سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: پراڻو پارڪر

باب؛ --

صفحو ؛ 1

پراڻو پارڪر

منگهارام اوجها

 

ڇپائيندڙ پاران

 

سنڌي ادبي بورڊ جي شروع کان وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش رهي آهي، ته لائق پڙهندڙن کي وقت بوقت سٺا ۽ معياري ڪتاب پڙهڻ لاءِ ميسر ڪيا وڃن. انهن معياري ڪتابن ۾ ’پراڻو پارڪر‘ به شامل آهي. هيءُ ڪتاب مسٽر منگهارام اوجها جو تحقيقي پورهيو آهي. مسٽر منگهارام اوجها پيشي جي اعتبار کان هڪ پرائمري استاد هو، پر هن جو ذهني لاڙو تحقيق جي شعبي ڏانهن هو. هن هيءَ تحقيقي رٿا 60 واري ڏهاڪي ۾ پوري ڪري بورڊ جي حوالي ڪئي هئي. بورڊ انتظاميا انهيءَ رٿا جي اهميت کي سمجهندي ان کي سال 1966ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ ڇپي ڇڏيو.

حقيقت ۾ قديمي ماڳ ۽ مڪان، تاريخي ۽ دستاويزي طور اسان جا قومي ورثا آهن، انهن جي سارسنڀال لهڻ ۽ انهن تي ڪم ڪرڻ اسان سڀني تي فرض آهي. ’پارڪر‘ جنهن کي اڄڪلهه ’ٿرپارڪر‘ چون ٿا، ڪنهن دور ۾ سنڌ جو نهايت پٺتي پيل علائقو هو. هتان جي عام زندگي ڏاڍي ڪسمپرسيءَ ۾ گذرندي هئي ۽ عام طور تي نهايت معمولي قسم جي پيشن تي گـُـذر سفر ٿيندو هـُـئو، هڪ پاسي ڏڪاريل حالتون ۽ ٻئي پاسي رياستي ڪاهون عوام جي اقتصادي وسيلن کي نهوڙي ناس ڪري ڇڏينديون هيون. وقت گذرندي اهڙي صورتحال ۾ تبديلي ايندي رهي ۽ تعليمي ماحول ماڻهن ۾ مهذب قدر پيدا ڪرڻ شروع ڪيا. هيءُ ڪتاب پارڪر جي تاريخ جو هڪ جزوي اڀياس آهي جيڪو تاريخ سان دلچسپي رکندڙ حضرات لاءِ ڪتاب ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. ڪتاب جو هيءُ پنجون ڇاپو آهي، جيڪو هينئر ڇپجي اوهان پڙهندڙ دوستن جي هٿن تائين رسيو آهي. اميد ٿي ڪجي ته هيءُ ڇاپو به گذريل ڇاپن وانگر پڙهندڙ حلقن ۾ پسند ايندو.

 

ڄام شورو، سنڌ                                       انعام الله شيخ

اڱارو 9- جمادي الاول 1427هه                          سيڪريٽري

بمطابق 6- جون 2006ع                             سنڌي ادبي بورڊ

 


 

 

 

پيش لفظ

سنڌي ادبي بورڊ، استاد منگهارام ”اوجها“ جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنه 1966ع ۾ شايع ڪيو هو، ٻيو ڇاپو 1975ع ۾ ۽ ٽيون 1988ع ۾. ٻيو ڇاپو پهرين ڇاپي کان ڏهه ورهيه پوءِ نڪتو ۽ ٽيون وري ٻئي کان لڳ ڀڳ ڏهه ورهيه پوءِ. پهريون ڇاپو هڪ هزار ڪاپين جو نڪتو، ته ٻيو ۽ ٽيون ٻن ٻن هزارن جا. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب ۾ ايتري ته ڪارائتي معلومات آهي، جو گذريل ٽيهن سالن ۾ ان جا ٽي ڇاپا نڪري چڪا آهن ۽ بورڊ هن چوٿين ڇاپي  جي ضرورت به محسوس ڪئي آهي.

