سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ڪهاڻيون-3

 باب:

صفحو :29

ڪجھھ عرصي کان پوءِ شھزادي جي دل ۾ خيال آيو تھ پنھنجي پيءُ جي بادشاھيءَ جو واءُ سواءُ لھي اچان. اھو خيال ڪري شينھن ۽ لومڙ کي چيائين تھ: جيڪڏھن آءٌ ستن ڏينھن اندر نھ اچان تھ پوءِ منھنجو خير نھ سمجھجو. خير ھنن کان موڪلائي. شھزادو روانو ٿيو. ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ اچي پنھنجيءَ بادشاھي ۾ پھتو. ڇا ڏسي تھ سڄو شھر سڃو لڳو پيو آھي. ڏاڍو حيران ٿيو. وري محلات ۾ وڃي ڏسي تھ رڳو سندس ڀيڻ آھي، ٻيو ڪو بھ انسان ڪونھي. شھزادي ڀيڻ کي ڏسي سلام ورايو. جنھن جو ھن کيس جواب ڏنو ۽ چيائين تھ: ادا تو کي الله آندو  آھي، ٻن ٽن ڏينھن کان وٺي بکي آھيان، آءٌ ھينئر آرام ٿي ڪريان، ھيءَ پکي اٿئي ويھي مون کي جھل، اھا ڳالھھ ٻڌي شھزادو مجبور ٿي پيو ۽ لاچار ويھي ڀيڻ کي پکو جھلڻ لڳو. اتفاق سان ان جاءِ مان ھڪڙو ڪئو نڪتو جنھن شھزادي کي چيو تھ: شھزادا! ھن وقت تنھنجي حياتي سخت خطري ۾ آھي، تنھن ڪري پکو مون کي ڏي ۽ تون ھتان نڪري ھڪدم ھليو وڃي. شھزادي ڪئي جي چوڻ موجب پکو ڏنو ۽ پاڻ نڪري ھليو ويو. ايتري ۾ سندس ڀيڻ سجاڳ ٿي ڏسي تھ ڪئو ويٺو پکو جھلي. خار وچان جھٽ ڏئي ڪئي کي کائي ڇڏيائين ۽ پير کڻي ڀاءُ جي پٺيان پئي.

ٿوري وقت کان پوءِ اچي ڀاءُ جي ويجھو پئي. شھزادي جو ھن کي ايندو ڏٺو سو ڊپ وچان گھوڙي تان لھي ھڪڙي وڻ تي چڙھي ويو. ڀيڻس وڻ تي چڙھڻ جي گھڻ ڪوشش ڪئي پر چڙھي نھ سگھي. نيٺ دل ۾ خيال ڪيائين تھ ڇو نھ ھن وڻ جي پاڙ کي کوٽ ڪيرايان، پوءِ ھي يڪدم انھيءَ ڪم کي لڳي ويئي. قدرت خدا جي سان اھو ڏينھن شھزادي جي واعدي جو آخري ڏينھن ھو، جيڪو ھن پنھنجي سنگتين لومڙ ۽ شينھن سان ڪيو ھو. اتي لومڙ ۽ شينھن شھزادي جي پٺيان ڳولا ڪرڻ لاءِ نڪتا ۽ سندس گھر واريءَ جي نگھباني لاءِ ھڪڙو گدڙ ڇڏيائيون.

ٿوري پنڌ کان پوءِ ڏسن تھ ھڪڙي عورت وڻ کي پئي لوٽي ۽ ھڪڙو ماڻھو خوف ۾ مٿي ويٺو آھي. ھنن دل ۾ خيال ڪيو تھ شايد اھو شھزادو آھي، ھي ھڪدم انھيءَ عورت وٽ آيا. تنھن تي شھزادي جي ڀيڻ دل ۾ چيو تھ اج تھ ڪو سدورو ڏينھن آھي جو ٽي شڪار ھٿ لڳا آھن ائين چئي لومڙ تي حملو ڪيائين پٺيان شينھن جو چنبو ھنيس سو اڦٽ ماري وڌائينس. پوءِ شھزادي کي ھيٺ لھڻ لاءِ چيائون، پر ھن ۾ ڪا طاقت ڪا نھ رھي ھئي تنھن تي لومڙ، شينھن کي چيو تھ: آءٌ شھزادي کي مٿان ڌڪو ٿو ڏيان، ھيٺ تون جھپي وٺجانءِ، لومڙ وڻ تي چڙھيو ۽ ھن کي ڌڪو ڏنائين، ھيٺان شينھن جھٽي ورتس. پوءِ ٽئي ڄڻا پنھنجي گھر ڏانھن راھي ٿيا. ٿورن ڏينھن کان پوءِ شھزادو پنھنجي گھر واريءَ ۽ دوستن سان گڏجي پنھنجي وطن وريو ۽ آسپاس آبادي ڪرائي وڏي شان مان سان حڪومت ڪرڻ لڳو.

