سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ما ڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 1

ماڻهو (انسان جي ارتقا جي ڪهاڻي)

بدر ابڙو

 

انهن هٿن ۽ پيرن جي نالي

جن

لکها سالن جي پورهئي ۽ پنڌ

سان

ماڻهوءَ کي ماڻهپي جي منزل تائين پهچايو

 

فرانس جي غار ۾ رهندڙ هڪ گمنام ۽ قديم ترين فنڪار جي هٿ جو نشان

 

پيليوليٿڪ ماڻهوءَ جي پير جو لڌل قديم ترين نشان - اٽلي.

 

 

ٻه اکر

 

سنڌو ماٿري جي تهذيب، جنهن کي دنيا مهن جو دڙو تهذيب جي نالي سان سڃاڻي ٿي لڳ ڀڳ 1800 کان 2500 سال قبل مسيح جي ڄاتي وڃي ٿي. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته اها تهذيب قديم ميسوپوٽيما جي ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ کان پوءِ شروع ٿي، يعني هاڻوڪي سنڌو ماٿريءَ ۾ ٻاهريان ماڻهو اولهه وارن علائقن کان جابلو ماٿريون ۽ ميدان لتاڙي آيا ۽ اچي تهذيب جا بنياد وڌائون.

محققن جي هڪ طبقي جو خيال اهو به آهي ته سنڌو ماٿريءَ ڏانهن ٻي وڏي ۽ جارحاڻي لڏ پلاڻ لڳ ڀڳ 1500 قبل مسيح ۾ ۽ ان کان پوءِ ٿي. هي ماڻهو اتر اولهه ايشيا کان سنڌ آيا ۽ اچي آريا سماج قائم ڪيائون. محققن جي سوچ ڏسي ايئن لڳي ٿو ته هو سنڌو ماٿريءَ کي اهڙو جاگرافيائي هنڌ سمجهن ٿا جيڪو پرديسي ماڻهن اچي آباد ڪيو، شروع ۾ پرامن طريقي سان ۽ پوءِ طاقت جي زور تي.

مان ذاتي طور تي انهن ٻنهي لڏ پلاڻن جي موقف سان سهمت نه آهيان. مان سمجهان ٿو ته سنڌو ماٿريءَ ۾ انسان جڳن کان رهندو پيو اچي، اها ٻي ڳالهه آهي ته پرڏيهي ماڻهن جا وڏا گروهه مختلف وقتن کان سنڌ ڏانهن سفر ڪندا ۽ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪندا رهيا آهن. ساڳئي طرح سنڌي ماڻهن جا گروهه به ٻاهرين ملڪن ڏانهن لڏيندا رهيا آهن. ساڳئي طرح سنڌي ماڻهن جا گروهه به ٻاهرين ملڪن ڏانهن لڏيندا رهيا آهن. ايئن ريتون، رسمون، ٻوليون، تجربا ۽ سامان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين منتقل ٿيندو رهيو آهي.

اسان جي خوشقسمتي آهي جو سنڌو ۽ بولان وادين سان گڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڊيگهه ويڪر ۾ اهڙا بي شمار ماڳ لڌا ويا آهن، جيڪي مهن جي دڙي واري دؤر کان به اڳ جا آهن. انهن ماڳن کي مجموعي طور تي سنڌو تهذيب کان اڳيون ثقافتون (Pre-Indus Cultures) چيو وڃي ٿو. پر ٿلهي ليکي انهن کي آمري ثقافت، ڪوٽڏيجي ثقافت ۽ مهر ڳڙهه ثقافت جا نالا ڏنا ويا آهن. مهر ڳڙهه جو دور هن مهل تائين لڌل دنيا ۾ سڀني قديم ثقافتن ۾ ٻئي نمبر تي آهي. مهر ڳڙهه سبيءَ ويجهو بولان نديءَ جي ڪنڌيءَ تي آهي ۽ اهو ماڳ 9 هزار سال پراڻو سمجهيو وڃي ٿو. اهي ٽيئي ثقافتون پنهنجي پر ۾ اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته انهن ئي مهن جي دڙي جهڙي شاندار تهذيب جا بنياد وڌا.

