سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪڇين جا قول

 

صفحو :3

مرزا باقي ڏاهپ ڪري مظفر بيگ کي بدين (چاچڪان) جو پرڳڻو ڏنو هو، جنهن ڪري سندس ڪڇ سان ڪافي واسطو رهيو ۽ اهو طرف حملي کان بچيل رهيو. پيءُ باقيءَ جي وفات کان پوءِ مظفر بيگ به گادي جو اميدوار هو. پر مرزا جاني بيگ جي اک ڏسي اچي بدين ڀيڙو ٿيو.

جاني بيگ به بدين تي ڪاهي آيو ۽ ترخانن کي ڀڙڪائين ته ”انهي ڪڇي راجپوت کلي ماريو نه ته سڄي سنڌ جو اهو والي ٿي ويندو.“ تنهن تي مغل ڪاوڙجي آيا ۽ مظفر بيگ  کلي شڪست نصيب ٿي ۽ هو پنهنجي ڪڇي لشڪر سان ڪڇ ڏانهن هليو ويو. پر مرزا جاني بيگ سڄو رهيل سامان مظفر بيگ کي ڪڇ موڪلي ڏنو . مرزا مظفر ڪڇ ۾ راءِ ڀاري جي پناهه ۾ وڃي رهيو.

انهي کان پوءِ ترخانن کي اڪبر جي گورنرن جو ڊپ رهيو، ۽ آخر سنڌ باقاعدي مغل بادشاهن جي هٿ هيٺ اچي ويئي. جنهن جي طرفان گورنر مقرر ٿيندا آيا. جن ڪڇ طرف ڪوبه توجهه نه ڏنو ۽ ڪڇ جهڙو ملڪ اجائي خونريزي کان پاسي رهيو.

ڪلهوڙا

ڪلهوڙن جي وقت ۾ وري ڪڇ تي ڪوپ شروع ٿيا.  1176هه ۾ غلام شاهه ڪڇ تي ڪاهه ڪئي. سڌو سنڌڙي فتح ڪري اڳتي وڌيو ۽ جاري جمارا لڳ وڏي جنگ لڳي، واٽ ۾ غلام شاهه ڪيترا واهڻ ۽ ڳوٺ ڦريا ۽ لٽيا، بستا بندر ۽ لکپت فتح ڪري واپس وريو. وري به 1178هه ۾ ڪڇ تي ڪاهه ڪيائين. 1184هه ۾ ايسوءَ جي، راءِ جي عزيز جي ڌيءَ غلام شاهه کي ڏني ويئي ۽ ڏاڍا تڪلف بجا آندا ويا، جيئن ڪڇين جي شادي ۾ هميشه ٿيندو آهي. بستا بندر ۽ لکپت جو قبضو ڪڇ کي واپس ڪيو ويو.

ڪڇ ۾ ٻني  ۽ سنڌڙي واري حصي کي ڪڇي ”سنڌ“ ڪري ليکيندا آهن، اتان ڪو ايندو آهي ته چوندا آهن ته ”سنڌ مان فلاڻو آويو آئي” حقيقتن اهو ماڻهو ڪڇ جي ئي هڪ حصي مان آيل هوندو آهي. ته به انه يکي هو سنڌي ٿا ليکين تنهن جو ڪارڻ رڳو اهو آهي، جو اهو حصو سنڌ سان قديم وقت کان وابسته هو ۽ هڪ سنڌو ندي جي شاخ ”پراڻ“ وهيو وڃيو انهي حصي کي آباد ڪندي هئي. اهو حصو ساريال کان مشهور هو انهي جي ڍل مان راجا کي اٺ لک ڪوريون ملنديون هيون، غلام شاهه ڪلهوڙي  اها شاخ بند ڪري، هڪ ئي ڌڪ سان پنهنجو مطلب به حاصل ڪيو ۽ ڪڇ کي به ويران ڪيو. اها سنڌڙي محض سنڌ جي لاءِ يادگيري رهجي وئي ۽ آهستي آهستي مٺي پاڻي نه هئڻ ڪري رڻ جي کاري راڪاس کي وڌيڪ ساڄي ملي وئي ۽ ملڪ جو وسندڙ حصو رڻ ۾ تبديل ٿيندو ويو ۽ اڃا به رڻ وڃي پيو کائيندو ۽ پنهنجيون سرحدون وڌائيندو ۽ کيس روڪڻ لاءِ ڪابه طاقت ميدان ۾ نه آيل آهي.