***

 

 

هي ڪتاب سنڌ جي ”پارڪر“ واري حصي کي متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش آهي. ان جو لکندڙُ، اوجها صاحب پرائمري ماستر هو. سندس شمار انهن استادن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌ ۾ پرائمري ماسترن جو پَدُ اوچو رکيو. ڪنهن زماني ۾، پرائمري ماستر سنڌ جي ڳوٺن جي سونهن هوندو هو. ننڍا وڏا، سُکيا ستابا، توڙي غريب غربا سندس عزت ڪندا هئا. هو سندن ٻچن  جي تعليم ۽ تربيت تي مامور هوندو هو. سا پنهنجي ليکي پڻ اهڙي ڳالهه هئي، جا ماڻهن کان تعظيم طلب ڪري. پر، سندس عزت جو بنيادي سبب خود سندس پنهنجو علم ۽ اخلاق  هوندو هو. ڳوٺن ۾ اسڪول مان نڪري گهٽيءَ مان لنگهندو هو، ته اڻ پڙهيل شخص به ادب سان پاسو وٺي ڀت کي ٽيڪ ڏئي، بيهي رهندا هئا، ته استاد لنگهي وڃي ڀلا جي منجهانئن ڪنهن جي هٿ ۾ پَن جي ٻيڙي هوندي هئي، ته اها لڪائي ڇڏيندو هو، ته متان استاد جي نظر پئي ۽ ائين سوچي ته ’هي بدبخت ٻيڙي ٿو ڇڪي!‘

        سنڌ ۾ پرائمري ماستَر ”لکيل لفظ“ (Written Word) لاءِ اهڙي ته تعظيم ۽ تڪريم سيکاري هئي، جو پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو پَٽ تي ڪو ڪاغذ- ٽڪُر ڏسندا هئا، ته کڻي ويڙهي پنهنجن گهرن جي اوڏڪين ڀتين جي ڦوٽِن ۾ وجهي ڇڏيندا هئا. اها ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن ملڪ تي هڪ غير مسلمانُ، عيسائي ڪرستانُ حڪومت ڪندو هو. اسان کانئس آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ سالن جا سال جدوجهد ڪئي ۽ نيٺ 1947ع ۾ وڃي پنهنجو ملڪ آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين.

        قومون جڏهن غيرن جي غلاميءَ مان آزاد ٿينديون آهن، تڏهن ڪنهن ميدان ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌ ترقي ڪنديون آهن. پر 1947 کان 1997ع تائين، جيڪو پنجاهه ورهين جو عرصو گذريو آهي، تنهن ۾ اسان تعليم جي ميدان ۾ ڪابه ترقي ڪانه ڪئي آهي. اسان جو ملڪ هاڻي دنيا جي اهڙن ڏهن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪي تعليم ۾ سڀني کان پوئتي ۽ جهالت ۾ سڀني کان اڳتي آهن. انهيءَ جو هڪ سبب اهو آهي ته سرڪار تعليم لاءِ گهربل پئسا ڪونه ٿي ڏئي. مارچ 1998ع تي شايع ٿيل ”ڊان“ اخبار ۾ ڇپيل رپورٽ موجب ”سنڌ ۾ هزارين اسڪول اهڙا آهن جن کي ڀتين جي مٿان ڇت ئي ڪانهي.“ ٻيو ته انتظامي فيصلا اهڙا ته اونڌا ۽ ابتا ٿين ٿا، جو يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسڪول ڏينهون ڏينهن اُجڙندا وڃن ٿا. سڀ کان گهڻو ڌڪ پرائمري تعليم کي لڳو آهي. پارڪر جي پاسي ڪجهه عرصو اڳي، سرڪاري اسڪولن ۾ اهڙا ماڻهو به ماستر مقرر ٿيا، جيڪي سراسر اڻ پڙهيل هئا. پنهنجو نالو ئي لکي ڪونه سگهندا هئا.

*  *  *

 

 

        پارڪرتوڙي ٿر پارڪر، سنڌ جو اهڙو علائقو آهي، جتي ماڻهوءَ جي زندگي ڏاڍي ڏکي آهي. استاد منگهارام ”اوجها“ ڪتاب جي شروعات ۾، پارڪر بابت هڪ عام چوڻي ڏني آهي، جنهن مان انهيءَ علائقي جي غربت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

        پارڪر جا پَهاڙَ

        جهنگ ۽ جهاڙَ

        رڳو آهي بک ۽ اُگهاڙَ

- لنگهه ۽ لاهو، رڻ ۽ رائو،

مال به رکن ماهو

ته به ڍائو ڪو ڍونڍيو لڀي!