پر اهو سوال اڃا به باقي آهي ته انهن ٽنهي ثقافتن جا ماڻهو ڪٿان آيا؟ ڇا اهي ماڻهو به ٻاهران آيا؟ هر گز نه. اهي ماڻهو ايامن کان سنڌ ۾ هئا ۽ سنڌ جي ٽاڪرو علائقن ۾ لکا سالن کان پنهنجي ڪارڪرت ۾ مشغول هئا. هن مختصر تحقيقي سلسلي ۾ مون انهن ماڳن جا تفصيل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پٿر جي دور جا سنڌي ماڻهو هتي ئي رهندا هئا. اهي ماڳ سڄي سنڌ جي جبلن ۽ ٽڪرن ۾ موجود آهن.

مان اقرار ڪيان ٿو ته آرڪيالاجي ۽ اينٿروپالاجي ڳوڙهيون سائنسون آهن، جن تي گرفت رکڻ خود انهن لاءِ به ڏکيو آهي، جن وٽ انهن موضوعن تي باقاعدي ڊگريون آهن. مون هتي تاريخ کان اڳ واري تسلسل جون ڪي ڪڙيون ڳنڍڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. ممڪن آهي ته ڪا ڳنڍجي به پوي. ايتري گذارش ضرور ڪندس ته سنڌ جي حوالي سان جنهن جنهن ماڳ جو ذڪر ڪيم اٿم، اهو مون اکين سان ڏٺو آهي، ان جي پيمائش ڪئي آهي ۽ مختلف محققن جا خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ ڪي ثبوت هٿ ڪيا آهن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز ڪري نٿا سگهجن.

انساني تهذيب جي ارتقا ۽ ان جي دورن کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته خود انسان جي پنهنجي ارتقا ۽ جاگرافيائي تاريخ تي سرسري نگاهه وڌي وڃي، ڇاڪاڻ ته زندگي ۽ تهذيب جي واڌ ويجهه ۾ سڀ کان وڏو هٿ خود جاگرافيائي ڦيرڦار جو رهيو آهي. جتي آباد ٿيڻ جهڙيون حالتون موجود هونديون، انسان توڙي جانور اتي ئي رهندا آهن ۽ جتي حالتون موافق نه هونديون، اتان لڏي ويندا آهن. انهن حالتن تي نظر وجهڻ لاءِ مون ٻين تحقيقي ڪتابن تان وڌ ۾ وڌ مواد ورتو آهي.

سنڌ ۾ انساني سرگرميءَ جا پراڻي ۾ پراڻا آثار سنڌ جي جبلن ۽ ٽڪرين تي محفوظ آهن، باقي ميداني علائقن ۾ درياهن ۽ سمنڊ جي اڳتي پوئتي ٿيڻ واري يا رخ بدلائڻ جي ڪري ڪنهن تمام اوائلي آثار جو ملڻ ناممڪن ٿي ويو آهي. بهرحال، هن ڪتاب کي آدجگادي انسان جي ارتقا ۽ سفر جي ڪهاڻي سمجهڻ گهرجي. جنهن جي آخري باب ۾ سنڌ جي حوالي سان اوائلي لوڪن جي ٿاڪن جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. شال قبول پوي.

آئون انهن صاحبن جو ٿورائتو آهيان جن کوجنا جي هن ڪم ۾ منهنجي عملي ۽ علمي مدد ڪئي. مسٽر عبدالقادر منگي جنهن روهڙي، ڪوٽڏجي ٽڪرين ۽ ڪارونجهر ۾ وسيلا پيدا ڪري ڏنا. ڪليم لاشاري جيڪو اڪثر مهمن ۾ گڏ رهيو، تاج صحرائي جنهن هن ڪم لاءِ اتساهه ڏنو، فقير انور بلوچ جنهن ڪراچي ۽ لسٻيلي جي ڏکين علائقن ۾ ساٿ ڏنو. آئون انهن گمنام ريڍارن ۽ ٻڪرارن جو ٿورائتو آهيان جن جبلن جي ورن وڪڙن ۾ لڪل غارن جي نشاندهي ڪئي ۽ اوستائين پهچايو.

- بدر ابڙو

 

مهاڳ

 

جڏهن اسان پنهنجي چؤڦير نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي ڪيئي عجيب ۽ غريب نظارا حيرت ۾ وجهيو ڇڏين. هر قدم تي ڪانه ڪا ڏسڻ پسڻ جهڙي شئي ملي ٿي. هيءَ عمارت آهي، عقل کي دنگ ڪندڙ- جيڪڏهن اوچائي جاچجي ته سوين فٽ اوچي، ڊيگهه ويڪر تي وڃجي ته ايڪڙن ۾ وسعت! وري جي زيب زينت ڏي ڌيان ڏجي ته پوءِ ماڻهو مسحور تي ويٺو رهي،نه نظر ڪڍي سگهي ۽ نه ئي نظاري جي لطف مان جيءُ ڀرجي.