ڪلهوڙن جي ٻي ڪنهن به حاڪم ڪڇ جي طرف نظر کڻي ڪونه نهاريوڇو ته هو پنهنجي ۾ پورا هئا تنهن ڪري سنڌ جي طرف کان ڪڇ جا  راجا مڙيئي مطمئن هئا.

مير

ميرن جي حڪومت ۾ ڪڇ تي نظر هوندي به هو گهرو ناسازي سبب ڪجهه به ڪري نه سگهيا. ڪلهوڙن جي وقت ۾ مير فتح علي جا ٻه ڀائر مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي ڪڇ ۾ هئا. تن کي 1789ع ۾ واپس گهرائي ورتائين. مير فتح علي خان انگريزن کي واپار ڪرڻ جي اجاز ت ڏني ۽ ڪراچي ۾ کين جڳهيون جوڙڻ لاءِ به اجازت ڏني.

مير ڪرم علي جي وقت ۾ ميرن لاءِ ڀارمل ٻئي (1814ع – 1819ع) سان انگريزن خلاف عهدنامو ڪرڻ ٿي گهريو پر انگريزن کي خبر پئي هنن ڪڇ جي راءِ کي ذاتي فائدا ڏئي عهدنامون ڪرڻ نه ڏنو. ۽ ميرن کي انهي ڳالهه تي خار لڳو ته ڪڇ تي ڪاهڻ جا سانباها ڪرڻ لڳا. جيئن ته 1816ع ۾ ڌرتي ڌٻي هئي، ان وقت هنن اڳوڻا ڪيل عهدناما رد ڪري لڙائي لاءِ سانباهي ڪئي پر ڪمپني ۽ ڪڇ جي راجا جي ذاتي ناسازي جو ٻڌي ماٺ ۾ رهيا. البت سنڌ کان ڪي ڌاڙيل وڃي ڪڇ کي ڦرڻ لڳا  واڳڙ ۾ بدانتظامي  جي ڪري ڪيترا گراسيا ڌاڙيل بنجي ويا. گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ ۾ ڌاڙا هنيائون. ڪڇ جو راءِ ميرن کي لکندو رهيو ته: ”ڌاڙيلن کي منهن ڏيو“، پر ڌاڙيل زرو هئا. 1822ع ۾ تمام وڏو ڏڪار پيو هو ۽ ماڻهو ملڪ ڇڏڻ لڳا. هن ڏڪار ۾ سيٺ نائون مل، ڪڇ  ۾ ان کڻي ويو ۽  گهڻن کي بک مرڻ کان بچائي ورتائين.

مير مراد عليءَ جي وقت ۾ ته چور ڪڇ کي ڦريندا رهيا. کوسن جي چوري جي ٽارڻ لاءِ انگريزن ميرن تي زور رکيو، پر ميرن مجبوري ڏيکاري ته، انگريز  1832ع ۾ پارڪر تي ڪاهي آيا، انهي ڌاڙيلن سان ٿر جو راڻو چڳوجي به هو جو انگريزن جو ٻڌي ڀڳو هو ۽ ميرن هٿ ڪري انگريزن کي ڏنو هو، انگريزن هن کي ڪڇ ۾ قيد رکيو پوءِ مرڳو ڀوڏيسر جو راڻو مقرر ڪيو.

ٿر، توڙي ڪڇ ۾ انگريز برابر طاقت ڏيکاريندا رهيا. ان وقت ڪڇ جو راءِ ٿر جا راڻا ۽ سنڌ جا مير انهن جي هٿن ۾ پتلا ٿيو پئي نچيا.

مير ڪرم علي سان انگريزن جيڪو عهدنامو ڪيو هو، تنهن ۾ هي اکر به هئا ته: ” ڪڇ مان جيڪو به ماڻهو واپار لاءِ ايندو، مير ان کي ڪابه منع نه ڪندا.“ انهي کان پوءِ سنڌ ۾ ولايت جون چيزون عام جام ٿي ويون. ميرن وٽ ڪڇ جو انگريزن جو پوليٽيڪل ايجنٽ به ايندو ويندو هو. ان کان سواءِ ڪڇ جي راءِ جا عيوضي به عام جام پيا سنڌ ۾ ايندا ويندا هئا.