. . . ”شھزادو ڪئي کي پکو ڏيئي، پاڻ وٺي ڀڳو“. . .

٢٧ – جادوگرياڻي ۽ لعلن وارو شخص *

ھڪڙو غريب شخص ھو، جنھن جو گذارو ڏاڍو ڏکيو ٿيندو ھو. تنھن ڪري زال چيس تھ: ھاڻي ٻچا پيا بک مرن جي تون ڪنھن ٻئي شھر ۾ وڃي ڪجھھ ڪمائي اچين تھ واھھ، نھ تھ چاڙھو ڪونھي. غريب شخص بھ سمجھيو تھ سچ پچ ھاڻي ٻي ڪا واھھ ڪانھي، تنھن الله جو آسرو ڪري کڻي جھنگ منھن ڪيو ۽ رلندو پنندو وڃي تمام پري نڪتو. ھي دڳ وٺي پئي ويو تھ اڳيان ھڪڙو بادشاھي ڪٽڪ منھن ۾ پيس، بادشاھ سڀني جي اڳيان ھو ۽ شڪار تي پئي ويو. غريب شخص بادشاھ جي ويجھو اچي سلام ڪيو تھ: اسلام عليڪم يار! بادشاھ چيو تھ: وعليڪم السلام يار! پوءِ بادشاھ لشڪر ڏي منھن ڪري چيو تھ: ھن شخص مون کي يار سڏيو آھي، يارن سان ياري نباھڻ مڙسن جو ڪم آھي، تنھن ڪري ھاڻي شڪار ڇڏيو ۽ واپس ھلو. لشڪر حڪم جو بندو، تنھن کڻي بادشاھ جي پويان گھوڙا لاتا. بادشاھ غريب شخص کي گھوڙي تي کڻي سوار ڪرايو ۽ گھر ورانو ٿيو.

گھر پھچي بادشاھ نوڪرن کي حڪم ڪيو تھ: غريب شخص کي گرم پاڻيءَ سان تڙ ڪرايو، حجامت ٺھرائي، اوچي پوشاڪ پھرائي اچي بادشاھ وٽ پيش ڪيو ۽ بادشاھ ھن کي پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريو. انھيءَ مھل طعام حاضر ٿي ويا. بادشاھ ۽ غريب شخص گڏ ماني کاڌي. ماني ٽڪي کارائي، کيس محلات جو ھڪڙو حصو خالي ڪرائي ڏنو، جنھن ۾ ھو آرام سان رھڻ لڳو.

غريب شخص کي بادشاھ جي صحت ۽ سنگت ۾ پنھنجا ٻار ٻچا ئي وسري ويا. ڪيترن سالن کان پوءِ خواب ۾ ڏٺائين تھ سندس زال کٿل ڪپڙن ۾ در در پنندي وتي. ڇرڪ ڀري اٿي کڙو ٿيو ۽ دل ۾ خيال ڪيائين تھ آءٌ ھتي بادشاھي پيو ماڻيان، پٺيان ٻارن ٻچن جو الاجي ڪھڙو حال ھوندو؟ ھاڻي ھلي ٻارن جي خبر چار وٺان. اھو پور پچائي بادشاھ کي وڃي چيائين تھ: سائين! ھاڻي مون کي موڪل ڏي تھ گھر وڃان، ٻارن ٻچن لاءِ ماندو آھيان. بادشاھ ھن کي گھڻو ئي روڪيو، پر ھو نھ مڙيو نيٺ بادشاھ چيس تھ: تو کي سڀاڻي موڪل ڏيندس. ٻئي ڏينھن صبح جو جڏھن غريب شخص بادشاھھ کان موڪل گھري تھ بادشاھ وري بھ ھن کي ترسڻ لاءِ چيو. جڏھن ھيءُ پڙ ڪڍي بيٺو تڏھن بادشاھ پنھنجن ماڻھن کي حڪم ڪيو تھ: ھن کي يڪدم دسي ٻڌو، جن گھڙيءَ کن ۾ دسي چوکنڀو ڪري ٻڌس. پوءِ بادشاھ ترار ڪڍي. اتي غريب شخص کي اچي سر سان لڳي ۽ دل ۾ چيائين تھ ناحق ٿڌي ٺري مانيءَ ۾ زھر وڌم. بادشاھ سندس سٿر کي چير ڏئي ھڪڙو ستن بادشاھين جي ملھھ جو لعل ان ۾ وجھي وري سٿر سبائي ڇڏي. ان کان پوءِ ھن کي چيائين تھ: زخم ڇٽڻ تائين اتي رھھ پوءِ تو کي موڪل آھي.