هٿيارن ۽ اوزارن تي نظر ڪجي ته الائي ڇا مان ڇا آهي جيڪو حضرت انسان آڻي موجود ڪيو آهي، جن جي ڪارگذاري جي حدن ۽ امڪانن متعلق سمورا اندازا کُٽي ٿا پون. جي وري کاڌ خوراڪ ڏي ڌيان آڻجي ته بس ذائقي جي لامحدود وسعتن ۾ کوئجي وڃڻ به ڄڻ گهٽ آهي. اهو ۽ اڃا به گهڻو ڪجهه انسانن جي عقل رسا ڪري ممڪن ٿي ۽ اسان جي ملاخطي لاءِ موجود آهي.

ساڳيو انسان آدجڳاد کان هن زمين تي پنهنجي ڪرت ۾ مصروف رهيو ٿو اچي، هو هر دور ۾ پنهنجي ڪارگذاري جا نشان ڇڏيندو آيو آهي.

ساڳيو انسان آدجڳاد کان هن زمين تي پنهنجي ڪرت ۾ مصروف رهيو ٿو اچي، هو هر دور ۾ پنهنجي ڪارگذاري جا نشان ڇڏيندو آيو آهي.

هي حضرت ڪرت جي لاحد امڪانن ڪري هڪ ڏاڍو ڏکيو موضوع رهيو ٿو اچي. عمل ۽ ڪردار جا ماهر هن لاءِ محتاط اندازا ڪندا پنهنجي مشاهدي کي ان علم جو بنياد قرار ڏيڻ لڳا آهن. ان ڪري فرد ۽ نسل انساني جي حال کي سمجهڻ جي ضرورت ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي.

جيئن ته حضرت انسان شروع کان وٺي پنهنجي توانائين جي پورائي ۽ اظهار لاءِ ڪيترا اهڙا عمل پڻ ڪيا آهن جن مان سندس خالص جبلي ضرورت شايد پوري نه ٿي هجي پر ظاهر آهي ته انسان ڪڏهن به صرف هڪ خالص جبلي جيوت ناهي.

جبلت مٿان جذبن جي معتبري کي تسليم ڪندڙ اڄوڪو انسان، قرباني ۽ انصاف جو پرچارڪ هي آدم گهڻو اڳ به بک جي پورائي جي جدوجهد ۾ مصروف هوندي به حسن جي ڪشش ۽ نظاري جي نينڍ کي سمجهي پيو. موسمن جي سختي، مُدن جي ڦير، ضرورتن جي شين جي گهٽتائي ۽ وسيلن جي ناشناسائي به سندس اوچن مقصدن جي حصول ۾ رڪاوٽ بڻجي نه سگهي. تصور جي اک ذهن کان تيز هئڻ سبب عمل جون حدون ڏينهون ڏينهن وسيع ٿينديون ويون. اهڙي طرح هڪ اهڙو سفر جاري رهيو جنهن جا ثمر اڄوڪي تهذيب جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهن.

جڏهن اسان پنهنجي اڄوڪي دنيا جي رنگينين ۽ واڌارن کي ڏسون ٿا ته حيرت ٿئي ٿي. اهو سڀ ڪجهه ان وقت ئي سمجهه ۾ اچي ٿو جڏهن اسان انسان جو پيرو کڻي سندس سفر جا نشان ڏسندا اچون ٿا.

بدر جي هن ڪتاب ۾ پڻ حضرت انسان جو پيرو کنيل آهي. اها ڳالهه بي شڪ يقين سان چئي سگهجي ٿي ته انسان جي سڀ کان دلچسپ پڙهڻي انسان پاڻ ئي آهي ۽ هي ڪتاب به سندس ئي متعلق آهي.

ان بي حد اهم موضوع تي سنڌي زبان ۾ ڪو قابل توجه مواد نٿو ملي. بدر جنهن محنت ۽ سنجيدگيءَ سان ويهي اهو مواد سهيڙيو آهي اهو تعريف جي لائق آهي.