ميرن جي وقت ۾ هوتچندجو واقعو به ٿيو جنهن کي سنڌ جي مسلمانن زوري ٿي مسلمان ڪيو، پر ڪڇ جي راءِ جيسلمير جي راجا جي تقاضا سبب ميرمراد علي ، نواب حيدر چڱائي هٿان سيٺ هوتچند کي حيدرآباد گهرائي ورتو. اتان ميرن سيٺ کي لکپت روانوڪيو. ڪڇ جي راءِ سيٺ جي ڏاڍي آجيان ڪئي، پوءِ هوتچند نارائڻ سرور هليو ويو.

برطانيا

برطانيا جي دور حڪومت ۾ ڪو خاص واقعو ڪونه ٿيو، البت ڪي ننڍڙا ننڍڙا واقعا پيش آيا، جن مان هيٺيان مکيه آهن:

انگريزن سنڌ ملڪ فتح ڪرڻ سان پارڪر ۽ ٿر وارو حصو ڪڇ جي اسسٽنٽ  پوليٽيڪل ايجنٽ جي هٿ هيٺ ڏنو. اهو ايجنٽ ڀڄ ۾رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مٺي ۾ به رهندو هو، پهريون ڪڇ ۽ سنڌ جو ايجنٽ ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪسن صاحب هو، پوءِ آهستي آهستي ٿر وارو حصو سنڌ سان گڏيو ويو.

بلوي (آزادي جي جدوجهد) جي وقت ۾، ڪڇ ۾ ڪافي خطرو محسوس ٿي رهيو هو ۽ انگريزن انهي جي نظرداري پئي رکي،  ڪيتريون ئي سنڌ مان فوجون ڪڇ ڏانهن  ڦيري ڏيڻ لاءِ موڪليون ويون هيون، جنهن ۾ مهاوجيءَ انگريزن جي مدد ڪئي هئي ۽ اهو ملڪ سان غدار ٿيو هو ۽ هن جي ساراهه ۾ ڪرنل ايونس لکيو هو ته ”مهاوجي تمام عزت وارو لهاڻو آهي ۽ ڀڄ جو واپاري آهي. اسان کي ڪارائتي مدد ڪئي اٿس”

انهي بلوي جي ويجهي عرصي اندر راڻي ڪرڻجي (ٿر واري) کي کاري پاڻي جي سزا ملي ۽ سندس زال پنهنجي ننڍڙي پٽ همير سنگ کي وٺي وڃي ڪڇ نڪتي، اتان ڪڇ جي راءِ هند گورنمينٽ سان لکپڙهه ڪري هن زال کي پٽ جي نالي سان جاگير وٺرائي ڏياري ۽ هو اچي ٿر ۾ رهي.

1904 سنبت /1899ع ۾ چوڌار ڏڪار پيو ۽ ڪيترا ڪڇي سنڌ ۾ رلي آيا ۽ ڪيترن ئي غريبن پنهنجو اولاد ناڻي تي وڪڻي پيٽ پاليو هو. ڳالهه ٿا ڪن ته انهي وقت ڪڇي ٻارهٿ ۾ منڌي  کڻي، مٿي ڪارڙي ۽ ڪنڀارڙي نانگ جو نشان لڳائي ان وٺڻ لاءِ ”ڪارڙو ڪنڀارڙو“ گيت ڳائي اناج وٺندا هئا.

سنڌ ۾ حاجي عبدالله هارون وارا، جي اصل ڪڇ جا رهاڪو هئا، سنڌ جي سياست ۾ چڱو حصو وٺندڙ هئا اڄ به سيٺ عبدالله هارون وارا ڪراچي ۾ نالي چڙهيا مک ماڻهو آهن.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۽ ڪڇ هڪ ٻئي کان بنهه پري کان پري ٿي ويا. هاڻي وچان چوويهه ڪوهه رڻ پٽ آڏو آهي، جنهن ڪري به اچڻ ۽ وڃڻ  لاءِ وڏي  دقت وٺڻي پئي ٿي.