ٿورن گھڻن ڏينھن کان پوءِ ھن جو ڦٽ ڇٽو، پوءِ بادشاھ ھن کي چار سپاھي ساڻ ڪري موڪل ڏني ۽ سپاھين کي تاڪيد ڪيائين تھ: ھن کي گھر ڇڏي موٽي اچجو.

غريب شخص جڏھن پنھنجي شھر کان ٻن چئن ڏينھن جي پنڌ تي پھتو، تڏھن خيال ڪيائين تھ منھنجو تھ نھ آھي گھر نھ گھاٽ، زال بھ الاجي ڪھڙي حال ۾ ھجي، اتي وڃي سپاھين کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندس، ناحق گلا ٿيندي. تنھن ڪري سپاھين کي چيائين تھ: اوھين ھاڻي موٽي وڃو، منھنجو گھر تمام ويجھو آھي. سپاھين تھ پئي ڪتا ڪٺا، تن چيو تھ: مالڪ موڪل ٿو ڏئي تھ پوءِ اسان کي ڪھڙو اعتراض. تن ھن کان موڪلائي پنھنجي واٽ ورتي. غريب شخص خيال ڪيو تھ ھھڙن ڪپڙن ۽ ھھڙي شان سان وڃڻ چڱو نھ آھي، متان ڪو پئسي وارو سمجھي ماري وجھي، تنھن ڪري شھر ۾ پنھنجو گھوڙو ۽ ڪپڙا وڪڻي، فقيراڻا ڪپڙا ڪري، پئسا رليءَ ۾ سبي اڳتي روانو ٿيو.

رلندو پنندو ھڪڙي شھر ۾ آيو، مڄاڻ اتي ھڪڙي جادوگر ھن کي ڏسي ورتو جنھن پنھنجي جادوءَ جي زور تي ڏٺو تھ انھيءَ غريب شخص وٽ سچو ۽ قيمتي لعل آھي، سو کيس چيائين تھ: منھنجي گھر ھلي دعوت کاءُ، غريب شخص سمجھي ويو تھ ھيءَ سر جو وڃائڻ آھي. تنھن ھن کان گسائي رکيو پيرن تي زور. جادوگر بھ ھن جي پٺيان، جداوگر تي نظر پيس تھ چوپيرو ٿي پيو پر جادوگر  بھ ڪڍ نھ ڇڏيس. اڳيان وڃي تھ ھڪڙو بادشاھ شڪار ڪري ڍنڍ تي ويٺو ساھي پٽي. ھيءُ پري کان ئي ڌاڙ ڌاڙ ڪندو وڃي بادشاھ جي پيرن تي ڪريو. بادشاھ جي پڇڻ تي ٻڌايائين تھ: ھي جادوگر مون کي مارڻ ٿو گھري. جادوگر ٻڌايو تھ: ھي نامراد منھنجو ناٺي آھي، ھن کي پنڻ جي چوس پئجي ويئي آھي. آءٌ چوندو آھيانس تھ گھر ويھي کاءُ پر ھيءُ ڪميڻو زال ڇڏي وتي ٿو پنندو. اھا ڳالھھ ٻڌي، سڀ غريب کي ڦٺ لعنت ڪرڻ لڳا ۽ ھن کي کلا ھڻي جادوگر جي حوالي ڪيائون. غريب ويچارو اچي ڦاٿو. موت اکين سان پئي ڏٺائين. پر لاچار سورين ٻرين جادوگر سان ويو. جادوگر جڏھن ھن کي گھر وٺي آيو تڏھن سندس جھاڙو ورتائين پر ھن وٽ پيسا ۽ لعل ھجن تھ نڪرن، آخر گھڻيءَ ڪوشش کان پوءِ پيسا تھ رليءَ مان ھٿ آيا. باقي لعل ڪٿان اچي. جادوگر ھن کي پنھنجي ڌيءُ  جي حوالي ڪيو ۽ ان کي تاڪيد ڪيائين تھ: ھن کان ڪنھن بھ طرح لعل ھٿ ڪر.