اسان جي سماج کي اهڙي موضوع تي بنيادي معلومات جي سخت ضرورت آهي ڇو ته اسان جي جهنگن جبلن ۾ اڃا سوڌي پراڻي ماڻهوءَ جي بود باشي ۽ صنعت حرفت جا نشان بي انتها آهن، جن کي رڪارڊ تي ناهي آندو ويو. اسان جو عام ماڻهو اهو سڀڪجهه ڏسندي به ان جي اهميت کان واقف نه هئڻ سبب اهڙي معلومات کي ٻين تائين پهچائڻ جو سوچي نٿو. وري جيڪڏهن کيس اهڙا آثاري نشان متوجه ڪن به ٿا ته هو نٿو ڄاڻي ته ڪهڙي نموني انهن کي هٿيڪو ڪري ته جيئن ٻين ڪم ڪرڻ وارن کي ان مان مدد ملي سگهي.

يقين اٿم ته اسان جو عام قاري هاڻي انهن اهڃاڻن جي اهميت کي پوريءَ طرح سمجهي سگهندو ۽ ضرور چاهيندو ته انهن آثارن ۽ نشانن کي ڪنهن نه ڪنهن نموني ٻين جي ڌيان تائين آڻڻ جو ڪو بندوبست ڪري.

اوائلي ماڻهو پنهنجي شغل جي طور تي جيڪي نشان چٽيا آهن، اهي نه صرف انساني تهذيب جي پينگهي جي مهڙين جهولن کي محسوس ڪرائين ٿا بلڪه اسان جاگرافيائي خطن ۾ جيوت جي ۽ ماحولياتي تبديلين متعلق ڄاڻي سگهون ٿا.

فن جي ان شاخ کي گهڻو اڳ محسوس ڪيو ويو هيو. سترهين صديءَ جي شروع ڌاران برازيل ۾ انهن جي نمونن کي ڇاپيوويو. بهرحال. اهو اعزاز مصر جي نشانن کي حاصل آهي ته اتي موجود پاهڻي دور جي مورتن جي نمونن جو سائنسي مطالعو ٿيو. بعد ۾ اسپين ۽ فرانس ۾ موجود غڦائن اندر ٺاهيل تصويرن کي دنيا آڏو آندو ويو. علم الانسان جي ماهرن انهن تصويرن ۾ انساني ذهن کي پڙهڻ جا سعيه ڪيا. اهو تصور ته سڀيئي پراڻا ماڻهو جيتوڻيڪ علائقائي جدائي ۽ وقت جي دوري هوندي به ساڳئي طرح سوچيندا ۽ ساڳي طرح عمل ڪندا هئا درست نه ٿي پئي سگهيو. ٻيو ته وري انهن تصويرن ۾ معنيٰ خيزي جي ڳولها پڻ ٿيندي رهي آهي. جادو ۽ مذهب جي اهڃاڻن جا پاڇا ڪيترن سمجهو عالمن کي نظر آيا. ڪن ته نفسياتي مطالعي جا سامان پڻ کڙا ڪيا.

ايتري اهم شئي جي حفاظت ۽ انهن کي محفوظ رکڻ جي اهميت جي پيش نظر ويچار جا دروازا کلن ٿا. ڇو ته جتي جتي اهي تصويرون ٺاهيون ويون، اهي هنڌ ڪيترن جُڳن کان مسلسل انساني تصرف هيٺ رهندا آيا آهن ۽ اتي مختلف دور ۾ تصويرن ڀرسان ۽ تصويرن مٿان ماڻهن پئي هنر ۽ فن ڏيکاريو آهي. بعضي تي ان ۾ انفرادي تصوير ڌار ڪري ڏسي سگهڻ ممڪن ڪونه ٿو رهي. جدا جدا طريقن سان ٺاهيل تصوير جي انداز جي جداگانه هئڻ جي بنياد تي سڃاڻپ پڻ ڏکي آهي جو هڪٻئي مٿان ٺاهيندي ٺاهيندي طريقت جو دوکو ٿي سگهي ٿو. سائنسي تجزئي جي غير موجودگيءَ ۾ صرف اندازا ئي لڳائي سگهجن ٿا.

جنهن نموني ۾ ڏکڻ ايشيا جي هماليائي سلسلن ۾، خاص ڪري سوالڪ جبلن ۾ مماليائي ارتقا جو مڪمل رڪارڊ محفوظ آهي، ساڳي طرح کير ٿر پڻ گذريل زمانن جي پڙهڻي جا ڪل سامان پاڻ وٽ قابو رکيا آهن. جنهن لاءِ ضرورت آهي ته سائنسي بنيادن تي ايڪسپيڊيشن ترتيب ڏيئي ارضياتي توڙي حياتياتي مطالعي جو بندوبست ڪجي جنهن ۾ بنيادي Geological حوالي کان وٺي Biostratignaphied ڏسن ۽ پراڻي ماحول جي جاچ جو بلو ٿيڻ گهرجي.