ورهاڱي کان پوءِ ڪي ٿورا مسلمان لڏي اچي سنڌ ۾ رهيا، جن مان ڪراچي ۾ سڀ کان زياده ڪڇي مسلمان رهن ٿا. هتان کان گهڻي انداز ۾ سنڌي وڃي ڪڇ ۾ رهيا آهن. ۽ اهي هندو بزرگ جو ڪجهه عملي ڪم ڪڇ ۾ ڪري رهيا آهن اهو ٻڌيو اسان جو هت به فخر کان ڪنڌ اوچو ٿيو وڃي.

ڪڇي شاعرن ۽ اديبن جا سنڌ تان ڀيرا

   جاگرافي جون حدون اسين کڻي ڪيڏيون به محدود يا لامحدود ڪريون پر قدرتي جاگرافي جون حدون ٻولي جي حدن سان ملي وڃي ٿيون ختم ٿين.

ڪڇ جوملڪ هميشہ برسات جي آسري تي هو. برسات نه پوڻ ڪري گهڻا تڻا ڪڇي سنڌ ڏانهن نظر رکندا هئا ۽ پنهنجي عزيزن ۽ قريبن، دوستن يارن وٽان ان ۽ ڌن جي مدد وٺي وڃي ملڪ ڀيڙا ٿيندا هئا گهڻن ڪڇين ۽ سنڌين جون مٽيون مائيٽِون اڄ سوڌو قائم آهن انهي ڪري ڪڇ سان سنڌ ڄڻڪر ڳنڍي پيئي هوندي هئي، پر هتي اسين اهڙن بزرگ جو ذڪر ڪيون ٿا،جي خاص ادبي اهميت رکندڙ آهن ۽ سنڌ ڏانهن عقيدت سان پير ڀريا هئائون.

اهڙن بزرگن مان پهريون نالو ابوالحسن جو اچي ٿو. هي بزرگ جيتوڻيڪ ڪڇ  جو هو، پر ٺٽو علم و ادب جو مرڪز هو جنهن ڪري اچي سنڌ ۾ رهيو. هي بزرگ ذات جو منڌرو هو، سندس علم جي جاڻ سندس ٺهيل الفابيٽ مان پئي ٿي. اهو پهريون سنڌي هو، جنهن سنڌي جي الف بي ٺاهي. اڳي سنڌي ديوناگري اکرن ۾ لکبي هئي. جيتوڻيڪ انگريزن الف ب کي اڳيان پويان ڪري رکيو هئائون. انهي سنڌي بزرگ جي الف ب نموني طور هت پيش ڪرڻ جو فخر ڪريان ٿو.

ا    ب  ڀ       ٻ        پ      ت       ٽ       ٿ       ٺ

ڀاڪر    ٻار        پاٽ      ٽيپ           ٿر        ٺار

ث  ج     ڃ       ڄ     ڇ     چ      ح      خ     د     ڌ     ڏ     ڊ     ڍ

 

اڃا     ڄار     ڇڏ  ڌار ڏاڍو ڊڊو ڍڳو

 

ذ         ر        ڙ     ڦ      ق      ڪ      ک      گ       ڳ

 ڌڙ    ڦاٽ  کار   گابو   ڳاڙو[4]

 

ڱ      ل      م    ڻ     و    هه     ل     ئه        ي

سڱ

نوٽ:- هي اٺ حرف مرڪب آهين:

ٽر          جهه        ڊر          ڍر         ڙهه     گهه     لهه            نهه 

ٽريهه[5]  جهاز     ڊراک[6]    ڍراپڻ[7]     پڙهو    گهڻو  ڪلهوڙو    ٻانهو[8]

ابوالحسن ئي پهريون بزرگ هو، جنهن ڪتاب لکي بزرگن کي ريس ڏياري   پوءِ ته تصنيفن جا انبار لڳي ويا ۽ ڪيترن بزرگن پنهنجن نالن سان ”سنڌيون“ جوڙيون.