رات جو جادوگر جي ڌيءَ ھن کي وٺي وڃي مٿي ماڙيءَ تي پلنگ تي سمھاريو. پاڻ بھ ساڻس گڏ ليٽي پئي. اوچتو جاودگر جي ڌيءَ خنجر ڪڍي ٽپ ڏئي ھن جي ڇاتيءَ تي چڙھي ويٺي ۽ چيائينس تھ: جھٽ ڪر، لعل پيدا ڪر نھ تھ ھينئر ئي ٿي پورو ڪريئين. اتي غريب شخص خيال ڪيو تھ اٽڪل ڪري جند ڇڏايان. سو ورندي ڏنائينس تھ: مون غريب وٽ لعل ڪٿان آيو؟ متان مون کي ماري پوءِ ان بادشاھھ وانگر پڇتائين. جنھن پنھنجي بحري باز کي اٻھرائي ڪري ماري وڌو ھو. جادوگرياڻيءَ پڇيس تھ: ڀلا اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟ تنھن تي غريب چيس تھ: ڇاتيءَ تي چڙھي ويٺي آھين، تو کي ڳالھھ ڪيئن ٻڌايان؟ ھيٺ لھي سمھھ تھ ڳالھھ ٻڌايئين. جادوگرياڻيءَ خنجر کڻي کپ ۾ وڌو ۽ ھن جي ڳالھھ ٻڌڻ لڳي. غريب شخص چيو تھ:

ھڪڙي بادشاھ لشڪر کي حڪم ڏنو تھ سڀاڻي شڪار تي ھلنداسين، جنھن جي اڳيان شڪار نڪري اھو ئي ان جي پٺيان لڳي. صبح جو سھي سنڀري شڪار تي روانا ٿيا. سڀني صلاح ڪري بادشاھ جي اڳيان کڻي ھرڻ لاتو، چي: لوھھ ڄاڻي لوھار ڄاڻي، پاڻھي کٿو مٿو ڏيندو. بادشاھھ ھرڻ جي ڪڍ کڻي گھوڙو لاتو، پر ھرڻ وٺ ئي نھ پيو ڏيئيس اڳيان ھرڻ پٺيان بادشاھھ، تان جو لشڪر کان گھڻو پري وڃي ھرڻ کي ماريائين. اتي ڏينھن بھ اچي تتو ۽ اڃ بھ اچي لڳيس. ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺائين پر ھڪڙي وڻ کان سواءِ ڪا ٻي وسئن واڙي  ڏسجڻ ۾ نھ آيس. نيٺ انھيءَ وڻ سان گھوڙو ٻڌي، اڃ کان بيتاب ٿي ڪري پيو. بحري باز جيڪو سندس مٿان اڏامندو پئي آيو، سو بھ لھي اچي سندس ڀرسان ويٺو. اوچتو بادشاھ ڏسي تھ وڻ مان پاڻي پيو ٽمي، بادشاھ کي ھئي اڃ سو يڪدم خرزين مان ٿانءُ ڪڍي کڻي پاڻيءَ جي ھيٺان رکيو. ڪجھھ دير کان پوءِ ٿانءُ پاڻيءَ سان ڀرجي ويو. بادشاھ اڃان پاڻيءَ سان ڀريل ٿانءُ کڻڻ وارو ھو تھ بحري باز چنبو ھڻي ٿانءُ اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ سمورو پاڻي ھارجي ويو. بادشاھ کي ڏاڍا خار لڳا، سو وري ٿانءُ پاڻيءَ جي ھيٺان رکي باز کي چيائين تھ: نڀاڳا! خدا پنھنجي مھرباني سان مون ڏانھن پاڻي موڪليو آھي، سو بھ ھاري ڇڏيئي. ھاڻي جي ائين ڪيئي تھ منڍي مروڙي ڇڏيندوسنئين، ٿوريءَ دير کان پوءِ ٿانءُ وري ڀرجي ويو. بادشاھ پيڻ وارو ھو تھ وري بھ بحري باز چنبو ھڻي، ٿانءُ اونڌو ڪري ڇڏيو. بادشاھ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ بحري باز تي ڇوھھ ڇنڊڻ لڳو ۽ وري بھ ٿانءُ پاڻيءَ جي ھيٺان رکي ويھي رھيو. ٽئين دفعي بھ جڏھن ٿانءُ پاڻيءَ سان ڀرجي ويو، تڏھن ساڳيءَ طرح بحريءَ ان کي اونڌو ڪري پاڻي ھاري ڇڏيو. بادشاھھ کي جو خار آئي سو بحريءَ جي منڍي مروڙي کڻي پري اڇلائي، وري بھ ٿانءُ پاڻيءَ ھيٺان رکي ڇڏيائين. اڃا جھٽ ڪا نھ گذري تھ وزير پاڻي کڻي اچي پھتو. تنھن بادشاھ کي پاڻي پياريو. وري جو سندس نظر بحري باز تي پئي سو بادشاھ کان انھيءَ بابت پڇيائين. جنھن تي بادشاھ کيس سموري ڳالھھ ڪري ٻڌائي. وزير مٿي ڏٺو تھ ھڪڙو وڏو زھري نانگ گرڙ پکيءَ جي آکيري ۾ پيو آھي، جنھن جي وات مان زھر پئي ھيٺ ٽميو. بادشاھ کي جڏھن انھي نانگ ڏانھن اشارو ڪيائين، تڏھن بادشاھ حيران ٿي ويو ۽ پوءِ منھن مٿو پٽڻ لڳو. سو تون بھ مون کي ماري، پوءِ بادشاھ وانگر ھٿ ھڻين، تنھن ڪري چڱائي انھيءَ ۾ آھي تھ مون کي نھ مار. اتي ڏينھن بھ اڀري آيو، تنھن ڪري جادوگرياڻي چيو تھ: اڄ تھ تون بچي وئين، باقي سڀان رات ڏٺو ويندو. ٻيءَ رات سنجھي ٽرڻ بعد وري بھ جادوگرياڻي غريب جي ڇاتيءَ تي چڙھي ويٺي ۽ خنجر ڪڍي چيائينس تھ: ٻڌاءِ، لعل ڪٿي پوريو اٿئي؟ نھ تھ سر سلامت نھ رھندءِ. غريب شخص چيو تھ: لعل مون وٽ ڪٿان آيو! باقي مون کي ماريندينءِ تھ شڪاري وانگر ھٿ مھٽڻا پوندءِ، جنھن ڪتو ماريو ھو. جادوگرياڻيءَ چيس تھ: اھا ڳالھھ ڪيئن آھي؟ غريب شخص چيس تھ: سيني تي ويھي ڳالھيون ڪين ٻڌبيون آھن، لھي اچي پاسي ۾ سمھھ تھ پوءِ ٻڌايئين. جادوگرياڻي ھن سان ليٽي پئي ۽ ھن ڳالھھ شروع ڪئي، چي: ھڪڙي شڪاريءَ وٽ ھڪڙو وفادار ڪتو ھو. جيئن مالڪ چوندو ھوس تيئن ڪندو ھو. شڪاري کي ڌيءَ جي شادي ڪرڻي ھئي، پر وٽس پيسو ڏوڪڙ ڪو نھ ھو ، تنھن ڪري ھڪڙي دڪاندار وٽ ويو ۽ ان کي چيائين تھ: مون کي سؤ رپيا اڌارا ڏي ۽ ھيءَ ڪتو گروي رک، جڏھن مون وٽ سؤ رپيا ٿيندا، تڏھن ڪتو ڇڏائي ويندس.شاھوڪار پھرين تھ کلڻ لڳو پر پوءِ خيال ڪيائين متان ڪتي ۾ڪا خاصيت ھجي، تنھن ڪري شڪاريءَ کي سؤ رپيا ڪڍي ڏنائين. شڪاري پيسا وٺي ڪتي کي چيو تھ: يار ڪتا! ھاڻي تون شاھوڪار وٽ رھھ، آءٌ پيسا ھٿ ڪري تو کي ڇڏائي ويندس، پر خبردار! متان مون کي لڄي ڪرين. شڪاري ويندو رھيو ۽ شاھوڪار ڪتو وٺي گھر ويو.