اهڙي وقت ۾ ان ڳالهه جي ضرورت ويتر وڌيڪ ٿيو وڃي ته جاچ جي نتيجن کي مڪمل تفصيل سان محفوظ ڪجي. جاچ جي لکت لاءِ جيڪي بين الاقوامي طريقا مروج ٿيل آهن اهي جاچ ڪرڻ وارن کي پوري طرح سمجهي ڇڏڻ گهرجن ته جيئن جاچ جا نتيجا سڀني ماهرن کي پوري طرح ڪم اچي سگهن. اهڙي ضرورت جي پيش نظر آئون ان حق ۾ آهيان ته اهو طريقه ڪار اشاعت هيٺ آڻجي. ڏسجي ڪڏهن ٿا اهڙا سبب ٿين.

اسان جو خطو دور توڙي ان کان اڳ واري دور جي ماهرن لاءِ نه صرف هڪ چئلنج آهي بلڪه انهن کي ٻاتڙائڻ جا سمورا سامان رکي ٿو. ان جو واحد سبب اهو آهي ته سندن جاچ جا وسيلا سامهون ناهين. ڇو ته هتي ڪم ناهي ٿيو.

سماج جيڪي تهذيبي ڏاڪا چڙهي اڄوڪي منزل تي پهتو آهي انهن جون ڪيئي ڪڙيون اسان جي سامهون موجود ناهين. اهڙي صورت ۾ علم الانسان جي شاگردن توڙي ماهرن لاءِ ڪيترن رخن ۾ اندازا لڳائڻ به ڏکيا آهن. اڳئين پاهڻي دور جي انسان جي ڪرت ۽ بعد ۾ سندس ڪاريگري ڪيترين ڏسائن ۾ معنيٰ ڀريا اشارا ڪندڙ آهن. پر اهڙن اشارن جي منظر عام تي نه اچي سگهڻ ڪري ڏکڻ ايشيا جي اوائلي دور متعلق تمام گهٽ لکت هيٺ آيو آهي. اهو ۽ اهڙن ٻين سببن ڪري ثقافتي هلت ۽ چڙهت کي سمجهڻ ممڪن نٿو رهي.

هند و پاڪ ۾ برطانوي اثر هيٺ جان مارشل ۽ وهيلر جي زير نگراني جيڪو ڪم ٿيو آهي. ان تي برطانوي تاريخ پسندي جو اثر رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هت آرڪيالاجي جو لاڙو سماجي سائنس بدران تاريخ طرف مڙئي ڪجهه وڌيڪ رهيو آهي. هت جنهن طرح قديم ادب ۽ ڏند ڪٿائون پنهنجين مڙني مزيدارين سوڌيون موج ۾ رهيون آهن، انهن کي گهربل مواد قرار ڏيئي ڪم هلايو ويو. نتيجو اهو نڪتو ته جيڪو ٿيڻ گهربو هيو سو نه ٿيو.

بدر کي آڳاٽي انسان جي ڪم ۽ ڪرت ۾ اصل کان دلچسپي هئي. ايتري قدر جو جڏهن تاريخي دور جي آثارن ۽ يادگارن تي ڪم دوران به جيڪڏهن پاهڻي دور جي ڪنهن ممڪن آثار جي ڪا ٻڙڪ ٿي ٻڌائين ته ننڊ ڦِٽي ٿي ويس. همراهه بي وس ٿي پاسا ورائيندو ٿي ويو. جڏهن به وس پڳس ته مون سان ڳالهه ڪري چند ڪلاڪن جي وٿيءَ لاءِ چئي اهڙي ممڪن نشانن کي جاچي ٿي آيو. اهڙي وقت ۾ سندس اکين ۾ شوق ۽ جستجو جي چمڪ هن جي اندر جي اڌمن کي ظاهر ڪندي هئي. انهن آثارن تائين پهچڻ جي جلدي ڪيترا دفعا مون کي ظاهر ڪندي هئي. انهن آثارن تائين پهچڻ جي جلدي ڪيترا دفعا مون کي ناگوار به گذري پر بدر جي شوق جي شدت ڪري مون کي اڳيئي طئه ڪيل پروگامن ۾ ڪجهه ترميم ڪرڻي پئي.

بهرحال، سندس اهو شوق ۽ اها اُڻ تڻ اجائي هرگز نه هئي. ڀلا هي ڪتاب جيڪو اڄ اسان جي هٿن ۾ آهي، اهو ٻيو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ها؟

ڪليم لاشاري

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org