ميان موريو (مخدوم عبدالله) به ڪڇ مان ڪهي سنڌ جي ٺٽي  شهر ۾ آيو هو. پنهنجي وڏي ابوالحسن جو اچي جائنشين ٿيو. پاڻ پڇاڙي جي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ سٿري لڳ نريو ڏانهن لڏي ويو، ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، هن بزرگ سنڌي ۾ ڪافي ڪتاب لکيا آهن.

مصري شاهه نصرپوري وٽ منٺار وايور وارو پڻ اڪثر ويندو هو ۽ انهن ٻنهي بزرگن پاڻ ۾ ڏاڍيون، عارفانه ۽ صوفيانه ڪچهريون ڪيون آهن.

سنڌ تان جيترا ڀيرا محمد اسماعيل کتري(کٽي) ڪيا، اوترا شايد ٻئي ڪنهن ڪيا هجن! هي بزرگ سڄي سنڌ جو سيلاني هو. پنهنجي ڪتاب ”روضته الحسنات“ لکڻ وقت ڪيترن بزرگن کان اچي رايا حاصل ڪيا هئائين، جي ڪتاب ۾ پڻ ڏنا هئائين.

ميان صاحب آرکاڻي به مريدن تان ڦيري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ پيو ايندو هو. هميشه وانگر جيئن سنڌ ۾ آيو ته ٺٽي ضلعي ۾ ڪو چور سندس ڊڊو (گهوڙو) ڇوڙي ويو. جنهنڪري ميان صاحب کي رڻ واهي ٿيڻو پيو، جنهن تان ڪاوڙجي هڪ پٽ سان ڀريل ڪافي جوڙيائين ته:

”بي حد ٿي بيزار، ڪيئن گوري[9] چورائي وين گانڊوئڙا،

هميشه هوئين قيد ۾، کارج ٿي خوار.“

ساري سنڌ  ۾ سئل ڪئي، جت چور گهڻا هئا چوڌار.

ننگ سڃاتو تن سئيد جو، او دوست ٿي ويا دلدار.

جان خان جي ڇڇ تي اچي لٿا سون يار.

اسان ٿڪئين کي نندر[10] آوئي[11] تڏهن نانگ کاڌي ڪئي نيار.[12]

جاڳي جاڳي اسين سڀئي سمئي[13] رهياسين تڏهن آيو سين اعتبار

ابلک ڇوڙي آڳئي جو، توکي تڙيل پئي ڪا تراڙ.

ڏينهن تتي جو مون کي پنڌ ڪرائي،تين جي خبر نڪي هئي چار.

گاجيا واهه جي ڪپ تي پير ڇڄي پئا،لاهودي ڪيو لاچار.

مصيبت پئس مور ڪنا،بئا بچا مرين[14] ان جا ٻار

گر[15] کامي ني کورو ٿينس ،پوندس ڪيڙا ڪپار

مالڪ سڻئين ميان صاحب چئين،[16] آٰ‎ءُ دانئه[17] ڪريان ٿو درٻار.

سڏڙا سڻجا هن سئيد جا،انهي موجي[18] کي مار.

رڻمل ٻار وٽ به سنڌ تان چڱا ڦيرا ڪيا هئا. پاڻ جيڪو منڌرن تان بيت ٻڌو هئس سو سندن بيان ۾ موجود  آهي.

حاجي هارون ”صباغ“ کتري به ڪتاب شايع ڪرائڻ جي لحاظ کان اڪثر ڪري سال به سال پيو سنڌ ۾ ايندو هو. سندس والد اڪثر سنڌ تان ڀيرو پيو ڪندو هو. سندس ڪتاب ”رسالہ البلاغ“ ۽ ”توضيح التقليد“ڪراچي مان شايع ٿيا هئا.

مولوي عبدالرحيم پڇمي اڪثر ڪري تبليغ خاطر سنڌ ۾ ايندو هو، ۽ ڪيترا مناظرا به ڪيا هئائين، جنن مان بدين جو مناظرو تمام مشهور هو.

مولوي عبدالرحيم پڇمي ٿر ۽ لاڙ تان اڪثر ڦيرا پيو ڪندو هو. ۽ پير پرستي جي خلاف پنهنجي زندگي ڄڻ وقف ڪري ڇڏي هئائين.