چوڻيون ۽ پهاڪا سالن ۽ صدين جي تجربي کان پوءِ وڃي ٺهندا آهن ۽ عام ماڻهن جي چپن تي ايندا آهن. تنهن جو مطلب ته، پارڪر جا ماڻهو سالن ۽ صدين کان سک ڪونه سنڀرن! هن جهان ۾ ڏک بک ۾ آيا ۽ هتان ڏک بک ۾ هليا ويا.

منگهارام ”اوجها“ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته پارڪر جي پاسي، هڪڙي قبيلي جي ته گذر سفر جو ڌنڌو ئي هوندو هو ڌاڙا هڻڻ. هڪڙي ڳوٺ ۾، ڏينهن ڏٺي جو چار دفعا ڌاڙو لڳو. ڌاڙا ۽ ڦريون بک جي نشاني آهن. پارڪر هڪ طرف ٿر جي ريگستان ۽ ٻئي طرف ڪڇ جي رڻ ۾ ڦاٿل آهي. آباديءَ جي ڪا صورت نظر ئي ڪانه ٿي اچي. پر، تاريخ جي اڳوڻن قصن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪنهن سمي اُتي ڏاڍي وسُنءَ ۽ واڻراهه هوندي هئي. هاڪاڙو درياءَ وهندو هو. مٿس بندر ۽ بازاريون هونديون هيون. قسمت پلٽو کاڌو، ته درياءَ سُڪي ويو. وڻ سُڪي ويا. جاڏي نظر ڪَر، تاڏي رائو، رڃ ۽ سڃ.

*  *  *

ڪنهن زماني ۾ دنيا جي هاڻوڪي سڀ کان شاهوڪار ملڪ، سعودي عرب جي به اها حالت هوندي هئي. هاڻي اتي  پيٽرول لڌو آهي. ته ڌن ۽ دولت جا درياءَ پيا وهن. اڻ ڏڌيون ڇڙيون ٿيون وڃن. ريگستان جي خيمن ۾ رهڻ وارا بدو سڳورا، لنڊن ۾ عيش عشرت لاءِ محلاتون پيا خريد ڪن.

سنڌ ۾ به بدين پاسي پيٽرول لڌو آهي. پارڪر ۽ ٿر جي پاسي اڃا ڪونه لڌو آهي. البت، اتي ڪوئلي جا وڏا ذخيرا مليا آهن، ۽ چون ٿا ته اهو اعليٰ درجي جو ڪوئلو آهي. ڪي ڌاتو به مليا آهن. سو، جيڪڏهن جديد سائنسي علمن جي روشنيءَ ۾ پارڪر ۽ ٿر تي تحقيق ٿيندي، ته اهڙا قدرتي ذريعا دريافت ٿيندا، جيڪي هن خطي کي ڏاڍو زرخيز ثابت ڪندا ۽ پارڪر جي تاريخ نئين سر لکبي.

پر، منگهارام ”اوجها“ جي هن ڪتاب جي اهميت پوءِ به ساڳي رهندي. نه رڳو ايترو پر جيسين پارڪر ۾ اهڙيءَ خوشي ۽ خوشحاليءَ وارو ڪو دور اچي، تيسين اتان جي موجوده رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ اڳوڻيءَ تاريخ ۽ سڀيتا جا اهڙا پاسا ۽ پَلوَ جاچڻ ۽ قلمبند ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي استاد منگهارام اوجها کان رهجي ويا هئا.

   سنڌي ادبي بورڊ                                   غلام رباني آگرو

19-4-1998ع

 

 

 

 

 

ڍٽ ڍرِي، پٽ پيون، پاسي پارڪر،
وڄون وسڻ آئيون، ڪوڏان کڻي ڪر،
سڀني ڀريا سر، پلر جي پالوٽ سين.

- شاهه

 

 

 


 

ديباچو

ڪوچ ڪري ويا، سڀئي هن سنسار مون،
پير پيغمبر اوليا، جن پنهنجا پنٿ ڪيا،
گياني ڌياني گرهستي، "سامي" پنڌ پيا،
سڀئي غيب ٿيا، تو ڇا سمجهيو پاڻ کي.