شاھوڪار جي خزاني تي چار پھريدار مقرر ھئا، ھن سڀني کي چيو تھ: ھاڻي توھان کي موڪل آھي، پنھنجا پگھار ڇڏائي ھليا وڃو. پوءِ ڪتي کي چيائين تھ: ھاڻي تون ڄاڻ ۽ خزانو ڄاڻي. شاھوڪار ڪتي کي اتيئي ماني پاڻي پھچائي ڏيندو ھو. ھڪڙيءَ رات چورن اچي خزاني کي پاسو ڏنو. قدرت خدا جي ڪتي کي بھ انھيءَ مھل ننڊ اچي وئي. جڏھن چورن خزاني جون ڀريون ٻڌي مٿي تي رکيون، تڏھن ڪتي کي جاڳ ٿي. اتي ڪتي خيال ڪيو تھ ھاڻي ڇا ڪريان. نيٺ ويچاري سيچاري چورن جي پٺيان لڳو ويو ۽ آخر اوسيتائين ويو، جتي چورن ڀريون وڃي لاٿيون. پوءِ چورن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تھ: ستئي ڀريون پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ رکي ھلون ۽ سڀاڻي رات اچي ورھائي کڻنداسون. اھو ڏسي وائسي ڪتو واپس موٽي آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org