ڦل ڪوراڙ به اڪثر سنڌ ۾ ايندو رهندو هو، پر سندس ٿر پاسي مريد ۽ خادم پڻ هئا. ڦل ڪوراڙ جو ڀائيٽو ولي محمد ڪوراڙ به بدين ۽ لاڙ جي طرف هميشه پيو ايندو هو.

مولوي ولي محمد ڪوراڙ ۽ مولوي احمد ملاح جون پاڻ ۾ ڏاڍيون دلچسپ جهڙپون ٿيون هيون جنهن ۾ هڪ ٻئي جي خلاف ڏاڍا گندا شعر به جوڙيا هئائون. جي قلم جي حوالي ڪرڻ جي لائق ناهن.

الهڏنو شاهه پڇمي ته 1954ع ۾ جيئن سنڌ ۾ مريدن کان ڏن وٺڻ آيو ته تيئن واپس ڪونه وريو ۽ اتي ئي سنڌ ۾ کپي کاڄي ويو. ڪل ڪونه ٿي پوي ته ڪٿي پساهه پورو ڪيائين.

گل محمد بن مرحوم حاجي محمد ”ڪامل التعبير“ جو لکندڙ  ڪڇ ۾ ڪوٺاري ۽ سنڌ ۾ ميرپور بٺوري ۾ رهندو هو. اهڙي طرح سان سوين اهڙا خاندا ن هئا جن جا ڪي عزيز سنڌ ۾ ته ڪي ڪڇ ۾ رهن ٿا.

سيد علي شاهه گوهري گوهر شريف  جو رهاڪو هو پر پوءِ جيئن سنڌ ۾ آيو ته تيئن هميشه جي لاءِ سنڌ ۾ رهجي ويو. اهو حال علي محمد ”دوستي“ جو پڻ آهي.

ورهاڱي کان پوءِ احمد جٽ جوڪڇ جو ناميارو شاعر هو، سو هتي سنڌ ۾ آيو هو پر سندس گهڻي مهل ڪٿي به جڳهه نه ملي. ۽ نيٺ ڪڪ ٿي ڪڇ ڏانهن واپس هليو ويو، هتي جيڪي عقوبتون ڏٺائين سي هڪ وڏي نظم ۾ لکيائين.

حاجي شاهه آرکاڻي احمد سومرو ڇاري ڦلائي وارو، عثمان نهڙيو ۽ ٻيا ڪيترا نالي چڙهيا شاعر ۽ اديب پڻ سنڌ ۾رهن ٿا جيڪي ورهاڱي جي ڪري اتي آيا آهن، هو هتي پاڻ کي بنهه ڌاريو ڪونه ٿا سمجهن. ڇو ته حقيقي نگاهه به سنڌ به سندن مادر وطن آهي.

سنڌي شاعرن جا ڪڇ تان ڀيرا

اڳي سنڌ ۽ ڪڇ جا جاگرافي جي لحاظ کان، هڪ ڳالهه هيون، وچان رڳو ڪوري نار سنڌ ۽ سنڌو ظاهر ڪندي هئي. اها ڪوري نار انهي ندي جي وهڪري جي بقايا هئي. جيڪا سنڌو درياهه جي وهڻ کان اڳ اوڀر کان اولهه طرف وهندي هئي. اها ڪوري ندي نگرپارڪر جي ڏکڻ کان شروع ٿيندي هئي ۽ ڪڇ جي اتر تان وهي لکپت ۾ سمنڊ ۾ ڪرندي هئي ٻئي علائقا پاڻ ۾ ڳنڍيل پيا هئا. ٻين وانگر ڪڇ جا شاعر ۽ سنڌ جا ڏاها ۽ سگهڙ هڪ ٻئي تان پيا ڀيرا ڪندا هئا.

ڪڇ  تي سنڌي شاعرن بار بار ڀيرا ڪيا. انهن جي اوائلي ڪڙي اسان کي شاهه ڪريم جي ڏينهن ۾ ملي ٿي .شاهه ڪريم جو خليفو ميون تماچي پنهنجي مرشد جي حڪم  موجب اوريئڙي ۾ وڃي رهيو.ان تان شاهه ڪريم ڀيرو ڪرڻ ويو هو.