 - سـَـامي

 

ٿر جي باري بيابان ۽ اوکن پهاڙن ۾ ڪئين ٻهڪندڙ ٻوٽا ۽ رنگبرنگي گل هئا، جن جي سرهاڻ چمن کي چمڪايو ٿي، جن جي هٻڪار هنڌين ماڳين پکڙجي ٿي ويئي، ۽ جن جي سڳنڌ دٻيل دماغ کي معطر ٿي ڪيو. انهن جي ڌوپ - واس لاءِ ڪير ٿو اڻانگا ٽڪر ٽاڪي ۽ آنهن پشين جي پرک ڪري! ڪنهن به ملڪ کي پنهنجي تاريخ نه آهي، ۽ وڏڙن جا وڻندڙ ٻول ۽ سگهڙن جا سهڻا سخن لکيت ۾ نه آهن، ته اُها ملڪ ۽ قوم سدائين لاءِ مرده آهي. هڪ انگريز شاعر چيو آهي:

Lives of great men all remind us,

We Can make our lives sublime,

And departing leave behind us,

Foot-prints on the sands of time.

]مهاپرشن جا جيون اسان کي يادگيري ٿا ڏيارين ته اسين پنهنجي حياتي شاندار بنايون، ۽ جڏهن هن دنيا مان لڏي وڃون، تڏهن وقت جي واريءَ تي پنهنجا نشان ڇڏي وڃون.[

پارڪر صدين کان وٺي تاريخ جو اهم ڀاڱو ٿي پئي رهيو آهي. مون کي ڪن سالن کان وٺي پارڪر جي قديم روايتن سان دلچسپي پئي رهي، تنهنڪري مون پنهنجي بدلي سال 1954ع ۾ پنهنجي ڳوٺ کان 80 ميلن جي دوري تي انهيءَ ارادي سان ڪرائي، ته جيئن مان پارڪر جون قديم روايتون، جيڪي سنڌ ۽ سنڌي زبان کي هميشه زنده رکڻ واريون آهن، گڏ ڪندو رهان. مون ان ڏس ۾ ڪافي ڪوشش ڪئي، پر پارڪر جا ماڻهو اٻوجهه ۽ اڻ پڙهيل، جن مان ڪي هڪڙي ڳالهه جو ڪن پيا ٻڌائين ته ڪي ٻيءَ ڳالهه جو پڇ، ۽ ڪن کي جيڪڏهن ڪي اڌوگابريون ڳالهيون ياد هيون، ته اهي وري هڪڙي پرائمري استاد کي ٻڌائڻ کان ڪناري ڪشي ڪري رهيا هئا. ها، هڪ خوش نصيبي هئي، جو سال 1901ع، سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب واريءَ اسڪيم لاءِ، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مون کي ننگر پارڪر جي سرمايي کي سگهڙن جي سينن مان سهيڙڻ جو ڪم سپرد ڪيو. مٿان وري اهو سهڻو سنوڻ ٿيو، جو اسان جي اسٽاف جو هڪڙو هر دلعزيز ۽ زندهه دل اُستاد، محترم علي محمد سمون، ننگر پارڪر ۾ بدلي ٿي آيو، جنهن صاحب مون کي هن ڪتاب لکڻ لاءِ گهڻو همٿايو، ۽ پاڻ ڪوشش ڪري ڪجهه مواد به هٿ ڪري ڏنو. ان لاءِ آءٌ سندس شڪر گذار آهيان.

پارڪر جي هر ڪنهن گام ۽ گس، ڀٽ ۽ ڌڪ کي پنهنجو تاريخي پس منظر آهي، ۽ ان لاءِ ڪئين دلچسپ ڏند ڪٿائون عام مشهور آهن: مون هن ڪتاب ۾ تاريخي ۽ روايتي، ٻنهي طريقن سان پارڪر کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اُميد اٿم ته سنڌ جي هن حـصي بابت منهنجي هيءَ پهرين ڪاوش، علمي ۽ ادبي حلقن ۾ قبول پوندي.

ننگر پارڪر

27- آڪٽوبر 1959ع                                         -- منگهارام اوجها

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org