو، ته مڪلي ٽڪري جو ڏاکڻيون حصو ان ۾ شامل ناهي، شايد ان ڪري، ته اهو آرڪيالاجي کاتي جي حفاظت هيٺ آيل نه هو. ان طرف به هڪ جهانُ آهي، جتي خطاطي جا اهم نمونا ملن ٿا، جيڪي ڪن عجيب تاريخي حقيقتن طرف اشارو ڪندڙ آهن. ٺٽي ضلعي ۾ ٻيا به ڪيترائي اهڙا ماڳ آهن، جتي خطاطي نظر اچي ٿي ۽ خطاطن جا نالا ڳولهي سگهجن ٿا، پر جيئن، ته اول چئي چڪا آهيون، ته موجوده مقالو صرف ٺٽي ۽ مڪلي ٽڪري جي اترئين حـصي ۾ موجود مواد تي ٻڌل آهي ۽ غفور صاحب جي ٿيل ڪم ۾ اضافو آڻجي، ته جيئن ماضي جي اهم نشانين ۽ شاهدين کي محفوظ ڪري سگهجي، انهيءَ کان اڳ جو گهڻي دير ٿي وڃي.

”ٺٽي جا خطاط“ انگريزي زبان ۾ شايع ٿيو هو. ان جو پهريون ڇاپو جلد ئي ختم ٿي ويو ۽ ڊگهي عرصي کان ان جي ضرورت شدت سان محسوس پئي ٿي. ان ضرورت جي پورائيءَ لاءِ ٻيو ڇاپو به ٿورو عرصو ٿيو، ته شايع ٿي چڪو آهي، پر ان ڪتاب جي طلب اردو ۽ سنڌي طبقن ۾ به هــُـئي. اهوئي سبب هو، جو جڏهن سينٽر فار آرڪيالاجيڪل ۽ انوائرنمنٽل ريسرچ جي انتظام هيٺ، هيريٽيج سوسائٽي ۽ ضلعي حڪومت ٺٽو، ”ضلعي جي ثقافت: ماضي، حال ۽ مستقبل“ متعلق سيمينار پئي رٿيو، ته ان گڏجاڻي ۾ ”ٺٽي جا ڪاتب“ جي اشاعت پڻ ويچار هيٺ هئي. شابس لهڻي سنڌي ادبي بورڊ ۽ ان جو لائق سيڪريٽري انعام الله شيخ، جنهن ان سڏ تي هائوڪار چئي، ان ڪتاب جي سنڌي ترجمي جي اشاعت جو بندوبست ڪيو.

مون کي يقين آهي، ته هي ڪتاب علمي ۽ ثقافتي حلقن ۾ مقبوليت ماڻيندو ۽ خاص طور تي سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ طبقو ان مان اُتساهه حاصل ڪري ٺٽي جي هنر، فن ۽ ان جي درخشان ماضيءَ بابت علمي جستجو کي هٿي وٺرائيندو.

 

ڪليم الله لاشاري

27 آڪٽوبر 2004ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org