ڪلهوڙن جي ڏينهن م بلاول بلالاڻي به دوستي  جي تنگ ڪري ڪڇ ڏانهن قرب مان ڪهي ويو هو ۽ وڃي پنهنجي دوست هارون راجسين پوٽي جو ديدار ڪيائين ۽ هڪ ٻئي کي سوال جواب ڏيئي دل خوش ڪيائون .هارون راجسين پوٽي ،بلاول جي ملاقات کي پوءِ ئي دم ڏنو ،تيستائين پئي يار جو اوسيئڙو ڪيائين.

ڀٽ شاهه ڌڻي عبداللطيف پڻ لس ٻيلي کان ٿيندو ڪڇ پهتو. گوهر شريف جي ڀر سان ڀٽ ڌڻي جي بيٺڪ آهي  ۽ ٻِين به ڪيترن هنڌن تي شاهه جي بيٺڪن جا نشان ملن ٿا. انهن بيٺڪن تي ميلا به لڳندا آهن ميڙن ملاکڙن تي درگاهين تي ڀٽ ڌڻي جو راڳ ٿيندو آهي. جت ۽ ٻيا فقير ته ڀٽ ڌڻي جا سچا شيدائي آهن. ڪڇ ۾ ڪيترا ڀتائي سائين جي ڪلام قلمي نسخا موجود آهن جن ۾ ڪيترو زائده ڪلام اچي ويل آهي. ڀٽ ڌڻي لاکي ڦلاڻي سکر ۽ جکري کي جو ڳايو آهي سو  به ڪڇ جي حب وچان شاهه سائين لاکي کي حرص پسند سڏيو آهي، ۽ هو به ايئن پاڻ لکي گهوڙي تي چڙهندو هو، ٻيو ڪو اڀري گهوڙي تي ڏسندو هو ته به ريس ٿيندي هيس:

”لاکو لکيءَ تي چڙهيو، لکي لاکي هيٺ،

ڪندو ڏمر ڏيٺ، سڀان ساڻ سڀڪنهن“

لاکي جيڪو اوڏن کي پيار  ڏنو هو، اهو شاهه کي ڏاڍو وڻيو هو ۽ غريبن کي نوازڻ ڪري لاکي تي شاهه ڏاڍوخوش ٿيو هو ۽ دعائون ڏيندي چوندي پئي ويو ته:

”اڏيو جو اوڏن، سو ڍنگر ڍلو م ٿئي،

جتي ويهي ڪن، ليکو لاکي ڄام سين.“

جڏهن ته ڪڇ جي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن پڻ سنڌ وانگر هيو. انهيءَ ڪري شاهه صاحب ڪڇ کي به نه وساريو آهي. مينهن مانڊاڻ ڪري ٿو ته ڪي ڪڪر ڪڇ کي به اچي آلو ڪن ٿا:

”موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار

وڄون وسڻ آيون، چوڏس ٿي چوڌار،

ڪنهن جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،

ڪنهن ڀڄ ڀڄايو، ڪنهن ڍٽ مٿي ڪئي ڍار،

ڪنهن اچي امر ڪوٽ جا، وسايا ولهار،

سائينم سدائين ڪريم مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“


(1) تحفته الڪرام ج – 3

[1] ڏسو ”ڪڇ جو گجراتي اتهاس“ ص 110.

(1) ڪڇ جو گجراتي اتهاس ص 147-148

[2]  ايضاً ص 145 - 148

(1)  تاريخ ريگستان ص 183 – 186

[3]  سنڌ گزيٽيئر: (از مسٽر ائٽڪن) ۽ تاريخ ريگستان

(1) بحواله تاريخ ريگستان ص 210

[4]  ڳاڙو = ڳاڙهو.

[5]  ٽريہ = ٽيهه.

[6] ڊراک = ڊاک.

[7] ڍراپڻ = ڍاپڻ.

[8] ڏسو ابوالحسن جي سنڌي.

[9] گوري = گهوڙي.

[10] نندر = ننڊ.

[11] آوئي = اچي ويئي.

[12] نيار = نهار.

[13] سمئي = سمهي.

[14] مرين = مرن.

[15] گر = گهر.

[16] چئين = چوي.

[17] دانئه = دانهن.

[18]  موجيءَ = موذيءَ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org